; سنڌي شخصيتون: شبير احمد - مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

شبير احمد - مٺل جسڪاڻي

شبير احمد
ليکڪ، شاعر، اديب، فنڪار، اسٽيج اداڪار ۽ صوفي جو فيس بوڪ تي ورتل انٽرويو
ترتيب: مٺل جسڪاڻي
ڪهڙو به ليکڪ، جيڪڏهن وقفي وقفي يا ساهين سان، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڇپبو ايندو، ته ليکڪن جي قطار ۾ شامل سمجهبو، نه ته ڀلي پاڻ وٽ ڪيترو به لکيو، رکيو ويٺو هجي، ڪنهن کي به خبر نه پوندي، ته ڪو اهو به ليکڪ آهي! شبير احمد وري اهڙن ليکڪن مان آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ڇپبو رهيو، اڄ ڪلهه عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي سرگرم آهي. منهنجي ساڻس واقفيت اتي ٿي، هڪ يادگار ڪچهري روبرو ۽ ڪيتريون ئي ملاقاتون عالمي اوطاق ۽ موبائيل فون تي ٿيون آهن. پڙهندڙن تائين سندس تعارف ۽ مختلف حوالن سان سندس رايا، سندس موقف پهچائڻ ضروري سمجهيم، ان لاءِ هڪ ٻه دفعو اڳ به ڪوشش ڪئي هئم، پر ڪاميابي نه ٿي، ويجهڙائي ۾ “فيس بوڪ انٽرويو” بهاني، سندس هڪ پينل انٽرويو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس. ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه حاضر آهي.


محمد سليمان وساڻ ۽ مٺل جسڪاڻي: ليکڪ هجڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه کي ڏسبو آهي، ته ليکڪ ڇا آهي، دلچسپيون ۽ ڪاميابيون ڪهڙيون اٿس؟ ڪهڙي خيال جو آهي؟ ڪهڙن چيلنجز سان مقابلو ڪري چڪو آهي. ان ڪري، ان نسبت سان، اوهان پڙهندڙن سان پنهنجو “مڪمل” تعارف ڪرائيندا.
شبير احمد: شبيراحمد ولد غلام رسول راڄپر، شروع ۾ قلمي نالو شبيراحمد راڄپر، اڄ ڪلهه صرف “شبير احمد” جي نالي سان لکندو آھيان. ۲۹ سپٽمبر ۱۹۵۵ تي ڳوٺ چيھو، تعلقو نوشھروفيرز، اڳوڻو ضلع نواب شاھ، ھاڻي ضلع نوشھروفيرز ۾ پيدا ٿيس. گورنمنٽ پرائمري اسڪول چيھو، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول پڊعيدن مان پڙھي، گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھ مان ڪيم. ڪابه سرڪاري يا غير سرڪاري ملازمت ڪانه ڪيم. پنھنجي ٻني ٻاري جي زرعي ڪم ڪار ۾ لڳي ويس، اڄ تائين به اھو روزگار جو ذريعو آھي.
دلچسپين بابت عرض ته راڳ ۽ موسيقي ھوش سنڀالڻ سان ڪنن ۾ پئي. اسان جو سوٽ حاجي ڇلڻ، جنھن کي بابا سڏيندا ھئاسين. ان وٽ روزاني فقراھي راڳ جي ڪچھري ٿيندي ھئي. گراموفون، ۽ بيٽريءَ وارو ريڊيو به گهر ۾ موجود ھئا. ان ڪري راڳ ۽ موسيقي سان دلچسپي ابتدا کان رھي. ٻڌڻ ۽ ڳائڻ سان شوق آھي، استاد خورشيد علي جو شاگرد ٿيس. استاد سينگار علي سليم ۽ استاد ياسين خان کان به رھنمائي حاصل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. گهرو ماحول علمي ھئو، اک کولڻ سان ڪتاب ڏسڻ ۾ آيا. سو پڙھڻ جو شوق به پيدا ٿيو. ھر موضوع جا ڪتاب گهر ۾ موجود ڏٺاسين، پڙھڻ سان آھسته آھسته لکڻ جو به شوق پيدا ٿيو. وڏو ڀاءُ گل منير فني دنيا سان وابسته ھئو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سڀني فنڪارن سان سنگت ھئس، بعد ۾ فلم ۽ ٽي ويءَ تي به ويو. ان صحبت سبب فن جي دنيا سان به دلچسپي پيدا ٿي ۽ اسٽيج اداڪاري جي دنيا ۾ رھيس. سياسي ورڪر به رھيو آھيان، ان سلسلي ۾ جيل به ڪاٽيا آھن ۽ ھرقسم جون انتقامي ڪاروائيون به ڀوڳيون آھن. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نواب شاه جو ميمبر ۽ ٽائون ڪميٽي پڊعيدن جو چيئرمين رھي چڪو آھيان.
محمد سليمان وساڻ: اوهان جي نظر ۾ موجوده دور ۾ جڏهن سوشل ميڊيا پنهنجي اوج تي آهي. ادبي حوالي سان ڪٿي بيٺا آهيون؟ سوشل ميڊيا ادب کي وڌايو آهي يا ان کي ڌڪ رسايو آهي؟ اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي خيال ۾ سوشل فورمن تان ادب جي ڪهڙي اوسر ڪري سگهجي ٿي؟
شبير احمد: سوشل ميڊيا ادبي ذوق شوق کي وڌايو آھي. ڇو ته سوشل ميڊيا جي پھچ پرنٽ ميڊيا کان گهڻي وڌيڪ آھي، ان ڪري تحرير وسيع حلقي تائين پھچي ٿي. معيار جي لحاظ کان ڏسجي، ته سوشل ميڊيا ادب کي ڌڪ به رسايو آھي. ھتي ڪابه تحرير سينيئر ايڊيٽر جي نظر مان گذرڻ کان سواءِ ئي، بنا ڪنھن ايڊيٽنگ جي، اصلاح ۽ درستگي بغير پوسٽ ٿي وڃي ٿي. ان ڪري نوآموز ۽ سکڻ وارن کي تربيت جو موقعو نٿو ملي. سوشل ميڊيا تي تحرير جي زندگي مختصر آھي، جڏھن ته پرنٽ ميڊيا تي تخليق جي حيثيت دائمي ھجي ٿي. سوشل ميڊيا تي ادبي اوسر جا موقعا روشن آھن، پر ھتي تحرير پرنٽ ميڊيا جي ڀيٽ ۾ مختصر ۽ جامع ھجڻ گھرجي.
مانجهند مان رفيق ملاح: توهان فقيري رنگ ۾ ڪيئن آيا سنگت جي صحبت والدين جو ورثو يا ٻيو ڪو سبب؟
شبير احمد: فقيري رنگ گهٽ ۾ گھٽ، معلوم ٿيو آهي ته ستن پيڙھين کان اسان جي وڏڙن جي ورثي طور خاندان ۾ موجود آھي. ان جو اثر مون ۾ به موجود آھي، ان ڪري سنگت ۽ صحبت به اھڙي ئي ملي. سڀ کان وڏي ڳالھ مالڪ جي مھر آھي.
آغا جان آغا: سائين اوهان کان هڪ گڏيل سوال ڪري رهيو آهيان، جيئن ته اوهان جي ذوق جي خبر پئجي سگهي، اوهان جو پسنديده فنڪار ڪهڙو؟ اداڪار ڪهڙو؟ راند ڪهڙي؟ ادبي صنف ڪهڙي ۽ پسند جو شاعر ڪهڙو آهي؟
شبير احمد: سمجھ سان ٿياسين ته ڳائڻ ۾ پھريون پسنديده فنڪار ماسٽر چندر ھئو. ان بعد محمد ابراهيم، محمد جمن، استاد سينگار علي سليم، غلام قادر لنجواڻي، شفيع فقير، اردوءَ ۾ سليم رضا، برڪت علي خان، سرائڪيءَ ۾ زاھده پروين ۽ حسين بخش ڍانڍي پسنديده فنڪار آھن. اداڪارن ۾ محمد علي، اميتاڀ بچن، اسلم پرويز، ملڪ انوکو، سنڌي اداڪارن ۾ دلبر جسڪاڻي، نور محمد لاشاري ۽ شھباز دراني پسند اٿم. رانديون ملھ، ڪٻڊي ۽ والي بال وڻنديون ھيون. پاڻ بيڊمنٽن کيڏندو ھئس. ادبي صنف ۾ ڪھاڻي وڌيڪ پسند آھي. نون شاعرن ۾ شيخ اياز وڌيڪ وڻندو اٿم. (ان سلسلي ۾ تفصيلي جواب اڳتي ھلي ايندو)
جمن ڊي بلوچ: توهان جنهن وقت شاعري جي شروعات ڪئي ان وقت جا مشهور شاعر ڪهڙا هئا؟ ۽ توهان کي سڀ کان گهڻو ڪهڙي شاعر متاثر ڪيو؟
شبير احمد: بنيادي طور مان شاعر يا اديب نه پر پڙھندڙ آهيان. بھرحال اسان جي شروعاتي دور ۾ طالب الموليٰ، اعجاز شاھ راشدي، شيخ اياز، نياز ھمايوني، تنوير عباسي، بردو سنڌي، امداد حسيني، ابراهيم منشي، استاد بخاري جو شمار مشھور شاعرن ۾ ٿيندو ھئو. مون کي طالب الموليٰ ۽ استاد بخاري گھڻو متاثر ڪيو.
امير احمد کوسو: شاعر کي پنهنجي شاعري کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ لاءِ ڪتاب ڇپرائڻ کپي يا ڪنهن نڪار کان ڳارائڻ به کپي، ڇو ته ڪتاب پڙهڻ وارا تمام گهٽ ماڻهو آهن ۽ فنڪارن کي ٻڌڻ وارا موسيقي جا شوقين تمام گهڻا آهن پر ادبي دوست شاعري ڳارائڻ وارن شاعرن کي ڪيسٽي شاعر سڏي تنقيد ڪندا آهن، ان باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي؟
شبير احمد: شاعري جي ابلاغ ۽ ماڻھن تائين پھچائڻ جو اصلي ذريعو سنڌ ۾ ڳائڻ وارو ھئو يا وري يو پي ۽ سي پي ۾ مشاعري ۾ سامعين آڏو شاعر شاعري پڙھندا ھئا. لکڻ صرف محفوظ ڪرڻ لاءِ آھي. شاعري آھي ئي ڳائڻ لاءِ. دراصل اڄڪلھ رڪارڊ ٿيندڙ اڪثر شاعري جو معيار اعليٰ نه آھي، ان ڪري “ڪيسٽي شاعر” لفظ کي طعنو سمجھيو وڃي ٿو. شاعري لکجي يا ڳائي وڃي، اصل ڳالھ ان جو معيار آھي.
مرڪ لغاري: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سوشل ميڊيا تي فيس بوڪ تي اسان جا اديب اسان جا ليکاري تخليق ڪن پيا، ان مان ڇا توهان مطمعن آهيو؟ فيس بوڪ سوشل ميڊيا تي لکڻ پڙهڻ سان ڪتابي دنيا، اخبارن ۽ ميگزينن تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟
شبير احمد: اڄڪلھه جيڪو ادب سوشل ميڊيا ۽ فيس بوڪ تي اسان جا اديب اسان جا ليکاري تخليق ڪن پيا، ان ۾ اڪثر اطمينان جوڳو آھي. البت پرنٽ ميڊيا جو پنھنجو جدا پيٽرن آهي. سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا جي فروغ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.
عالمي اوطاق جي ٻيءَ سنگت جا سوال پورا ٿيا، ڳالهيون ڳچ رهجي ويون. ان ڪري بقايا ڪچهري مٺل جسڪاڻي جي سوالن ۽ شبير صاحب جي جوابن تي مشتمل رهي. مختلف سوالن جي جواب ۾ شبير احمد هيٺيون ڳالهيون ڪيون:
لکڻ لاءِ مون ڪڏھن موضوع نه ڳوليو آهي، محسوسات ۽ موضوع پاڻ لکرائي وٺندا آهن. ڪڏھن به ادبي تنظيمن سان وابستگي نه رهي آهي، ڇو ته ھڪ ته مان ھڪ لڳ ڀڳ گوشي نشين ماڻھو آهيان، ٻيو ته مان پاڻ کي شاعر ۽ اديب نه، پر ھڪ پڙھندڙ سمجھندو آهيان. ادبي تنظيمون سٺو ڪم ڪري سگھن ٿيون ۽ ابتدا ۾ سٺو ڪم ٿيو آھي. مگر جڏھن انھن ۾ ڌڙي بندي ٿي وڃي ٿي ۽ ذاتي مفاد اجتماعي مفادن جي جاءِ والارن ٿا، ته پوءِ اھڙيون تنظيمون بي لاڀ بنجي وڃن ٿيون.
ادبي سرگرمين ۾ منهنجو ڪردار فقط قاريءَ جو رهيو آهي. مون کي ڪھاڻي ۽ طنز و مزاح وڌيڪ پسند آهي. مون طنز و مزاح جي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي. ان کان سواءِ ڪھاڻي، نظم، غزل، ڪافي، بيت ۽ علمي مضمون به لکيا آهن. عزيز الله ٻوھيو، امر جليل، نسيم کرل، استاد بخاري، ابراهيم منشي، پروانو ڀٽي ۽ ڪافي شاعر ۽ اديب مھربانن سان نياز مندي رهي آهي. شايع ٿيل مواد ۾ شيخ علي محمد صاحب جي وقت ۾ روزاني آفتاب ۾ مزاحيه ڪالم “لکڻي ليکو ناھ ڪو” لکندو ھئس. شيخ عبدالرحيم صاحب جي دور ۾ روزاني “ھلال پاڪستان” ڪراچيءَ ۾ مزاحيه ڪالم “ابتيون سبتيون ڳالھيون” ۽ ڪجھ ڪھاڻيون لکيم. روزاني “برسات” ۾ به طنز و مزاح لکندو ھئس. ماھوار بادل، ھلچل ۽ نئين زندگي ۾ به ڪجھ تخليقون ڇپيون. پاڻ پھرين “آزاد سنڌ “ ڪتابي سلسلو ۽ پوءِ “احوال وطن” ڪتابي سلسلو ڪڍندا ھئاسين. مولوي تاج دين سان گڏ ڪجھ وقت ھفتيوار “تعمير قوم” پڊعيدن به شايع ڪئي سين. تازي دور ۾ منھنجي لکيل طنزيه ڪھاڻي روزاني “عوامي آواز” ۾ شايع ٿي چڪي آھي. ڪوبه ڪتاب شايع ٿيل نه آهي، نه ڇپائي لاءِ تيار آهي، ان پاسي شوق نه رھيو آھي. منھنجي شاعري رڪارڊ ٿيل نه آھي. فقراھي ڪلام لوڪل راڳي ڪچھرين ۾ ڳائيندا ھئا. روزاني برسات جي طنز و مزاح لکڻ جي ڪرايل مقابلي ۾ مڃتا ملي. گهڻو ڳوٺ ۾ رھيو آھيان. شهر ۾ تمام گھٽ رهيو آهيان. ڳوٺاڻي زندگي وڌيڪ وڻي ٿي. اسان جي خاندان ۾ علم ۽ حڪمت جو رجحان وڏن کان وٺي ڪري تمام قديم وقت کان آهي. مٽن مائٽن جي اڪثريت پڙهيل آهي. منھن جي لڳ لاڳاپي ۾ ھر قسم ۽ ھر طبقي، لکيل پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ۽ گهٽ پڙهيل ٻهراڙي جي ماڻهن سان رابطو آهي. منھنجو ڪاروبار ئي زمينداري ۽ زراعت آھي.
نثر جي ليکڪن ۾ پير علي محمد راشدي، پرمانند ميوارام، عبدالواحد آريسر، سائين مٺل جسڪاڻي وڻندا اٿم. سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ امر جليل، نسيم کرل، بادل جمالي ۽ اردوءَ ۾ ڪرشن چندر، ابوالفضل صديقي وڌيڪ وڻندا اٿم. سنڌي شاعرن ۾پراڻن شاعرن کان پوءِ شيخ اياز، نياز ھمايوني، استاد بخاري، پير اعجاز شاھ راشدي، بردو سنڌي کي وڌيڪ پسند ڪندو آھيان. پڙھڻ ۾ مذھب، تاريخ ۽ طنز و مزاح وڌيڪ پسند ڪندو آھيان. لکڻ ۾ پھرين ترجيح طنز و مزاح ۽ شعر ۾ اڄڪلھ غزل لکڻ پسند ڪندو آھيان.
منھنجي لکڻ جو ڪارج آھي، پنھنجي اندر جي احساسن جو اظھار. مون سدائين پنھنجي ذھن ۽ ضمير جي آواز مطابق، پنھنجو فرض پورو ڪرڻ جي لاءِ لکندو آهيان. اھو ڪڏھن به نه سوچيو اٿم، ته ڪير پڙھي ٿو يا نٿو پڙھي، ڪو پڙھي ٿو ته ڇو ٿو پڙھي.
لوڪل سماجي سرگرمين ۾ وڌي حصو وٺندو ھئس، ھاڻي ذھني ۽ جسماني طرح ايتري اھليت نٿو رکان. جيڪو ڪجھ ڪيان ٿو، ان جو پڙھو ڏيڻ مناسب نٿو سمجھان، مڙيئي راڻي کي پيا ٿا ريجھايون.
ادب توڙي سياست کي سماج کان جدا نٿو ڪري سگھجي. سياست سماجي سرشتي جو بنياد آھي ۽ ادب سماج جو آئينو آھي. خاص ڪري سنڌ ۾ ماضي قريب کان اهي سڀ ھڪ ٻئي سان سلھاڙيل آھن. سياست کان ادب جو ڪردار اتم آھي، اديبن کي به پنھنجي ذاتي ڪردار ۾ اهڙي بلندي پيدا ڪرڻ گھرجي.
تنقيد ادبي معيار کي بلنديءَ ڏانھن نِيَڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اديب کي تنقيد ذريعي پنھنجي تخليقي جوھر جي نکار جو دڳ ملي ٿو. ادب جي واڌ ويجھ، تخليق جي حسن ۽ معيار جي بلنديءَ لاءِ تنقيد ھڪ بنيادي ضرورت آھي.
عام سماجي ماحول بابت منھنجي راءِ اها آھي ته عام سماجي ماحول حڪمران طبقي جي روين ۽ ھلي چليءَ منجھان جڙي ٿو، الناس عليٰ دين ملوڪھم. ماڻھو پنھنجي حاڪمن جي رستي تي ھلندا آھن. جھڙو راجا تھڙي پرجا. آئون اڄڪلھ جي عام سماجي ماحول مان مطمئن نه آھيان، اڳوڻي خلوص، بي لوثي، خدا ترسيءَ کي تڙي خود غرضي، مفاد پرستي ۽ بي شناسي اها جاءِ والاري ويھي رھيون آھن. عام سماجي ماحول ۾ مثبت تبديلين لاءِ ھن دور ۾ ميڊيا ماڻھن جي ذھني اوسر جي ڏس ۾ وڏو ڪم ڪري سگهي ٿي. پر ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجھ ننڍڙي حصي کي ڇڏي ڪري، اتي به ڪمرشلزم رستي روڪ ڪيو بيٺو آھي. ٻيو آسرو اھو آھي ته نوجوان طبقو اڳتي وڌي، ھر ميدان ۾ مدي خارج سماجي ڍانچي کي ڊاھي نوان لاڙا پيدا ڪري.
منھنجي پيءُ وارا ست ڀائر ھئا، جيڪي پاڻ ۾ گڏ جوائنٽ فيمليءَ ۾ رھندا ھئا. جن مان چار بي اولاد فوت ٿي ويا، رھيل ٽي منھنجي ڄمڻ کان اڳ ۱۹۴۲ع ڌاري جدا ٿي ويا. مگر تنھن ھوندي به ماحول جوائنٽ فيمليءَ وارو رھيو. اسانجو ھڪ چاچو ٺٺ ٺانگر وارو ڪلاسيڪل وڏيرو ھئو. (ظالم نه پر هڏ ڏوکي ۽ ھمدرد هو). ٻيو چاچو انگريزن جي وقت ۾ پوليس آفيسر ھئو. (وڌيڪ پاڻ سمجھي سگھو ٿا). بابو علم، ادب، طب ۽ حڪمت سان دلچسپي رکندڙ، دنياداري کان پري، فقيري مزاج جو ماڻھو ھئو. ۱۹۰۰ع ڌاري پرائمري استاد رھيو، پوء اها به ڇڏي، ماڻھن جو في سبيل اللّه علاج ڪندو ھئو. ھڪ اسان جي ڄمڻ کان به گھڻو اڳ فوت ٿيل چاچو “ڪاٽڪو” جھان سان به اٿڻ ويھڻ وارو ھئو. اھڙي طرح اسان جو گھراڻو سڀني رنگن جو امتزاج رکندڙ ھئو. ماڻھن کي چوندو آهيان ته “اميري، فقيري ۽ اشرافت، حرامپائي سڀئي ڪتاب پڙھيو ويٺا آھيون”.
مون مذھبي ماحول ۾ اک کولي. منھنجا ماءُ، پيءُ روزي نماز جا تھجد، اشراق تائين ۽ سڀني نفلي روزن تائين پابند ھئا. فقيري رنگ خانداني ورثي ۾ مليل آھي، جيڪا امانت منھنجي والد صاحب وٽ آئي، مگر پاڻ ڪڏھن به اهڙو اظھار ڪري، زباني دعوا جو دم نه ھنيائين. طريقت معرفت جو مانجھي ھئو ۽ شريعت جي دائري اندر سڄي زندگي گذاريائين. والد صاحب جي ورثي جو امين آئون ٿيس، پرمون ۾ اھا ٿوم ڪانه ٿي، ٺلھي اداڪاري ڪري پرينءَ کي پرچائڻ جا وس پيو ڪندو آھيان.
منھنجو وڏو ڀاءُ گل منير فن، فلم ۽ ٽي ويءَ جي دنيا سان وابسته ھئو. وسيع سنگت ھئس. مصطفيٰ قريشي، صالح محمد شاه، عبدالڪريم بلوچ ۽ انھي دور جي سڀني فنڪارن سان ويجھڙائي ھوندي ھئس.


(عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر 07 آگسٽ 2016ع، ص: 10)

No comments:

راءِ ڏيندا