; سنڌي شخصيتون: غلام شبير پيراهين

12 September, 2026

غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين

سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



غلام شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم ۲۰ محرم ۱۳۹۴هه/ ۱۳ فيبروري ۱۹۷۴ع تي اختيارو ڳوٺ تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم پنهنجي تَرَ مان حاصل ڪيائين، ۱۹۹۷ع ۾ سنڌي ۽ ايم اي ڪيائين کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان شغف آهي، جڏهن ته عملي زندگيءَ ۾ هُو پوليس کاتي جو ملازم هوندي به پنهنجي لکڻ پرهڻ ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقت ڪڍندو رهندو آهي، کيس هن ڏس ۾ ايوارڊ ۽ شيلڊون مليل آهن، لطيف سرڪار جي فن کي مختلف زاوين کان پرکڻ ڄڻ سندس حياتيءَ جو اهم حصو آهي، سندن ڇپيل ڪتاب لطيف شناسيءَ تي ئي آهن، جن جو ڳاڻيٽو هن وقت تائين ڇهه آهي، ۽ ان کانسواءِ انسائيڪلوپيڊيا شاهه جو رسالو (الف به وار) ٽي جلد آهن، ڪتابن جو تفصيل ۽ مواد هيٺين ريت آهي.


شهنشاهه لطيف رح ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو: ترتيب ۽ تحقيق سان غلام شبير تيار ڪيو جو سمبارا پبليڪيشن ۲۰۱۶ع ۾ شايع ڪيو پنجن بابن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهورت ۱۶ نومبر ۲۰۱۶ع تي سيد سردار شاهه هٿان ٿيو مهاڳ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومري ۽ ٻه اکر ڪريم بخش چنا لکيا آهن، پٺ پنو ڊاڪٽر احسان دانش طرفان ته ارپنا پير حسام الدين راشديءَ جي نانءُ آهي، مٿين ڪتابن مطابق پهرين باب ۾ سوانح (شهنشاهه لطيف) شاهه حبيب جي شادي، شاهه حبيب جو ڪوٽڙيءَ لڏي اچڻ کان شاهه جي وفات تائين ذڪر آهي، شهنشاهه لطيف جا گادي نشين سيد جمال شاهه کان سيد وقار حسين تائين ٻارهن جي باري ۾ مختصر ذڪر سان گڏ رسالي جا ناياب بيت ڏنل آهن، ٻيو باب شهنشاهه لطيف کان اڳ جا بزرگ شاعر خواجه فريد الدين عطار، خواجه معين الدين چشتي ”اجميري“ کان شاهه لطف الله قادري تائين بيان ڪيل آهن، ٽئين باب ۾ شهنشاهه لطيف جي دور جا بزرگ شاعر ۾ بُلا شاهه، مخدوم محمد معين ٺٽوي، ميان صاحبڏنو فاروقي کان شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ تائين آهن.

پيئي جن پرک: فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ ڇپيو مهاڳ اعجاز علي ممنائي ٻه اکر راهب لاڙڪ لکيا آهن ته انتساب ليکڪ جي والدين جي نالي آهي، چئن بابن ۽ ۱۴۴ صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب ۾ باب پهريون (شاهه جا سُر آهي، جنهن ۾ آيل سُرن ۾ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سُهڻي، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو مان چونڊ آهي، ٻيو باب مضمونن تي آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو قومي ۽ دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سنڌ جاولي، حضرت شاهه عبدالڪريم لعل شهباز قلندر، سچل سرمست رح، شاهه سائينءَ جو ترائي تان ڀيرو ۽ سندس اوتار شاهه عبدالطيف جون مخدوم محمدي سان رهاڻيون، شهيد صوفي شاهه عنايت، ٽيون باب مقالا عنوان سان آهي، جنهن ۾ ۸تحريرون آهن، جن۾ لطيف سرڪار جي پير موسيٰ شاهه سان ”لوءِ صاحبان“ ۾ رهاڻ، صوفي شاهه عنايت شهيد، لطيف سائين جون ”کهڙا“ ۾ ست ڏينهن ۽ روح رهاڻيون، شاهه جي نظر ۾ محبت، شهنشاهه لطيف محققن، اديبن ۽ شاعرن جي نظر ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ”اٺ“ جو تاريخي پس منظر، ڪاماري جا قرب ڳڻيان آهن، چوٿون باب ليکڪ جي ڪتابن بابت تبصرن تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، رکيل مورائي ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ آيل سندن ڪتابن جو تعارف آهي، هن ڪتاب ۾ آيل سڀ ليک مقالا نٿا شمار ڪري سگهجن جو مقالو حواله جاتي هجي ٿو.

شاهه لطيف جو اعليٰ مقام: ۳۶۶ صفحن جو هڪ ناياب ڪتاب آهي، جنهن کي تحقيق ۽ ترتيب سان غلام شبير ۲۰۱۹ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچيءَ  وٽان ڇپايو، جنهن ۾ لطيف شناس ليکڪن، عالمن ۽ اديبن جا شاهه لطيف وٽان ڇپايو. جنهن ۾ لطيف شناس ليکڪن، عالمن ۽ اديبن جا شاهه لطيف جي بابت مختصر رايا شامل آهن.

شاهه جو شاعراڻو فڪر زمان ۽ مڪان جي قيد کان ان معنيٰ ۾ آزاد آهي ته هُن هڪ پل ۾ صدين کي سهيڙيو ۽ سمايو آهي، چند ڪردارن جي ويس ۾ دنيا جي هر انسان جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي

شاهه جون وايون تحقيقي جائزو: ۲۰۲۱ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس ۳۷۳ صفحن تي شايع ڪيو، مهاڳ پروفيسر اعجاز قريشي، غلام شبير جو تعارف ڪريم بخش چنا، پيش لفظ ڊاڪٽر اڪبر علي ڍڪڻ، پيراهين جو عشق سان ڪيل پورهيو ڊاڪٽر شير مهراڻي، تاليف ٺاهڻ جا ۷ شرط آهن، ڊاڪٽر محمد علي محمدي لکيا آهن، ۱۵ صفحن جو مقالو ”وائي جي تاريخ ۽ تحقيق“ غلام شبير پيراهين جو لکيل آهي، هن ڪتاب ۾ ڪل ۴۵۲ وايون آهن جي لطيف سرڪار جي ۳۲ رسالن ۽ واين جي ترتيب ڏنل ڪتابن مان آنديون ويون آهن، واين جي فهرست پهرين صفحي کان ۲۴ صفحن تائين آهي، اهي وايون (الف، ب) جي ترتيب سان سهيڙيل آهن، شروعات ”آتڻ ۾ سَڀَ ويهي دُعا ڪريجاههُ جيڏيون!“ کان ”يا علي! يا علي! سِرِ يَتيمَن جي آئي!“ تي پڇاڙي ڪندي محقق اعرابن سان واين کي سينگاري ڪتاب کي ترتيب ڏنو آهي،

انسائيڪلوپيڊيا شاهه جو رسالو (الف، ب وار) جا ٽي جلد: پهرين آگسٽ ۲۰۲۴ع ٻيون فيبروري ۲۰۲۵ع  ۽ ٽيون جلد آگسٽ ۲۰۲۵ع ۾ ڇپيا آهن، پهرين جلد جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي ۽ ”کُنڊي لڌي کاڻ“ عنوان سان ليک ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ لکيا آهن پروفيسر سرور سيف ۽ ڪريم بخش چنا جا ليک شامل آهن، طويل مقدمو ۲۲ کان ۶۱ صفحن تائين محقق پاڻ جو لکيو آهي، جنهن ۾ هُن شاهه صاحب جي رسالي جي انسائيڪلو پيڊيا جي اهميت، افاديت ۽ پنهنجي طرفان ڪيل ڪم جو وچور ڏنو آهي، الف ب وار آيل هن پهرين جُلد ۾ بيتن جو تعداد ۲۵۰۵ ۽ وايُن جو ڳاڻيٽو ۱۴۲ آهي، شامل اکرن جو تعداد ۱۶۹۸۲۶ آهي، شامل اکرن جو تعداد ۱۲ آهي، جن ۾ (الف، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ) شامل آهي، پهرين جلد جي صفحن جو تعداد ۶۶۹ آهي، هر اکر جي لاءِ آيل بيتن جو وچور فهرست ۾ شامل آهي، جيئن (آ) سان آيل بيتن جو تعداد ۲۱۳ آهي، جي صفحي ۰۲ کان ۴۲ نمبر صفحي تائين آهن (ا) اسان آيل بيتن جو ڳاڻيٽو ۴۰۶ آهي. جي ۴۳ کان ۱۲۰ صفحي تائين آهن. اهو فهرست ۾ آيل وچور لطيفي شيدائين توڙي محققن ۽ شاگردن لاءِ بيت کي الف ب وارا ڳولهڻ ۾ سهنجائي پيداڪري ٿو پيو، هن جُلد جا آخري ۲ صفحا مددي ڪتابن ۽ رسالن جي ببليو گرافي آهن، ڀٽائي پبليڪيشن جي اداري هن انسائيڪلو پيڊيا جُلد پهرين کي شايع ڪيو آهي.

انسائيڪلو پيڊيا شاهه جو رسالو (الف ب وار) (جلد ٻيون) ۾ بيتن جو ڳاڻيٽو، ۲۵۸۰ وايُن جو ڳاڻيٽو ۱۲۳ ۽ شامل اکرن جو ڳاڻيٽو ۱۵۶۵۰۷ آهي ۽ شامل اکرن جو تعداد ۲۵ آهي جن ۾ (جهه، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، س، ش، ص، ض ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ) شامل آهن، ڀٽائي پبليڪيشن پاران ڇپيل هن جلد ۾ محقق پاران مهاڳ سندس هن تحقيقي سفر ۽ انسائيڪلو پيڊيا جي بابت تفصيل موجود آهي، هن جلد ۾ آيل لفظن جو تعداد ۱۵۶۵۰۷ ۽ ۵۹۰ صفحن تي آڌاريل آهي.

انسائيڪلو پيڊيا شاهه جو رسالو (الف ب وار) جلد ٽيون، هن جلد ۾  بيتن جو تعداد ۱۹۷۳ ۽ واين جو تعداد ۱۵۶ آهي ۽ شامل اکرن جو ڳاڻيٽو ۱۲۷۳۵۶ ۽ الف وار اکرن جو تعداد ۱۰ آهي، جي (ک، گ، ڳ، گهه، ل، م، ن، و هه، ي) آهن، ٽيون جلد ۴۸۴ صفحن تي ڀٽائي پبليڪيشن ۲۰۲۵ع جي آگسٽ ۾ شايع ڪيو آهي، سنڌي ۵۲ آکرن مان ۴۷ اکرن تي شاهه لطيف جا بيت ۽ وايون ٽنهي جلدن ۾ آيا آهن، جڏهن ته ۵ اکرن جن ۾ (ڃ، ڙ، ڱ، ڻ، ء) سان شاهه صاحب جو ڪو به بيت يا وائي شروع نٿو ٿئي، هن جُلد ۾ محقق پاران مهاڳ آيل آهي، ٽنهي جُلدن ۾ ۷۰۵۸ بيت ۽ ۴۲۱ وايون جملي ۷۴۷۹ شاهه لطيف جي شاعري شامل آهي، ٽنهي جلدن جا ۱۷۴۳ صفحا ۽ لفظن جو ڳاڻيٽو ۴۵۳۶۸۹ آهي، غلام شبير پيراهين موجب هُو  ڳچ وقت کان ريڊيو لسنر هيو جنهن سان کيس لطيف سرڪار بابت پروگرامن اُتساهه ڏياريو ته هُو سندن جي باري ۾ تحقيق ڪري شروعاتي ڪم ۾ ڪجهه ڪچايون هوندي به گهڻيءَ محنت ۽ شاهه لطيف سان عقيدت محبت بلڪه عشق کانئس هي وڏو ڪم ڪرايو سندس جي ڪتابن ۾ شاهه لطيف جو اعليٰ مقام ۽ انسائيڪلو پيڊيا جا هي ٽي جلد هڪ منفرد ۽ نئين نموني جا ڪم آهن جن کي سٺي مڃتا پڻ ملي آهي، سندس پورهيو هميشه نشانبر هوندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا