سيد اڪبر شاهه
سندس لکڻيون ۽ شخصيت
علي ڏنو جروار/حيدرآباد
سنڌ اُها ڌرتي ماءُ آهي، جنهن اڻ ڳڻيا عالم، ڏاها ۽ بهترين استاد پيدا
ڪيا آهن. سيد اڪبر به انهن مان هڪ آهي. سندس تعلق سنڌ جي لاڙ پٽ واري حصي سان آهي.
سنڌ جي لاڙَ واري علائقي تمام عظيم انسان اسان سنڌ واسين جي رهنمائيءَ لاءِ خلقيا آهن،
جن ۾ شاهه عنايت شهيد، مولوي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي
۽ سيد اڪبر جهڙا سدا ملوڪ شاعر، اديب، عالم ۽ صوفي شامل آهن.
سيد اڪبر جي شخصيت ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون خوبيون هيون، جن جي ڪري هن زندگيءَ
جي اوائلي گهڙين کان ئي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ شهرت ماڻي. سيد اڪبر هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين
نثر نويس هئڻ سان گڏوگڏ تمام وڏي ليول جو مقرر هو. کيس قدرت واري ايتري ته ڏات سان
نوازيو هو، جو هو ڪنهن به موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي ويندو هو. سندس قلم ۾ ايتري
ته سگهه هئي، جو جنهن به موضوع تي لکڻ چاهيائين، ان سان خوڀ نڀايائين.
سيد اڪبر ۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعري ڪرڻ
شروع ڪئي، جيڪا ان وقت جي معروف رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. جيتوڻيڪ اڄ اسان وٽ سيد اڪبر
موجود ته ناهي پر سندس شخصيت ۽ ڪردار جو اندازو سندس حياتيءَ پڄاڻان ڇپيل ٽنهي ڪتابن
پڙهڻ مان لڳائي سگهجي ٿو.
سندس ڪتابن ۾؛ لفظ ڳالهائين ٿا (مضمون ۽ خاڪا)، ڪرڪي ڪائي ڪونج (شاعري)،
سارون سنڀارون (خط) ۽ سندس شخصيت متعلق يادگيرين ۽ خاڪن تي مشتمل ڪتاب، ”موتين جهڙو
ماڻهو“ شايع ٿي چڪا آهن. سندس شاعري جو جڙاءُ ۽ سٽاءُ تمام وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي.
سيد اڪبر تقرير جو تمام گهڻو ماهر هو. سندس تقرير جو انداز متاثر ڪندڙ
هو. هڪ دفعي ميرپور بٺورو ۾ گهڙو وڄائيندڙ هڪ فنڪار سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت
سيد اڪبر کان ڪرائي وئي. اتي ان وقت موجود دوست ٻڌائين ٿا ته؛ صدارتي خطاب ۾ سيد اڪبر
گَهڙي وڄائڻ جي فن متعلق ايتري ته جامع ڄاڻ واري تقرير ڪئي، جو ان گهڙي وڄائڻ واري
چيو ته؛ اسان سازيندڙن وٽ به ايتري معلومات ناهي، جيتري سيد اڪبر بيان ڪئي آهي.
سيد اڪبر، لطيف جو به وڏو پارکو هو. هو لطيف جي بيتن کي تمام بهترين انداز
سان پڙهي ۽ انهن جي تشريح ڪندو هو. سيد اڪبر جي انداز ۽ آواز ۾ وڏو سحر هو. خاص طور
تي سندس لطيف جا بيت پڙهڻ جو هڪڙو منفرد انداز هو.
No comments:
راءِ ڏيندا