; سنڌي شخصيتون: شيخ علي محمد

22 January, 2016

شيخ علي محمد

شيخ علي محمد

هڪ جاکوڙي صحافي ۽ محبتي ماڻهو

محمد بخش ٿيٻو



آديسي آديس هئائين ڪري هليا،

ڪاپڙي قلب ۾، ڪِئَو ڏوراڻو ديس،

ويراڳي نئون ويس، راول ڍڪي هليا.

(شاهه)

محبتي مزاج رکندڙ مشهور بيباڪ صحافي دانشور برک قانوندان شيخ علي محمد ولد شيخ محمد خان ۱۵ فيبروري ۱۹۲۵ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.

هن ۱۹۴۶ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ آخري دم تائين وڏي جذبي سان هن صحافت وسيلي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي. هن ڪڏهن به خوشامنديءَ واري صحافت نه ڪئي، هميشه صحافت کي مقدس پيشو تصور ڪيو ۽ سچائي سان عوام جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ سادي ۽ درويش طبيعت جو مالڪ هو ۽ سنڌ جي صحافين لاءِ ڇپر ڇانوَ جي حيثيت رکندو هو.


شيخ علي محمد جن اخبارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ جنهن کان پوءِ روزاني ”ڪاروان“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ هن ۱۹۷۶ع ۾ پنهنجي ذاتي اخبار روزاني ”آفتاب“ جي نالي سان جاري ڪئي، جنهن جو پاڻ آخري دم تائين ايڊيٽر رهيو.

روزاني ’آفتاب‘ مان نڪرندڙ سرجڻهار صفحي تمام گهڻا نوَان اديب صحافي پيدا ڪيا، ان سرجڻهار صفحي جو انچارج نالي وارو صحافي سائين لائق سنڌي هو، جنهن پڻ پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات ’آفتاب‘ اخبار سان ڪئي.

شيخ علي محمد سنڌي صحافت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ نيون روايتون ۽ لاڙا متعارف ڪرايائين. سندس قلم ۾ هميشه بي ريائي بيباڪي رهي. هن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان تمام گهڻو پيار هو ۽ سندن حقن لاءِ هميشه جدوجهد ڪندو رهيو، پاڻ تمام گهڻو قربائتو ۽ خلوص وارو شخص هو. هن وٽ هر وقت ماڻهن جو ميلو متل هوندو هو.

وٽس نالي وارا صحافي، اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ايندا هئا ۽ پاڻ سندن کليل دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو هو.  هن صحافتي پليٽفارم تان سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ تمام گهڻو لکيو. ون يونٽ خلاف مهم ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين ۽ ان خلاف دليريءَ سان لکيائين.

شيخ علي محمد ۱۹۸۳ع ۾ مجلس شوريٰ جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. انهن ٻنهي عهدن تي رهي، هن سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي خدمت ڪئي. پنهنجي حلقي جي عوام لاءِ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا. تمام گهڻن بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو، سندس ترقياتي ڪمن مان حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ موري منگر ۾ شيخ حافظ هائر سيڪنڊري اسڪول سندس يادگار آهي، جنهن ۾ اڄ به سوين شاگرد علم جي زيور سان آراسته ٿيندي، شيخ علي محمد جي روشن ڪيل علم جي لاٽ کي روشن رکيو اچن ۽ ايندڙ نسل پڻ اميد ته اها جوت جلائيندا رهندا.

شيخ علي محمد ۲۱ جنوري ۱۹۹۱ع تي وفات ڪئي، جنهن جي آخري آرامگاهه مذڪوره اسڪول جي احاطي ۾ آهي ۲۵ هين ورسي جي موقعي تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪجي ٿو.


 

شيخ علي محمد

بيباڪ صحافي

لطيف ٻگهيو

سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترا ئي ماڻهو خوشبوء دار، مڻيادار، انساني قدرن جا امين، نيڪ ۽ جاکوڙي ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي قول فعل ذريعي حق ۽ سچ کي پکيڙيو آهي. انهن مان هڪ مڻيادار ماڻهو، بيباڪ صحافي شيخ علي محمد (مرحوم) به آهي. هو روزانه عبرت حيدرآباد، روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد، روزانه ڪاروان ۽ روزانه آفتاب حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن سنڌي صحافت کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏيندي، اخبارن ۾ اهڙا ايڊيٽوريل لکيا، جن جي پڙهڻ سان ائين معلوم ٿيندو هو ته هن بهترين صحافيءَ کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو سدائين ڏک ۽ اونو رهيو ۽ ڌرتيءَ جي ماروئڙن سان هر ڏک ۾ برابر جو شريڪ محسوس ٿيندو هو. مرحوم شيخ علي محمد جي قلم ۾ هميشه بي ريائي بي باڪي رهي. هن ڪڏهن به خوشامنديءَ واري صحافت نه ڪئي. هن هميشه صحافت کي مقدس پيشو تصور ڪيو ۽ سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪئي. سندس خدمت کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. مرحوم شيخ علي محمد سنڌ جي صحافين لاءِ هڪ عظيم ڇپر ڇانوَ جي حيثيت رکندو هو. صحافين جي حقن جو هميشه خيال رکندو هو، پاڻ سادو ۽ درويش طبيعت جو مالڪ هو، جيڪڏهن ڪو بيروزگار صحافي وٽس ويندو هو ته کيس چوندو هو ته ”بابا دفتر ۾ ڏس جيڪڏهن خالي ڪرسي هجي ته ويهي ڪم ڪر، گڏجي دال ماني کائينداسين.“

شيخ علي محمد، صدر ايوب جي دور ۾ حيدرآباد جي تعصب پسند ڪمشنر سرور حسن خلاف هڪڙو ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ڪري ڪمشنر جي بدلي پشاور ڪئي وئي ۽ سرڪار جي سختيءَ سبب شيخ صاحب کي موڪل تي اماڻيو ويو. ان بعد شيخ علي محمد هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ٿي ويو، جيڪا هلال پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران پڪو قلعو حيدرآباد مان جاري ڪئي وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ جيالن جي اخبار ۾ گهڻي مداخلت سبب هن هلال پاڪستان کان به عليحدگي اختيار ڪري پنهنجي اخبار روزاني آفتاب جاري ڪئي، جيڪا سڀني طبقن جي ماڻهن لاءِ همدردي طور مظلومن ۽ بيوس انسانن جي آواز طور ڪري ڪڍي. شيخ علي محمد، مجلس شورا ۽ سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. ان دوران شيخ صاحب پنهنجي حلقي ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين بي روزگارن کي نوڪريون ڏياريون، انهن ترقياتي ڪمن مان حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ موري منگر ۾ شيخ حافظ هاءِ اسڪول هڪ اهڙي درسگاهه به تعمير ڪرائي، جنهن ۾ اڄ به سوين شاگرد علم جي زيور سان مالامال ٿيندي شيخ علي محمد جي روشن ڪيل علم جي لاٽ کي هميشه لاءِ روشن ڪري رهيا آهن. علي محمد شيخ ۲۱ جنوري ۱۹۹۱ع تي وفات ڪئي، جنهن جي جسد خاڪيءَ کي به مذڪوره اسڪول جي احاطي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. شيخ علي محمد (مرحوم) محقق، دانشور، برک قانوندان هو. صحافت ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪرڻ، غريب صحافين جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجڻ ڪري اڄ به ماڻهو کيس ساري پنهنجا نيڻ آلا ڪري ويهن ٿا.


 

شيخ علي محمد

ورسيءَ جي مناسبت سان صحافت ۾ مزاحمت جو علمبردار

مير اعظم علي ٽالپر

هي تمام پراڻي ڳالهه آهي، جڏهن مون هڪ جناح ڪيپ پاتل بندي، قدآور، بدن ۾ ڀريل شخص کي اوورينٽ هوٽل مان عبرت بلڊنگ ۾ منعقد ٿي آيل عبرت اخبار جي نئين آفيس ۾ ڏٺو هو پر ڪجهه مهينن کانپوءِ عبرت مان هو هليو ويو. ان کانپوءِ هو پڪي قلعي جي گهٽي نمبر چار (۴) مان هڪ ٻي اخبار هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بڻجي ويو. يعني سائين شيخ علي محمد جيڪو شيخ نور محمد جي گهر ۾ ۱۹۲۵ع ڌاري ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس نس نس ۾ صحافت ڀريل هئي. اڄڪلهه ميڊيا جي دنيا بنهه ننڍڙي ٿي وئي آهي. هر ڪنهن جي پينٽ، شرٽ ۽ قميض جي کيسي (جيب) ۾ خبرن جو هڪ وسيع تر خزانو موبائل جي شڪل ۾ پيو آهي. بس جنهن به وقت دل چاهي کولي پڙهو، ٻڌو، ڏسو ۽ ان جي مدد سان پنهنجن ادارن کي خبرون، مضمون موڪلڻ ۾ نه ڪا دير نه ڪا تڪليف، صرف هڪ بٽڻ کي چالو ڪريو. ان ڪري اخباري دنيا جي خبرچار جا وسيلا بنهه آسان بڻجي ويا آهن ۽ تعليم وانگر گهٽي گهٽي ۾ پرائيويٽ اسڪول کلڻ سان جيڪو تعليم جو معيار ”علم“ بدران ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو آهي. ان وانگر ميڊيا جا به هر هنڌ سينٽر کلڻ سبب بنگلي بنگلي ۾ ڪمپيوٽر وارين پريسن مان نڪرندڙ اخبارون هڪ ڪاروبار ٿي ويون آهن پر اهڙين اخبارن ڪو ناليوارو ايڊيٽر پيدا نه ڪيو آهي، جيئن ڪو وزيراعليٰ يا وزيراعظم ته مقرر ڪري سگهجي ٿو پر ان کي سياستدان يا ليڊر ٺاهڻ آسان ڪم نه آهي.

پراڻين ۽ محترم شخصيتن جو تجزيو ڪري کين ياد ڪري سندن خدمتن ۽ ڇڏيل ورثي کي پيش ڪرڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي. ان لاءِ ماضي ۾ جهاتي پائي ان جو ڇيد ڪرڻ ۽ ماڻهن ۽ واقعن ۽ تاريخن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به اهم آهي، جنهن سان انهن شخصيتن جي ڪيل ڪمن جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي پر فردن توڙي قومن کي ’خود شناسي‘ جو به موقعو ملي ٿو. ان پرک جي نتيجي ۾ سندن ڪيل پورهئي جو به پتو پئي ٿو. سنڌ جي اخباري صحافت ۾ ”عبرت اخبار ۽ شيخ علي محمد“ ۱۹۶۹ع تائين هڪ هئا. شيخ علي محمد صاحب عبرت ۾ سنڌ واسين لاءِ شروع کان ئي اهو سڀ ڪجهه قارئين کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، جيڪو ان زماني ۾ ”پريس“ تائين پهچڻ ۽ ٽائيپنگ ۽ فوٽو (تصويرن) بلاڪ ٺهرائي اخبار ۾ ڏيڻ مشڪل هو (راقم جو فوٽو بلاڪ سنگل ڪالم به ۳۰ روپيا ۱۹۶۸ع ۾ ٺهيو هو) ڏئي هر سطح تي پڙهندڙن ۾ شعور پيدا ڪيو. شيخ علي محمد (جو سندس ئي) روزانه طنز مزاح جو ڪالم ”نظري خوش گذري“ قارئين ۾ بيحد مقبول هو. ان کانسواءِ سندس ايڊيٽوريل سنڌ ۽ ملڪ لاءِ اهميت رکندڙ هوندا هئا. شيخ صاحب جي نظر ۾ اخبار جو معيار بهتر کان بهتر هئڻ لازمي شرط هوندو هو. ان ڪري عبرت اخبار سنڌ جي هر گهر جي ضرورت بڻجي وئي هئي. حالانڪه ان کان اڳ عبرت محمد عثمان ڏيپلائي صاحب وٽ هفتيوار اخبار هئي. عبرت سان گڏوگڏ حيدرآباد پريس ڪلب جا جيڪي پهرين، پهرين پنج يا ست ماڻهو هئا، انهن ۾ هي به هڪ باني هو. شيخ علي محمد پنهنجي صحافتي ميدان ۾ ڪڏهن به پيشي سان ڪا به لکت جي معاملي ۾ ڪمٽمنٽ نه ڪئي ۽ آخري دم تائين هڪ بلند پائي جو بيباڪ صحافتي ڪردار ادا ڪيو، هي صحافت ۾ سائين خير محمد نظاماڻي جو شاگرد هو ۽ بطور صحافي شيخ علي محمد ڪاروان اخبار کان صحافت جو ڪم شروع ڪيو. ڪاروان اخبار ۾ شيخ صاحب سان گڏ ڪم ڪندڙ حاجي عبدالرسول نظاماڻي ماضي جي يادگيرين مان ٻڌايو ته ”شيخ علي محمد صاحب هڪ سچو ايماندار صحافت جو علمبردار هو. هن خبر جي حقيقت کان وٺي ايڊيٽوريل جي اپٽار هميشه دل سان ڪئي.“ قلم هن جي هٿ ۾ مجبور هوندو هو. روزانه عبرت ۾ سالن تائين گڏ ڪم ڪندڙ محمد حيات بلوچ چيو ته شيخ علي محمد صاحب عبرت اخبار کي حقيقي اخبار بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. ان ۾ هر قسم جو مواد شايع ڪيو، جيڪو هر خاص و عام لاءِ لازمي هوندو آهي. ان ڪري اڄ به عبرت هر گهر جي ضرورت آهي پر ۱۹۶۹ع ۾ شيخ علي محمد ان وقت پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو پاران (پارٽي جي ترجمان طور) هلال پاڪستان اخبار (ان وقت جي خادم وطن وارن کان خريد ڪئي هئي) جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. حالانڪه شيخ علي محمد ان کان اڳ منشي عبدالشڪور جي هلال پاڪستان ۾ به ڪم ڪري چڪو هو. هلال پاڪستان ۾ به هن عبرت وارا سڀئي صفحا ڪڍيا، جن ۾ فلمي صفحو عبدالحق عظيم، ٻارن جو صفحو بشير احمد ڀٽي، ادبي صفحو محمد بخش جوهر ڪڍندو هو. قاضي خادم، پروانو ڀٽي به شامل هئا پر ان کانپوءِ هلال پاڪستان ڪراچي کڄي وڃڻ سبب شيخ علي محمد پنهنجي پياري دوست مرحوم ”آفتاب“ جي نالي اخبار ڪڍي ۽ ان ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ احمد خان شيخ ماضيءَ تي روشني وجهندي چيو ته شيخ صاحب جي قلم ۾ ڏاڍي طاقت هوندي هئي، هڪ دفعي هڪ زيادتي تي شيخ صاحب هڪ ننڍڙو اداريو لکيو ۽ ٻي ڏينهن سرڪار هڪدم ان جي موٽ ۾ مظلوم جو داد ڪيو.

شيخ علي محمد غريبن جو يار هوندو هو، سندس پريس ۾ ڪو به بيروزگار نوجوان ايندو هو ته هڪدم سائين چوندو هو ته ”ابا ويهي رهه، جيڪا دال ماني ملندي گڏ کائينداسين.“ مطلب ته هي غريبن جو همدرد هو. هن کي پهرين صدر ايوب جي دور ۾ بي ڊي ميمبر چونڊيو ويو هو (لوڪل بورڊ ۾) ان کانپوءِ صدر ضياءَ الحق جي وقت ۾ هي مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيو (مجلس شورا ان زماني ۾ قومي اسيمبلي هئي) ان کانپوءِ هن پنهنجي صحافتي ۽ پيشه ورانه زندگيءَ ۾ سچائي ۽ حقيقت کان ڪڏهن به منهن نه موڙيو ۽ اخبار ۾ حقيقت لکندو رهيو، ماضيءَ ۾ هن هڪ خبر ۾ سماجي برائي کي واضح اکرن ۾ لکيو ته شام جو برائيءَ سان واڳيل ڪجهه عورتون بگيءَ ۾ چڙهي مٺائي کڻي پريس ڪلب تي پهتيون ته سندن متعلق خبر ۾ تفصيل ڇپجڻ سان مفت ۾ مشهوري ٿي آهي. شيخ صاحب خبرن ۾ نج سنڌي اکر ”اڪن ڇڪن“ لکڻ پسند ڪندو هو، جيڪو ”چار درويش ڪتاب شڪارپور واري ۾ سئو سال اڳ لکيل هوندو هو، ان کانسواءِ هو اخباري ٻولي بدران ”بازار حُسن“ کي اصلي نالي سان لکندو هو. بهرحال اهڙن صحافين ۽ ايڊيٽرن کي اڄوڪو زمانو پيدا ڪري يا نه ڪري گهٽ ۾ گهٽ رڳو ياد رکي ته به وڏي ڳالهه آهي. ياد ڪرتا هي زمانه انهين انسانون ڪو جو روڪ ديتي هين طوفانون ڪو“.

اڄ ۲۱ جنوري تي شيخ علي محمد جي ڇويهين ورسي آهي. سندس وفات ۱۹۹۱ع ۾ ٿي هئي. هن موري منگر ۾ هڪ شاندار هاءِ اسڪول ٺهرايو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي مفت ۾ نوڪريون ڏياريون ۽ علائقي ۾ ڪيترا ئي ترقياتي ڪم به ڪرايا. هنن سان گڏ سڀئي اخبار وارا کيس اڄوڪي تاريخ تي ضرور ياد رکندا. ان کانسواءِ هن پنهنجي سينيٽر رهڻ واري دور ۾ هر ڪنهن لاءِ پنهنجي خدمت جو در هميشه کليل رکيو ۽ هو غريبن جو هڏ ڏوکي يار ۽ صاف صحافت جو علمبردار هو. سندس دور جا هم اثر ليکڪ ۽ صحافي گهڻا هن جهان مان موڪلائي چڪا آهن، چند گوشي نشيني واري زندگي گذاري رهيا آهن.


 

شيخ علي محمد

سڄڻن جا ساريو سانگ - بي باڪ صحافي

نور سنڌي

۱۹۷۸ع جو زمانو هو جڏهن آئون ھڪ دوست سان گڏجي آفتاب اخبار جي آفيس ۾ شيخ علي محمد سان ملاقات لاءِ ويس، ان زماني ۾ آئون الفقراءَ اخبار سانگهڙ ۽ روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد جو ملدسي ۾ نمائندو هئس ۽ ان زماني ۾ آفتاب، عبرت، سنڌ نيوز، هلال پاڪستان اخبارن ۾ ايڊيٽر جي ٽپال ۾ ملدسي ۽ آسپاس واري علائقي جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا شايع ڪرائيندو هئس. ان دور ۾ اخبار جي نمائندگي اڄ جي دور وانگر آسان نه هئي، ان زماني ۾ جيئن نوڪرين جا انٽرويو ٿين ٿا ائين باقائده انٽرويو ٿيندا هئا. خبرون لکرائي چيڪ ڪيون وينديون هيون ۽ آفتاب اخبار ۾ ملدسي مان رپورٽر ٿيڻ لاءِ مون کي به ان مرحلي مان گذرڻو پيو. پاس ٿيڻ جي باوجود ڪارڊ هڪ سال آزمائش هيٺ رکڻ بعد اداري جي پاليسين تي پورو لهڻ واري شرط تي ڏيڻ جو ٻڌايو ويو. جڏهن نمائندگي لاءِ شيخ علي محمد وٽ پهتس ته پاڻ بهترين انداز ۾ مليو. ملدسي ۾ رپورٽر مقرر ٿيڻ بعد شيخ علي محمد سان ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿي ويا، بعد ۾ مونکي بهترين ڪارڪردگي جي ڪري شهدادپور رپورٽر مقرر ڪيو ويو، پاڻ ڏاڍا شفيق رحمدل هئا. آفتاب جي رپورٽرن کي اولاد وانگر سمجهندا هئا، پاڻ بيباڪ صحافي هئا.

جنرل ضياءَ جي مارشلائي دؤر ۾ به پاڻ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين، ۸۳ع ۽ ۸۶ع واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ نه صرف تحريڪ واري هلچل کي اخبار ۾ اهميت ڏني پر پاڻ به ڀرپور انداز ۾ ايڊيٽوريل لکيا. جڏھن ايم آر ڊي جي ۸۳ع واري تحريڪ ۾ آفتاب ۽ عبرت سميت ڪيترن ئي غير ملڪي اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ ڪري مون تي ڏکيا ڏينھن آيا. قانون نافذ ڪندڙ ادارن جڏھن مونکي هراسان ڪيو ته شيخ علي محمد مٿي ڳالھائي مون فقير جي جان ڇڏائي.

شيخ علي محمد ۱۵ فيبروري ۱۹۲۵ع تي شيخ ڀرڪيو ويجهو، موري منگر ۾ هڪ زميندار محمد خان شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ پرائي ۽ وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. صحافتي زندگيءَ جي شروعات منشي عبدالشڪور جي اخبار روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. ان زماني جي مشهور اخبار ڪاروان ۾ ڪم ڪيو، جڏهن قاضي عبدالمجيد عابد صاحب، محمد عثمان ڏيپلائي کان هفتيوار عبرت خريد ڪري ان کي روزانه اخبار طور شايع ڪيو ته قاضي صاحب، شيخ علي محمد کي عبرت جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. شيخ علي محمد جي جدوجهد، ڪوششن، محنت سان عبرت مختصر عرصي ۾ عوام جي مقبول ترين اخبار بڻجي وئي. سندس ايڊيٽوريل ڏاڍا مشهور ٿيا، جن کي هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن پسند ڪيو. پاڻ عبرت ۾ ٻارن جو صفحو ۽ ادبي صفحو به شروع ڪيو. جڏهن هلال پاڪستان اخبار پ پ وارن خريد ڪري پارٽي ترجمان اخبار طور شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شيخ علي محمد کي ايڊيٽر مقرر ڪيو، پاڻ ان شرط تي ايڊيٽر ٿيڻ قبول ڪيو ته پارٽيءَ جي خبرن کي اهميت ڏني ويندي پر ٻين خبرن کي به خبرن جي اهميت مطابق ڪوريج ڏني ويندي.

اخبار لاءِ بهترين صحافين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو. هلال پاڪستان جو نئين رنگ ڍنگ سان شايع ٿيڻ جو ۶۹ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو افتتاح ڪيو. شيخ علي محمد جي بهترين پاليسي ۽ اخبار تي محنت ڪرڻ ڪري هلال پاڪستان اڳ کان به وڌيڪ مقبول ٿي. پاڻ عوامي مسئلن کي نه صرف ڪوريج ڏني پر ان حوالي سان شاندار ايڊيٽوريل به لکيا ۽ هر سياسي پارٽيءَ کي به ڪوريج ڏني، جيڪا ڳالهه پ پ قيادت کي پسند نه آئي ۽ جڏهن شيخ صاحب کي پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس آزادانه پاليسيءَ ۾ مداخلت ٿي ته پاڻ هلال پاڪستان کي الوادع ڪري روزانه آفتاب جو ڊڪليريشن وٺي ان کي شايع ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ پيشيورانه صحافي هئڻ ڪري آفتاب کي نالي وانگر واقع به مختصر عرصي ۾ آفتاب بڻايو، ان وقت سنڌ مان ٻيون به ڪافي اخبارون شايع ٿي رهيون هيون، اهڙيءَ صورتحال ۾ نيئن اخبار لاءِ مارڪيٽ ٺاهڻ ڏکيو مرحلو هو پر پاڻ مختصر عرصي ۾ آفتاب کي مقبول بڻائي ڇڏيو. آفتاب اخبار نه صرف اخبار هئي پر هي صحافت جي سکيا جو گهر به هو. ڪيترائي صحافت ۾ نوان آيل دوست آفتاب ۾ پروف ريڊر، سب ايڊيٽر طور رهي صحافت سکيا ۽ اڳتي هلي صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايو. ڪيترائي شاگرد جيڪي پارٽ ٽائيم ۾ آفتاب ۾َ پروف ريڊر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، اھي وڏن عھدن تي پھچي رٽائرڊ ٿيا. آفتاب اخبار جي آفيس ۽ پريس گول بلڊنگ جي سامهون هئي، جتي پاڻ هڪ ننڍڙي آفيس ۾ ويهندو هو. آفتاب جي آفيس اديبن شاعرن جو به مرڪز هئي. پاڻ مجلس شورا ۽ سينٽ جو ميمبر ٿيڻ بعد به سياست سان گڏ صحافت کي جاري رکيو، حيدرآباد ۾ هوندا هئا ته آفتاب جي آفيس ۾ ضرور اچبو هو، جتي پاڻ ڪنهن نيوز ايڊيٽر کي گهڻو ڪري احمد خان شيخ يا محمد بخش جوهر ”مرحوم“ کي سڏي ايڊيٽوريل لکرائيندا هئا. پاڻ چوندا ويندا هئا، لکڻ وارو لکندو ويندو هو. مجلس شورا ۽ سينيٽ جو ميمبر ٿيڻ بعد مختلف علائقن جو خاص طور سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جا غريب ماڻهو ڪم ڪار لاءِ وٽس ايندا رهندا هئا. ڪيترائي اديب، شاعر، سماجي ورڪر، صحافي به وٽس ڪمن لاءِ ايندا هئا ته پاڻ بنا دير لاڳاپيل ادارن ۾ فون گهمائي انهن ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. رات جو سندس رهائشگاهه صحافي ڪالوني حيدرآباد تي به ڪم ڪار وارا ايندا هئا. پاڻ مصروف رهڻ جي باوجود دوستن جي غمي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پنهنجي اباڻي ڳوٺ موري منگر ۽ ٻين علائقن ۾ مجلس شورا ۽ سينيٽ جي ميمبر طور ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا. انهن ۾ ڳوٺ موري منگر ۾ روڊ، اسپتال، هاءِ اسڪول به شامل آهي. سندس مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، الياس عشقي، غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني آگرو ۽ ٻين شخصيتن سان ويجها تعلقات رهيا. پاڻ عبرت، هلال پاڪستان ۽ آفتاب ۾ ايڊيٽر هئڻ جي باوجود گهڻو ڪري پروف پاڻ پڙهندو هو. آفتاب اخبار جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آفتاب جا ننڍن ڳوٺن ۾ به رپورٽر هئا. آفتاب سنڌ جي هر وڏي ننڍي شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستي ۾ پڙهي ويندي هئي. آفتاب تي وقت جي حڪمرانن جي پاليسين سان اختلاف ڪرڻ ڪري ان خلاف لکڻ جي ڪري ڏکيا ڏينهن به آيا، آفتاب ۾ عوامي مسئلن، پوليس جي عوام سان اڍنگي رويي، سرڪاري آفيسن مان عوام کي لاڀ نه ملڻ، عوام جي تعليم، صحت، زراعت جي مسئلن تي نه صرف اهميت سان خبرون شايع ٿينديون هيون پر پاڻ انهن مسئلن تي ايڊيٽوريل لکيا. سنڌ جو هي ناميارو بيباڪ صحافي، سماج سڌارڪ ۲۱ جنوري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه موري منگر ۾ سندس ٺهرايل هاءِ اسڪول جي اڱڻ تي آهي. سندس وفات کان پوءِ آفتاب اخبار سندس فرزند اعجاز شيخ بهترين انداز ۾ جاري رکي بعد ۾ اهڙو واءُ وريو جو آفتاب بند ٿي وئي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



شيخ علي محمد

ايڊيٽر کان سينيٽر تائين...

اعظم علي ٽالپر

اڄ ۲۱ جنوري ۲۰۲۳ع جو ڏينهن اهي. هن ئي ڏينهن تي اڄ کان ۳۲ سال اڳ ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ جي صحافت جو بي باڪ صحافي شيخ علي محمد صحافت جي ميدان کان دنيا مان موڪلائي ويو هو. شيخ علي محمد روزانه عبرت اخبار جو پهريون ايڊيٽر هو ۽ هُو مسلسل عبرت سان ۲۵ سال وابسته رهيو ۽ هي اُهو زمانو هو، جنهن ۾ خبر کي اخبار جي در تي پهچائڻ آسان ڪم نه هوندو هو. ان ڪري ’خبر‘ دير، سوير جي بنياد تي پريس ۾ پهچندي هئي. هيءَ سٺ جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته اخبارن کي موڪلڻ جو ذريعو “عام” پاڪستان ٽپال کاتو (پوسٽ) هوندو هو، جنهن جي لفافي ۾ خبرون موڪليون وينديون هيون، جڏهن ته ڪجهه خاص خبرون (هڪ يا ٻه) کي شهر جي ڪي بورڊ واري ٽيليفون آفيس مان ميڙ منٿ ڪري لکرائي ويندي هئي يا وري ڪنهن واسطي واري سُکئي ستابي جي گهر، دڪان مان ٽيليفون آپريٽر کان ٽرنڪ ڪال وٺي ملائي ڏيڻ تي اخبار جي آفيس ۾ لکائي ويندي هئي.

هي عجيب اتفاق آهي ته جڏهن به عبرت اخبار جي ڳالهه نڪرندي آهي ته ان جي پهرين باقاعده ايڊيٽر شيخ علي محمد جو به ذڪر نڪرندو آهي. ان کان سواءِ هي به عجيب اتفاق آهي ته راقم جڏهن هوش سنڀالي ۱۹۶۰ع کان اسڪول جي راهه ورتي هئي ته ان زماني ۾ اسڪول ۾ هڪ استاد سائين محمد علي ٽالپر عبرت اخبار اسڪول ۾ کڻي ايندو هو ۽ ان ۾ روزانو ڇپجڻ وارو سلسليوار ڪالم “نظري خوش گذري” جيڪو علامه حقاني جي نالي طنز و مزاح سان لکيل هوندو هو ۽ ان ۾ ڪيترائي مسئلا تحڙير ٿيل هوندا هئا. سائين وڏي آواز ۾ پڙهندو هو، ان کانسواءِ ان ڪالم لاءِ سائين محمد علي ٽالپر به مزاحيه شاعري ٽپال رستي موڪليندو هو. جيڪا چند ڏينهن کان پوءِ شايع ٿيندي هئي. حقيقت ۾ اهو ڪالم نظري خوش گذري خود اخبار عبرت جو ايڊيٽر سائين شيخ علي محمد ئي لکندو هو.

ان وقت اخبار عبرت ۽ شيخ علي محمد جي آفيس حيدرآباد جي عظيم الشان هوٽل اورينٽ ۾ هئي، ان کانپوءِ گاڏي کاتو عبرت بلڊنگ ۾ اخبار ۽ شيخ علي محمد صاحب اچي ويا. راقم جي پهرين نظر شيخ علي محمد تي عبرت اخبار ۾ ٻارن جي صفحي جي حوالي سان پئي، جڏهن ماما موجي (سائين پير مظهر الحق) سان ملڻ جو اتفاق ٿيو هو. شيخ صاحب جناح ڪئپ (ٽوپي) پاتل ۽ پياري شخصيت لڳو هو. عبرت اخبار ۾ روزانو اخبار جي بوتي عبرت ۾ هيٺان ايڊيٽر شيخ علي محمد جو نالو ڏسي راقم سمجهندو هو ته ايڊيٽر هڪ وڏي ۽ خوش نصيب شيءِ آهي، جنهن جو نالو روزانو اخبار ۾ ڇپجي ٿو. اها خبر ته پوءِ پئي ته هڪ اخبار جون سڀ ذميواريون ايڊيٽر جي ڪُلهن تي هڪ بار جيان هونديون آهن.

شيخ علي محمد جو جنم ۱۹۲۵ع ڌاري شيخ نور محمد جي گهر ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو هو. شيخ علي محمد جي نس نس ۾ ايمانداري ۽ سچائي ڀريل هئي ۽ هن کي لکڻ پڙهڻ سان محبت هئي. ان ڪري هن پنهنجو روزگار ۽ شوق روزانه ڪاروان اخبار ۾ شامل ٿي مڪمل ڪيو ۽ جڏهن عبرت اخبار روزانه اخبار طور شروع ٿي ته شيخ علي محمد ڪاروان اخبار مان مئنيجر واري نوڪري ڇڏي عبرت اخبار ۾ پنهنجي ڪاروان جي ٽيم ۽ سٿ سميت اداري کي سنڀاليو ۽ سنڌ جي عوام جو آواز اقتداري ايوانن تائين پهچايو. ان زماني ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جو نالو نشان نه هو ۽ آمريت ۽ صدارتي راڄ هوندو هو. ان جي باوجود به شيخ علي محمد بطور هڪ بهترين ايڊيٽر پورا ۲۵ سال عبرت اخبار جي غير جانبدارانه پاليسيءَ طور اخبار کي ڏنا.

شيخ علي محمد جي ذهين سوچ ۾ هڪ معياري اخبار لاءِ ان جي اوليت سچيون ۽ بي باڪ خبرون هونديون هيون ۽ ان کان سواءِ شيخ صاحب جو اهو به نظريو هو ته ڪو به نمائندو پنهنجي اسٽيشن (علائقي) کان سواءِ ٻي ڪنهن هنڌان خبر نه موڪلي. ڇو ته اها اخباري دنيا ۾ خبرن جي حد دخلي آهي. انکان سواءِ شيخ علي محمد بطور ايڊيٽر پوري اخبار کي سنڀالڻ ۽ قارئين جي دلچسپيءَ لاءِ سنڌ جي عوام کي پراڻي زماني ۾ تفريح خاطر هفتيوار صفحن جو تحفو به ڏنو. جنهن تحت فلمي صفحو انچارج شهزادو گلفام، ادبي صفحو پروانو ڀٽي ۽ قاضي خادم، ٻارن جو صفحو پير مظهر الحق، عورتن جو صفحو شيخ عزيز جي همشيره، سنڊي ايڊيشن شيخ عزيز وغيره. هنن صفحن سنڌ ۾ اخبار پڙهندڙن ۾ بي پناهه مقبوليت حاصل ڪئي. ان کان سواءِ شيخ علي محمد جي هٿ قلم سان روزانو لکجڻ وارو ايڊيٽوريل اخبار ۾ مُنڊيءَ تي ٽڪ هوندو هو. هن وقت (اڄڪلهه) هرڪو اخبار ته ڪڍي ٿو، پر هڪ سٺو ايڊيٽر نٿو بنجي سگهي. اڄ علم جي دنيا ۽ اخباري دنيا هڪ ڪمرشل صنعت بنجي وئي آهي. شيخ علي محمد پنهنجي خدمت جا ۲۵ سال عبرت کي ڏيندي ڪيترائي سنڌي صحافت ۾ نوان تجربا ڪندي لاڙا آڻيندي کوڙ سارا شاگرد به پيدا ڪيا. شيخ صاحب جي ۱۹۶۹ع تائين عبرت سان وابستگي رهي، ان زماني ۾ راقم جو فوٽو اخبار ۾ ڇپجڻ لاءِ (فوٽو جو) بلاڪ ۳۰ (ٽيهن) (سنگل ڪالم) روپين ۾ ٺهيو هو. ياد رهي ته ان زماني ۾ سُون جو تولو ۵۰ (پنجاهه) کن رپيا هو.

شيخ علي محمد صحافت جي ميدان ۾ ڪڏهن به ڪا ڪمٽمينٽ نه ڪئي ۽ هي اصل ۾ صحافت ۾ ڪاروان کان خير محمد نظاماڻي جو شاگرد هو. حيدرآباد پريس ڪلب قائم ڪرڻ وارن چند ماڻهن مان شيخ علي محمد به هڪ هو. بهرحال شيخ علي محمد عبرت کان ۱۹۶۹ع ۾ مُلڪ ۾ نئين سياسي هلچل پيدا ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو پاران نئين سياسي جماعت پيپلز پارٽي ٺاهڻ ۽ ان پاران پارٽي ترجمان طور هڪ اخبار (خادمِ وطن وارن کان خريد ڪري) هلال پاڪستان حيدرآباد مان شروع ڪئي ته شيخ علي محمد ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. شيخ علي محمد هن نئين خالص سياسي پارٽيءَ جي اخبار کي به بهتر اخبار بنايو. ان ۾ سڀ هفتيوار صفحا شروع ڪيا. هلال پاڪستان اخبار جي آفيس پڪي قلعي جي گهٽي نمبر چار ۾ ٻن دڪانن تي ٻڌل هئي، جنهن تي ڪجهه شرپسندن حملو ڪري پريس کي وڏو نقصان به پهچايو هو. اهو زمانو راقم پنهنجي اکين سان ڏينهن جو ۱۱ وڳي ڏٺو هو ته سڀ ڪجهه سڙيل پيو هو. ا پ پ جي مشين، فون، ڪاغذ وغيره، اها صحافتي حملي جي خبر بي بي سي ۽ آل انڊيا ريڊيو به نشر ڪئي هئي. پر هلال پاڪستان پ پ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪراچي هلي وئي.

شيخ علي محمد سان گڏ ڪم ڪندڙ عبرت جي سينئر صحافي محمد حيات بلوچ ٻڌايو ته شيخ صاحب عبرت کي هڪ حقيقي رنگ ۾ بهترين اخبار جو اعزاز ڏياريو ۽ ان لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۽ عبرت سنڌ جي هر هڪ گهر جي ضرورت بنجي وئي. شيخ صاحب وٽ صبح جو وڏا وڏا ماڻهو عبدالمجيد سنڌي، مولانا گرامي، نياز همايوني وغيره ايندا هئا. وڏي ڳالهه ته شيخ صاحب ۾ ڪا به وڏائي نه هوندي هئي. اسٽاف سان گهران ايندڙ ماني گڏ کائيندو هو. جڏهن ته شيخ صاحب سان گڏ ڪم ڪندڙ آفتاب جي سينئر صحافي احمد خان شيخ چيو ته شيخ علي محمد صحافي کان سواءِ هڪ بهترين انسان ۽ باهمت شخص به هو. هاڻ ته دنيا ننڍڙي ٿي وئي آهي، هر ڪنهن جي پينٽ، شرٽ ۽ قميص جي کيسي (جيب) ۾ خبرن جو هڪ وسيع تر خزانو موبائل جي شڪل ۾ پيو آهي. بس جنهن به وقت دل چاهي کولي پڙهو، ٻڌو، ڏسو ۽ ان جي مدد سان پنهنجن ادارن کي خبرون، مضمون موڪليو، نه ڪا دير نه ڪا تڪليف، صرف هڪ بٽڻ کي چالو ڪريو. ان ڪري اخبار دنيا جي خبر چار جا وسيلا بنهه آسان بنجي ويا آهن ۽ تعليم وانگر گهٽي گهٽي ۾ پرائيويٽ اسڪول کلڻ سان جيڪو تعليم جو معيار “علم” بدران ڪمائي جو ذريعو بنجي ويو آهي، ان وانگر ميڊيا جا به هر هنڌ سينٽر کلڻ سبب بنگلي بنگلي ۾ ڪمپيوٽر وارين پريسن مان نڪرندڙ اخبارون هڪ ڪاروبار ٿي ويون آهن.

پر اهڙين اخبارن ڪو ناليوارو ايڊيٽر پيدا نه ڪيو آهي، جيئن ڪو وزيراعليٰ يا وزيراعظم ته مقرر ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي ڪو سياستدان يا ليٽر ٺاهڻ آسان ڪم نه آهي. پراڻين ۽ محترم شخصيتن جو تجزيو ڪري کين ياد ڪري سندن خدمتن ۽ ڇڏيل ورثي کي پيش ڪرڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي. ان لاءِ ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ان جو ڇيد ڪرڻ ۽ ماڻهن ۽ واقعن کي ڏسون. حيدرآباد پريس ڪلب جا جيڪي پهرين پهرين پنج يا ست ماڻهو هئا، انهن ۾ شيخ صاحب به هڪ باني هو. شيخ علي محمد پنهنجي صحافتي ميدان ۾ ڪڏهن به پيشي سان ڪا به لکت جي معاملي ۾ ڪمٽمينٽ نه ڪئي آخري دم تائين هڪ بُلند پائي جو بي باڪ صحافتي ڪردار ادا ڪيو. هي صحافت ۾ سائين خير محمد نظاماڻي جو شاگرد هو ۽ بطور صحافي شيخ علي محمد ڪاروان اخبار کان صحافت جو ڪم شروع ڪيو. ڪاروان اخبار ۾ شيخ صاحب سان گڏڪم ڪندڙ حاجي عبدالرسول نظاماڻي ماضيءَ جي يادگيرين مان ٻڌايو ته “شيخ علي محمد صاحب هڪ سچو ايماندار صحافت جو علمبردار هو، هن خبر جي حقيقت کان وٺي ايڊيٽوريل جي اپٽار هميشه دل سان ڪئي.” قلم هن جي هٿ ۾ مجبور هوندو هو.

شيخ علي محمد غريبن جو يار هوندو هو، سندس پريس ۾ ڪو به بيروزگاري نوجوان ايندو هو ته هڪدم سائين چوندو هو ته “ابا ويهي ره جيڪا دال ماني ملندي گڏ کائينداسين.” مطلب ته هي غريبن جو همدرد هو. هن کي پهرين صدر ايوب جي دور ۾ بي ڊي ميمبر چونڊيو ويو هو (لوڪل بورڊ ۾) ان کان پوءِ صدر ضياءَ الحق جي وقت ۾ هي مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيو. (مجلس شوريٰ ان زماني ۾ قومي اسيمبلي هئي) ان کان پوءِ هي سنڌ مان سينيٽر مقرر ٿيو. هن سينيٽر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪيترائي ڪم ڪرايا ۽ نوجوانن کي روزگار به ڏنو ۽ موري ۾ هاءِ اسڪول به کوليو، جتي اڄ سندس ورسي ملهائي ويندي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا