پرنسپال خوشيرام ڪندناڻي
ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
اسانجي سونهاري سنڌ سنتن، صوفين،
درويشن جي مهان ڌرتي آهي، جنهن تي ڪن اهڙن لاکيڻن لعلن ۽ سپوتن پڻ جنم ورتو آهي. جن
پنهنجي مڪمل زندگي تعليم جي ڦهلاءُ لاءِ ارپي ڇڏي. جن جي زندگي جو مقصد ۽ منزل تعليم
جي ترقي ئي رهي. تعليمي ڦهلاءُ جي رستي تي هلندي زندگي سان جنگ جوٽيندي ڪاميابي جا
ڏاڪا چڙهندي منزلون ماڻيون آهن، پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچتو ڪندي تاريخ ۾ سونهري باب جوڙيا
آهن ۽ هڪ عظيم نشان قائم ڪندي عزت ڀريو ممتاز درجو حاصل ڪيو آهي.
تعليمي کيتر جو ڦهلاءُ ڪندڙ ڪوهنور
انڊلٺي گوناگون انوکي شخصيت جي مالڪ جناب خوشيرام ڪندناڻيءَ جو جنم 24 آگسٽ 1904ع تي
حيدرآباد سنڌ ۾ موتيرام ڪندناڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب موتيرام ڪندناڻي ڪوٽڙيءَ
۾ مئجسٽريٽ هئو هيءَ صاحب ۽ سندس وني تمام
نمرتا وارا ۽ مذهبي ويچارن جا هئا. سنڌ جي اهڙي خوشگوار ماحول ۾ خوشيرام ڪندناڻي صاحب
جي پالنا ٿي. هي صاحب ننڍپڻ کان ئي پڙهائي ۾ ڀڙ هئو. هنن ڪراچيءَ جي ڊي جي سنڌ ڪاليج
۾ فرسٽ ايئر تائين پنهنجي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ممبئي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ باقي
تعليم حاصل ڪئي. هيءَ صاحب سنڌ جي پهرين شخصيت آهي، جن کي ايم ايس سي فزڪس جي ڊگري
ملي. پنهنجي ڪاليجي زندگي ۾ راندين ۾ هن جو تمام گهڻوشوق هو ۽ گهڻائي ڀيرا يونيورسٽي
آف بمبئيءَ مان ريپريزينٽيٽو چونڊجي آيو. سنه 1940ع ۾ هن کي حيدرآباد جي رشي دريا رام
گدو مل ڪاليج ۾ ليڪچرشپ جو عهدو نصيب ٿيو ۽ پنهنجي قابليت سبب ٿوري ئي وقت ۾ هن کي
پرنسپال جو عهدو مليو. شاگردن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه لاءِ اپاءُ عمل ۾ آڻيندي
ڪندناڻي صاحب ڪراچيءَ جي رام باغ، گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ديوان رتن سنگهه ۽ گلاب سنگهه
جي ميدان تي هيلٿ سينٽر کولرايو ۽ ضرورت مند شاگردن جي مدد ڪيائين.
تعليم کانسواءِ هن جو شوق راندين
۽ تاريخي ڳالهين ۾ پڻ هو. 1937 ۾ فزيڪل ايجوڪيشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ پاڻ مدراس ويو ۽ سندس ڪوشش سان مرين لائينس ۾ راندين
جو ميدان قائم ڪيو ويو.
1947 ۾ بدنصيب ورهاڱي سنڌين کي پنهنجي
جنم ڀومي سنڌ سان گڏ زمين، جائداد ۽ وڻج واپار ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. سنڌ جا هندو پنهنجي
ڌرم، سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جي تحفظ خاطر هٿين خالي هندوستان جي الڳ الڳ هنڌن ۾ لڏي آباد
ٿيا.
خوشيرام ڪندناڻي صاحب کي پڻ حيدرآباد
مان لڏي ڀارت ۾ اچڻو پيو ۽ بمبئيءَ ۾ اچي رهيو. ڪندناڻي صاحب پاڻ سان تعليم جي کاڻ
کڻي آيو جيڪا هن ٿوري ئي وقت ۾ بمبئي ۽ سنڌونگر ۾ چوطرف ڦهلائي. جيئن ته سنڌ ۾ اچڻ
کانپوءِ سنڌي قوم جو مکيه مسئلو روزگار جو هو، ڪندناڻي صاحب اهو محسوس ڪندي ته ڪابه
قوم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. لائق شاگرد علم کان پري نه وڃن ۽ ڪيترائي قابل
پروفيسر جيڪي سنڌ مان هتي آيا، انهن جي روزگار جو مسئلو دور ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول باندرا
۾ پلاٽ هٿ ڪيو. ڪاليج جي عمارت اڏڻ لاءِ هن جي سامهون ڪيترا مسئلا پيش آيا. جيئن ته
پئسي جو مسئلو، يونيورسٽي مان اجازت وٺڻ جو مسئلو ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي انيڪ مسئلا پر ڪندناڻي
صاحب همٿ ۽ حوصلو بلند ڪندي تمام گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪندي، جفاڪشي محنت ڪندي جون 1949ع ۾ رشي
ديانند نيشنل ڪاليج (نيشنل ڪاليج) قائم ڪيو. ڪاليج جو ناموس سنڌي قوم ۾ ڇا پر هر قوم
۾ ڦهلجي ويو. سدا حيات دادا هوتچند گوپالداس آڏواڻيءَ جي سهڪار، مدد ۽ رهبريءَ هيٺ
ٻيو ڪاليج جون 1954ع ۾ ڪشنچند چيلام (ڪي سي) ڪاليج چرچگيٽ ۾ قائم ڪيو. ڪي.سي.ڪاليج
جي عمارت کڙي ڪرڻ لاءِ ڪندناڻي صاحب انجينئرنگ ۽ آرچيٽيڪچر جو ڪم پاڻ تي هموار ڪندي،
بورڊ جا ايترا پئسا بچايا جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. ڪي.سي.ڪاليج جي پرنسپال جو
عهدو سنڀاليندي حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ جو روح روان بڻيو. ۽ بئرسٽر دادا
هوتچند گوپالداس آڏواڻي بورڊ جو پريزيڊنٽ هئو. 1955 ۾ ڪي سي لاءِ ڪاليج قائم ڪندي جون
1960ع ۾ هاسا رام ريجهول مل ڪاليج آف ڪامرس ايند ايڪانامڪس ڪاليج قائم ڪندي، ڪي سي
ڪاليج آف مئنيجمينٽ اسٽيڊيز آف ڪامرس اينڊ ايڪانامڪس ڪاليج برپا ڪندي، ڪي سي ڪاليج
آف مئجيجمينٽ اسٽڊيز 1960ع ۾ مٺي ٻائي موتيرام
ڪندناڻي ڪاليج آف ڪامرس اينڊ ايڪنامڪس جون 1961ع ۾ قائم ڪندي، شريمتي چاندي ٻائي همٿمل
منسکاڻي ڪاليج، سنڌو نگر ۾ 1965ع ۾ قائم ڪيو ته 1969ع ۾ بمبئي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج،
ڪولابا ۾ 1971 ۾ پرنسپال ڪي. ايم. ڪندناڻي ڪاليج آف فارمسي، ڪف پريڊ، ممبئيءَ ۾ قائم
ڪيو ته پرنساپل ڪي ايم ڪندناڻي فارمسي پوليٽيڪنڪ سنڌونگر ۾ 1971 ۾ قائم ڪيو ۽ گوپالداس
جهمٽمل آڏاواڻي لا ڪاليج، باندرا ۾ 1977ع ۾ قائم ڪيو، ته واٽومل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪ
انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ورليءَ ۾ 1981ع ۾
آڪٽوبر 1982 ۾ ٿڌومل شهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪيو. وري سنڌونگر ۾ 1985ع
۾ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي قائم ڪيو. ڪي سي ڪاليج بمبئيءَ جي مکيه ڪاليجن مان هڪ آهي.
ڪندناڻي صاحب 30 سالن ۾ 14 ڪاليج
۽ 10 اسڪول قائم ڪيا. هيءَ صاحب نه فقط تعليم جي ڦهلاءَ ۽ ترقي ۾ مشغول هئو پر هن کي
شاگردن ۽ پروفيسرن جي فرحت جو اونو به هو جو هنن لوناوالا ۾ هائيڊي هوم قائم ڪيو ته
مهابليشور ۾ پڻ بنگلو ورتو ۽ شاگردياڻين کي تفريح لاءِ پروگرام ۽ راندين ڏانهن ڪافي
راغب ڪندو هئو. هن جي دل ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن لاءِ تمام گهڻو مان، پيار ۽ عزت هئي.
پرنسپال ڪندناڻي صاحب يونيورسٽي
آف ممبئيءَ ۾ پڻ پنهنجون ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ سينيٽ ميمبر ائڪيڊمڪ
ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو.
پرنسپال ڪندناني صاحب سڄي دنيا جا
دورا ڪيا، جيئن ته يورپ، هانگ ڪانگ، انگلينڊ، آمريڪا، جاپان ۽ منيلا جون يونيورسٽيون
نظر مان ڪڍيون ۽ يونيورسٽي آف ممبئيءَ ۾ پڻ
هنن جو اهم درجو والاريل هو.
ڪندناڻي صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ پڻ
سجاڳ هئو، هن جو چوڻ هو مائتن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ اسڪول ڪاليجن
۾ هڪ سبجيڪٽ سنڌي لازمي کڻڻ گهرجي. ڪندناڻي صاحب ضرورتمند سنڌي شاگردن کي في ۾ پڻ رعايت ڏيندو هئو.
ڪندناڻي صاحب کي ڪيترائي ادبي، تهذيبي،
تعليمي ادارن سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن مان سندس تعليمي خدمت لاءِ انيڪ ناليوارا انعام
۽ عزت حاصل ٿي. ڪندناڻي صاحب پهريون تعليم دان هئو جنهن کي تعليمي وزير پروفيسر نام
جوشي جي هٿ سان گولڊ پليٽ جو ايوارڊ مليو ۽ مهاشٽرا سرڪار کيس تعليمي کيتر جي ڦهلاءَ،
ترقي ۽ خدمتن لاءِ مهارشٽرا جي گورنر مسٽر سبرمنيم پنهنجي هٿن سان گولڊ ميڊل جي ايوارڊ
سان نوازيو.
88 سالن جي لڳاتار محنت ۽ جفاڪشي
ڪندي 7نومبر 1994ع ۾ صبح جو 9 وڳي ڇنڇر ڏينهن جسلوڪ اسپتال بورڊ جي باقي ميمبرن کي
واڳون ڏيندي سرڳواسي ٿي ويو.
پرنسپال ڪندناڻي صاحب جو آخري خواب
ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ هو جنهن لاءِ ڊاڪٽر لکومل هيراننداڻيءَ پڻ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.
اميد ته پرنسپال ڪندناڻي ۽ ڊاڪٽر لکومل هيراننداڻيءَ جو خواب جلد ساڀيان ٿيندو.
پرنسپال ڪندناڻي صاحب جو خال ڀرجڻ
جو ڪونهي. هن پنهنجي زندگيءَ جا گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڏهاڪا تعليم جي ترقي لاءِ قربان ڪيا.
تعليم ڦهلائڻ لاءِ هن هر قوم لاءِ تعليم جا ايترا ٻج پوکيا جو هر پيڙهي کين حاصل ڪرڻ
کانسواءِ رهي نه سگهندي. اهڙي عظيم انسان کي اسان لک لک سلام پيش ڪريون ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا