شيخ علي محمد
هڪ جاکوڙي صحافي ۽ محبتي ماڻهو
محمد بخش ٿيٻو
آديسي آديس هئائين ڪري هليا،
ڪاپڙي قلب ۾، ڪِئَو ڏوراڻو ديس،
ويراڳي نئون ويس، راول ڍڪي هليا.
(شاهه)
محبتي مزاج رکندڙ مشهور بيباڪ صحافي
دانشور برک قانوندان شيخ علي محمد ولد شيخ محمد خان ۱۵
فيبروري ۱۹۲۵ع تي ڳوٺ
موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
هن ۱۹۴۶ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ آخري دم تائين وڏي جذبي سان هن صحافت وسيلي
سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي. هن ڪڏهن به خوشامنديءَ واري صحافت نه ڪئي، هميشه صحافت کي
مقدس پيشو تصور ڪيو ۽ سچائي سان عوام جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ سادي ۽ درويش طبيعت جو
مالڪ هو ۽ سنڌ جي صحافين لاءِ ڇپر ڇانوَ جي حيثيت رکندو هو.
