; سنڌي شخصيتون: July 2015

31 July, 2015

پير محمد مرزا - علي ڏنو جروار

پير محمد مرزا
مثالي استاد
علي ڏنو جروار
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترا ئي عظيم انسان، ڏاها، استاد، مفڪر، شاعر اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن. سائين پير محمد مرزا به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ڪالهه اسان کان وڇڙي ويو آهي. سائين پير محمد مرزا انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن استادن مان هڪ هو، جن کي اسان مثالي استاد چئي سگهون ٿا.

25 July, 2015

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو - حسيب ناياب منگي

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو
حسيب ناياب منگي
عبدالخالق راز ولد محمد حسن مسڪين سومرو جو جنم، شڪارپور ضلعي جي خانپور تعلقي واري ڳوٺ، حاجي خان ڪلهوڙي ۾ ۱ جولاءِ ۱۹۳۴ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم ته ڳوٺ کان شروع ڪيائين پر ۱۹۷۸ع تائين پڙهندو رهيو. مذڪوره سال ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي نامياري بزرگ شاعر ”مير علي نواز علوي“ جي علمي، ادبي ۽ سياسي توڙي سماجي، ڪارنامن تي ٿيسز لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

19 July, 2015

نسيم کرل - حبدار جاگيراڻي

نسيم کرل
سنڌي ڪهاڻيءِ کي حقيقت نگاريءَ جو لاڙو ڏيندڙ ڪهاڻيڪار
حبدار جاگيراڻي
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ته موئن جي دڙي جي تهذيب جي شروعات سان جوڙي وڃي ٿي ۽ اهڙيون شاهديون به ملن ٿيون ته سنڌي نثر منظوم صورت ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ لکجڻ شروع ٿيو. پر اڄ مان جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو سا آهي سنڌي ماڻهن جي ڳالهه کڻڻ جي فَنَ جي ــ جنهن کي آکاڻي به چيو وڃي ٿو ته افسانو به، پر هن تي جيڪو نالو هاڻ ڄمي/ٺهڪي بيٺو آهي، سو آهي ڪهاڻي.. دنيا ۾ ته ڪهاڻي جي شروعات ايسپ تائين پهچي ٿي پر اسان جي ڪهاڻي شروعات 20صديءَ جي پهرين ڏهاڪن ۾ ٿئي ٿي. پر اها ڪهاڻي پنهنجي اندر ۾ هڪ طلسماتي دنيا سمايو ويٺي هئي. جنهن ۾ نه سنڌي ماحول هو ۽ نه ئي وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي هتي ڪو سڃاڻي پيو ۽ نه ڪو ئي وري سنڌي ٻوليءَ جي محاوراتي خوشبو... اهڙي ڪهاڻيءَ جي اندر سنڌ جي درد جي ڪا به ڪوڪ به هئي، سنڌ ته ڇا پر اها ڪهاڻي انساني دنيا کان به ڪٽيل هُئي. بس رُڳو آسماني سير هُئا ۽ هر آفت کان بچي نڪرڻ جي پَڪَ هُئي. اهڙي ڪهاڻي پڙهندڙ ماڻهوءَ ۾ انڌي اطمنان واري ڪيفيت ۽ جذبي پيدا ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ سماج ۾ لاچار ماڻهن ۽ مجبور ۽ مدد جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي هڪ لوڌ پيدا ڪئي.. سنڌي ڪهاڻي پنهنجي پاند اهڙي طلسماتي ڪهاڻيءَ مان 1932 ۾ تڏهن آجو ڪرائي ٿي جڏهن امر لعل هنڱوراڻيءَ شڪارپور مان بولچند راجپال جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي سنڏوءِ ۾ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “ادو عبدالرحمان“ شايع ڪرائي .جنهن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ماحول ۽ ڪردارن کي آندو ،جنهن سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج ۽ ماڻهن سان ڳنڌجي وئي. هن ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ جي پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي سڏيو وڃي ٿو. اهڙي جديد ڪهاڻيءَ جي عمارت سازيءَ ۾ اياز قادريءَ، جمال ابڙي، غلام رباني آگري جون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جن پنهنجي سگھاري قلم سان سنڌي ڪهاڻيءَ کي ابدي حياتي بخشي.. جن جي محنتن کي هر ادبي تذڪرو واکاڻي ٿو. پر سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام يا سرتاج جنهن ڪهاڻيڪار کي سڏيو وڃي ٿو سو آهي نسيم کرل ـــــ جي بلڪل جنهنجون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون ليکيون وڃن ٿيون، جنهن جي ڪا به ڪهاڻي اهڙي نه آهي جيڪا فَنِي ۽ فڪري حوالي سان بين الاقوامي ادب ۾ پيش ڪرڻ لائق نه هجي..

17 July, 2015

قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي

قاضي عطا محمد عباسي
ادبي ۽ ديني شخصيت
عبدالفتاح عباسي
عملي ۽ ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ئي شخص علمي ادبي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن. خاص طور قاضي عطا محمد عباسي کي ديني، ادبي توڙي سماجي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن شخصيت جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو آهي. پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو آهي. جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙي جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رکيو ويو. جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ سدائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. پنهنجي علمي ڏاهپ سبب، هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي، علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ، ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ لاءِ، صبح کان ويندي رات تائين، پنهنجي جڳهه جي صحن تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي، ڀروارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سميت، تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي مثال ڪوششون ورتائون. جنهنڪري علائقن جي اندر اهو قاضي خاندان، ”استاد خاندان“ جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو، جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو اهو چوندو رهندو هو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي پڙهنداسين.

11 July, 2015

خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح

خان بهادر خداداد خان
ڪتاب لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ آفيسن جو نئون سرڪاري نظام قائم ٿيو. نئون تعليمي نظام پڻ قائم ٿيو. غريب عربي جي تعليم ۽ سرڪاري عهدن تي رسائي ٿي. نئين تعليم نظام سان علم ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا . خود سنڌ جي تاريخ تي نئون ڪم شروع ڪيو ويو. ڪيترائي انگريز حڪمران سنڌ شناس هئا. هنن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مقامي ماڻهن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. ان ڏس ۾ خداداد خان وڏو نالو رکي ٿو، جنهن ”لب تاريخ سنڌ“ جهڙو معياري ڪتاب لکيو. خداداد خان پنهنجي ڪتاب لب تاريخ سنڌ جي ديپاجي ۾ لکيو آهي ته؛
”هي عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راضو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي. خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو ۽ اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو.“

فقير يعقوب علي شر - فقير مهتاب علي شر

فقير يعقوب علي شر
هڪ سنڌ سُڌارڪ
فقير مهتاب علي شر
صبر سڪ وڃايو، ننڊ ڦٽائي نينھن،
ڏاڍي عشق اليل، ڪئي محبت اٺا مينھن،
غلام حيدر گاج ڪئي، جيئن ٻيلي اندر شينھن،
رامزان راتيون ڏينھن، جانب لاءِ ئي ويو جيءَ ۾.
دنيا ۾ تمام ٿورا اھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي وڏا مقصد کڻي پيدا ٿيندا آھن. چوندا آھن ته ڪي ڪي ماڻھو اھڙا به ٿيندا آھن جن کي وسارڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪجي پر اھي ھميشه دلين ۽ ذھنن ۾ ھر ماڻھو کي ياد رھندا آھن. انھن جون مصريءَ جھڙيون مٺيون ڳالھيون چاھيندي به ڪو نه  ٿو وساري سگھجي. ڇو ته انسانيت جي خدمت اھڙي خدمت آھي، جيڪا ھميشه ياد رکي ويندي آھي.

03 July, 2015

حضرت سچل سرمست

سچل سرمستؒ

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي



نالو:

حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس.

02 July, 2015

بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي

بيمثال صوفي گائڪا

اختر درگاهي



اڄ روهڙي ۾ سنڌ جي نامياري صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ۲۹هين ورسي ملهائي پئي وڃي مائي صاحبا سنڌَ ۾ تصوف۽ راڳ جي حوالي سان هڪ نرالي شخصيت جي مالڪ هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات وڏڙن جي بتيلي تان ڪئي جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻن اهم درگاهن ڀٽ شاه ۽ حضرت هنباه جي فقيري فيض سان سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿي.

01 July, 2015

جمال ابڙو

جمال ابڙو
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي.
جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون.
جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي، هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي.