; سنڌي شخصيتون: مٺل وقاصي - قاسم راڄپر

07 August, 2017

مٺل وقاصي - قاسم راڄپر

مٺل وقاصي
ملاقات: قاسم راڄپر ۽ فريد ڀٽو
ميهڙ کان امريڪا پهتل ڊاڪٽر مٺل وقاصي جو پيشو هونئن ته ڊاڪٽري آهي، پر ان کان وڌيڪ هو لطيف تي تحقيق ۽ سنڌ پرستيءَ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان هو سنڌ ۽ امريڪا ۾ لطيف جي حوالي سان مختلف پروگرام منعقد ڪندو رهي ٿو. لاس اينلجلس ۾ سانا جي سالياني ميڙاڪي ۾ ساڻس ڪچهري هن ريت ٿي.


سوال: سڄي دنيا ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن کي سنڌ ڪيئن ڏسي رهي آهي؟
جواب: هن وقت دنيا ۾ چار اهم جُز متحرڪ آهن، جن ۾ هڪ آهي پئسو، ٻيو آهي ٽئڪنالاجي، ٽيون آهي علم يا ڄاڻ ۽ چوٿون آهي انساني وسيلن جي ترقي. اهي چار، فيصلا ڪندڙ جُز آهن. انهن ۾ پيسو، ڪجهه ادارن ۽ ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي. ٽئڪنالاجي برابريءَ جي بنياد تي دستياب آهي. علم به آسانيءَ سان ملي ٿو. تمام گهڻي معلومات دستياب آهي. فيصلي وارو جُز، انساني وسيلا يا انساني ترقي شامل آهي. جيڪڏهن ان جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿئي ٿو ته انساني وسيلن ۾ 14 سيڪڙو اڇي رنگ وارا ۽ 86 سيڪڙو ڪاري رنگ وارا آهن. ٻنهي کي علم حاصل ڪرڻ جا هڪ جيترا موقعا ميسر آهن. پنهنجي ڪمزورين ۽ مجبورين هوندي به 86 سيڪڙو، 14 سيڪڙو کي ملهه ماريو ويٺو آهي.
عالمي سطح تي وڏي تبديلي، معيشيت جي تبديلي آهي. جيڪا اولهه کان اوڀر طرف ٿي آهي. اها انتهائي اهم تبديلي آهي. هندستان، پاڪستان، روس ۽ چين باقي دنيا سان مقابلي ۾ اڳتي وڌندا رهندا. ٻيو اهم مسئلو حڪمراني آهي. سڄي دنيا ۾ حڪمراني هينئر اهم مسئلو بڻيل آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ به حڪمرانيءَ جو بحران آهي. امريڪا ۽ يورپ جا سياستدان به عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا آهن. آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ٿيل گذريل چونڊن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ هڪ ته بحران آهن ۽ ٻيا موقعا آهن. موقعن ۾ انگريزي جتي جتي آهي، ان کي مٿڀرائي آهي. سنڌ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي موجودگي به هڪ موقعو آهي. ٻيو ته گذريل 150 سالن ۾ اسان جهڙيءَ ريت انگريزن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو آهي، اها انتهائي اهم ڳالهه آهي. سنڌ پوئتي پيل نه پر ترقي يافته آهي. اسان کي انهن موقعن کي Own ڪرڻو پوندو.
سوال: سائين موقعا پنهنجي جاءِ تي پر زميني حقيقتون ته ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيون آهن؟ پر پوءِ به اوهان ايترا پر اميد ڇو آهيو؟
جواب: مان پُرُ اميد ان ڪري آهيان، جو دنيا ۾ جيڪا ٽئڪنالاجي وسيلي تبديلي آئي آهي. جيڪو علم جو درياھ وهي پيو، اسان ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ٽئڪنالاجيءَ وسيلي Connectivity پيدا ڪئي آهي. ان سان اسان نيٽ ورڪنگ وڌائي سگهون ٿا. علم حاصل ڪرڻ ۾ اسان کي هڪجهڙا موقعا آهن. سنڌ ۾ جيڪو مروج تعليمي نظام آهي، اهو هلندڙ نه پر بيٺل آهي، ان کي اسان ڪيترو به ٺاهيون، اهو ايئن ئي رهندو.
سوال: پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي تعيلم ڇو تباهه ٿي آهي؟ ان جو ڪارڻ ضياءُ الحق آهي، ڀُٽو آهي، يا اسان پاڻ آهيون؟
جواب: ان جا ٻه وڏا ڪارڻ آهن؛ هڪ ته 1960ع کانپوءِ، سياست اسان جي تعليم کي تباهه ڪيو آهي، ٻي ڳالهه اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سڄي دنيا ۾ تعليم ڪاروبار بڻجي چڪي آهي. تعليم صرف پاڪستان ۾ ڪاروبار ناهي، پر امريڪا ۾ تعليم مڪمل طور واپار آهي. ان جي شروعات به هتان کان ٿي آهي. اهو هتان سڄي دنيا ۾ پهتو آهي، ان تي ڪير به بحث نه پيو ڪري. ٽيون سبب استاد ۽ شاگرد جي لياقت ۾ گهٽتائي به آهي. سنڌ ۾ گورننس به هڪ اهم مسئلو آهي، گهوسٽ اسڪول سنڌ جو وڏو مسئلو آهن. ان تي سياسي بحث نه پيو ڪيو وڃي، بند ٿيل اسڪولن جو لعنتاڻو وڏيرن تي ضرور آهي، پر سچي ڳالهه پڇو ته 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ تعليم، پي آءِ اي، انشورنس ۽ ٻيا ادارا اردو ڳالهائيندڙن حوالي هئا، تڏهن به گهوسٽ ٽيچرز هوندا هئا، انهن جي نوڪري ٿر ۾ هوندي هئي پر ويٺا ڪراچيءَ ۾ هوندا هئا. اها بيماري ميڊيا وسيلي ظاهر پوءِ دير سان ٿي آهي.
سوال: اوهان چئو ٿا ته گورننس جو مسئلو سڄي دنيا ۾ آهي، ايئن هوندو به پر جيڪا تباهي اسان سنڌ ۾ ڏٺي آهي، اهڙي حالت ته دنيا ۾ ڪٿي به ناهي. جهڙيءَ ريت پ پ پ حڪمراني ڪئي آهي، ان جو مثال ڪٿي به نه پيو ملي؟
جواب: اوهان جي اها ڳالهه صحيح آهي، ته پنجاب ۾ تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. ان جا سبب گهرا آهن، هڪ ته پنجاب ملڪ ته راڄ ڪندڙ صوبو آهي، ٻيو ته پنجاب جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، اهي پيسا آڻين ٿا، ٽيون ته ڪامورا شاهي ۽ فوج مان جيڪي ماڻهو رٽائرڊ ٿيا آهن، انهن تعليم کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. محسوس ايئن پيو ٿئي ته اهو سڄو ڪرشمو گورننس جو آهي، پر حقيقت ايئن ناهي. پنجاب ۾ حڪومت، خانگي شعبي، پرڏيهه ۾ رهندڙن ۽ رٽائرڊ ماڻهن گڏجي، پنجاب جي تعليم کي اڳتي وڌايو آهي. سنڌ جي ڪامورا شاهيءَ ان سلسلي ۾ پٺي ڏيکاري آهي.
سوال: سائين سنڌ جي ڪامورا شاهيءَ جو اهو حال آهي، ته انهن دبئي ٺاهي، امريڪا کي جنت بڻايو، انهن جي نئين منزل ڪئناڊا آهي، ايئن ناهي ته پنجاب ۾ ڪرپشن ناهي، اتي به 30 سيڪڙو ڪرپشن آهي، پر 70 سيڪڙو رقمون استعمال ٿين ٿيون. سنڌ ۾ ته 30 سيڪڙو پيسا سنڌ تي استعمال نه پيا ٿين. پنجابي سڄي دنيا مان پيسا ڪمائي پنجاب آڻين ٿا، پر سنڌي ڪامورو سنڌ جو ناڻو تيزيءَ سان سڄي دنيا ۾ منتقل ڪري رهيو آهي؟
جواب: هڪ ته سنڌي ماڻهو پرڏيهه ۾ تمام گهٽ رهن ٿا، منهنجي خيال ۾ سنڌي ڪامورا شاهيءَ جي ڀيٽ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ سول ۽ ملٽري بيوروڪريسيءَ جا پرڏيهي اڪائونٽ وڌيڪ آهن. انهن جي ڪرپشن تمام گهڻي آهي.
سوال: سائين ان جو مطلب ته اسان ڪرپشن کي به حلال ڪري ڇڏيون؟
جواب: نه نه! ان جو مطلب هرگز اهو ناهي. مان ان جي حمايت ۾ دليل نه پيو ڏيان، پر مان ڳالهه ڪريان ٿو ته شرح پنجاب ۾ وڌيل آهي.
سوال: ڪنهن به معاشري ۾ ترقي جا جيڪي اهڃاڻ آهن، انهن ۾ تعليم سڀ کان اهم آهي. فلاحي رياستن ۾ اڄ به اسڪول يا ڪاليج تائين تعليم برابريءَ جي بنياد تي مفت ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. پر سنڌ ۾ معياري تعليم ختم ٿي چڪي آهي؟  اڳ سنڌ ۾ سڄو پڙهيو لکيو ڪلاس سرڪاري تعليمي ادارن مان ٻاهر نڪتو، هاڻي اها صورتحال ناهي؟
جواب: اسان جي تعليمي ادارن ۾ اهو جيڪو پڇاڙڪو معيار هو، اهو انگريزن جي تازي وڃڻ سبب هو. جن سٺن استادن کي اسين اڄ ياد ڪريون ٿا، اهي سڀ برطانوي راڄ جي پيداوار هئا، انهن جو اثر 1970ع تائين رهيو. ون يونٽ ۽ ڪميونزم سبب اسان سياست کي تعليمي ادارن اندر ڪاهي آياسين. اسان سمجهيو ته سياست اڳواڻي ڪرڻ ۾ اسان جي ترقيءَ جو راز آهي ۽ اسان پنهنجي تعليم کي تباهه ڪيو. اسان پنهنجي اسڪولن جي مالڪي نه ڪئي، پراڻا سٺا استاد وفات ڪري ويا. نوان استاد صفا بيڪار آيا. سٺا اسڪول شهرن ۾ هئا ۽ شهرن ۾ اسان سنڌي شهرن ۾ به 80 ۽ 90 کانپوءِ آيا آهيون، شهرن ۾ تعليمي ادارن مان اردو ڳالهائيندڙن فائدا ورتا ۽ اسان ٻهراڙين ۾ پنهنجي برباد ٿيل اسڪولن ۾ رهجي وياسين. اسان کي هاڻي اچي اهو احساس ٿيو آهي ته سڄو سرشتو تباهه ٿي چڪو آهي. اسان جي بقا، اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن مهانگائيءَ واري دور ۾ گهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. هر ماڻهو جيئڻ ڪارڻ پريشان آهي ۽ پوءِ ان ۾ ڪجهه ماڻهو غلط راهه اختيار ڪن ٿا. جنهن جي ڪري رشوت عام ٿي چڪي آهي. استاد ڪم-چوري ٿو ڪري، جنهن جو اثر تعليم ٿي پيو آهي. جنهن جا نتيجا اسان ڏسئون پيا. تعليم جي تباهيءَ جي ذميوار صرف سرڪار ناهي، هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. جن ماڻهن کي اسان ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي، انهن پاران سنڌ کان ڪن-لاٽار ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي.
سوال: اوهان امريڪا ڪيئن آيا؟ سنڌ ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه آهي، ان بابت ڇا چوندا؟
جواب: پاڻ بابت پوءِ ڳالهائيندس، پهرئين اها ڳالهه رکان ته هندستان ۽ پاڪستان گڏ آزاد ٿيا. پوءِ انهن وٽ هيومن ريسورس ڇو بهتر آهي. اسان ٻنهي ملڪن ۾ تعليم جا به هڪجهڙا موقعا آهن. فرق صرف اهو آهي ته انهن تعليمي ادارن ۾ سياست اچڻ نه ڏني. پاڪستان ۾ سياست کي تعليمي ادارن ۾ هٿي وٺرائي وئي. اهو بنيادي فرق آهي. ذاتي طور مان ٻڌائيندو هلان ته مون ميهڙ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي، اسان ٽي شاگرد هئاسين، جيڪي مٿي آياسين. انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد بلوچ، ٻيو ڊاڪٽر اقبال شيخ هو، اسان ٽئي ٻاهر نڪتاسين. 1959ع ۾ مان مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿيس، والد چيو ته تون ڊاڪٽر ٿيندين، ٻيهر امتحان ۾ به ناپاس ٿيس، پنهنجي خواهش ٿي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيس. 1962ع ۾ مون گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٽاپ ڪيو ۽ ايل ايم سي ۾ ٽيون نمبر آيس. منهنجي والد منهنجي رهبري ڪئي، استادن جي رهبري هئي. اسان برطانوي راڄ جي پڇاڙڪن استادن جي پيداوار آهيون. ٻه استاد اردو ڳالهائيندڙ به هئا، اسان جي ڳوٺن ۾ به اردو ڳالهائيندڙ شاگرد به هئا، اسان کي ڪا به خبر نه هئي ته اهي مهاجر آهن. اها خبر مون کي پهريون ڀيرو تڏهن پئي جڏهن مان حيدرآباد آيس ۽ حيدرآباد جي مهاجرن مون سان تعصب ڪرڻ شروع ڪيو.
سوال: سڄي دنيا ۾ مذهبن وچ ۾ ٽڪراءَ واري جيڪا صورتحال آهي، ان تضاد جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
جواب: ان تضاد جو وڏو ڪارڻ سياست آهي، ٻيو ڪارڻ تاريخي آهي، پر تازي صورتحال جو سبب سياسي آهي، ايراني انقلاب هجي يا وري افغاني جهاد، طالبان هجي يا القاعده اهو سڀ ڪجهه سياسي آهي، اسلام ۽ عيسائيت ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي.
سوال: پوءِ امريڪا سڄي دنيا ۾ جنگين کي ڇو اڀاري رهيو آهي؟
جواب: ان جي اڳيان ته امريڪا آهي، باقي ان جي پويان معاشي قوتون آهن. مختلف ادارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مفاد آهن. امريڪا کي به استعمال ڪيو پيو وڃي.
سوال: ڇا امريڪا وٽ وڪري وارو وکر صرف هٿيار آهن؟
جواب: امريڪا ٻيو ڪجهه تڏهن وڪرو ڪري، جڏهن سندس ڪارخانا سندس ملڪ ۾ هجن. امريڪا جا ڪارخانا هتان غائب ٿي، ڏور اوڀر پهچي ويا آهن، هتان جي سرمائيدارن ڏور اوڀر ۾ وڃي سيڙپ ڪئي آهي. امريڪا هٿيارن کانسواءِ ڪجهه به نه پيو ٺاهي. جيڪو ٺاهيندو، اهو وڪرو ڪندو. امريڪا جو عوام به ايترو متاثر ٿيل آهي، جيترو ٻين ملڪن جا ماڻهو. هتان جي لکين ماڻهن، امريڪا جي جنگي پاليسين خلاف سخت احتجاج ڪيو. امريڪا ۾ مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي. دوائن جي اگهن ۾ سوين ڀيرا واڌ آئي آهي.
سوال: اوڀر ۽ امريڪا جي سماج ۾ جيڪا ڀڇ ڊاهه آهي، اها فطري آهي يا هٿرادو. ايئن ته ناهي ته رياست عوام کي باقي معاملن کان پاسيرو رکڻ لاءِ هٿرادو طريقي سان آزادي ڏني آهي؟
جواب: ايئن ضرور آهي. امريڪي پرڏيهي پاليسي ۽ جي ڊي پي مان 5 سيڪڙو ماڻهن کي فائدو آهي. هتان جا 95 سيڪڙو ماڻهو ته پيڙجي رهيا آهن. امريڪا جي ترقي 2 کان 5 سيڪڙو ماڻهن جي ترقي جو نالو آهي. سڄي امريڪا ان ترقي ۾ حصيدار ناهي. انهن جي معاشري کي وڏو چئلينج انهن جي مذهب، سياست ۽ ثقافت کي پيدا ٿيل خطرو آهي. هتان جي عوام جي راءِ کي چونڊ نتيجن جي تبديلي سان وڏن ماڻهن جي فائدي ۾ ڏنو وڃي ٿو. امريڪا جي اسٽبلشمينٽ جي ڪرپشن ڪروڙن ۾ نه پر کربن ۾ آهي. هتان جون بيماريون وڏيون آهن.
سوال: امريڪي صدر ٽرمپ، امريڪي عوام جي چونڊ آهي يا امريڪي اسٽبلشمينٽ جي؟
جواب: ٽرمپ ٻنهي جي چونڊ ناهي. هيءُ حالتن جي چونڊ آهي. موجوده حالتن ۾ عوام سان جيڪو ورتاءُ آهي، هيءُ ان جو جواب آهي. هيءَ ٽرمپ جي فتح نه هئي، ٽرمپ سائنسي بنيادن سان اليڪشن وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو. اسان واضح طور ڏٺو پئي ته ٽرمپ کٽي پيو پر ميڊيا هيلري کي پئي کٽرايو، اهو سڀ ڪجهه هٿرادو هو.
سوال: ٽرمپ پنهنجو مدو پورو ڪندو يا نه؟
جواب: ڪو حادثو نه ٿئي ته هو نه رڳو پنهنجو مدو پورو ڪندو. پر اهو به ممڪن آهي ته ٻيا چار سال چونڊجي وڃي.
سوال: لطيف سائين تي تحقيق جو خيال ڪيئن آيو؟
جواب: لطيف سائين تي ارنيسٽ ٽرمپ کان وٺي، جنهن به ڪم ڪيو آهي، انهن کي جس هجي. جنهن جيترو به ڪردار ادا ڪيو، اهو ساراهجي. ٻين سمورن محققن ۽ پارکن کي ياد ڪيو وڃي ٿو پر محمد حسين ڪاشف کي گهٽ ياد ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ڊاڪٽر فهميده حسين، جامي چانڊيو، غفور ميمڻ، شير مهراڻي ۽ ٻيا به نالا آهن.
مان سمجهان ٿو ته سنڌي هئڻ جي ناتي، هر سنڌيءَ جو لطيف سان ناتو آهي، مون پاڻ سڃاڻڻ ڪارڻ لطيف کي پڙهيو ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان آڱر وڍائي عاشقن ۾ نالو لکائڻ چاهيان ٿو. مون 1995ع کان هر روز لطيف تي ڪم ڪندو آهيان،. امريڪا ۽ سنڌ ۾ لطيف تي ٻه ڪانفرنسون ڪيون. مون تاريخي لحاظ کان، لطيف جو نئون رخ پيش ڪيو آهي. هڪ امريڪي تاريخدان آهي ڊينيئل بوسٽن، سندس ٽي شاهڪار ڪتاب آهن. هن انسان جي تاريخ کي سهيڙيو آهي. هن انسان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. هن زندگيءَ جي معنيٰ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه سائين جو هڪ بيت ”ڳوليان ڳوليان م لهان هوت... .“ سندس هڪ ڪتاب برابر آهي.
فرائيڊ نفسيات جو ابو سڏيو وڃي ٿو. سندس سڄي فلسفي کي لطيف هڪ شعر ۾ پوئيو آهي. ”اچو ڙي سورن واريون،ڪيون سورن پڇار، ڪنين ٿورا ڪنين گهڻا، ڏنا جي ڏاتار...“
لطيف سائين، علم جي ڳولا لاءِ سهڻو پيغام ڏنو آهي. ”جي پتنگ چوائين پاڻ کي ته اچي آڳ کي اجهاءِ، پچڻ گهڻا ئي پچايا، تون پچڻ کي پچاءِ...“
منهنجي نظر ۾ لطيف جي شاعريءَ ۾، سڄي دنيا جي مسئلن جو حل موجود آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا