; سنڌي شخصيتون: قاضي، عطا، محمد، ادبي، ديني، شخصيت، عبدالفتاح، عباسي،
Showing posts with label قاضي، عطا، محمد، ادبي، ديني، شخصيت، عبدالفتاح، عباسي،. Show all posts
Showing posts with label قاضي، عطا، محمد، ادبي، ديني، شخصيت، عبدالفتاح، عباسي،. Show all posts

17 July, 2015

قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي

قاضي عطا محمد عباسي
ادبي ۽ ديني شخصيت
عبدالفتاح عباسي
عملي ۽ ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ئي شخص علمي ادبي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن. خاص طور قاضي عطا محمد عباسي کي ديني، ادبي توڙي سماجي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن شخصيت جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو آهي. پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو آهي. جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙي جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رکيو ويو. جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ سدائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. پنهنجي علمي ڏاهپ سبب، هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي، علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ، ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ لاءِ، صبح کان ويندي رات تائين، پنهنجي جڳهه جي صحن تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي، ڀروارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سميت، تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي مثال ڪوششون ورتائون. جنهنڪري علائقن جي اندر اهو قاضي خاندان، ”استاد خاندان“ جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو، جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو اهو چوندو رهندو هو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي پڙهنداسين.