; سنڌي شخصيتون: غلام نبي ڏهراج - مولائي ملاح

09 February, 2013

غلام نبي ڏهراج - مولائي ملاح

غلام نبي ڏهراج
پُختي حوصلي وارو انسان
مولائي ملاح
سنڌ جي ڪنهن سدابهار شخصيت جي ڪا ياد، دل جي ڪينواس تي اوهيرا ڪري تَري ايندي آهي ته: اکين مان لُڙڪن جا بَند چوماسي جي مينهن جيان ٽِمي ۽ ٽُٽي پوندا آهن. اهڙن ئي اَمر ڪردارن مان سنڌ جي وچولي ۾ جنم وٺندڙ حاجي غلام نبي خان ڏهراج به هڪ هو. جنهن پنهنجي سماج سيوَڪ ڪردار سبب علائقي ۾ گهرو اَثر ڇڏيو. جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي آباد، شهر محبت ديرو جتوئي ۾ جنم وٺندڙ رئيس غلام نبي خان ڏهراج کي علائقي جي غريب ماڻهن سان بيحد پيار هو. هن اميراڻي ٻار جي اَکين کان، علائقي جي غربت سبب، مجبور ماڻهن جون زمينون وياج تي آباد ٿيڻ ۽ پوءِ اهي عمر ڀر لاءِ گروي، ضبط ٿيڻ وارو ظلم ڏٺو ۽ کانئس سَٺو نه ٿيو. ان درد سندس دل ۾ سياست جي چِڻنگ ٻاري. جنهن بعد هو هن سفر جو راهي بڻيو.

هن قائدِ اعظم محمد علي جناح جي خواهش تي تحريڪِ آزاديءَ جي جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. چون ٿا ته، ”هيءُ تحريڪِ آزاديءَ جو بنيادي ڪارڪن به هو“. سندس بهتر ڪارڪردگي، اَڻٽر جدوجھد ۽ بيباڪ صلاحيتن کي ڏسندي کيس ۱۹۴۶ع جي چونڊن ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي. انهن ڏهاڙن ۾ نوابشاهه ضلعي ۽ دادو ضلعي ۾ چونڊن دوران وڏو چَهچٽو مَتل هو. سال ۱۹۱۱ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ کانپوءِ، پاڻ وري ۱۹۴۶ع ۾ ٿيندڙ صوبائي اليڪشن ۾ حصو ورتو، جنهن جو چرچو پوري تَڪ ۾ اليڪشن ڏهاڙي تائين مَتل رهيو. هن سيٽ تي سندس بيهڻ ڪري هي تڪ سياسي، سماجي ماڻهن ۽ سياسي تجزيا نگارن ۽ صحافين جي نگاهن جو مرڪز ۽ محور رهيو.
هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. جيترو وقت به سنڌ اسيمبليءَ ۾ رهيو هو، آفيسر شاهيءَ جي بدعنوانين تي ڳالهائيندو رهيو، جنهن ڪارڻ کيس جيل ياترا به ڪرڻي پئي. سال ۱۹۵۴ع ۾ مٿس خوني حملو ٿيو. سندس جسم مان گوليون ڪڍيون ويون. جنهن بعد هو عوام ۽ دوستن جي وچ ۾ رهي، ملڪ جي ڏُتڙيل ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو.
تاريخ ۹ فيبروري ۱۹۷۰ع ۾ هو ديس واسين کي ڏُکارو ڪري ويو.
اها حقيقت آهي ته، سندس شمار به اهڙن ئي انسانن ۾ ٿئي ٿو، جن جي دل ۾ هر دم عوام جي درد جو اُونو رهي ٿو. هن وشال ڌرتيءَ تي انسان دوست ڪردار رکندڙ ماڻهو جڏهن جنم وٺندا آهن ته، انهن جي ڪردار جي خوشبوءِ ڪيترن ئي ڪوهن تائين محسوس ڪئي ويندي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا