; سنڌي شخصيتون: حاجي خميسو خان دلواڻي- سليم دلواڻي

04 August, 2017

حاجي خميسو خان دلواڻي- سليم دلواڻي

حاجي خميسو خان دلواڻي
ماڻهو مڻيادار - پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان
سليم دلواڻي

ماڻهوءَ جي عظمت ماپڻ لاءِ ته هر ڪنهن انسان وٽ پنهنجو پنهنجو پئمانو هوندو آهي، ڪو انسان ڪنهن ماڻهو کي ان جي دولت ۽ ٺٺ ڏسي ان کي عظيم هئڻ جا تمغا ڏيندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن انسان جي سوچ ۽ فلسفي کي ڏسي سندس عظيم هئڻ جي گواهي ڏيندو آهي. اهڙو ئي هڪ عظيم صحافتي ڪردار اسان سڀني کان هڪ سال اڳ ڪنهن طويل سفر جو راهي ٿي موڪلائي ويو. هو پنهنجي سوچ ۽ فلسفي ۾ سچ پچ ته پاڻ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. 


ڏيئي ويجهو ڳوٺ سومرو خان دلواڻي ۾ جنم وٺندڙ بدين ضلعي جو هي عظيم صحافي جڏهن ڦوهه جواني کي پهتو ته هن پنهنجي لاءِ صحافت جهڙي عظيم پيشي جي چونڊ ڪئي ۽ غريبن، پورهيتن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ حق ۽ سچ جو علم پنهنجي هٿ ۾ کنيو. هن شروعاتي پرائمري تعليم ڳوٺ محب شاهه مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول امن آباد مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ پنهنجو خواب هئس، پر غربت سبب اهو سندس خواب پورو نه ٿي سگهيو ۽ هو اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ صحافت کي پنهنجو ڪيريئر بڻائي اڳيان وڌڻ لڳو ۽ شروع کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات عبرت جهڙي حق ۽ سچ جي علمبردار اخبار کان ڪئي ۽ آخري وقت تائين عبرت اخبار سان ئي سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها ڏٺا، پر ڏاڍ ۽ ظلم جي هر فرعوني دور ۾ همت نه هاريائين. غريب پورهيتن ۽ هارين لاءِ عبرت اخبار ذريعي حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندو رهيو. چاهي اهو ڏيئي ۾ يا تلهار ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو هجي يا ٻيا سماجي مسئلا، هو پنهنجي صحافت جي مورچي جو ثابت قدم سپاهي رهيو ۽ هڪ وک به پوئتي هٽڻ پنهنجي لاءِ مهڻو ۽ عيب سمجهندو هو ۽ پنهنجو صحافتي علم هميشه بلند رکندو آيو. پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ هاءِ پروفائيل جلسه به اٽينڊ ڪيائين، چاهي نواز شريف جا جلسه هجن يا غوث علي شاهه يا ارباب غلام رحيم جي آمد هجي، هي مرد مجاهد صحافي هميشه غريبن، هارين ۽ پورهيتن لاءِ ساڻن اکيون اکين ۾ ملائي سوالن ۽ جوابن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. جڏهن ته حاجي خميسو خان دلواڻي جي ذاتي زندگي تي ٿورو نظر ڊوڙائبي ته هو عظيم صحافي سان گڏ ننڍڙن لاءِ شفقت ۽ وڏن لاءِ تمام گهڻو قرب رکندڙ انسان هو. هميشه مسڪرائيندڙ هي سدا بار شخص زندگيءَ جون ڪيتريون ئي بيهارون غريبن، پورهيتن ۽ هارين کي ارپي گذريل سال هميشه لاءِ اسان سڀني کان موڪلائي وڇڙي ويو ۽ سندس وڇوڙي کانپوءِ صحافتي حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ۽ بدين ضلعي ۾ صحافت جو هي عظيم باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو. صحافتي حلقن ۾ سندس کوٽ هميشه محسوس ڪئي ويندي ۽ صحافت جي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ هي خال شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا