; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر رسول بخش ٻرھام - عبدالشڪور ملاح

05 August, 2017

ڊاڪٽر رسول بخش ٻرھام - عبدالشڪور ملاح

ڊاڪٽر رسول بخش ٻرھام
عبدالشڪور ملاح

حيدرآباد شهر کان اوڀر-اتر طرف، ٻھراڙيءَ جو هڪ ڳوٺ محمد بخش ٻرهام آھي. هتي هڪ وڏي هاڪ ۽ دٻدٻي وارو زميندار محمد بخش ٻرهام جيڪو ھيو ته اڻپڙهيل پر سڌ ٻڌ ۾ مڙني کان سگهارو هو. کيس ٻه پٽ آهن. جن مان هر هڪ جي پنهنجي حيثيت آهي. پر آئون اڄ جنهن شخصيت جي باري ۾ اوهان کي آگاهي ڏيئي رهيو آهيان، ان جو نالو ڊاڪٽر رسول بخش ٻرهام آهي.


رسول بخش، پرائمري تعليم، پنهنجي ڳوٺ ۽ گيلو نوناريءَ ۾ حاصل ڪئي. ڇھون درجو ڏيٿا اسٽيشن تي، گهوڙي تي چڙهي پڙھڻ ويندو ھيو. اتان ڇھون پڙھي پاس ڪرڻ بعد ستين درجي کان ميٽرڪ تائين تعليم، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. انٽر (پري ميڊيڪل) ڪنٽومينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو مان سال ۱۹۸۶ع ڌاري ايم بي بي ايس MBBS ڪيائين. ان بعد، ماسٽرس ڪارڊڪ سرجري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سال ۱۹۹۲ع ۾ ڪيائين.
هن وقت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر NICVD ۾ ملڪ جي مايہ ناز دل جي ڊاڪٽر طور، خدمت ڪري رهيا آهن.
هڪ لحاظ کان رسول بخش ٻرھام، پاڪستان جو واحد ڊاڪٽر آهي، جيڪو هڪ ئي وقت سرجن به آهي ته فزيشن به آهي. پاڻ دل جي بيمارين جي قومي اداري جي حڪيم اختر کان متاثر آهن۔
تاريخ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۹۳ع تي تبليغي سلسلي ۾، رائيونڊ ۾ ڊاڪٽرن جو جوڙ رکيو ويو ھيو. دعوت ملڻ بعد، ان ۾ شرڪت ڪيائون. جتان متاثر ٿي، دين طرف لاڙو ٿين ۽ اڄ تائين اندرون ۽ بيرون ملڪ دعوت تبليغ ۾ عمل پيرا آهن.
سال ۱۹۹۴ع ۾، امڙ سميت، حج جي سعادت ماڻيائون. ان سلسلي کي اڄ بہ جياريو اچن۔ سال ۱۹۹۴ع ۾ ئي، جڳ مشهور مقرر مولانا طارق جميل جن سان، محمود آباد ڪراچي ۾ ملاقات ٿين. سال ۲۰۰۶ع ۾ علائقي جو تجزيو ۽ مشاهدو ڪيايون. دل ۾ خدمت جو جذبو جاڳي پين. ائين احساس ويلفيئر ٽرسٽ جوڙي، سماجي سفر جي شروعات ڪيائن. ٿورن ئي ڏينهن ۾، ماڻهو مڙي اچي مٺ ٿيا. هر آچر تي ڊاڪٽر صاحب وٽ اڻ اعلانيہ ميلا مچڻ لڳا. هتي ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن؛ ارباب غلام رحيم ۽ سيد قائم علي شاھ سميت، ملڪ جون نالي واريون سياسي، سماجي ۽ ديني شخصيتون اچي چڪيون آهن.
منع ڪرڻ باوجود لکڻو ٿو پئي تہ ڪيترن ئي گهرن جون چلهيون هن شخصيت جي ڪري ئي ٻرن ٿيون. ڳوٺاڻي سطح جي مسجدن ۽ اسڪولن ۾ به هي پنهنجو حصو حق سمجهي ادا ڪري ٿو. وسيع سوچ ۽ نظر رکندڙ ھي ماڻهو توڙي جو چيلينجر رهيو آهي پر درگذر ڪرڻ بہ ڪو هن کان سکي۔
خداوند ڪريم کيس صالح اولاد عطا ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو وڏو برادر وڏيرو خداڏنو ٻرهام، يونين ڪائونسل ٽنڊوحيدر جو چيئرمين رهي چڪو آهي. ان جو پٽ ۽ ڊاڪٽر صاحب جو ڀائيٽو، محمد بخش ٻرهام ضلع ڪائونسل حيدر آباد جو ميمبر آهي۔
سياسي طور تي پيپلز پارٽيءَ سان وابستگي اٿس. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي هي پنهنجو آئيڊيل سمجهي ٿو۔
باري تعاليٰ هن خاندان کي شادوآباد رکي۔


(عبدالشڪور ملاح جي فيس بوڪ وال تان کنيل، بتاريخ پنج آگسٽ ۲۰۱۷ع)

No comments:

راءِ ڏيندا