غلام شبير پيراهين
سندس لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
غلام
شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم ۲۰ محرم ۱۳۹۴هه/ ۱۳ فيبروري ۱۹۷۴ع تي اختيارو ڳوٺ تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم
پنهنجي تَرَ مان حاصل ڪيائين، ۱۹۹۷ع ۾
سنڌي ۽ ايم اي ڪيائين کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان شغف آهي، جڏهن ته عملي زندگيءَ ۾
هُو پوليس کاتي جو ملازم هوندي به پنهنجي لکڻ پرهڻ ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقت ڪڍندو
رهندو آهي، کيس هن ڏس ۾ ايوارڊ ۽ شيلڊون مليل آهن، لطيف سرڪار جي فن کي مختلف
زاوين کان پرکڻ ڄڻ سندس حياتيءَ جو اهم حصو آهي، سندن ڇپيل ڪتاب لطيف شناسيءَ تي
ئي آهن، جن جو ڳاڻيٽو هن وقت تائين ڇهه آهي، ۽ ان کانسواءِ انسائيڪلوپيڊيا شاهه
جو رسالو (الف به وار) ٽي جلد آهن، ڪتابن جو تفصيل ۽ مواد هيٺين ريت آهي.