الله بخش قريشي
منھنجو بابا، جنھن کي
اسي سالن جي عمر ۾ هٿڪڙيون لڳيون
مدد علي سنڌي
ماڻهوءَ
کي سدائين پنهنجن اباڻن جي اڪير لاحق رهندي آهي، خاص طور تي جڏهن هو هي جهان ٿا
ڇڏي وڃن. ماڻهو ماءُ کي به ياد ڪندو ٿو رهي سدائين ته پيءُ به هن کان سڄي ڄمار
بنهه نٿو وسري. مون کي ٻنهي جي ياد ور ور ڏيئي ايندي آهي. اسان جي سنڌي معاشري ۾
جيتوڻيڪ ڪنهن ٻار جو پنهنجي ماءُ سان ڏاڍو دلي لڳاءُ هوندو آهي. پر مون کان بابا
ڪڏهن به نه وسريو آهي. هڪ رعبدار، اصول پرست، ايماندار، پورهيت شخص. هن ڪيتريون،
وڏيون وڏيون نوڪريون ڪيون، پر نه ڪنهن انسان کي آزاريائين نه خلق خدا جا کيسا خالي
ڪيائين.
هو
حيدرآباد سنڌ ۾ ۱۸۹۶ع ۾ ڄائو هو. پنهنجي دور جي هڪ
مشهور اسڪول نوودياليه هاءِ اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ميٽرڪ لاءِ سندس
والد ميان محمد يوسف قريشي، کيس سنڌ مدرسي ڪراچي ڏياري موڪليو ۽ پاڻ ۱۹۱۴ ۾ اچي سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهيو. ساڻس گڏ سندس ننڍڙي هوندي جو دوست حسن
علي آفندي به گڏ هو. عمر بن محمد دائود پوٽو، سيد مدد علي شاهه ساڻس گڏ پڙهندا هئا.
پر بابا ميٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو.
۱۹۲۲ع ۾ کيس پنهنجي والد جي پراڻي دوست مسٽر اومن، ڊي آءِ جي سنڌ، سڏي پاڻ وٽ اسٽينٽر ڪري رکيو. بابو ٻڌائيندو هو ته؛ مسٽر
اومن جڏهن حيدرآباد جو پوليس ڪماني يعني ايس ايس پي هوندو هو ته هن جي والد سان
گهاٽي ياري هوندي هيس. ان وقت سنڌ بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئي. سنڌ جو انتظام ڪمشنر ۽
ڊي آءِ جي پوليس هلائيندا هئا. بابو سدائين انگريز آفيسرن جي قابيلت ۽ انتظامي
ماهر هئڻ جي واکاڻ ڪندو هو. چوندو هو ته؛ ڊي آءِ جي پوليس، جڏهن سنڌ جي گشت تي
هلندو هو ته ڪنهن وڏيري جي دعوت نه کائيندو هو. سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ رهندو هو ۽
پنهنجي ماني جو انتظام پاڻ ڪندو هو.
هڪ ڀيري
مسٽر اومني، ٿر پارڪر جي دوري تي نڪتو. جيمس آباد ۾ ڪيمپ هنيائين. مانيءَ جو
بندوسبت سولو نه هو، سو مون کي ريل ۾ ميرپورخاص موڪليائين ته وڃي مامو جي بيڪرز تان
بسڪوٽ وغيره وٺي اچ! پوءِ آئون وٺي آيس ... چانهه ۽ بسڪوٽ تي گذارو ڪندو هو. اهڙو
ئي واقعو سيوهڻ ۾ پيش آيو. مون پنهنجي مائٽن (امان وارن) کان ماني ٺهرائي آڻي کيس
ڏني، پر مقامي صوبيدار جي ٺهرايل ماني، ديڳڙن سوڌي واپس ڪري ڇڏيائين.
بابا
سائين ۱۹۲۰ کان ۱۹۷۲ تائين مسلسل ڪراچيءَ ۾ رهيو. گارڊن ايسٽ ۾ هڪڙي پارسياڻي مائي جو ڏنل
بنگلو هوندو هوس. معمولي مسواڙ هئي. جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ ادا وڏي کيس گل محمد ٽيڪسٽائيل ملز مان نوڪري زوري ڇڏائي ڪراچي پئي
آندو، ان وقت اهو بنگلو واپس، انهن پارسياڻي جي پٽ کي ڏيئي ڇڏيو. ڪنهن چيس؛ توهان
اهو بنگلو پڳڙي تي ڏيو ته توهان کي ڏيڍ لک ملندو پر جواب ڏنائين ته اهو ڪم آئون
اصل نه ڪندس، جو مائي صاحبه مون کي جڏهن اهو گهر مسواڙ تي ڏنو هو ته ان جي مسواڙ ۳۰ رپيا هئي. پوءِ اها وڌندي رهي پر گهر اصل مالڪ جو آهي، ان ڪري هن کي ئي
واپس ملندو ۽ پوءِ موٽي آيو حيدرآباد. ڪڏهن ڪڏهن اسين چوندا هئاسين ته؛ بابا توهان
به ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن پنهنجو ذاتي گهر نه ٺاهي سگهيا. مرڪي چوندو هو ته؛ ڇو ڀلا،
منهنجو گهر حيدرآباد ۾ ڪو نه هو ڇا، جو ڪراچي ۾ گهر وٺان ها.
ان وقت
ڊي آءِ جي پوليس، ايس پين جي بدلي ڪندو هو پر صوبيدارن جي بدلي بابا مرحوم ڪندو هو.
بابا جي ايمانداري مشهور هوندي هئي. سندس مقرر ڪيل گهڻن صوبيدارن وڃي پنهنجا گهر
ڀريا پر بابا، ايمانداريءَ سان زندگي ويهي گذاري. ۱۹۵۰ ۾ رٽائير ٿيو ته ان وقت ريلوي ۾ ايس پي جي عهدي تي هو. حڪومت سندس
ايمانداري جي ڪري ۵ سال ايڪسٽينشن ڏنس جنهن ڪري ۱۹۵۵ع ۾ رٽائير ٿيو. ان وقت سندس ئي ڀرتي ڪيل هيڊ ڪانسٽيبل ترقي ڪري ڪراچي جو
ايس ايس پي هو. سندس نالو رسول بخش بلوچ هو. جيڪو اصل جيڪب آباد جو ڊومڪي ذات جو
هو. ڪراچي جي گارڊن ايسٽ ۾ پنهنجو ذاتي بنگلو هيس. هنن بابا کي ڪراچي جي گل محمد
ٽيڪسٽائيل ملز ۾ جنرل مئينجر جي نوڪري وٺرائي ڏني. بابا سائين روزانو لانڍي ملز جي
گاڏي ۾ ويندو هو ۽ اها ئي گاڏي کيس واپس ڇڏي ويندي هئي. حياتيءَ جا پڇاڙڪا ورهيه
ماٺ ۾ گذاريائين.
سال ۱۹۷۵ جو اهو وقت مون کان ڪڏهن به نه وسرندو، جڏهن ان وقت جي صوبائي وزير
ٽرانسپورٽ بديع الحسن زيدي سنڌ يونيورسٽي وٽان اغوا ٿيو. بعد منهنجي عيوض، اسان جي
گهر تي پوليس ڇاپو هڻي بابا سائين کي وڃي حيدرآباد جي سٽي ٿاڻي واري لاڪ اپ ۾ بند
رکيو هو. ۸۰ ورهين جي ڄمار ۾ بابا، ۲۷ ڏينهن لاڪ اپ ۾ بند هو. گرفتاري مهل ايس ايڇ او محمد شفيع سومرو، کيس هٿ
ڪڙيون هڻي پنڌ ئي پنڌ ٿاڻي تي پوليس جي پهري ۾ وٺي ويو هو. اهو ڏکوئيندڙ واقعو هو.
پوءِ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر ۽ علامه شاهه احمد نوراني، جيڪي سنڌ اسيمبلي جا
ميمبر هئا، تن وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي کي چئي بابا کي آزاد ڪرايو هو. تعجب
انگيز ڳالهه آهي ته بابا، ڪڏهن به مرڻ گهڙي تائين، مون کي يا امان کي اهو طعنو نه
ڏنو ته آئون توهان جي ڪري پيرسنيءَ جي حالت ۾ قيد ڪاٽي آيس. بابا جي لاڪ اپ واري
وقت، سيد محرم شاهه لڪياري، اڳوڻو ناظم ٽائون ڪميٽي هنڱورجا به شاگرد تحريڪ جي ڪري
گرفتار ٿي لاڪ اپ ۾ آيو هو، اهو ٻڌائيندو آهي ته چاچا سائين ڏاڍو صابرين شخص هوندو
ھو. سڄي ٿاڻي ۾ فقط هڪڙو پنجابي اي ايس آءِ سندس خيال رکندو هو ۽ اسان کي ٻڌائيندو
هو ته برٽش دور جو پراڻو پوليس آفيسر آهي. ڇا ڪريان سختي هوندي به هن جي مانيءَ جو
خيال رکندو آهيان.
هاڻي
آئون سوچيان ٿو ته؛ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪري سالن جا سال اسان جي گهرن تي پوليس جا
مسلسل ڇاپا پوندا هئا. پاڻ کٽ تي ليٽيو، اهو سمورو لقاءُ پيو ڏسندو هو، پر مون کي
ڪڏهن ائين نه چيائين ته؛ تنهنجي شاگردي واري سياست جي ڪري سڄو گهر عذاب ۾ آهي.
هاڻي
ياد ٿا ڪريون انهن ڏينهن کي ته اکين ۾ ٿا لڙڪ لهي اچن. ڪهڙا عجيب ماڻهو هئا، اهڙن
ماڻهن کي ڏيئو کڻي ڳوليو ته به اصل اهي هٿ نه ايندا، ڄڻ اهي لڏي ويا آهن هن ديس مان
جتي ماڻهن جي ٿا ڳولا ڪندا رهون.
اباڻن جي اڪير، رئاڙي ۽ رڙائي.
No comments:
راءِ ڏيندا