اردشير ڪائوسجي
اھليت ۽ فطرت جو عاشق
رمضان شورو
مون کي خبر ناهي ته پارسين جا مذهبي طرح ڪهڙا طور طريقا آهن، پر مون عظيم
سماج سڌارڪ ۽ جديد ڪراچيءَ جي بانيءَ جمشيد نسروانجي مهتا کان وٺي ڊاڪٽر دستو ڍلا تائين،
آر ڪي سڌوا کان وٺي سر سهراب ڪٽرڪ تائين، جهانگر راجڪوٽ ولا کان ڊاڪٽر انڪلسريا تائين،
مسز دستور کان وٺي مسز خورشيد تائين يا ڊاڪٽر هودٻائي کان وٺي اردشير ڪائوسجي تائين
جيڪي به پارسي ٻڌا، ڏٺا توڙي پڙهيا آهن، سڀ محبت جي ڳوهيل مٽيءَ جا پنوڙا، اهليت ۽
فطرت تي ڪامل يقين رکندڙ آهن، اهو ئي سبب آهي جو هي خاندان ننڍي کنڊ جي هر طبقي ۽ مذهب،
جناح فيمليءَ کان وٺي گانڌي ۽ نهرو فيملي تائين جو نه صرف ڀت ڀائي بلڪ رت ڀائي رهيو
آهي، چون ٿا ته محمد علي جناح توڙي اندرا گانڌيءَ جي تربيت به پارسين ڪئي. جمشيد نسروانجي
مهتا کان ڪهڙو اهل سنڌ واقف نه هوندو، جديد ڪراچيءَ جي باري ۾ اڄوڪين ڀائي لوگن سميت
ڀلي ڪير به دعويٰ ڪري پر هن وقت ڪراچي جو جيڪو اسٽرڪچر آهي، ان جو باني جمشيد نسروانجي
هو، هي جڏهن ڪراچيءَ جو پهريون ميئر ٿيو ته هن ڪراچيءَ کي جديد طرز تي ٺهرائڻ ۾ ڪا
به ڪسر نه ڇڏي، سٺا ۽ شاندار رستا، هر علائقي ۾ پارڪ ۽ باغيچا، ايشيا جو نمبر ون ڊرينيج
سسٽم، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ رهائش لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ شاندار سوسائٽيون
ترتيب ڏنائين. بنيادي طرح تمام شاهوڪار ۽ صنعتڪار خاندان سان تعلق هئڻ باوجود سڄي زندگي
تمام سادگيءَ سان گذاريائين. اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته اسان وٽ ڪائونسلر کان وٺي
اسيمبلي ميمبر تائين هر ماڻهو چاهيندو آهي ته آئون رات پيٽ ۾ ڪروڙ پتي نه پر ارب کرب
پتي ٿي وڃان، ان جي ابتڙ جمشيد نسروانجي صاحب نه صرف ڪراچي ڪارپوريشن مان پگهار نه
کئين پر ڪارپوريشن جي پئسن مان ڪڏهن چانهه جو ڪوپ به نه پيتو. کائڻ پيئڻ ۾ به تمام
سادو، ڪڏهن به ڪا رت واري شئي (ماس) ته ڪو نه کاڌائين، پر گهڻو ڪري چانهه به بنا کير
واري پيئندو هو. ساڳئي طرح سان هن خاندان جي ئي مسز گل بانو ڪي مينوالا ۽ ڊنشا پئسٽجي
جو به ڪراچي سنڌ جي ٺاهڻ ۾ وڏو ۽ ڪليدي ڪردار رهيو آهي. تازو لاڏاڻو ڪري ويل ڪالم نگار،
سماج سڌارڪ ۽ هڪ عظيم ۽ آدرشي انسان اردشير ڪائوسجي جو تعلق به هن پارسي خاندان سان
هو، جيڪو 24 نومبر 2۰12 تي اسان کان هميشه جي لاءِ
جدا ٿي ويو.
اردشير ڪائوسجي پارسين جي اهم فرد ۽ هڪ جهاز ران ڪمپنيءَ جي مالڪ مسٽر
رستم-جي ڪائوسجي جي گهر ۾ ۱۳ اپريل ۱۹۲۶ع ۾ ڄائو، جڏهن ته مسٽر ڊنشا سندس سهرو بڻيو.
سندس ڏاڏي مرحوم جو نالو فقير-جي ڪائوسجي هو، جيڪو پڻ پنهنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ
۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. اردشير ڪائوسجي به نه صرف پنهنجن وڏن جي ان روايتن (سماج سڌاري
۽ سخاوت) کي جاري رکيو، پر سون تي سهاڳو اهو به ٿيو ته هن صحافت ۽ ڪالم نگاريءَ وسيلي
سٺي کي سٺو ۽ خراب کي سر عام خراب چوڻ جي به روايت وڌي. مختلف ادارن مان تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ اردشير ڪجهه وقت پنهنجي پيءُ جي ڪمپني ”ڪائوسجي شپنگ ڪمپني“ به سنڀالي،
پر پوءِ هن گهڻو وقت سماجي ڪمن ۽ ڪالم نگاريءَ کي ڏنو ۽ سندس لکڻ جا گهڻي ڀاڱي موضوع،
فطرت، اهليت، ماحوليات، آرڪيالوجيڪل جاين جي تباهي، لسانيات، پراڻين تاريخي جاين، هنڌن،
پارڪن، باغيچن، پلاٽن تي قبضا، ڀتا خوري، سياسي ڪرپشن وغيره رهيا. جڏهن به فطرت سان
هٿ چراند ڪندي سامونڊي ڀرايون ڪري تمر جا ٻيلا وڍيا ويا ته هن لکيو. جڏهن به ڪراچيءَ
جي ڪنهن تاريخي جڳهه، عمارت کي ڊاٺو ويو يا شهري ادارن پاران پارڪن ۽ باغيچن کي بلڊوز
ڪيو ويو ته هن لکيو، جڏهن به ڪو جهونو وڻ وڍيو ويو يا گٽرن اٿلي ماحول کي گندو ڪيو
ته هن لکيو، جڏهن کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ معدنيات جي ڳولا لاءِ بلاسٽنگ جي منصوبابندي
ڪئي وئي يا کير ٿر نيشنل پارڪ مان گئس پائيپ لائين لاءِ کوٽائي جي رٿا آندي وئي ته
هن لکيو، ٻيو ته ٺهيو پر ڪٿي به ڪو جانور ماريو ويو، ڪٿي ڪا انساني حقن جي لتاڙي يا
ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور-ڪنڌ ڪوٽ تائين ڪا سنڌ ڄائي ڪاري ڪري ڪٺي وئي ته اردشير ڪائوسجيءَ
لکيو پر عدالتن جا در به کڙڪايا.
هي خوش طبع شخص، ڀٽي صاحب کان وٺي جنرل ضياءَ تائين ۽ اصغر خان توڙي اڪبر
بگٽي کان وٺي جنرل پرويز مشرف تائين چڱن ڀلن کي منهن تي ”سالا“ چوڻ واري پنهنجي خود
جي ذڪر تي به ”مين سالا“ چئي ڏيندو هو.
صحافت توڙي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ اردشير ڪائوسجي پنهنجي وڏن جي قدمن تي
هلندي سماج جي سڌاري جو ڪم به جاري رکيو. هن ”شهري تنظيم“ ۽ ڪائوسجي فائونڊيشن جي پليٽ
فارم تان ڪيترائي فلاحي ڪم ڪيا، خاص ڪري هيلٿ ۽ شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ اردشير
ڪافي ڪم ڪيو. ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي جي وچ ۾ پوسٽ آفيس ٺٽو ۾ مختصر ۽ اڻپوري
ايڊريس، رمضان شورو، ضلعه ٺٽه“ تي هڪ لفافو پوسٽ ٿي آيو، جيئن ته ايڊريس غير واضح هئي،
ان ڪري اهو لفافو ڪافي ڏينهن پوسٽ آفيس ۾ پيو رهيو، نيٺ جنگ شاهي جو هڪ بروهي پوسٽ
ماسٽر (نالو ياد نٿو اچي) جيڪو ڪجهه وقت جهمپير ۾ به پوسٽ ماسٽر رهي چڪو هو، اهو جو
ٺٽي پوسٽ آفيس ڪنهن آفيشل ڪم سان ويو ته ان لفافي تي نظر پئجي ويس ته سمجهي ويو ته
هي لفافو رمضان شوري جهمپير واري لاءِ آهي، ڇو ته هي جڏهن جهمپير ۾ رهيو ته هن وٽ منهنجي
اهڙي قسم جي ٽپال ايندي هئي، هن ويچاري شريف ماڻهو ان ئي ڏينهن اهو لفافو سندس هڪ مائٽ
جي هٿان جيڪو اسٽيل مل پروجيڪٽ جهمپير ۾ ڪم ڪندو هو، ڏياري موڪليو، مون تڪڙ تڪڙ ۾ لفافو
کوليو ته اندران انگريزي ۽ اردو ورزن ۾ ٻه رسالا، نيو بليٽن، شهري تنظيم جو تعارفي
بروشر، ميمبر شپ فارميٽ ۽ هڪ ليٽر نڪتا، ليٽر ۾ لکيل هو ته ”شورو صاحب، ٻڌو آهي ته
توهان پائيدار ترقي توڙي سنڌ جي ماحوليات ۽ فطرت تي يقين رکو ٿا، توهان چاهيو ٿا ته
سڄي سنڌ ۾ موجود قديم عمارتن، پارڪن، باغيچن، پاڻي جي ذخيرن جي اها حيثيت هميشه رهي؟...
وغيره جيڪڏهن توهان انهن ڳالهين ۾ دلچسپي رکو ٿا ته توهان کي هي فارميٽ موڪلجي ٿو،
اچو ته سڀ دوست گڏجي ڪم ڪريون، وغيره“ ان دوران آئون ماحوليات تي ڪالم ۽ فيچرز لکندو
هوس، مون ان شئي کي ڏاڍو لائيٽ ورتو ۽ کين ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، پر پوءِ خبر پئي ان
تنظيم جا روح روان جناب اردشير ڪائوسجي صاحب جن هئا. منهنجي ڪا به خط و ڪتابت نه رکڻ
جي باوود به هي نه صرف ڪيترن سالن تائين رسالا توڙي نيوز بليٽن موڪليندا رهيا (هاڻي
تقريبن ٻن سالن کان بند آهن) پر ڪو به پروگرام يا ڪو ٻيو ايوينٽ ٿيندو هو ته دعوت به
موڪليندا هئا. اردشير ڪائوسجي هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪراچيءَ سان لاڳاپيل مختلف
جاين، هنڌن جا تمام گهڻا ڪيس وڙهيا ۽ ڪاري قانون ”اويڪيو پراپرٽي ايڪٽ“ کي به چئلينج
ڪيو ته هندن جي ڪا به ڇڏيل ملڪيت ڪنهن جي به حوالي نه ڪئي وڃي، جيستائين ان ملڪيت،
جاءِ، هنڌ يا پارڪ وغيره جي اهميت يا تاريخي ڇنڊ ڇاڻ نٿي ٿئي، هن مهاجرن جي قبضي هيٺ
آيل تاريخي جاين، هنڌن جا ڪيس باقاعده تحقيق ۽ نقشن جي مدد سان وڙهيا ۽ ڪراچيءَ جي
اهل دل ماڻهن کي اهي سمجهايون، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون تاريخي شيون بچي
ويون آهن، انهن کي بچائڻ جو ڪريڊٽ ڏانهس ئي وڃي ٿو. ان ڪري ئي پنهنجو پاڻ کي ڪراچي
جي مالڪ سمجهندڙ لساني تنظيم کيس روز ڌمڪيون ڏياري موڪليندي هئي، يقينن اهڙن فرشتا
صفت ماڻهن جو موت ڪنهن قومي سانحي کان گهٽ ناهي.
No comments:
راءِ ڏيندا