; سنڌي شخصيتون: آتش سنڌي - سعيد سومرو

14 February, 2013

آتش سنڌي - سعيد سومرو

آتش سنڌي
سنڌ جي محبوب مٽيءَ جو شاعر
سعيد سومرو/قمبر
سال ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي ۾، جن قومپرست ۽ عوام دوست جذبن جي ترجمان شاعرن، پنهنجي ڪَلا ذريعي پنهنجي ديس جي اَٻوجھه ماڻهن جي من ۾ شعور جي ڦهلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ’ون يونٽ‘ جي ڍنگھر کي ڊاهي پٽ ڪرايو، تن سپاهين منجهان آتش سنڌي به هڪ هو. سندس مرحوم والد، ولي محمد شيخ ته سندس نالو معشوق علي رکيو، پر سنڌ جي حالتن کي ڏسي هُو، ’معشوق‘ مان ’آتش‘ سڏائڻ لڳو.

سندس جنم ۱۷ جولائي ۱۹۵۳ع ڌاري قمبر علي خان ۾ ٿيو. قدرت جي عطا ڪيل نعمتن، ٻارڙن جي ٻاتن ٻولن، ڳڀروئن جي خوش طبع ۽ جھونڙن سان تحقيقي ۽ تاريخي ڪچهرين کي پسند جي نگاهه سان نهاريندڙ، پورهيو ڪري پيٽ جي دوزخ کي ٺاريندڙ، سدا مرڪ مرڪندڙ آتش جي شاعري، هند سنڌ جي ڪيترن رسالن ۾ شايع ٿيڻ کان علاوه، استاد وحيد علي، سڄڻ سنڌي، سرمد سنڌي، حنيف لاشاري، اسلم تنيو، ٻيجل سنڌي، عاشق نظاماڻي، ڏاڏو هوشو ۽ برڪت علي گوپانگ جھڙن ٻين ڪيترن فنڪارن هُن جي سِٽن کي سُرن جي تال تي آلاپيو آهي.
هو جي ايم سيد جي رهبريءَ ۽ فڪر جو پختو پانڌي رهيو. جوڀن وهيءَ جا انيڪ ورهيه، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي محبوب هوائن ۾ رهندڙ ’آتش‘، شاعريءَ جي شروعات ’سائل قمبروي‘ جي نانءُ سان ڪئي. لڳ ڀڳ سنڌي شاعريءَ جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪندڙ آتش، ’بزم لطيف‘ کان ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي مختلف عهدن تي برجستو ٿي، عملي ڪم ڪيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪندي، ۱۹۷۷ع کان جيئي سنڌ محاذ ۾ سرگرم رهيو. مارچ ۲۰۰۷ع کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو.
تتيءَ متيءَ ووڙ ووڙيندڙ وڙائتي ’آتش‘ سان رلي ملي بنهه تصور نه پوندو ته، ڪپهه جھڙا ڪونئرا قُرب ونڊيندڙ ’آتش‘ هِيءُ آهي.
هو ڌُنڌلو عڪس اڌُورو نگهه ۾ اڄ ڀي آ،
مان ان حسين تصور جو هڪ چِتر آهيان.





No comments:

راءِ ڏيندا