; سنڌي شخصيتون: سيد خادم سبحان ڏاڏاهي - مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي - مٺل جسڪاڻي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پروفائيل انٽرويو - مٺل جسڪاڻي
هر لکندڙ جا مقصد يا لکڻ جا سبب ڪهڙا به هجن، پر ان جو تعلق ان جي من اندر جي احساسن سان هجي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته هر انسان جا احساس ٿين ٿا، پر ان جو اظهار فقط اهي ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا، جن کي مالڪ اهڙي ڏات سان نوازيو آهي. معيار جا ته پنڌ پري آهن، پر آئون به الله سائين جي انهن بندن مان هڪ آهيان، جنهن کي رب پنهنجي احساسن جي اظهار جو ٿورو گهڻو سليقو ڏنو آهي. منهنجي لکڻ جا سبب به منهنجي حساس طبيعت ۽ منهنجا احساس ئي آهن، جيڪي هن جهان ۾ جيئندي، آئون سنڌ ۽ سڄڻَ لاءِ محسوس ڪندو آهيان“. اهڙن خيالن جو اظهار سيد خادم سبحان ڏاڏاهي ڪيو، جنهن جو پورو نالو سيد خادم حسين ڏاڏاهي ولد سيد سبحان علي شاھ ڏاڏاهي آهي. هن ٻڌايو ته ”تعلقع ۽ ضلع ٽنڊو الهيار جي تاريخي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ ۵ جنوري ۱۹۶۱ع تي اک کوليم. وڏا ڏاڏاھ تعلقو ٽنڊو باگو کان هجرت ڪري بڪيرا شريف آيا، ان ڪري ڏاڏاهي سيد سڏجڻ لڳاسين. هن وقت ڪراچي، حيدر آباد، ٽنڊوالهيار، جهڏو، ٽنڊو باگو ۽ بڪيرا شريف ۾ ڏاڏاهي سيد آباد آهن“.


ڏاڏاهي سيدن جي تاريخي نسبت سان سيد خادم سبحان ڏاڏاهي ٻڌايو ته ”ڏاڏاهي سيد پنهنجو شاندار ماضي رکن ٿا، جنهن جو ذڪر سائين ماڪن شاھ رضوي، سنڌ جي عوامي شاعر سيد مرتضى ڏاڏاهي جي شاعري ۽ شخصيت تي لکيل ڪتاب ”ٿورا نه ٿورا...“ ۾ صفحي نمبر ۳۹ تي ڪندي لکي ٿو ته ”ڏاڏاهي سيدن جي اُها ڏاڏاھ جاگير چون ٿا ته ۳۶ هزار ايڪڙن تي پکڙيل هئي ديهه، تپو ته ڇا پوري يونين ڪائونسل ڏاڏاهه سڏبي هئي...“ هن ٻڌايو ته ”ان پاسي جي هر عام ۽ خاص ماڻهو جي زبان تي ڏاڏاهي سيدن جي بادشاهي، انهن جي شفيق ۽ منصف هجڻ جا قصا عام ملندا، اهوئي سبب آهي جو مون سميت هر هجرت ڪري ايندڙ پاڻ کي ڏاڏاهي سڏائڻ ئي بهتر سمجهيو ۽ پنهنجي جنم ڀومي ڏاڏاھ جو حلالي پُٽُ هجڻ جو ثبوت ڏيندي، ڏاڏاهي ئي سڏايو. سيد خادم سبحان چيو ته ”بڪيرائي هجڻ تي پڻ ناز اٿم، جو هي سر زمين درويشن ۽ الله وارن جي سر زمين آهي. ساداتن ۾ اسان جو پاڙو مٽياري ۽ امام سائين جي نسبت سان اسان ڪاظمي آهيون.“
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي جي تعليم بي. اي. ۽ بي. ايڊ. آهي ۽ ۱۴.۰۴.۱۹۸۶ کان بطور استاد قوم جي خدمت ڪري رهيو آهي. کيس پنهنجو فرض ادا ڪندي تعليم کاتي پاران روڪ رقم، تعريفي سرٽيفڪٽَ ۽ بهترين هيڊ ماستر جو اعزاز ۽ شيلڊ پڻ ملي چڪي آهي. هن چيو ته ”منهنجو روح بي چيني ۽ بيقراري شايد لوح محفوظ کان ساڻ کڻي آيو آهي. تنهن ڪري مطمئن يا خوش، منهنجي لاءِ اڄ به نوان لفظ آهن، جن جي معنى کان بي خبر آهيان. باقي بطور استاد پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ٿو ڪريان“.
جڏهن مون کانئس پڇيو ته ”اوهان ڪهڙين ڪهڙين صنفن ۾ لکيو آهي؟ ۽ ڪهڙي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي؟“، ته جواب ڏنائون ”شاعري يا تڪبندي، مون گهڻو وقت اڳ شروع ڪئي هئي. جيڪا مون کان هڪ شوقيه فنڪار دوست کڻي ويو. جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي وي. سي. جو پي. اي. به هو. جيڪا پوءِ مون کي نه ملي ۽ بد قسمتي سان ان جي ڪا به ڪاپي وغيره مون وٽ موجود نه آهي. ان کان پوءِ ڪافي عرصو شعر و ادب کان، لکڻ پڙهڻ کان ڪٽيل رهيس. باقي مون غزل وڌيڪ لکيو، وائي به لکي، نثر ۾ ڪهاڻي، تاثرَ، نثري ٽڪرا ۽ مختلف موضوعن تي مضمون به لکيم“. هن ٻڌايو ته ”منهنجي شاعري، جيڪا مون ننڍي عمر ۾ ڪئي، سا عبرت اخبار ۾ ڇپي، جڏهن شهزادو گلفام هڪ صفحي جو انچارج هوندو هو، جنهن مان هڪ مزاحيه نظم اڄ به مون وٽ موجود آهي“. هن چيو ”ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي اخبار سوال ۾ ٻه آرٽيڪل ڇپيا، ان کان علاوه، جڏهن ٻيهر لکڻ شروع ڪيم ته عبرت اخبار، ڪاوش اخبار، عبرت مئگزين، ڪاوش نازڪ مئگزين، سماجي دنيا مئگزين، مقامي اخبار انڪشاف ۽ شعراءِ ٽنڊوالهيار ڪتاب ۾ به مواد ڇپيو آهي، جنهن ۾ نظم ۽ نثر شامل آهي“.
هڪ سوال جي جواب ۾ خادم سبحان ڏاڏاهي چيو ”هن وقت منهنجو ڪو به ڇپيل مجموعو نه آهي، باقي نظم يا نثر، يا جيڪي ڪجهه به لکان پيو، سو ”دردَ جون بي ساکيون“ نالي سان ڪتاب ڇپائڻ لاءِ گڏ ڪندو اچان. جڏهن به مواد ڪتاب جيترو ٿيو، ته انشاءَالله اوهان جي دعا سان ضرور ڇپائيندس“. هن چيو ته ”هتي ادبي سرگرميون نه هئڻ ئي منهنجي سڀ کان وڏي بدنصيبي هئي. اهو ئي سبب آهي جو آئون ادبي دنيا ۾، اڄ ان مقام تي نه آهيان، جتي هجڻ کپان“. هن چيو ته ”مون کي به ادبي ماحول ملي ها ته آئون به، مون سان گڏ لکندڙ ۽ عبرت اخبار ۾ گڏ ڇپجندڙ راهي چنا ۽ ٻين جيان، گهڻو وقت اڳ، ڪو مقام حاصل ڪري وٺان ها. ان هوندي به ”بزمِ مرتضى“ بڪيرا شريف شاخ جي صدر جي حيثيت سان بڪيرا ۾ واحد مشاعرو ڪرائڻ جو شرف حاصل اٿم“. پاڻ ٻڌايائين ته ”وقت به وقت ادبي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو آهيان، پر ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ ۽ وسيلا نه هئڻ ڪري، ڪنهن وڏي ادبي شخصيت سان ڪو به لڳ لاڳاپو نه رهيو آهي. اڳي سوشل ميڊيا، يا اهڙا ڪي ٻيا وسيلا ميسر نه هئا، جهڙا هاڻي آهن. مون گهڻي زندگي ٻهراڙيءَ ۾ بسر ڪئي آهي ۽ اها ئي محبوب لڳيم ٿي. شهرن ۾ منهنجو دم گُهٽجندو آهي“.
سندن خاندان ۾ تعليم جي رجحان تي ڳالهائيندي چيائين ته ”خاندان ۾ تعليم جو رجحان مناسب آهي. ٻه ٽي ڊاڪٽر آهن، ڪافي سارا سرڪاري ملازمت ڪن ٿا، جن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر تائين جي پوسٽ جا به شامل آهن. جيڪي مائٽ شهرن ۾ اچي آباد ٿيا آهن، سي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن“. هن چيو ته ”بڪيرا شريف ۾ لکيل پڙهيل ماڻهو گهٽ هئڻ ۽ پنهنجي تنهائي پسند طبيعت جي ڪري، منهنجو ماڻهن سان لڳ لاڳاپو گهٽ رهي ٿو. باقي سماجي سرگرمين ۾حصو وٺندي، خاص ڪري ڪمپيئرنگ ڪندي، مختلف ماڻهن ۾ ڪافي سڃاڻپ ملي اٿم. ريڊيو پاڪستان جو ڪمپيئر سائين رياض بلوچ، جيڪو منهنجو ٽريننگ ڪاليج جو استاد به آهي، ڪمپيئرنگ ۾ منهنجو استاد آهي، خاص ڪري اسڪرپٽ لکڻ ۾“. هن چيو ته ”منهنجو ڏاڏو سيد پريل شاھ ڏاڏاهي زميندار۽ ڳوٺ جي معزز ۽ بااثر شخصيتن مان هڪ هو، ان ڪري سندس اولاد اڄ به ٿوري گهڻي زرعي زمين جو مالڪ آهي. اسان وٽ به مالڪ جي ڪرم سان ٻه ٽي ايڪڙ پنهنجي ٻني آهي“.
ڪتابن، ليکڪن ۽ مختلف صنفن جي حوالي سان ڳالهائيندي خادم سبحان ڏاڏاهي چيو ”ڪتاب سڀ سٺا آهن، پوءِ اهي ڪهڙي به موضوع تي لکيل ڇو نه هجن. ڪتاب علم ۽ آگاهي جا ڀنڊار آهن ۽ زندگيءَ جي سفر لاءِ زادِ راھ آهن. مون اردو شاعري گهڻي پڙهي آهي، جنهن ۾ مون کي ناصر ڪاظمي ۽ احمد فراز خاص طور تي وڻندا آهن ۽ نثر ۾ مون خليل جبران ۽ امر جليل کي گهڻو پڙهيو آهي ۽ آئون اڃا اهو فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ته خليل عظيم آهي يا جليل؟ ان کان علاوه سهڻي مئگزين ۾ ڇپجندڙ هر ليکڪ کي پڙهندو هوس. ڪهاڻيڪارن ۾ عبدالقادر جوڻيجو سٺو لڳندو اٿم ۽ الطاف شيخ جا سفرناما به تمام گهڻا وڻندا آهن. باقي مرشد لطيف سرڪار جو رسالو ته بي مثال آهي، خاص ڪري سُر ساموندي پڙهندي، اڪثر اکيون آليون هونديون اٿم. موجوده شاعرن ۾ ايوب کوسو لاثاني لڳندو اٿم. سوشل ميڊيا تي موجود شاعرن ۾ رضا بخاري، جميل سومرو، فياض جتوئي، سعيد ميمڻ، مصطفى آڪاش، علي منصور، مرتضى شيخ ۽ ٻيا به ڪافي سارا شاعر سٺا لڳندا اٿم“.
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي چيو ”مون ڪڏهن سنڌ امڙ جي سورن کي محسوس ڪري ”منهنجي سنڌ سَڙي پئي“ وائي لکي، ته ڪڏهن وري قدرتي آفتن سبب ديس ۽ ديس واسين کي پهتل تڪليف کي محسوس ڪندي ”مالڪ توڏي، ڏسندي ڏسندي“ لکيم، يا وري دلبر جي دوري سبب زندگي زهر جيان محسوس ڪندي لکيم“ ۽ پوءِ هي سٽون ٻڌايائين:
موت بي معنى آ مون لاءِ، مان مَري جيئندو رهيس،
پر جي آهي ڪو اجل، سا تنهنجي ڏُوري لڳي.
آسَ تنهنجيءَ سان ٻَڌل، تون نه ايندين جو ٻُڌي،
ٽٽندي ٽُڪرا ٿيندي، ساھَ جي ڏوري لڳي.
مون خادم سبحان ڏاڏاهي کان پڇيو ”عام پڙهندڙ کي اوهان پنهنجون ڪهڙيون خصوصيتون ٻڌائڻ پسند ڪندا؟“، ته هو وراڻيو ”پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن کي دخل ڏيڻ يا ڪنهن جي ذاتي معاملات ۾ دخل ڏيڻ کي سخت نا پسند ڪندو آهيان. پنهنجي ذات سان وابسته راز يا ڪنهن به ماڻهو بابت معلوم راز کي، ڪڏهن به ڪنهن سان شيئر نه ڪندو آهيان ۽ اهڙين ڳالهين لاءِ دل کي قبرستان بنائي رکيو اٿم. خاص ڪري متڪبر انسان بلڪل نه وڻندو اٿم... وڏن ماڻهن ته نه چوندس، پر مالدارن کان ڏور رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان“.
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي جو خيال آهي ته ”ريڊيو، ٽي وي، اخبارون ۽ رسالا، سڀ پنهنجي جاءِ تي، وس آهر، پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پر آئون سمجهان ٿو ته اخبارون انهن سڀني کان اڳيان آهن. خاص ڪري ادبي حوالي سان، مختلف ادبي صفحن ذريعي، هو جيڪا ادبي خدمت ڪري رهيا آهن، سا قابل تعريف آهي. باقي هڪ خرابي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندي آهي، ته معيار کان وڌ دوستي ۽ لڳ لاڳاپن کي اهميت ڏني ويندي آهي. ائين نه ٿيڻ گهرجي. ريڊيو ۽ ايف ايم جي هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن جا ڪافي سارا لسنر آهن، ان لاءِ لکڻ وارن کان، ان جا ٻڌندڙ گهڻا آهن. هتي ڪچو ڦڪو لکيل به هلي ويندو آهي ۽ اهو سٺو عمل آهي، ڇو ته ائين ئي نوان لکندڙ پيدا ٿي سگهن ٿا. ريڊيو، ٽي وي يا ڪٿي به مواد اچڻ سان حوصلي افزائي ٿئي ٿي. باقي ٽي وي، سياسي ۽ سماجي حوالي سان ته صحيح آهي، پر ادبي حوالي سان سندس ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي“.
علمي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان انٽرنيٽ متعلق ڳالهائيندي هن چيو ته ”انٽرنيٽ هر لحاظ سان، هن دور جو اهم ترين ذريعو آهي، جنهن وسيلي ماڻهو، زندگي جي ڪنهن به شعبي يا ذات سان لاڳاپيل، ڪنهن به مسئلي تي دل کولي اظهار ڪري سگهي ٿو، جنهن کي پڙهيو به وڃي ٿو. انٽرنيٽ علم جي حوالي سان هڪ سمنڊ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي انت ۽ ڪناري جو ڪو پتو ناهي. علم جي اڃارن لاءِ، پنهنجي اُڃَ اجهائڻ لاءِ، هي بهترين وسيلو آهي. خاص ڪري انهن لاءِ، جيڪي انگلش تي عبور رکن ٿا يا لکي پڙهي ۽ سمجهي سگهن ٿا. تنهن ڪري آئون پنهنجي قوم کي اپيل ڪندس، ته ايندڙ وقت انگلش جو آهي، پنهنجي اولاد کي علم جي هٿيار سان ليس ڪرڻ لاءِ انگلش پڙهايو... ادبي ۽ سماجي حوالي سان به انٽرنيٽ جو ڪردار لاجواب آهي. خاص ڪري نون لکندڙن جي صلاحيتن ۽ قلم جي قوت کي دنيا آڏو پيش ڪري، مانَ ڏيارڻ ۾ انٽرنيٽ جو اهم هٿ آهي. اڄ آئون به شايد اوهان لاءِ اڻڄاڻ هجان ها، جيڪڏهن انٽرنيٽ منهنجو وسيلو نه بنجي ها. انٽرنيٽ اهڙين معتبر ۽ مهربان شخصيتن سان ملڻ يا ڳالهائڻ جو ذريعو به آهي، جن سان ملڻ، ڳالهائڻ يا انهن کان ڪو فيض وٺڻ تقريبن ناممڪن آهي. انٽرنيٽ عالمي اوطاق هجڻ ڪري، هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو به فراهم ڪري ٿو. انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي ديس، دين ڌرم ۽ ٻولي لاءِ ڪافي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، جيئن ڪجهه دوست سنڌ سلامت ۽ اهڙن ٻين وسيلن سان خدمت ڪن پيا. هتي محمد سليمان وساڻ صاحب کي وسارڻ نا انصافي ٿيندي، جنهن پاڻ کي پنهنجن ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي.
مون سيد خادم سبحان ڏاڏاهي کي چيو ”توهان پنهنجي پاڻ کان ڪهڙو سوال پڇندا؟“ ته وراڻيائين ”پنهنجي پاڻ کان ته مون هميشه پنهنجو پتو ئي پڇيو آهي، جنهن جو جواب اڃا نه مليو اٿم! آئون ڪير آهيان؟ ڪٿان آيو آهيان؟ هتي ڇو آهيان؟ ۽ آخر منهنجي منزل ڇا آهي؟ من ۾ متل طوفانن ۽ بدلجندڙ عجيب ڪيفيتن جو اصل ڪارڻ ڇا آهي؟ جن جو اظهار آئون پنهنجن تحريرن ۾ به ڪري چڪو آهيان. مثال ”ايئن ڇو آهي“ جي عنوان سان منهنجي تحرير ۾ به اهڙو ئي اظهار ڪيل آهي.“
ايئن ڇو آهي“ ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي لکي ٿو ”ہن وقت آئون حيدر آباد شهر جي هڪ خوبصورت مقام تي موجود آهيان. هر طرف حُسن ۽ جواني رقص ڪري رهي آهي، ۽ هر چهرو خوشيءَ وچان بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڪنهن گلاب جيان ٻهڪي رهيو آهي. خوبصورت لائٽنگ، بخملي پردا ۽ عمده قيمتي قالين، ماحول کي ويتر پرڪشش بنائي، هر ماڻهو جي دل ۽ ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي رهيا آهن. مگر هي دل ڪوما ۾ پيل ڪنهن مريض وانگي ساڪن آهي! اک جي ڪيمرا، جيڪا به تصوير، انساني وجود جي، هن مرڪز ڏانهن موڪلي ٿي، ته رد ڪئي ٿي وڃي. ائين ڇو آهي ته منهنجي دل هجوم ۾ به هيڪل ۽ ماٺ هوندي آهي ۽ ڪڏهن ته تنهائي ۾ به کلندي ۽ جهونگاريندي رهندي آهي؟... هي دل ڇا ٿي چاهي؟ هن کي ازل کان اهڙي ڪهڙي شيءَ جي تلاش آهي، جنهن جي جستجو هن کي هميشه کان متحرڪ به رکيو آهي، ته ڪڏهن نا اميدي جي احساس ۾ جڪڙي، ڪنهن مردي جيان بي جان به بنائي ڇڏيو آهي!... ڇا اِها زندگي ته ناهي؟ اها حقيقي زندگي، جيڪا پيار ۽ پنهنجائپ جا املھ احساس محسوس ڪري گُذاري وڃي، پر اها زندگي ته هن دنيا جِي خلا جي ڪنهن بليڪ هول ۾ گم ٿي ويل، ڪنهن ڪهڪشان جيان آهي، جنهن جي تلاش ممڪن ئي ناهي... پوءِ ڇو اُنَ يقين کان پوءِ به منهنجي تلاش ۽ جستجو ماٺي نه ٿي ٿئي، من ۽ تن اندر تات، طلب ۽ تانگهه جا هي تڙپائيندڙ احساس، ڇو شدت اختيار ڪندا وڃن، وجود جي راک جي ڍير ۾ بچيل، اها ڪهڙي چڻنگ آهي، جيڪا حالات جي هوا سان ڀڀڙ بنجي، ڪا اڻڄاتل اميد جاڳايو وڃي... ڇو مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته منهنجي دل ڪنهن ضدي ٻار جيان روئي ۽ تڙپي رهي آهي ۽ فطرت جا هٿَ ڪنهن شفيق ماءُ جيان کيس ٿڦي ته رهيا آهن، پر اُن جِي گُهرَ، جنهن لاءِ هُوءَ تڙپي رهي آهي، پوري ڪرڻ نه چاهيندا هجن... ڇو ڪڏهن اڪيلو هوندي به ڊسمبر جي سرد ۽ طويل ترين رات جي سانتِ به ٻيجل جي چنگ جي سريلي صدا بنجي، روح جي پاتال ۾ لهي، من موهي وجهندي آهي، ته ڪڏهن خوشين جي علامت شرنائي جو آواز به ڪنهن يتيم جي پِٽِڪي يا ڪنهن بيواهه جي سُڏڪي وانگي روح ۾ نشتر ٿي لڳندو آهي؟“
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي چوي ٿو ”منهنجو لکيل هر لفظ، مون لاءِ منهنجي محبوب جيان محبوب آهي. ان مان انتخاب ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو عمل آهي. تنهن هوندي به ڪجهه غزلن مان چند شعر عرض ڪريان ٿو“. هن هيٺيون سٽون ٻڌايون:
مرڪڻ تنهنجو مرهمن وانگر،
اندر منهنجو زخمن وانگر!
من جي هن ڪشڪول لاءِ مٺڙا،
پيار تنهنجا هن پدمن وانگر!
منهنجي قابل ناهين خادم،
لفظ لڳا سي پٿرن وانگر!
***
توکي ڏسڻ لاء اکيون، التجائون ڪنديون رهيون،
پل پل تڪيندي راهون، صدائون ڪنديون رهيون.
ننڊ ۾ به جاڳندي مون، يادون تنهنجون ڏٺيون،
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديون رهيون.
خود سان ڪري بغاوت، خادمَ ڪيون ٿي آزيون،
اعتراض ڪئين هزارين، انائون ڪنديون رهيون.
***
زلفن سان تنهنجي سهڻا، شام و سحر ٿئي ٿِي،
گُلڙا ٽِڙِي پون ٿا، تنهنجي قدم رکڻ سان.
تنهنجي بدن جي خوشبو سان ئي چمن ٿا مهڪن،
معطر هوا ٿئي ٿِي، توکي صنم ڇهڻ سان.
ڪوڙهيل وجود منهنجو، اکيون تنهنجون مسيحا،
خيراتِ زندگي ڏي، مرڪي مٺا ڏسڻ سان.
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيٺئين وائي به ٻڌائي:
ڌرتيءَ سان دوکا روز نئون آزار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي اڃا اهو ويچار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
ڌڻي دڳن ۾ رُلي ويا ۽ ڌارين سُک سُڪار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
انِياءُ جي اونداھ ۾ پاڻ ٻَرِي ڪا ٻار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
سوچ سُتِي پوءِ جيئڻ ڪهڙو جاڳي جڳ جيار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
سدا فضا ۾ رهيو ڪيڏارو مُرڪي ڇيڙ ملهار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
ڀاڱا بنجي وڃي نه سنڌڙي مِڙيا جنهن تي مَڇَ هزار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
خادم‘ جيسين سنڌ سُڏڪي پئي ڪهڙو چين قرار،
منهنجي سنڌ سَڙي پئي.
قدرتي آفتن سبب ديس ۽ ديس واسين کي پهتل تڪليف کي محسوس ڪندي سيد خادم سبحان ڏاڏاهي لکي ٿو:
پنهنجون بستيون پنهنجون وستيون، اکين آڏو ٻڏندي ڏسندي،
سنڌ سموري روئي رڙي پئي، مالڪ توڏي ڏسندي ڏسندي.
ساھ سان سانڍي پيار سان پالي، جن لاءِ جاڳي سجَ اڀارين،
تن کي مٺڙي ماءُ هٿن ۾، روئي ڏسي پئي مرندي مرندي.
جنهن اڱڻ تي جنم وٺي ڪنهن، ورھيه گذاريا ويڙهي سان،
ان اجهي ڏانهن ڪنڌ ورائي، ڪوئي ڏسي ٿو روئندي روئندي.
پين ڪتاب رانديڪا ۽، ماءُ جي مٺڙي هنج ڇڏي ڪو،
بندَ تي بيٺو دانهون ڪري پيو، ٻار سڏي پيو ڏڪندي ڏڪندي.
مينهن ۾ آهي ساھ اسان جو، شال وسي هر سال وسي،
پر اَي مالڪ اجها اسان جا، ائين نه ٻوڙي گجندي گجندي.
جن جا اجڙي گهر ويا هن، ڳوٺ ٻڏ ي سڀ شهر ويا هن،
خادم تن کي شال ڏسان مان، پنهنجي پٽن تي کلندي کلندي.
عيد سعيد جي موقعي تي سيد خادم سبحان ڏاڏاهي لکيو:
اسان وٽ نه آهي، ڪٿا ڪا خوشي جي،
رڳو درد دانهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
پرينِ ۽ پکن کان، ڇڄي دربدر ٿي،
ڀري روز آهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
تتل ٽينٽ ٻُوسٽ، ۾ ٻچڙن جون رڙيون،
سهي هي سزائون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
هي روڊن ۽ رستن، بندن تي بسيرا،
ويون سڀ پناهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
سڄو ڏينهن واٽن تي، مانيءَ ڳڀي لاءِ،
تڪي روز راهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
خالي پيٽ ٻچڙن جون، بيوس امڙ ڏانهن،
نماڻيون نگاهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
وساريان ڀلا ڪيئن، تو ٻڏندي جو سڏيو،
کڻي ٻئي ٻانهون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
متل آهي ماتم، ڪو خادم جي من ۾،
ڏکويل فضائون، ڪبيون ڪهڙيون عيدون؟
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي دعا گهري ٿو ۽ لکي ٿو:
الله سنڌ امڙ کي، تون محفوظ رکجان،
ويون قهر بنجي، ڇو ڪاريون گهٽائون؟
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي سنگت کي ساريندي چيو ”آئون شڪر گذار آهيان انهن سڀني دوستن جو، جن سوشل ميڊيا تي منهنجي همٿ افزائي ڪئي. خاص ڪري پروفيسر جوکيو شفيق احمد صاحب جن جو ٿورائتو آهيان، جنهن پهريون ڀيرو فيس بوڪ تي منهنجو تعارف لکي، مونکي متعارف ڪرايو. آئون عبدالله سمون صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي شاعري محترم شبير ڪيريو صاحب کان ڊزائين ڪرائي، فيس بوڪ تي شيئر ڪئي ۽ پوءِ سلسلو شروع ٿيو، شبير کان علاوه صغير جتوئي، مجيب سنڌي، فياض جتوئي، اظهار مٺل جسڪاڻي ۽ ميجر ڊاڪٽر امداد سهتو صاحب جن جو پڻ نهايت ئي شڪر گذار آهيان، جن منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري ڊزائين ڪري، فيس بوڪ تي دوستن سان شيئر ڪئي، جنهن سان مونکي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.


(سندر، انچارج حيات علي شاھ بخاري، روزاني عبرت ۵ جنوري ۲۰۱۵)

6 comments:

  1. Replies
    1. سائين منھنجا! ! اوھان جي مھرباني جو اوھان ھن پوسٽ تي پنھنجا قيمتي ويچار ونڊيا.

      Delete
    2. قبله سائين
      اوهان جا لک احسان جو اوهان عزت بخشي
      اوهان جو ٻيو ڪم به دل کي وڻيو
      سدا سلامت هجو

      Delete
    3. سائين منھنجا! مھرباني. اسان جي بلاگ تي رکيل ھر شخصيت جي احوال سان گڏ ان جي تصوير پڻ رکيل آھي. اگر اوھان پنھنجي تصوير ڏيڻ پسند ڪيو ته مھرباني ٿيندي. منھنجي فيس بوڪ آءِ ڊي تي مسينجر منجھ موڪلي سگھو ٿا.

      مھرباني

      Delete
    4. مهرباني سائين
      لک ٿورا حاضر موڪليان ٿو
      سدا سلامت هجو

      Delete