; سنڌي شخصيتون: February 2013

24 February, 2013

بلاول پرديسي - محمد سعيد شاهه


بلاول پرديسي
محمد سعيد شاهه
جولاءِ ۱۹۹۸ع جي ڳالهه آهي. منهنجي بدلي ڪراچيءَ مان حيدرآباد ۾ ٿي. ان وقت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي، حيدرآباد سيد سڪندر علي شاهه جيڪو نگران اعلى ”نئين زندگي“ پڻ هو، مون کي اچڻ سان ٻين ذميوارين سان گڏ نئين زندگي جي ادارت جو ڪم به حوالي ڪيو. جيئن ئي مون ايڊيٽر انچارج نئين زندگيءَ جي چارج ورتي، منهنجي ذهن تي ٻه نالا تري آيا. اهي ٻئي منهنجا مهربان ۽ شفيق استاد هئا، جن سان ۱۶ سال اڳ شاگرديءَ واري زماني ۾ حيدرآباد ۾ منهنجي گهڻي وابستگي رهي. جن جي تربيت، محبت ۽ شفقت جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر رهيو. جن کي آئون پنهنجي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ واري مصروف دور ۾ به ڪڏهن ڪو نه وساري سگهيس. انهن مان هڪ سائين غلام حسين رنگريز آهي، جنهن مون کي جيتوڻيڪ ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ ڪو نه پڙهايو هو پر شاگرديءَ واري دور ۾ ڳچ عرصو، حيدرآباد ۾ ساڻن گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. جنهن نه رڳو مون کي پنهنجي ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي پر سنڌي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ پڻ رهنمائي ڪئي. ان ڪري آئون کين پنهنجو محترم استاد چوڻ ۾ فخر محسوس ڪريان ٿو. ٻيو سائين مرحوم بلاول پرديسي صاحب هو. جو سچل سرمست ڪاليج ۾ اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو. سائين بلاول صاحب جو هڪ استاد جي حيثيت ۾ فرض شناسيءَ جو اهو حال هو جو سنڌيءَ جي پيرڊ ۾، پاڻ ڪلاس اندر اچي، مقرر ٽائيم تي ڪرسيءَ تي ويهندا هئا. شاگرد موجود هجن يا نه هجن، پر پاڻ پورو پيرڊ ڪلاس ۾ ويهي، سندن انتظار ڪندا هئا. پيرڊ دوران، هڪ يا ٻه شاگرد به اچي ويندا هئا ته پاڻ اٿي بيهي بورڊ تي انهن کي پڙهائيندا هئا.

18 February, 2013

منصور ويراڳي - ڊاڪٽر مخمور بخاري


منصور ويراڳي
سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان
ڊاڪٽر مخمور بخاري
اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان ان بابت لکڻ لاءِ گھڻي عرصي کان سوچيندو آهيان، پر جڏهن پنج سال اڳ اها شخصيت هيءُ جهان ڇڏي وئي ته بارها چاهڻ جي آئون مٿس ڪجھه لکي نه سگهيو هيس سواءِ سندس پٿر تي رکيل تعزيتي نوٽ بڪ ۾ ٻه چار سٽون لکڻ جي. ان کان وڌيڪ اڃا تائين ٻيو ڪجهه به ان بابت لکي نه سگهيو آهيان.

استاد گلزار علي خان - ناصر قاضي


استاد گلزار علي خان
منھنجي تو سان مٺا محبت ايتري جھڙا ڪلام ڳائي محبتون ونڊيندڙ ڪلاڪار
ناصر قاضي
سالن پڄاڻا اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور تان روزانو شام جو ڇهين بجي جي خبرن کانپوءِ هڪ سريلي آواز ۾ هڪ نغمو ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ نشر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سهڻي آلاپ وارو نغمو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ جي شروعات جو اطلاع هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان پروگرام کي جن جن ساٿين به ٻڌو هوندو، تن کي يقيناً اها خبر هوندي ته ان پروگرام جو اهو ٽائيٽل سانگ ”اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا“ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي سهڻي، سريلي ۽ لافاني آواز ۾ ڳايل آهي.

16 February, 2013

محمد امين کوسو


محمد امين کوسو
امين الملة
جيڪب آباد ضلعي جو صاحب دل، بلند همت، مخلص قومي اڳواڻ محمد امين کوسو، ڄاماڻي پاڙي جي کوسن مان پنهنجي ناناڻي ڳوٺ مير حيات خان تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ عبدالعزيز خان کوسي جي گھر ۱۱ ڊسمبر ۱۹۱۳ع تي جنم ورتو. هن جو پڙ ڏاڏو ميان ولي محمد عرف وليو خان کوسو پنهنجي تَرَ جو سخي مرد ٿي گذريو آهي. عبدالعزيز خان کوسي کي ٻه فرزند محمد امين خان ۽ نظام الدين خان ٿيا. ميان محمد امين خان ابتدائي تعليم ڪريم بخش خان کوسي جي ڳوٺ، تعلقي ٺل ۾ ورتي، جتان هو آدم پور، تعلقي نصيرآباد ۾، ماستر عبدالرسول کوسي وٽ وڃي پڙهڻ ويٺو. اتان پنجون درجو پاس ڪري، موٽي اچي جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي تعليم حاصل ڪيائين. اتي کيس مسٽر غلام قادر خان وڪيل ۽ مسٽر شيوارام ڀاڳچند جهڙن لائق استادن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. هن ۱۹۲۸ع جي آخر ۾، جيڪب آباد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ ساڳئي سال جي آخر ۾، عليڳڙهه ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. اتان ۱۹۳۳ع ڌاري بي اي پاس ڪري، گريجوئيٽ ٿيو. ان کانپوءِ هي وڪالت پڙهڻ لاءِ اتي ئي لا ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو ۽ ۱۹۳۶ع ڌاري فرسٽ ايل ايل بي جو امتحان ڏنائين. ٻئي سال پروفيسر حليم پرو وائيس چانسلر، ڪن سببن ڪري هن کي ڪاليج مان خارج ڪري ڇڏيو. ان تي ڇوڪرن گھڻي هلچل هلائي، پر هن کي وري داخلا ملي نه سگھي، تنهنڪري هن کي واپس ڳوٺ اچي رهڻو پيو.

15 February, 2013

استاد انورالدين جتوئي - وزير فرهاد سولنگي


استاد انورالدين جتوئي
سندس وڇوڙي تي ھينئڙو منھنجو لوڻ ٿئي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ جو ساهتي پرڳڻو جتي علمي ادبي لحاظ کان شاهوڪار آهي اتي فن، ثقافت ۽ ڪلا جي لحاظ کان به تمام گهڻو مالا مال آهي. ون يونٽ جي هلچل کان پوءِ، سنڌ ۾ هڪ اهڙي کيپ تيار ٿي، جنهن سنڌ جي علم ادب فن ۽ ثقافت تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهڙا جاکوڙي مرد مجاهد پيدا ٿيا، جن سنڌ جي ماڻهن کي شاهوڪار ادب ۽ سگهاري تاريخ ڏني. اتي فن ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به تمام وڏا نالا پيدا ٿيا. هڪ ته اهي فنڪار جن کي ميڊيا ماڻهن تائين پڄايو ۽ ڪي اهي فنڪار جن کي ميڊيا کان هٽي ڪري ماڻهن جي ميڙاڪن، سياسي، سماجي ڪاڄن ۾ پنهنجي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.

14 February, 2013

ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

عزيز سلام بخاري

صحبت جا سنديان...

قادر بخش طالباڻي



انساني برادريءَ، عالمگير سطح تي، اڄ جن به اهم ۽ للڪاريندڙ مسئلن سان دوچار آهي، انهن مان بني آدم جي وڏي اڪثريت جو سندن انساني حقن، حرمتن، آزادين ۽ رعايتن کان محروم هجڻ هڪ چِٽو پِٽو مسئلو آهي. جيڪو جيتوڻيڪ پراڻو به آهي، پر گڏوگڏ نئين کان نئون به آهي. قومن جو قومن تي جبر، طاقتور طبقن جو هيڻن تي ڏاڍ، انسان طرفان انسان جو استحصال، هڪ ناسور آهي. جيڪو اڃا تائين چِڪندو رهي ٿو ۽ نٿو ڇٽي. ان کان به وڏو هاڃو اهو آهي ته؛ ملڪن ۽ قومن جا دانشور، اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي رهبر به ان سلسلي ۾ ورهايا پيا آهن. هڪڙا سڌي يا اڻ سڌي طرح ڏاڍن، جابرن ۽ آمرن جا طرفدار ۽ ٻيا انهن جي ستايل ۽ شڪار ٿيل عام ماڻهن جا همراهي آهن. ڪو به ادارو سماجي، ثقافتي، تعليمي، ادبي، مذهبي، تجارتي، وغيره، هاڻي انهيءَ ويڙهه ۽ ان جي اثرات کان آجو ڪو نه آهي. هر هنڌ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو جهاد ۽ جنگ جاري آهي. اڳي ئي پنهنجي ليکي عام خلق جي خدمت جي جذبي هيٺ پنهنجو پاڻ  ۽ سک آرام تياڳيو آهي. اهڙن ئي مانجهي مڙسن مان اسان جو بيباڪ ۽ بهادر عظيم رهنما عزيز سلام بخاري به هو، جيڪو ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع تي اسان جي سامهون اسان سان رهاڻ ڪندي اسان جي ڏسندي  ئي ڏسندي، دل جي دوري ۾ رڳو پندرهن منٽن اندر اسان کان موڪلائي، هميشه لاءِ ويندو رهيو.

استاد محمد جمن - محمد عثمان ميمڻ


استاد محمد جمن
محمد عثمان ميمڻ
جديد سنڌي موسيقيءَ جي استاد محمد جمن جا وڏا، اصل ۾ بلوچستان جي علائقي لس ٻيلي جا رهاڪو هئا. سندس جنم ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ ۾، حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد، سُرندو وڄائڻ جو استاد ليکيو ويندو هو. انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو ۽ سرندي جا سريلا آلاپ ٻڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ان ماحول ۾ هن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس.

ڪاڪو غلام علي ٿيٻو محبتن جي سفر جو اويلو مسافر! رضا آڪاش خاناڻي


ڪاڪو غلام علي ٿيٻو
محبتن جي سفر جو اويلو مسافر!
رضا آڪاش خاناڻي
دنيا ۾ چانڊوڪيءَ جي مخمور نور جهڙين اڇين ۽ اُجرين محبتن جا ڏڻ محبتن جي احساسن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايا ويندا آهن. محبتن جي منڪر سماج ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو اڃا اسان وٽ موجود آهن، جيڪي نه رڳو محبتون ڪن ٿا، پر محبتن جي مان خاطر محبتن جا ڏينهن به ملهائين ٿا، ته زماني ۾ محبتن جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي پتيءَ جو ڪردار به ادا ڪن ٿا، سچ ته پيار جي نيرين خوابناڪ وادين سان تعلق رکندڙ اهڙن فقير ۽ مست قلندر ماڻهن مان ننگر پارڪر جي ڳوٺ ”موکي ٿيٻا“ جو ڪاڪو غلام علي ٿيٻو به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ساري سڀ ڄمار محبتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. جنهن لاءِ سال جو هر ڏينهن مُحبتن جو ڏينهن آهي، ڇو نه هيلوڪو ويلنٽائن ڊي انهيءَ محبتن جي آديسي فقير جي نانءُ ڪجي. پارڪر جي پراڻن پَٽن جي بارشن سان پيار ڪندڙ مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هن ۷۰ ورهين جي پوڙهي ۽ سيلاني شخص جي مزاجن جي مند به هوبهو مينهوڳيءَ جيان من موهڻي آهي، جيڪا کيس ويتر وڌيڪ معطر، محترم ۽ محبوب بڻائي ٿي. ڳاڙهي مينديءَ رتي چاپئين ڏاڙهي، پوڙهين اکين ۾ سرمو پاتل، مٿي تي ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌل، سادن ڪپڙن مٿان ڪاري صدري، پيرن ۾ پراڻو سليپر پاتل، ڪلهن ۾ ٿري کَٿي اوڍي ۽ پُٺن تي سدائين هڪ ميرو ٿيلهو کڻي ڪارونجهر کان ڪيٽي بندر ۽ ڪاسٻي کان وٺي ڪينجهر تائين، نگر نگر رلندڙ هي راتين جو رولاڪ حقيقت ۾ مُحبتن جو اهو البيلو مسافر آهي، جيڪو هن نفرتن جي پن ڇَڻ واري المناڪ دور ۾ محبتن جي بهار جي صبح جي تمنا سان گڏ پيار جي تبليغ پڻ ڪري ٿو. هو محبتن سان محبتن کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. جوڀن کان ويندي وار چانديءَ ٿيڻ تائين، هن جو بس رڳو هڪڙو ئي خواب ۽ هڪڙي ئي خواهش رهي آهي، ته سنڌ ۾ محبتون عام هجن ۽ سنڌ دنيا ۾ محبتن جو مثالي مقدس وطن بڻجي وڃي ۽ انهيءَ سندس اکين جي پينگهي ۾ لڏندڙ خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان جي ڳولا لاءِ، هو نه رڳو رمتي جوڳيءَ جيئن نگر نگر ڀٽڪيو آهي، پر گڏوگڏ انهيءَ خواهش جي پورائي لاءِ هن پنهنجي حياتيءَ جا هڙئي خفا ترڪ ڪري، سنڌ جي شهرن، ڳلين ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي محبت جو پيغام محبت سان ڏنو آهي. هو سڄو سال سفر ۾ رهندو آهي، جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي هن محبوب ماڻهوءَ جا کيسا واقعي فقير جي ڪشتي جيئن خالي رهندا آهن، پر سندس دل خالي ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته سندس دل سنڌ جي ڌرتيءَ جيئن امير آهي. جنهن جي پرچار ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ۴۰ سال گذاري ڇڏيا.

خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر - پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر


خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر
اڄ جڏهن هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ پنهنجي ذات لاءِ ته هر ڪو ئي ڪري ٿو، پر سنڌ ۾ وَرلي ڪي اهڙا ڪردار نظر ايندا، جيڪي سنڌ جي اَٻوجهه ماڻهن جي تعليم سان گڏوگڏ، انهن جي صحت ۽ معياري زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي ادارا قائم ڪندي، پنهنجي ڪردار ۽ شعور سان سنڌ جي خدمت ڪندا هجن. ڳالهه، اڄ کان سؤ سال اڳ کان جي به ڪجي ٿي ته، سال ۱۸۷۶ع ڌاري سنڌ راڻيءَ جي شهر ٽنڊو باگو ۾ جنم وٺندڙ، خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي جڏهن ۱۹۰۹ع ۾ جاگير ملي ته ان وقت مير جي من ۾ لاڙَ جي اُگهاڙن پيرن وارن ٻارن، مسڪينن ۽ يتيم عورتن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ تَڙپ پيدا ٿي. انهيءَ تڙپ تحت خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت، انساني ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ وَقف ڪري ڇڏي.

آتش سنڌي - سعيد سومرو

آتش سنڌي
سنڌ جي محبوب مٽيءَ جو شاعر
سعيد سومرو/قمبر
سال ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي ۾، جن قومپرست ۽ عوام دوست جذبن جي ترجمان شاعرن، پنهنجي ڪَلا ذريعي پنهنجي ديس جي اَٻوجھه ماڻهن جي من ۾ شعور جي ڦهلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ’ون يونٽ‘ جي ڍنگھر کي ڊاهي پٽ ڪرايو، تن سپاهين منجهان آتش سنڌي به هڪ هو. سندس مرحوم والد، ولي محمد شيخ ته سندس نالو معشوق علي رکيو، پر سنڌ جي حالتن کي ڏسي هُو، ’معشوق‘ مان ’آتش‘ سڏائڻ لڳو.

09 February, 2013

حاجي غلام نبي ڏھراج - سليم رضا


حاجي غلام نبي ڏھراج
هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ اڻوسرندڙ ڪردار
سليم رضا
سنڌ جي سرسبز عظيم سرزمين پهنجي ڪک مان هميشه ڪامل ولي، درويش، بزرگ، بهادر، جوڌا، جوان ۽ سورهيه سپوت انسان، پيدا ڪيا آهن. اسان جي سهڻي سرزمين سنڌ کيم اهو پڻ مقام ۽ اعلي مرتبو حاصل آهي جو کيس اسلام جو دروازو سڏيو ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي، سخين بزرگن ۽ مهمان نوازن جي ڌرتي جو شرف پڻ مليل آهي. انهي سدا بهار سنڌ جي علم هنر ۽ سياست توڙي سخاوت ۾ ساهتي پرڳڻي ضلع نوشهروفيروز کي پڻ اهو مان مرتبو حاصل آهي جو هن ضلع اندر ڪيترن عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي. جن مان ڪنڊيارو تعلقي جي محبت ديرو ۾، سال ۱۸۸۶ع ۾ جنم وٺندڙ تاريخ ساز شخصيت، سمنڊ جي گھراين جيڏيون حسرتون کڻي، ٻين لاءِ جيئندڙ هڪ بهادر عظيم شخصيت، خانصاحب حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي.

قاضي فيض محمد - ادريس جتوئي


قاضي فيض محمد
سچو انسان
ادريس جتوئي
قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون.

غلام نبي ڏهراج - مولائي ملاح

غلام نبي ڏهراج
پُختي حوصلي وارو انسان
مولائي ملاح
سنڌ جي ڪنهن سدابهار شخصيت جي ڪا ياد، دل جي ڪينواس تي اوهيرا ڪري تَري ايندي آهي ته: اکين مان لُڙڪن جا بَند چوماسي جي مينهن جيان ٽِمي ۽ ٽُٽي پوندا آهن. اهڙن ئي اَمر ڪردارن مان سنڌ جي وچولي ۾ جنم وٺندڙ حاجي غلام نبي خان ڏهراج به هڪ هو. جنهن پنهنجي سماج سيوَڪ ڪردار سبب علائقي ۾ گهرو اَثر ڇڏيو. جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي آباد، شهر محبت ديرو جتوئي ۾ جنم وٺندڙ رئيس غلام نبي خان ڏهراج کي علائقي جي غريب ماڻهن سان بيحد پيار هو. هن اميراڻي ٻار جي اَکين کان، علائقي جي غربت سبب، مجبور ماڻهن جون زمينون وياج تي آباد ٿيڻ ۽ پوءِ اهي عمر ڀر لاءِ گروي، ضبط ٿيڻ وارو ظلم ڏٺو ۽ کانئس سَٺو نه ٿيو. ان درد سندس دل ۾ سياست جي چِڻنگ ٻاري. جنهن بعد هو هن سفر جو راهي بڻيو.

08 February, 2013

سليم بچاڻي - فقير محمد ڍول

سليم بچاڻي
سڄاڻ شاعر جو اوچتو وڇوڙو
فقير محمد ڍول
هي، جنهن سليم جو اڄ ذڪرِ خير هتي ٿي رهيو آهي، سو مغل سلطنت جو شهزادو سليم ته يقيناً ڪو نه هو، پر دوستن جي دلين جو شهزادو ضرور هيو.

07 February, 2013

راڳي صادق فقير- انٽرويو - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

راڳي صادق فقير
انٽرويو
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال: سڀ کان پهرين، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: ادا! منهنجو نالو، صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار، جنم جي تاريخ ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ ع آهي ۽ جنم جو هنڌ مٺي ٿرپارڪر آهي. تعليم ايم اي سنڌي آهي. ۱۹۹۲ع ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن.

04 February, 2013

نذير احمد ميمڻ - عنايت قمبراڻي


نذير احمد ميمڻ
سڪا سانڍڻ جو شوق رکندڙ
انٽرويو: عنايت قمبراڻي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن ماڻهن جنم ورتو آهي، جن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندي، نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جو به پنهنجن ڪيل عملن ۽ ڪارنامن سبب ڳاٽ اونچو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن ئي باهمٿ ۽ باصلاحيت انسانن مان، ملير جي علائقي بچل ڳوٺ کوکراپار جو رهواسي، نذير احمد ميمڻ به هڪ آهي. جنهن ۲۵۰۰ سالن جا قديمي ۽ تاريخي سڪا پنهنجي جاکوڙ سان گڏ ڪري، نه رڳو سنڀالي رکيا آهن، پر انهن تاريخي سڪن جي اهميت کي اڃا به وڌائڻ لاءِ پنهنجو نور نچوئي انهن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻه ڪتاب لکي، نه رڳو سڪن بابت ڄاڻ ڏني آهي، پر انهن کي روشنيءَ ۾ آڻي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي، کانئس پڇون ٿا ته کين اهو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿيو.

ماسٽر چندر - ناصر قاضي


ماسٽر چندر
ھند ۽ سنڌ جو مھان راڳي
ناصر قاضي
موجن ڀرئي مهراڻ جو پاڻي، سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ هتان جي آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ ضلعي نوشهري فيروز جا ڪنڊيارو ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا.
سنڌ جي مهان راڳيءَ ماسٽر چندر تعلق به هن ئي خطي جي هڪ تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) سان هو. ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي هن برک راڳيءَ جنم ورتو، سندس پتا جو نالو آسنداس ڏامواڻي هو، ٺارو شاهه جي قديم اسڪول رڪارڊ موجب سندس اصل نالو چندر مل ڏامواڻي، ولد آسنداس ڏامواڻي آهي ۽ سندس جنم جي تاريخ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۰۹ع ٻڌائي وڃي ٿي،  پر نامياري ليکڪ ۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي هيءُ ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر ٿي چڪي آهي.

گنو سامتاڻي - رکيل مورائي


گنو سامتاڻي
سنڌي ادب جو ذھين ترين ليکڪ
رکيل مورائي
ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويندڙ يا هتان لڏايا ويندڙ سنڌي ڀارت جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي ويا. اُن وقت جي آزاد هندستان حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو هو ته سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي هڪ هنڌ نه رهائڻو آهي، جنهن تي عمل ڪندي هتان لڏي ويل سنڌين کي هند ۾ ٿائينڪو ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويو. هنن سنڌيت جي پاڙئون پٽيل ٻوٽي کي هنڌ جي ڌرتيءَ تي نئين سر لڳايو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو.

سراج ميمڻ - تاج جويو

سراج ميمڻ
هڪ تاريخ ساز شخصيت
تاج جويو
۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.

03 February, 2013

اردشير ڪائوسجي - رمضان شورو


اردشير ڪائوسجي
اھليت ۽ فطرت جو عاشق
رمضان شورو
مون کي خبر ناهي ته پارسين جا مذهبي طرح ڪهڙا طور طريقا آهن، پر مون عظيم سماج سڌارڪ ۽ جديد ڪراچيءَ جي بانيءَ جمشيد نسروانجي مهتا کان وٺي ڊاڪٽر دستو ڍلا تائين، آر ڪي سڌوا کان وٺي سر سهراب ڪٽرڪ تائين، جهانگر راجڪوٽ ولا کان ڊاڪٽر انڪلسريا تائين، مسز دستور کان وٺي مسز خورشيد تائين يا ڊاڪٽر هودٻائي کان وٺي اردشير ڪائوسجي تائين جيڪي به پارسي ٻڌا، ڏٺا توڙي پڙهيا آهن، سڀ محبت جي ڳوهيل مٽيءَ جا پنوڙا، اهليت ۽ فطرت تي ڪامل يقين رکندڙ آهن، اهو ئي سبب آهي جو هي خاندان ننڍي کنڊ جي هر طبقي ۽ مذهب، جناح فيمليءَ کان وٺي گانڌي ۽ نهرو فيملي تائين جو نه صرف ڀت ڀائي بلڪ رت ڀائي رهيو آهي، چون ٿا ته محمد علي جناح توڙي اندرا گانڌيءَ جي تربيت به پارسين ڪئي. جمشيد نسروانجي مهتا کان ڪهڙو اهل سنڌ واقف نه هوندو، جديد ڪراچيءَ جي باري ۾ اڄوڪين ڀائي لوگن سميت ڀلي ڪير به دعويٰ ڪري پر هن وقت ڪراچي جو جيڪو اسٽرڪچر آهي، ان جو باني جمشيد نسروانجي هو، هي جڏهن ڪراچيءَ جو پهريون ميئر ٿيو ته هن ڪراچيءَ کي جديد طرز تي ٺهرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، سٺا ۽ شاندار رستا، هر علائقي ۾ پارڪ ۽ باغيچا، ايشيا جو نمبر ون ڊرينيج سسٽم، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ رهائش لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ شاندار سوسائٽيون ترتيب ڏنائين. بنيادي طرح تمام شاهوڪار ۽ صنعتڪار خاندان سان تعلق هئڻ باوجود سڄي زندگي تمام سادگيءَ سان گذاريائين. اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته اسان وٽ ڪائونسلر کان وٺي اسيمبلي ميمبر تائين هر ماڻهو چاهيندو آهي ته آئون رات پيٽ ۾ ڪروڙ پتي نه پر ارب کرب پتي ٿي وڃان، ان جي ابتڙ جمشيد نسروانجي صاحب نه صرف ڪراچي ڪارپوريشن مان پگهار نه کئين پر ڪارپوريشن جي پئسن مان ڪڏهن چانهه جو ڪوپ به نه پيتو. کائڻ پيئڻ ۾ به تمام سادو، ڪڏهن به ڪا رت واري شئي (ماس) ته ڪو نه کاڌائين، پر گهڻو ڪري چانهه به بنا کير واري پيئندو هو. ساڳئي طرح سان هن خاندان جي ئي مسز گل بانو ڪي مينوالا ۽ ڊنشا پئسٽجي جو به ڪراچي سنڌ جي ٺاهڻ ۾ وڏو ۽ ڪليدي ڪردار رهيو آهي. تازو لاڏاڻو ڪري ويل ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ هڪ عظيم ۽ آدرشي انسان اردشير ڪائوسجي جو تعلق به هن پارسي خاندان سان هو، جيڪو 24 نومبر 2۰12 تي اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو.

02 February, 2013

سيد علي اڪبر شاهه - ذوالفقار علي هيسباڻي


سيد علي اڪبر شاهه
سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت
ذوالفقار علي هيسباڻي
تمام ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته انسان ڇا آهي؟ هتي دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟ ۽ سندس ڪاميابيءَ جو راز ڇا ۾ سمايل آهي؟ پر مرحوم سيد علي اڪبر شاهه جهڙا عظيم انسان، انهيءَ رندي رمز کان پوريءَ طرح واقف هوندا آهن. سائين سيد علي اڪبر شاهه ۲ فيبروري ۱۹۰۱ع ۾ حضرت سيد احمد شاهه بن سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ جنم ورتو.

سيد اڪبر شاهه - علي ڏنو جروار

سيد اڪبر شاهه
سندس لکڻيون ۽ شخصيت
علي ڏنو جروار/حيدرآباد
سنڌ اُها ڌرتي ماءُ آهي، جنهن اڻ ڳڻيا عالم، ڏاها ۽ بهترين استاد پيدا ڪيا آهن. سيد اڪبر به انهن مان هڪ آهي. سندس تعلق سنڌ جي لاڙ پٽ واري حصي سان آهي. سنڌ جي لاڙَ واري علائقي تمام عظيم انسان اسان سنڌ واسين جي رهنمائيءَ لاءِ خلقيا آهن، جن ۾ شاهه عنايت شهيد، مولوي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سيد اڪبر جهڙا سدا ملوڪ شاعر، اديب، عالم ۽ صوفي شامل آهن.