; سنڌي شخصيتون: قائدِ اعظم محمد علي جناح

04 August, 2017

قائدِ اعظم محمد علي جناح

قائدِ اعظم محمد علي جناح

ارشاد ڪاغذي



محمد علي جناح ۲۵ ڊسمبر ۱۸۷۶ع تي جهرڪ ۾ گجراتي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هو قانوندان، وڪيل، سياستدان ۽ پاڪستان جو خالق ۽ باني هو. هو پاڪستان جو ابو ۽ قائدِاعظم (عظيم اڳواڻ) جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جهرڪ، ڪراچي، بمبئي ۽ انگلستان ۾ تعليم پرائي ۽ برطانيه ۾ تعليم دوران محمد علي جناح ۱۹ صدي جي برٽش لبرل معاشري ۾ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي. آزادي، جمهوريت، رواداري، مساوات ۽ انساني حقن جو سبق سکيو ۽ پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ برٽش معاشري جي زرين اصولن مان گھڻو پرايو ۽ انهن آدرشن ۽ اصولن تي سموري عمر ڪاربند رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت جمهوري ملڪ ۽ روشن خيالي جي ڇانوَ ۾ پروان چڙهي. ان وقت هندستان انگريزن جي ڪالوني هو ۽ انگريز سامراج جي مڪمل قبضي هيٺ هو ۽ هندستان جو معاشرو گُهٽ ٻُوسٽ ۽ غلامي ۾ ٻوساٽيل هو. هندستان جي غلام عوام جا امير توڙي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ ويندا هئا ۽ اُتان جي جمهوري، آزادي ۽ روشن خيالي جي آدرشن ۽ اصولن سان فيضياب ٿي ڪري پنهنجي ملڪ موٽي ايندا هئا ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ جنبي ويندا هئا. محمد علي جناح به انگلينڊ کان موٽي اچي وڪالت ۽ سياست ۾ حصو ورتو. ۱۹۰۶ع ۾ هندستان ۾ سياست جي شروعات ڪئي. هو انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو، جيڪا ان وقت هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت هئي. هو هندو - مسلم اتحاد جو سخت حامي هو سندس ڪوششن سان ۱۹۱۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ معاهدو ٿيو هو. جناح صاحب ۶۰ رڪني امپيرئل ليجسليٽو ڪائونسل جو هڪ رڪن بنجي ويو. جيتوڻيڪ ان ڪائونسل کي ڪو پاور ۽ اختيار ڪونه هئا ۽ ان ڪائونسل ۾ سامراج انگريز نواز اڻ چونڊيل ۽ ٿاڦيل ميمبرن جي اڪثريت هوندي هئي، جنهن ۾ يورپي به شامل هئا. محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ ابتدائي طور آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ڪونه ٿيو، جيڪا ۱۹۰۶ع ۾ قائم ٿي هئي، ۽ هن ڪانگريس کي ترجيح ڏيندي پنهنجو سياسي ڪيريئر شروع ڪيو. آخرڪار جناح صاحب ۱۹۱۳ع تي مسلم ليگ جوائن ڪئي ۽ ۱۹۱۶ع ۾ لکنو اجلاس ۾ صدر چونڊيو ويو.


محمد علي جناح مسلم ليگ جي صدر ٿيڻ بعد هندستان جو اهم اڳواڻ ٿي اڀريو. هو مسلمانن جي نمائنده جماعت جو وڏو سياسي اڳواڻ ٿي پيو ۽ هر مسئلي تي هو مسلمانن جي قيادت ۽ نمائندگي ڪندو رهيو. ۱۹۱۶ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وچ ۾ لکنو پيڪٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کان علاوه مختلف موقعن تي انگريز سرڪار سان ڳالهيون ڪيون ۽ مسلمانن جي الڳ شناخت، اختيار ۽ حيثيت جا مطالبا رکيا. ڪانگريس جي پاليسين سان اختلاف رکيو ۽ مهاتما گانڌي سان سخت مقابلو ڪيو ۽ پاڻ مڃرايو. ۱۹۳۷ع جي لکنو اجلاس ۾ برابري جي اصول تحت مسلمانن کي حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جواهر لال نهرو ۽ ڪانگريس جي پاليسي کي سخت ننديو. پنڊت نهرو چيو هو ته ڪانگريس ۽ انگريز سرڪار ئي اسٽيڪ هولڊر آهن، ان جي مخالفت ڪندي جناح صاحب تقرير ڪندي چيو ته ”مسلم ليگ به ٽين فورس ۽ برابر جي حقدار آهي.“ انگريز سرڪار تي دٻاءُ وڌائي مسلمانن لاءِ الڳ سيٽون ۽ حق حاصل ڪيا ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي انگريز راضي ٿيا ۽ پاڪستان کي آزاد ڪيو، ان سموري عمل ۾ جناح صاحب جو ئي ڪمال هو.

محمد علي جناح انگريزن ۽ ڪانگريس سان ڳالهه ٻولهه ڪري پاڪستان کي آزادي ڏياري ۽ هو پاڪستان جو پهريون گورنر ٿيو ۽ دستور ساز اسيمبلي جو صدر مقرر ٿيو. مسلم ليگ ۽ محمد علي جناح پاران مسلمانن جي لاءِ الڳ رياست جو تصور ڏنو ويو هو، پارٽي جي مختلف اجلاسن ۾ مسلمانن جي الڳ رياستن جو مطالبو ڪيو ويو هو، پر اهو مطالبو هڪ کان وڌيڪ رياستن بابت هو. ۱۹۳۷ع ، ۱۹۴۱ع ۽ ۱۹۴۳ع واري مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ مسلمانن جي الڳ رياستن جو خاڪو پيش ڪيو ويو هو. ۲۳ مارچ ۱۹۴۳ع ۾ لاهور جي اجلاس ۾ ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻن رياستن جو خاڪو پيش ڪيو ويو هو ۽ وحدتن جو تصور پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڪائي يا وحدتن جي خودمختياري جي ضمانت پڻ ڏني وئي هئي پر محمد علي جناح جي لاڏاڻي بعد پاڪستان ۾ جهڙي انداز سان حڪمراني ڪئي وئي، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جاگيردارن ۽ ڪاموراشاهي ملڪ جا اصل مالڪ ۽ وارث ٿي ويا ۽ هن ملڪ کي آپيشاهي ۽ ايڪائين ۽ وحدتن جي خودمختياري کي ختم ڪري صوبن سان ڏاڍائي ڪئي وئي، جيڪا آزادي کان وٺي هن مهل تائين جاري ۽ ساري آهي. جهڙي نموني پاڪستان جي قرارداد ۾ وحدتن، قوميتن ۽ ايڪائين جو ذڪر هو، جهڙي نموني اسٽيٽس جو ذڪر هو، ان کي پاڪستان ٺهڻ بعد پنهنجي طريقي سان اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه قائداعظم محمد علي جناح جيڪا پهرين تقرير ڪئي هئي، ان کي دفتر داخل ڪيو ويو آهي. اها تقرير به ڪٿي توهان کي نه ملندي.

قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي ڪي اهڙا قصا بيان ڪجن ٿا جيڪي تاريخ جي ورقن تان زوري گم ڪيا ويا آهن ۽ ميساريا ويا آهن، جيڪي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکندڙ هئا. آءُ مٿي پاڪستان جي ايڪائين ۽ اسٽيٽس جي باري ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ۽ هينئر محمد علي جناح جي ان تقرير جون خاص خاص ڳالهيون هتي رکان ٿو ته جيئن اوهان کي تاريخي حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ٿئي. جناح صاحب ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي کي پهرين صدر جي حيثيت سان خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ مملڪت پاڪستان جي مقصد ۽ نصب العين بابت اهم تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي آئين جي جوڙجڪ، قانون، دستور، پارليامينٽ، ڪاروبار مملڪت ۽ نظام جو چٽو خاڪو ۽ بنياد پيش ڪيو ۽ ان ۾ جناح صاحب تمام مکيه ڳالهيون ڪيون، جيڪو دستاويز مملڪت پاڪستان لاءِ اهميت جوڳو دستاويز آهي پر ان تقرير کي لڪايو ويو ۽ اها اڃا تائين ناپيد آهي ۽ عوام جي دسترس ۽ نظرن کان دور آهي ته جيئن پاڪستان جي عوام انهن سنهري اصولن کان اڻ ڄاڻ رهي ۽ هتان جا ڪوڙا حڪمران ملڪ تي قابض رهي سگھن. جناح صاحب پهرين دستور ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو هو ته آئين ساز اسيمبليءَ جا مکيه فرائض فقط ٻه ٿي سگھن ٿا:

”هڪ محنت طلب ۽ انتهائي محتاط فريضو، پاڪستان جي آئينده لاءِ آئين جي تشڪيل آهي. ۽ ٻيو پاڪستان جي وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ جي حيثيت سان هڪ ڪامل ۽ جامع، آزاد ۽ خودمختيار اداري جي حيثيت سان پنهنجن منصبي فرضن جي بجا آوري.

چناچه پاڪستان جي وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ لاءِ هڪ عبوري آئين کي منظور ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان پنهنجون بهترين ڪوششون صرف ڪنداسون.”افسوس! صد افسوس! اهو خواب پورو نه ٿي سگھيو. اها تلخ حقيقت آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گھڻو عرصو هي ملڪ بنا آئين جي هلايو ويو ۽ ٻيو وري جيڪو به آئين هو ان کي ڦاڙي ڦٽو ڪيو ويو، آمرن ۽ غاصبن ۽ فوجي جرنيلن پاڪستان کي پنهنجو مالِ غنيمت سمجهي، جيڪي جاوا ڪيا سي تاريخ ۾ درج آهن. ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽيو ويو ۽ ملڪ جي عوام کي غلام بنايو ويو. جمهوريت بدران آمريت پروان چڙهي ۽ ملڪ تي هڪ هٽي مڙهي وئي. مطلب ته مني صدي ۾ جيڪي ڪيس ۽ ڪلور ٿيا سي اڃا تائين ساڳيا آهن. اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو فوجي راڄ قائم رهيو ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني بدران آمرن ۽ فوجي حڪمرانن جو حڪم هلندو هو. آمريت جي ڪاري قانون تحت حلف کڻندڙن قوم جي ابي جي اصولن کان انحرافي ڪندي جيڪي ڪم ڪيا آهن، ان باري ۾ بخوبي واقف آهيو.

پاڪستان جي ابي قائدِ اعظم محمد علي جناح مرڪزي آئين ساز اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اهم نڪتا بيان ڪيا، هن پنهنجي خطاب ۾ فرمايو:

”هر حڪومت جو پهريون فريضو اهو آهي ته اها قانون ۽ نظم و ضبط جي عملداري قائم رکي سگھي. ته جيئن ان جي شهرين جي جان، مال ۽ مذهبي عقيدن جي پوري پوري حفاظت ٿي سگھي. رشوت ۽ بدديانتي واقعي زهر آهن، جنهن کي پوريءَ سختيءَ سان ختم ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. مون کي اُميد آهي ته هيءَ اسيمبلي سڀني ممڪن ۽ جائز طريقن سان هن لعنت جي خلاف عملي ڪارروائي ڪندي... ٻي ڳالهه جا مون کي بار بار خيال ۾ اچي رهي آهي، سا آهي اقرباپروري. ان لعنت کي به پوريءَ سختي سان ڪچلڻو پوندو. مان هن موقعي تي صاف صاف ظاهر ڪرڻ ٿو چاهيان، ته مان ڪنهن به قسم جي اقربا نوازي، جانبداري، خيوش پروري يا پنهنجي ذات جي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ براه راست، يا واسطي سان اثرانداز ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندس. جڏهن به مون کي معلوم ٿيو ته اها روش اختيار ڪئي ويئي آهي يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اثر ۽ دخل سان ڪٿي گھٽ ته ڪٿي وڌ موجود ٿي چڪي آهي، ته پوءِ ياد رکڻ گھرجي ته يقينن اهڙي ذليل حرڪت مان ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگھندس ۽ ان لاءِ سخت قانوني ڪارروائيءَ جو حڪم ڏيندس.“

 قائدِ اعظم ان موقعي تي هڪ اهڙو تصور، خيال ۽ خاڪو پيش ڪيو جيڪو، مملڪت پاڪستان جي فلاح ۽ بهبود بابت هو. بيروزگاري، چوري، زخيره اندوزي، رشوت، اقرباپروري، بدعنواني، بدديانتي کي ختم ڪري قانون جي حڪمراني، اقليتن جو پورو پورو تحفظ ۽ ايمانداري سان سٺي حڪمراني ۽ عملداري کي يقيني بنائڻ جا اهم نقطا ٻڌايا. پر اهي سڀ اصول ۽ خيال لڙهي ويا ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، اهو قائد جي ڏنل اصولن جي سراسر خلاف ورزي ٿي رهيو آهي. ان ۾ وقت جا حڪمران ئي ڏوهدار آهن، جن پنهنجي قائد جي پيغام کي پٺي ڏني. قائدِ اعظم محمد علي جناح پنهنجي خطاب ۾ ملڪ کي جديد طرز جي رياست بنائڻ پئي گھريو.هو لبرل ۽ سيڪيولر سوچ ۽ خيال جو مالڪ هو. هو اقليتن کي مڪمل برابريءَ جي بنياد تي حق ڏيڻ جو حامي هو. هن مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرين خطاب ۾ فرمايو: ”آءٌ هتي ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان اڄ آزاد آهيو. اوهان پنهنجن مندرن ۾ وڃي سگھو ٿا. اوهان مسجدن ۾ وڃي سگھو ٿا، ڪير به اوهان کي روڪي نه سگھندو. پاڪستان جي رياست ۾ جيڪي به اوهان جون عبادتگاهون آهن، اوهان انهن ۾ آزاديءَ سان وڃي سگھو ٿا. اوهان جو ڪوبه مذهب، ذات يا مسلڪ ۽ مشرَب ٿي سگھي ٿو، پر رياست جي امور سان ان جو ڪوبه تعلق ناهي.“ قائدِاعظم وقت بوقت اهڙن خيالن جو اظهار ڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هو روشن خيال ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ هو. پر آمرن، پاڪستان تي قبضو ڪري جناح صاحب جي آئيڊيالوجي جي ابتڙ ملڪ جو وهنوار هلايو ۽ هتي نفرت ۽ تعصب کي وڌايو. اقليتن کانسواءِ هتان جي سمورن شهرين جا حق غضب ڪيا ۽ ملڪ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي آزادي بعد بيماري وگھي قائدِاعظم گھڻو وقت حڪومت جي سار سنڀال رکي نه سگھيو ۽ عملي طور ملڪ جو ڪاروهنوار ٻين جي هٿ اچي ويو، جن ملڪ کي پنهنجي مفادن تحت هلايو. جناح صاحب جي بيماري واري عرصي ۾ هن جو علاج ۽ معالجو ۽ تيمارداري ۾ غفلت ڪئي وئي. سندس حياتي جي لڪيل گوشن جي تحقيق،  تفتيش ۽ قائدِاعظم جي زندگي جي گمشده ورقن جي ورق گرداني ڪندي اهو پتو ۽ پروڙ پئي ٿي ته سندن زندگي جا ڪيترا اهڙا پهلو آهن، جيڪي عوام کان لڪايا ويا آهن يا وري اهي عوام جي اکين کان اوجهل رکيا ويا. ڪيئي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي منظرعام تي اچن ٿيون ته ان کي ملڪ جا حڪمران ۽ ڪاموراشاهي لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن عوام کي اصل حقيقت جي خبر نه پوي.


 

قائد اعظم محمد علي جناح

دُکي انسانيت جو درد رکندڙ

مير نادر علي ابڙو

اڄوڪو ڏينهن تاريخ جي انهي امر انسان جي جنم ڏينهن جو آهي جنهن جي خدمتن ۽ جدوجهد عيوض اسان جي قوم کي آزادي جهڙي نعمت نصيب ٿي. اڄ سموري پاڪستاني قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت انتهائي عقيدت ۽ پاٻوهه وچان ملهائي پئي، سندس ولادت ۲۵ ڊسمبر تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. ملڪ جي گادي واري شهر اسلا آباد کان ويندي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون ٿي رهيون آهن، جن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته هي گلن کان به وڌيڪ پيارو ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان اسان ڪيڏي وڏين قربانين بعد حاصل ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جو عظيم اڳواڻ ۽ دکي انسانيت جو درد رکندڙ اعليٰ انسان هو. جنهن ڪڏهن ڪنهن آڏو جهڪڻ نه سکيو، اوستائين سک سان نه ويهندو هو جيسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿئي. هن هميشه پنهجي ملڪ ۽ قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهه ڪئي، پاڪستان جي خوشحالي لاءِ خواب سرجيندو رهيو، اهوئي ڪارڻ آهي، جو سندس ڪيل خدمتن جي صلي ۾ سندس تي سموري قوم ساهه ٿي ڏي. قائد اعظم محمد علي جناح انگريزن سان ويڙهه ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، ته اڃا به ڪي آهن جيڪي پنهنجي حقن جي ويڙهه ڪري ڄاڻن ٿا. پاڻ انتهائي جرت مندانه فيصله ڪندڙ اڳواڻ رهيا. حق ۽ سچ جو علم هٿن ۾ کڻي ماڻهن کي حق ۽ سچ جي راهه تي مسافر ٿيڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا سندس نظر ۾ فرقا ۽ مذهب، قومون ڪڏهن به ڪنهن ڪم ۾ حائل نه رهيون، پاڻ هميشه هر ڪنهن کي حق ۽ سچ تي هلڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا.

اڄ سندس قوم ۱۳۰ جنم ڏينهن ملهائي کيس لفظن جي ڀيٽا پئي ڏي اها تاريخي حقيقت آهي، ته قائدِ اعظم محمد علي جناح اسان جي ملڪ ۽ قوم جو اهو روح خيال هو، جنهن اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي جا، جيڪي خواب ڏٺا تن کي منزل ۽ مقصد تائين پهچايو.

منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جن اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا، ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جيڪي قدم کنيا تن جو احسان هي قوم شايد ئي ڪڏهن لاهي سگهي. حالانڪه قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ جي به آڇ ڪئي جنهن کان هن ڪن سياسي مصلحتن ڪارڻ انڪار ڪيو هو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تاريخي حقيقت آهي، ته هن ملڪ جي عوام کي آزادي جو سنهري سورج ڏيکارڻ ۾ جيڪو ڪردار قائدِاعظم محمد علي جنا ح ادا ڪيو اهو هيل تائين ڪوبه ادا نه ڪري سگهيو آهي.

اسان چاهيون ٿا، ته اڄوڪي عظيم ڏينهن تي پاڻ ۾ ويهي اهو وچن ڪيون، ته اسان هن پياري پاڪستان قائد ملت قائد اعظم محمد علي جناح جي ڇڏيل خوابن جي تڪميل لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ويهنداسين ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ پنهنجي پنهنجي واٽ جو پورو پورو حق ادا ڪنداسين ۽ سموري دنيا کي اهو سنديسو ڏينداسين، ته قائدِاعظم محمد علي جناح جو ملڪ اڄ به اڳئين کان به خوشحال آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي ۱۳۰ جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان کي اها به تاريخي حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته ڪيترن مائرن ڀينرن ۽ وڏڙن جي قربانين بعد هي ملڪ حاصل ٿيو هو اچو ته اهو عهد وفا ڪيون، ته اسان هن پياري ملڪ پاڪستان جي خوشحالي جو آواز سموري جڳ ۾ خوشحالي جو نياپو کڻي گونجندو رهندو.

 

 

(مهراڻ، خبرون، سنڌ، سڪار، فيصلو، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، هلچل)


 

قائداعظم محمد علي جناح

باني پاڪستان

صوفي غلام مصطفيٰ

قائداعظم محمد علي جناح باب الاسلام سر زمين سنڌ جي تاريخي شهر ڪراچي ۾ تولد ٿيو. ڪن روايتن موجب قائداعظم جهرڪن جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، پر موجوده تحقيق موجب، سندس ولادت ڪراچيءَ جي کارادر علائقي ۾ ٿي. سندس والد صاحب جو نالو پونجا جناح ۽ والده جو نالو مني ٻائي هو. سندس والده جو نالو اڳتي هلي سڪينه رکيو ويو. سندس وڏا اصل راجڪوٽ ڪاٺياواڙ علائقي جا رهواسي هئا. سندس والد واپار ڪندو هو ۽ ڪراچي ۾ چمڙي جي کلن جي تجارت ڪندڙ هڪ مشهور ڪمپني ۾ حصيدار جي حيثيت سان ڪاروبار ڪندو هو.

محمد علي جناح جي تعليم جي شروعات کارادر جي هڪ ننڍڙي اسڪول کان ٿي. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۲ سالن جي عمر ۾ ۱۸۹۲ع ۾ جناح صاحب بئرسٽريءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو ۽ لنڪن اِن اسڪول ۾ داخل ٿيو. لنڊن ۾ عيش عشرتن ۽ فضول خرچي کان ڪناره ڪش هوندو هو ۽ سندس ڌيان صرف پنهنجي اعليٰ ۽ نيڪ مقصد سان قائم رهيو ۽ چئن سالن جي مختصر مدت ۾ تعليم مڪمل ڪري ورتائين. لنڊن ۾ رهائش دوران، سندس ملاقاتون اتي جي مشهور صحافين ۽ برصغير جي وڏن سياستدانن سان ٿينديون رهنديون هيون.

مضمون نويسيءَ ۾ سٺي مهارت حاصل ٿي ويس. انهيءَ ڪري پاڻ ادب ۽ صحافت ۾ سٺي دلچسپي وٺڻ لڳو. ۱۹۰۶ع ۾ واپس وطن پهتو ۽ ڪجهه وقت بمبئي ۾ وڪالت ڪيائين. ڪانگريس نالي سياسي جماعت قائم ٿي ته ان ۾ شموليت اختيار ڪيائين پر اڳتي هلي جناح صاحب محسوس ڪيو؛ هندو سچا نه آهن. هو مسلمانن جا خيرخواهه نه ٿا ٿي سگهن. ان ڪري ڪانگريس کان الڳ ٿي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو ۽ پارٽيءَ جو سربراهه بڻيو.

هاڻي قائداعظم سڌي طرح مسلمانن لاءِ آزاد وطن جي گهر ڪرڻ لڳو. ان تي انگريز سرڪار ۽ هندو ليڊر سندس مخالفت ۾ ڪمر بستہ ٿي ويا. پر هي مرد مجاهد آزادي جي جدوجهد ۾ مشغول رهيو. قانوندان هجڻ ڪري هن مخالفن سان قانوني طرح لڙڻ بهتر سمجهيو. آخر سندس جدوجهد ۽ جاکوڙ رنگ لاتو ۽ انگريز سرڪار کي ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع ۲۷ رمضان مبارڪ تي، هن آزاد ملڪ پاڪستان جي قيام جو اعلان ڪرڻو پيو.

رات ڏينهن جي جاکوڙ ۽ بي آرامي ۽ سخت جدوجهد ڪرڻ سبب قائد جي طبيعت ناساز رهڻ لڳي. آزادي بعد پاڻ هن آزاد مملڪت جو پهريون گورنر جنرل بڻيو ۽ هاڻي سندس ڪنڌ تي وڌيڪ جوابدارين جو بوجهه پئجي ويو. ايتري محنت ۽ جان فشاني سان ڪم ڪندو رهيو جو، جناح صاحب پنهنجي صحت ڏانهن به ڌيان نه ڏنو ۽ سندس طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي. جسم لاغر ٿيندو ويو. ڦڦڙن ۾ تڪليف وڌي وئي. آخر پاڻ ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع ۾ هن فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي هڪ عاليشان قبو تعمير ڪرايو ويو آهي.

اڄ قائداعظم اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس قائم ڪيل پاڪستان ۽ سندس انمول اصول اسان وٽ ضرور موجود آهن. جيڪڏهن اسان سندس ڏسيل اصولن تي عمل پيرا رهياسون ته اهو قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو وڏو ذريعو آهي. اسان کي گهرجي ته هن پاڪ ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪنهن به وڏي قرباني ڏيڻ کان گريز نه ڪيون ۽ قائد جي محنت ۽ جاکوڙن سان ورتل آزادي جو صحيح قدريون. الله جون لک رحمتون هجن انهن نيڪ دل انسانن تي جن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي خلق خدا کي سڪون پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. دعا آهي ته هي ملڪ جيڪو قائد جي نشاني پڻ آهي رهندي دنيا تائين رقم رهي. (آمين)


 

قائد اعظم محمد علي جناح

عظيم اڳواڻ

جاويد احمد چانڊيو

۲۵ ڊسمبر تاريخ ساز يادگار قومي ڏينهن آهي. باني پاڪستان محسن ملت دنيا جي عظيم جاکوڙي اڳواڻ محترم قائد اعظم محمد علي جناح جن جي يوم پيدائش ۽ سالگرهه جو ڏينهن آهي. هر سال معمول مطابق ۲۵ ڊسمبر وڏي جوش جذبي عقيدت احترام سان قومي يادگار ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. ۲۵ ڊسمبر۱۸۷۶ ۾، قائد اعظم محمد علي جناح جو سنڌ ۾ جنم ٿيو. سندس والد جو نالو جناح پوجا هو. جناح پوجا ڪامياب ڪاروباري پيشي سان وابسطه هو. ۲۵ ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ۽ سرڪاري توڙي نجي طرح هن ڏينهن کي قومي ياگار طور ملهايو ويندو آهي. ملڪ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح يوم پيدائش سرڪاري سطح ڏينهن ملهائڻ جو مقصد قائد اعظم محمد علي جناح قومي خدمتن اعتراف طور کين خراج تحسين پيش ڪرڻ به هوندو آهي. سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان خاص تقريبن جو آغاز شروع ٿيندو آهي. ملڪ جون سياسي سماجي ڌريون ان قومي يادگار ڏينهن تي پنهنجي شيڊول مطابق پروگرام ڪنديون آهن. محترم قائد اعظم محمد علي جناح دنيا جي عظيم اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. ۲۵ ڊسمبر يوم پيدائش قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس قومي خدمتن اعتراف پوري قوم ڪري ٿي. قائد اعظم محمد علي جناح دنيا جو مڃيل عظيم جاکوڙي اڳواڻ آهي. برصغير مسلمانن جي وڏي خوشنصيبي هئي جو قائد اعظم محمد علي جناح جهڙو سچو هڏڏوکي بهادر عظيم جاکوڙي اڳواڻ مليو. جنهن تي فخر ۽ وڏو اعزاز آهي. قائد اعظم محمد علي جناح آزاد وطن جي قيام خاطر وڏي اڻ ٿڪ جدوجهد وطن جي آزادي ۾ تاريخ ساز شاندار ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. وطن آزادي جي تاريخ ساز جدوجهد تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. وادي مهراڻ سنڌ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي عظيم اڳواڻ قائد اعظم محمد علي جناح جن جو تعلق به سنڌ سان آهي. ۽ سنڌ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سنڌ ۾ بيشمار وڏا جاکوڙي ڪردارن جو جنم ٿيو. انهن عظيم ڪردارن قومي خدمتن کي فرض سمجهيو. بنا فرق جي قوم سان وفا سچائي جو رشتو خوب نڀايو. محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح هڪ ئي وقت ڪيترن خوبين جو مالڪ هو. عالم، ڏاهو، برک دانشور، اديب نالي وارو قانوندان، صحافي، سچو هڏ ڏوکي مظبوط ايرادن جو مالڪ، قول فعل جو سچو، انصاف، اصول پسند عملي جاکوڙيندڙ ارڏو نه جهڪڻ نه وڪامڻ واروعوامي ليڊر هو. تاريخ جي گهري مطالعي سان ۽ انصاف جي نظر سان ڏسبو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي پنهنجي زندگي قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. بنا فرق جي عوامي خدمت کي زندگي جو حصو بڻائي ورتو هو. بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن ذاتي مفاد خاطر جدوجهد جاري رکي. قائد اعظم محمد علي جناح قوم تي وڏي احسان مندي آهي. برصغير مسلمانن جا معاشي سياسي سماجي حالات بهتر نه هئا. انگريز ۽ هندو وڌيڪ طاقت ۾ هئا. برصغير جا مسلمان انهن جي رحم ڪرم تي هئا. ڪنهن به قوم جي غلامي بربادي زوال جي علامت هوندي آهي. آزادي خدا جي وڏي نعمت آهي. آزادي وڏين قربانين جي عيوض ملندي آهي. غلامي جي زنجيرن ۾ قيد برصغير جا مسلمان هئا. قائد اعظم محمد علي جناح غلامي کي پسند نه ٿي ڪيو. بي سهارا قوم کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ عظيم منظم تاريخ ساز جدوجهد جاري رکي نئين تاريخ رقم ڪئي هئي. آزادي، امن، برابري، انصاف ترقي خوشحالي جو نظريو ڏيئي برصغير جي مسلمانن ۾ نئون سياسي روح ڦوڪيو. وکريل قوم کي ايڪي اتحاد هڪ سياسي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. تاريخ ساز جدوجهد ۾ محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جي بيشمار سچا وفادار فدائي ساٿين حق سچ جي قافلي ۾ شموليت ڪري قائد اعظم محمد علي جناح جا هٿ مظبوط ڪيا. ان عظيم جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ نڀايو. انهن بهادر وفادار ساٿين جي قربانين کي به ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان سچ ۽ حقيقت جو ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان جو بنياد سنڌ کان شروع ٿيندڙ تاريخ ساز جدوجهد قربانين جو ثمر آهي. محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جن جي سچائي قوم لاءِ تڙپ ۽ تاريخ ساز جدوجهد. جيڪا تاريخ جي سونهري ورڪن ۾ محفوظ بڻيل آهي. بر صغير جي مسلمانن جي الڳ وطن کي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. اهڙو عظيم ڪارنامو محسن ملت قائد اعظم محمد علي جناح جو آهي. وطن جي آزادي جي خواب کي پورو ڪيو. دنيا ۾ تسليم ڪيو ويو ته بر صغير جا مسلمان عظيم اڳواڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ پنهنجي عظيم مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا. قائد اعظم محمد علي جناح تحريڪ پاڪستان کي عروج ڏياريو. قائد اعظم محمد علي جناح قوم لاءِ درد ۽ تڙپ رکندڙانسان هو. هن پنهنجي ساري زندگي قوم جي بهتري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. جواني کان پيري تائين زندگي جي آخري لمحن تائين قوم سان وفا جو ناتو نڀايو. ملڪ ۽ قوم خاطر جدوجهد جاري رکي. ڏينهن رات ۽ مسلسل جدوجهد سان وکريل قوم کي ايڪي اتحاد ۾ آندو. قائد اعظم محمد علي جناح کي باباءِ قوم به سڏيو ويندو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس سان مختلف معاملن تي اختلافن کان پوءِ آل انڊين مسلم ليگ جو بنياد وڌو. آل انڊين مسلم ليگ جو پيغام شهرن ٻهراڙين توڙي جهر جهنگ ۾ پهچايو ويو. محترم قائد اعظم محمد علي جناح جي آواز کي نوجوانن، بزرگن، عورتن، شاگردن، هارين، مزدورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن مان ڏنو. ڏسندي ڏسندي انڊين مسلم ليگ هڪ عوامي طاقت بڻجي چڪي هئي. انڊين مسلم ليگ جي شاگرد ونگ تنظيم مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايم ايس ايف) پاڻ ملهايو. مسلم ليگ عورتن ۾ سياسي شعورڏيڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ڀرپور تاريخي ڪردار ادا ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ عورتن جو سياسي ڪردار به بي مثال رهيو. مسلم ليگ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو پاڪستان جي خالق جماعت آهي. قائد اعظم محمد علي جناح ايشياجي بر صغير مسلمانن جو اهو اڳواڻ آهي. جنهن قرباني جي شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح سياسي طرح گهڻو سرگرم رهيو. قائد اعظم محمد علي جناح نوجوانن کي اهو اهم پيغام ڏنو ته هو وڌ ۾ وڌ تعليم ڏانهن لاڙو رکن۽ڇوته تعليم کان سواءِ دنيا ۾ ڪنهن شعبي ترقي جو تصور به ناممڪن نه آهي. جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ ترقي ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم هوندو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي اربين جي سموري قيمتي جائداد قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ذاتي پراپٽي دولت جو وڏو حصو نوجوانن جي تعليم لاءِ وقف ڪرڻ جو مقصد جيئن ترقي خوشحالي جو راهون کلن. نوجوان تعليم جي شعبي ۾ ترقي ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن. قائد اعظم محمد علي جناح جو نظريوملڪ۽ عوام جي ترقي خوشحالي جي ضمانت آهي. بدقسمتي سان پاڪستان جي آزادي کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهيو. هن جي وڇوڙي سان وڏو خال ٿيو جيڪو هن وقت تائين ڀرجي نه سگهيو. قائد اعظم محمد علي جناح جون قومي خدمتون هڪ سچ حقيقت ۽ روشن باب آهن. پوري قوم قائد اعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي. قائد اعظم محمد علي جناح جو ڇڏيل نظريي تي عمل ڪرڻ سان امن، انصاف، ترقي خوشحالي جو باب کلڻ جي ضمانت آهي.


 

قائد اعظم محمد علي جناح

[ ۱۸۷۶ع – ۱۹۴۸ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

باني پاڪستان، قائداعظم محمد علي جناح ولد سيٺ پونجا، آچر جي ڏينهن ۱۲۹۳هه مطابق ۲۵ ڊسمبر ۱۸۶۷ع تي ”کارادر“ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والده جو نالو ”سڪينه“ هو. (اصل نالو ”مٺي ٻائي هو، جيڪو پوءِ ”سڪينه“ ۾ بدلايو ويو.) سندس وڏا ڪاٺياواڙ جي شهر ”راجڪوٽ“ جا رهواسي هئا، جتي واپار ڪندا هئا، سندس والد ڪراچيءَ ۾ چمڙي جي کلن جا تجارت ڪندڙ هڪ مشهور ڪمپنيءَ ۾ حصيدار جي حيثيت سان ڪاروبار ڪندو هو.

محمد عليءَ تعليم جو آغاز ڪراچيءَ ۾ کارادر جي هڪ ننڍڙي اسڪول کان ڪيو. ڪجهه وقت گوڪلداس تيج گجراتي اسڪول ۾ به پڙهيو. آخر سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ سندس والد، پنهنجي هڪ واپاري دوست جي صلاح سان کيس اعليٰ تعليم لاءِ ولايت اُماڻيو؛ جنهن لاءِ نور محمد لالن واري کان ٽي هزار روپيه قرض به ورتائين. سورهن ورهين جي ڄمار ۾، ۱۸۹۲ع ڌاري، محمد علي بئريسٽريءَ جي تعليم لاءِ لنڊن جي ”لنڪن اِن اسڪول“ ۾ داخل ٿيو.

لنڊن ۾ فضول گوئي ۽ عيش عشرتن کي ترڪ ڪري، هن نينگر اَخلاقي حدن اندر رهندي، پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان چئن سالن اندر مڪمل تعليم حاصل ڪئي. انهيءَ مختصر عرصي ۾ ڪيترن ئي هندستاني ۽ انگريز مدبرن سان سندس واقفيت به ٿي؛ اُنهن مان مشهور پارسي سياستدان دادا ڀائي نوروزجيءَ جو نالو سر فهرست آهي. کانئس سياسي لهه وچڙ مان ڪافي ڪجهه پرايائين. نتيجي طور محمد علي هڪ ڪامياب شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ، ناليرو مدبر به بڻجي پيو.

۱۸۹۶ع ۾ تعليم مڪمل ڪري محمد علي واپس ورتو. ڪجهه وقت بمبئيءَ ۾ وڪالت ڪيائين؛ جتان نالو ڪڍي، سياسي ميدان ۾ ڪڏي پيو؛ جنهن ڪري پهريائين ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪيائين. پوءِ کيس معلوم ٿيو، ته ”هندو سچا نه آهن ۽ هو مسلمانن کي هميشہ مٺ گهرو سمجهندا آهن، انهيءَ خيال کان ڪانگريس کان علحدگي اختيار ڪندي، مسلم ليگ جو بنياد وڌائين؛ جنهن ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ (۱۸۷۸ع-۱۹۳۱ع) جهڙا مرد مجاهد به شامل ٿيا.

آخر ۱۰ مارچ ۱۹۴۱ع تي، محمد عليءَ مسلمانن آڏو ”پاڪستان“ جو نصب العين پيش ڪيو؛ جنهن جي علي ڳڙه جي مسلمان شاگردن دل جي گهراين سان آجيان ڪئي. پوءِ ته پاڻ انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ راتيان ڏينهان رڌل رهيو. هوڏانهن هندن وڏا وس ڪيا، مگر هي بلند خيال ۽ پخته مزاج انسا پنهنجي اڻامٽ اُصولن تي قائم رهيو. انگريزن هينئر پنهنجي ڪمزوري ڏسي، آخر ۱۸ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي انگلنڊ مان اعلان ڪرايو، ته ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ڳ تي پاڪستان ۽ هندستان ٻه جدا آزاد رياستون قائم ٿينديون.

نتيجي طور ستن ورهين جي هن مخصتر جدوجهد سان پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، سرحد، اولهه پنجاب ۽ اوڀر بنگال جا صوبا شامل ٿيا؛ جنهن جو گورنر جنرل به پاڻ ئي ٿيو. قيامِ پاڪستان بعد، قائداعظم پنهنجو سک ۽ سهنج (آرام) ڦٽو ڪري، راتيان ڏينهان سخت محنت سان ”پاڪستان“ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ، ڪم ڪندو رهيو؛ جنهن ڪري صحت به ساٿ نه ڏنس. حالانڪ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو به ڏنو، مگر هن مرد مجاهد، مسلم قوم جي فلاح ۽ بهبودي؛ ۽ سر بلنديءَ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي، نيٺ وڃي بستري داخل ٿيو. آخر ۱۳۶۸هه مطابق ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. کيس اُتي ئي دفن ڪيو ويو. حڪومت پاڪستان مٿس مقبرو اڏرايو آهي. سندس جنازي ۾ ڇهه لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.


 

قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻه قومي نظريو

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

اڄ اسين يوم پاڪستان ملهائي رهيا آهيون. اسان ملڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي آهي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ننڍي کنڊ ۾ مسلمان بحيثيت فاتح داخل ٿيا ۽ هتي ست سو سالن تائين حڪمران رهيا. ننڍي کنڊ ۾ هنن پنهنجيون سلطنتون قائم ڪيون ۽ وڏي رواداري جو مظاهرو ڪيو ۽ هتي جي ماڻهن کي مذهبي آزادي ڏني ته جيئن هو امن ۽ سُڪون سان خوشحال زندگي گذاري سگهن. مذھب جي آزادي جي معاملي ۾ مسلمان حڪمرانن قرآني حڪم ”دين ۾ زبردستي نه آھي“ تي عمل ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ اسلام صوفياءَ ڪرام، اولياءَ الله ۽ بزرگانِ دين جي ڪوششن سان ڦھليو. مسلمان حڪمران دين ڦھلائڻ جي سلسلي ۾ ڪابه عملي ڪوشش ڪونه ڪئي.

دنيا ۾ هندوستان پهريون ملڪ آهي، جتي مسلمان ست سو سال حڪومت ڪرڻ جي باوجود ٿورائيءَ ۾ رهيا، نه ته انهن هندن کي زبردستي مسلمان بنايو ۽ نه ئي سندن مذهبي معاملن ۾ مداخلت ڪئي. دهلي جيتوڻيڪ ڪيترن بادشاهن جو تخت گاهه رهيو. ان جي باوجود دهلي ۾ مسلمان اقليت ۾ رهيا. ڇاڪاڻ ته مسلمان حڪمرانن اشاعت اسلام ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هندستان ۾ اسلام اوترو نه پکڙجي سگهيو، جيترو پکڙجڻ کپندو هو. هندستان ۾ اسلام جي اشاعت ۾ وڏي خدمت رڳو صوفين، اوليائن ۽ ٻين بزرگن ڪئي آهي. سندن ڪردار ۽ علمي زندگيءَ کان متاثر ٿي لکين هندو مسلمان ٿيا.

جڏهن اورنگزيب عالمگير جي وفات بعد ۱۷۰۷ع ۾ مغلن جي مرڪزي حڪومت ۾ ڪمزوري جا آثار نظر اچڻ لڳا ته مختلف صوبن جا گورنر آهستي آهستي پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪندا ويا.

هوس اقتدار جي نشي ۾ مختلف مسلمان حڪمران پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. زوال واري عرصي ۾ نادر شاهه ۱۷۳۹ع ۾ هندوستان تي ڪاهه ڪئي ۽ دهليءَ ۾ قتلِ عام ڪيو. انهيءَ دوران هندن ۾ به مختلف تحريڪن جنم ورتو. سک ۽ مرهٽا هڪ طاقتور قوت طور اڀريا. جيتوڻيڪ پاڻيپت جي ٽين لڙائي جيڪا ۱۷۶۱ع ۾ مرهٽن ۽ احمد شاهه ابدالي جي وچ ۾ وڙهي وئي، تنهن ۾ مرهٽن جي طاقت ختم ٿي وئي هئي، پر احمد شاهه ابدالي جي واپس وڃڻ کانپوءِ مسلمان حڪومتون وڌيڪ انتشار جو شڪار بڻجي ويون. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هي اهو دور هو جو يورپي قومون واپارين جي روپ ۾ هندستان ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. جيتوڻيڪ شروع ۾ هو پاڻ به وڙهنديون رهيون. ليڪن آخر ۾ انگريز سڀني يورپي طاقتن کي هندوستان مان تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انگريزن کي سڀ کان وڏي ڪاميابي ان وقت حاصل ٿي، جڏهن هنن ۱۷۵۷ع ۾ بنگال جي حڪمران نواب سراج الدوله کي شڪست ڏئي بنگال تي قبضو ڪري ورتو. ۱۷۹۹ع ۾ ميسور جو حڪمران ٽيپو سلطان وطن جو تحفظ ڪندي شهيد ٿي ويو. ان بعد انگريزن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي هندستان اسان جو آهي.

جيتوڻيڪ ۱۸۵۷ع جي جنگِ آزادي ۾ هندن مسلمانن سان گڏجي حصو ورتو هو پر جڏهن شڪست جا آثار نظر اچڻ لڳا ته هندن ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ خاطر انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ مسلمان، جيڪي ان وقت انگريز جي قهر جو شڪار هئا، انهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ۽ ڦرمار ۾ شرڪ ٿي ويا. ۱۸۵۷ع واري جنگ آزادي کانپوءِ سلطلنت مغليه جو خاتمو ٿي ويو ۽ مسلمان حڪمران جي بجاءِ غلام بڻجي ويا ۽ هندن کي نوان آقا ملي ويا ۽ هنن لاءِ ترقيءَ جون نيون راهون کليون. ان جي برعڪس مسلمانن کان حڪومت کسجڻ بعد مٿن ڏاڍا ظلم ڪيا ويا ۽ هو اقتصادي طور تباهه ٿي ويا. اهڙي ڏکئي وقت ۾ سر سيد احمد خان مسلمانن جي رهبر طور اڀريو ۽ هن مسلمانن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ عليڳڙهه تحريڪ هلائي کين انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. عليڳڙه تحريڪ جي نتيجي ۾ اڳتي هلي مسلمانن ۾ جديد تعليم يافته طبقو پيدا ٿيو، جنهن مسلمانن کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ به جدوجهد ڪئي ۽ قيام پاڪستان لاءِ به راھ ھموار ڪئي.

شروع ۾ مسلمان هندن سان ملي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. ليڪن ۱۹۲۸ع ۾ نهرو رپورٽ اچڻ کانپوءِ مسلمانن محسوس ڪيو ته هندو کين الڳ قوم مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي کين برابري وارو حق ڏيڻ چاهين ٿا. ان بعد مسلمانن پنهنجي بقا لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ شروع ڪيون. علامه اقبال ۱۹۳۰ع ۾ مسلم ليگ جي ساليانه اجلاس ۾ الهه آباد ۾ پهريون ڀيرو سياسي پيلٽ فارم تان هندستان جي مسلمانن لاءِ عليحده وطن جو مطالبو ڪيو. ۱۹۳۰ع کان ۱۹۳۷ع وارو دور مونجهاري وارو دور هو.

۱۹۳۵ع واري آل انڊيا ايڪٽ جي تحت جڏهن ۱۹۳۷ع ۾ صوبائي چونڊون ٿيون. انڊين نيشنل ڪانگريس اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. يارهن صوبن مان ستن صوبن ۾ ڪانگريس جي حڪومت قائم ٿي. صوبائي چونڊن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ کي مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ سواءِ يو پي ۽ بمبئي جي شڪست جو مقابلو ڪرڻو پيو. ڪانگريس وزارتن جي دوران هندو مسلمان فسادات ٿيا ۽ انهيءَ کان علاوه ڪانگريس حڪومت جو مسلمانن سان نامناسب رويو رهيو ۽ اهو احساس ڏيارڻ لڳا ته مسلمان هندستان ۾ هڪ اقليت آهن ۽ کين اهڙي طرح رهڻو پوندو، جيئن هندو چاهيندا.

دراصل ۱۹۳۷ع جي چونڊن بعد ڪانگريسي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ھندو اقتدار جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويا جو ھو ڪنھن به صورت ۾ مسلمانن جي جداگانه حيثيت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. ھندو اڪثريت وارن صوبن ۾ ھندو مسلم فسادات ۽ مسلمانن جو قتلِ عام ڪيو ويو. يونين جيڪ سان گڏ ڪانگريس جو ٽن رنگن وارو جھنڊو سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي لھرايو ويو ۽ مسلمانن کي ان جھنڊي آڏو جھڪڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ”بندي ماترم“ ترانو، جنھن ۾ مسلمانن خلاف نفرت جو اظھار ڪيل ھو، انھيءَ تراني کي ڪانگريسي حڪومت سرڪاري ترانو قبول ڪري، مسلمانن کي انھيءَ تراني پڙھڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. اسڪولن ۾ مسلمان ٻارن کي گانڌي جي مورتي جي پوڄا لاءِ مجبور ڪيو ويو. وارڌا اسڪيم جيان وڌيا مندر اسڪيم سي پي جي صوبي ۾ شروع ڪئي وئي. ھن اسڪيم مطابق مسلمان ٻارن لاءِ به لازمي ڪيو ويو ته ھو گانڌي جي بُت جي پوڄا ڪن.

آخرڪار قائداعظم محمد علي جناح جڏهن محسوس ڪيو ته هندو ۽ مسلمان هاڻي گڏ نه رهي سگهندا ته هن عليحده وطن حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد جو آغاز ڪيو. ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع جو ڏينهن، جدوجهد هندو پاڪ جي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڏينهن تي هندوستان جي مسلمانن پهريون ڀيرو، باقاعده پنهنجي لاءِ عليحده وطن جو مطالبو ڪيو.

۲۲ مارچ ۱۹۴۰ع تي لاهور جي مشهور منٽو پارڪ ۾ جنهن کي اڄڪلهه اقبال پارڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، آل انڊيا مسلم ليگ جو ٽي روزه ساليانو اجلاس شروع ٿيو، جنهن ۾ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل پنجاهه هزارن کان به وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي. هن اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. واضح طور نظريي پاڪستان جي وضاحت ڪندي چيو ته، ”هندو مسلمان ٻه فرقا ڪونهن بلڪ ٻه قومون آهن، انهيءَ ڪري هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا فرقيوارانه نه، بلڪه بين الاقوامي نوعيت جا آهن. هندستان جا مسلمان آزادي چاهين ٿا، ليڪن اهڙي آزادي نه، جنهن ۾ هو هندوئن جا غلام بنجي وڃن. هتي مغربي جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ صرف هڪ قوم نٿي رهي. جيئن ته هندو اڪثريت ۾ آهن. انهيءَ ڪري ڪهڙي به نوعيت جي آئيني تحفظ سان مسلمانن جي مفادات جو تحفظ، صرف ان طرح ٿي سگهي ٿو ته هندستان کي تقسيم ڪيو وڃي. هندو مسلم مسئلي جو صرف اهو ئي حل آهي. جيڪڏهن ٻيو ڪو حل مڙهيو ويو ته مسلمان اهو ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪندا.“ تقرير جاري رکندي، قائداعظم رحه واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته،”اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، جنهن کي هندو مت ضم نٿو ڪري سگهي.“

وڌيڪ چيائين ته ”هندستان کي هڪ ملڪ جي بجاءِ وڏو کنڊ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ڇاڪاڻ ته، جاگرافيائي لحاظ کان هي علائقو تمام وڏو آهي ۽ هتي هڪ نه پر ڪيتريون ئي قومون آهن.“

قائداعظم رحه وڌيڪ چيو ته ”هن ملڪ لاءِ ڪوبه آئيني منصوبو ان وقت تائين مسلمانن لاءِ قابل قبول هوندو. جيستائين ان جي ترتيب ۾ هيٺيون طريقو اختيار نه ڪيو ويندو.“

”جاگرافيائي حيثيت سان تعلق رکندڙ مختلف ايڪن جي اهڙي طرح وحدت قائم ڪجي، جو ضرورت وقت علائقائي ردوبدل سان اهڙي شڪل اختيار ڪن، جو جن علائقن ۾ مسلمان عددي اڪثريت ۾ آهن، (جيئن اتر اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾) انهن کي گڏي آزاد مملڪت وجود ۾ آڻجي. جن ۾ شامل ٿيندڙ ايڪا خودمختيار ۽ آزاد هوندا،“

قرارداد لاهور کي هندن نظريه طور ”قرارداد پاڪستان“ جو نالو ڏنو ۽ غم و غصي جو اظهار ڪيو، ليڪن هندستان جا مسلمان قائداعظم جي قيادت ۾ منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندا رهيا، انهيءَ يقين سان ته منزل قريب آهي، ٻچي ٻچي جي زبان تي هو ته ڪنداسين حاصل پاڪستان، ٿيندو تقسيم هندستان.

۱۹۴۵-۴۶ ۾ برصغير ۾ جداگانه جي بنياد تي چونڊون ٿيون، مسلمانن لاءِ مخصوص ڪيل ۳۰ سيٽن تي آل انڊيا مسلم ليگ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ھڪ سيٽ به نه وڃائي ۽ مسلمانن جي ڪُل ووٽن جو ۸۶.۶ سيڪڙو حاصل ڪيو ۽ مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾، ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جون سيٽون ۴۹۲ ھيون، جنھن مان آل انڊيا مسلم ليگ ۴۲۸ سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙيءَ طرح اليڪشن ۾ مسلم ليگ ثابت ڪري ڏيکاريو ته مسلمانن جي نمائنده جماعت صرف مسلم ليگ ئي آھي. ايڏي شاندار ڪاميابي اھو ثابت ڪيو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جي اھا دعويٰ ته اھا سڄي برصغير جي نمائنده جماعت آھي، غلط ثابت ٿي. اھڙيءَ طرح مسلمانن جو اھو مطالبو ته ھو ھندن کان الڳ قوم آھن، صحيح ثابت ٿيو ۽ مسلمان مسلم قوميت جي بنياد تي برٽش انڊيا کي تقسيم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ آخرڪار پاڪستان مسلمانن لاءِ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي قائم ٿيو.

(The author is HEC Eminent Scholar and former Director، Quaid-i-Azam Academy، Karachi)


قائداعظم رحه

هڪ تاريخ ساز شخصيت

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھئا، جنھن پنھنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيھم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستي تي پختو ايمان ھو کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگھجي ٿو.

انھيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي ته قائداعظم رحه جي ذھن ۾ پاڪستان جو جيڪو تصور ھو، اھو اڄ جي پاڪستان کان يقينن مختلف ھو، دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا آھن يا جن عظيم رھنمائن آزاديءَ جي جنگ لڙي پنھنجا ملڪ آزاد ڪرايا آھن، انھن پنھنجي زندگي ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ گھريا، اھي آندائون ۽ پنھنجي تخيل مطابق ملڪ جي تعمير نو ڪري سگھيا. جيڪڏھن انھن رھنمائن وانگر قائداعظم به قيام پاڪستان کانپوءِ چند سال زنده رھي ھا ته يقينن سندس ذھن ۾ جيڪو پاڪستان جي تعمير جو خاڪو ھو، پاڪستان جي تعمير انھن خطوط تي ڪن ھا، پر ھن ملڪ جي ماڻھن جي بدقسمتي آھي جو قيام پاڪستان کان ھڪ سال پوءِ باني پاڪستان اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس پاڪستان جي تعمير جو خواب اڌورو رھجي ويو.

اڄ اسين مختصر طور قائد اعظم جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو ھو، ان جو تجزيو ڪنداسين ته جيئن قائد جي پاڪستان ۽ اڄوڪي پاڪستان ۾ فرق محسوس ڪري سگھون.

قائد اعظم پاڪستان کي ھڪ فلاحي رياست بنائڻ گھريو ٿي، ته جيئن سڀئي معاشرتي ناانصافيون ۽ عدم مساوات يڪسر ختم ڪري سگھجن. قائداعظم رحه پاڪستان ۾ ڦرلٽ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ گھريو ٿي، تنھنڪري قائداعظم دولتمندن کي پنھنجو اندازِ فڪر تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريائين ته اھي اھڙي فضا پيدا ڪن جو ھر شخص سان انصاف ٿي سگھي ۽ ان کي پنھنجو حق ملي سگھي. ورھاڱي کان پوءِ، جھڙي طرح آفيسر شاھيءَ عوام جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو ھو ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ، زندگيءَ جو مقصد بنائي ورتو ھو، قائداعظم انھيءَ ڳالھه جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن کي تنبيھه ڪندي، قائد اعظم واضح لفظن ۾ چيو: ”پاڪستان ۾ ڪنھن به طبقي کي ڦرلٽ ۽ اجاره داري جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ رھندڙ ھر شخص کي ھڪ جھڙا موقعا فراھم ڪيا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرلٽ لاءِ نه بڻايو ويو آھي، پاڪستان غريبن جي قرباني سان قائم ٿيو آھي ۽ غريبن جو ملڪ آھي ۽ غريبن کي حڪومت ڪرڻ جو حق آھي. پاڪستان ۾ ھر شخص جو معيار زندگي ايتري قدر بلند ڪيو ويندو، جو امير غريب جو فرق نه رھندو. پاڪستان جو اقتصادي نظام، اسلام جي غير فاني اصولن جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيو ويندو.“

قائد اعظم نوڪر شاھيءَ کي من ماني ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ٿي ڏيڻ گھري. قائد اعظم واضح لفظن ۾ چيو ھو ته ”حاڪميت جي تڪبر جو زور ٽٽڻ گھرجي. ھاڻي توھان حاڪم ناھيو، ھاڻي توھان جو حڪمران طبقي سان تعلق ناھي. ھاڻي توھان ملازمن مان آھيو. بس ماڻھن کي اھو محسوس ڪرايو ته توھان انھن جا خدمتگار ۽ دوست آھيو.“ پاڻ وڌيڪ چيو ته: ”توھان کي ملازمن وانگر فرض بجا آڻڻ گھرجي. سياست توھان جو ڪم ناھي توھان جو ڪم خدمت آھي. جيڪا سياسي جماعت اڪثريت حاصل ڪندي اھا حڪومت قائم ڪندي ۽ توھان جو فرض آھي ته، توھان وقتي حڪومت جي خدمت ڪيو، سياستدانن جي حيثيت سان نه، خادمن جي حيثيت سان (مون کي احساس آھي ته، قديم روايتون، قديم ذھنيت، قديم نفسيات اسان جي جھولي ۾ پيون آھن ۽ انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان ناھي. ھاڻي اھو توھان جو فرض آھي ته عوام جي سچن خادمن جي حيثيت سان ڪم ڪريو.“

قائداعظم پاڪستان ۾ معاشرتي براين جو خاتمو چاھيو ٿي، تنھنڪري پاڻ ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”ھندستان ۾ ھن وقت جيڪا سڀ کان وڏي برائي ڦھليل آھي، اھا آھي رشوت خوري ۽ بدعنواني، اھا زھرِ قاتل آھي، انھيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ”دولت پاڪستان“ جي لُغت مان ان جو نالو غلط اکر جيان مٽجي وڃي... چور بازاري ٻي بيماري آھي، اھو سنگين ترين ڏوھن کان به وڏو ڏوھه آھي.“

قائداعظم قوم کي صاف لفظن ۾ خبردار ڪيو ته ”پاڪستان ۾ اھڙن ماڻھن کي ھرگز براداشت نه ڪيو ويندو، جيڪي پاڪستان جو تختو اونڌو ڪرڻ جا منصوبا بنائي رھيا آھن، چاھي مسلمان ئي ڇو نه ھجن، اسين ففٿ ڪالمسٽ باغين ۽ ڪميونسٽن کي ھرگز برداشت نه ڪنداسين. مون کي يقين آھي ته حڪومت اھڙن باغين کي سازشن جي خلاف سخت ترين قدم کڻڻ جي پوري طاقت رکي ٿي.“

قائداعظم، عام ماڻھن، خاص ڪري مزدور طبقي جو فلاح ۽ بھبود چاھيو ٿي. پاڻ وليڪا ٽيڪسٽائل مل جي افتتاح جي موقعي تي 6 سيپٽمبر۱۹۴۷ع تي چيو ته ”مون کي اميد آھي ته توھان پنھنجي ڪارخاني جو پلان تيار ڪرڻ وقت ڪاريگرن لاءِ مناسب رھائشي گھرن ۽ ٻين آسائشن جو خاص طور تي اھتمام ڪيو ھوندو، ڇاڪاڻ ته ڪابه صنعت، ان وقت تائين حقيقي ترقي نه ٿي ڪري سگھي، جيستائين ان جامزدور مطمئن نه ھجن.“

قائداعظم قانوندان جي حيثيت ۾ عدليه جي آزاديءَ جي اھميت کي ڄاڻندو ھو. تنھنڪري ھميشه قانون جو احترام ڪيائون ۽ آزاد ۽ بيداغ عدليه جا حامي رھيا. پنھنجي سياسي زندگيءَ جي اوائلي دور ۾، ليجسليٽو ڪائونسل ۾ روٽ ايڪٽ جي مخالفت ڪندي. 6 فيبريري ۱۹۱۹ع تي پاڻ واضح لفظن ۾ چيو ته ”آئون انھيءَ ڳالھه تي ڪامل يقين رکان ٿو، آءُ انھيءَ جي پرواھه نه ٿو ڪريان ته وقتي رولٽ ڪميٽيون ڪھڙا فيصلا ۽ سفارشون ڪن ٿيون، آءُ ته انھيءَ ڳالھه تي ڪامل يقين ٿو رکان ته ڪنھن به شخص جي آزادي مناسب عدالتي تحقيقات کانسواءِ ھڪ پل لاءِ به سلب نه ڪرڻ گھرجي. ھونئن ڪنھن به ملڪ ۾آزاد عدليه کانسواءِ انصاف قائم نه ٿو ٿي سگهي.“

قائداعظم پاڪستان ۾ جمھوري نظام چاھيندو ھو، پر اھڙي جمھوريت جنھن جو بنياد حضور اڪرم صه چوڏھن سئو سال اڳ رکيو ھو، پاڻ چاهيو هو ته پاڪستان جي حڪومت عمراني عدل تي قائم ٿئي. قائداعظم جي دلي خواھش ھئي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ اھڙي مملڪت بنجي وڃي، جو ٻيھر دنيا جي سامھون حضرت عمر فاروق جي دور جو عملي نقشو اچي وڃي. پاڻ چاھيو ٿي ته پاڪستان ۾ جمھوريت جو بنياد سچن اسلامي اصولن ۽ نظرين تي قائم ڪن، جھڙي طرح الله جو حڪم آھي. ”مملڪت جي معاملن ۽ مسئلن جي باري ۾ فيصلا باھمي مشورن ۽ بحث مباحثي سان ڪندا ڪريو.“

قائداعظم پاڪستان جي دستور جي باري ۾ ھڪ انٽرويو ۾ فيبروري۱۹۴۷ع ۾ چيو ته، ”پاڪستان جو دستور اڃا بنجڻو آھي ۽ اھو پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي بنائيندي، يقين سان چئي سگھان ٿو ته، اھو جمھوري نوعيت جو ھوندو ۽ اسلام جي بنيادي اصولن تي مشتمل ھوندو. اسلام ۽ ان جي نطرين مان ھر ھڪ سان رواداري جو درس ڏنو آھي. اسان انھن عظيم روايتن جا وارث ۽ امين آھيون ۽ پاڪستان جي آئينده دستور جي معمارن جي حيثيت سان، اسان پنھنجي ذميدارين ۽ فرضن کان بخوبي آگاھه آھيون.“

قائداعظم پاڪستان کي ھڪ عظيم اسلامي رياست بنائڻ گھريو ٿي، تڏھن ھن پاڻ کي اسلام جو خادم سمجھيو. ۷ اپريل ۱۹۴۸ع تي گورنمينٽ ھائوس پشاور ۾ قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي قائداعظم رحه چيو ته ”مون جيڪو ڪجھه ڪيو آھي، اسلام جي خادم جي حيثيت سان ڪيو آھي ۽ جيترو ڪجھه منھنجي وس ۾ ھو، ان مطابق پنھنجي ملت جي خدمت لاءِ ڪم ڪيم، منھنجي مسلسل ڪوشش رھي آھي ته مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪريان ۽ مون کي اميد آھي ته عظيم شاندار پاڪستان جي تعمير نو ۽ ترقي جو جيڪو عظيم ڪم اسان جي سامھون آھي، ان جي پيشِ نظر توھان محسوس ڪندا ته حصول پاڪستان، جيڪو اسان خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ڪري چڪا آھيون، ھاڻي ڪيترو ئي اسان کي اتحاد ۽ استقامت جي ضرورت آھي.“

30 اپريل ۱۹۴۸ع تي پشاور ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”ھاڻي جڏھن پاڪستان قائم ٿي چڪو آھي، ان جي تعمير جو ڪم باقي آھي، جيڪو قيام پاڪستان کان به وڌيڪ اھم آھي، خدا جي مھرباني، توھان جي تعاون ۽ اسان جي صحيح قدمن سان مون کي اميد آھي ته اسان پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

مطلب ته قائداعظم جھڙي طرح پاڪستان جو معاشي، معاشرتي ۽ جمھوري نظام قائم ڪرڻ گھريو ٿي، جيڪڏھن اسان قائد جي وفات کانپوءِ پاڪستان جي تعمير انھيءَ طرح ڪريون ھا ته يقينن اڄوڪو پاڪستان مختلف ھجي ھا.


 

قائداعظم رحه

هڪ تاريخ ساز شخصيت

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھئا، جنھن پنھنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيھم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستي تي پختو ايمان ھو، کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگهجي ٿو.

انھيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي ته قائداعظم رح جي ذھن ۾ پاڪستان جو جيڪو تصور ھو، اھو اڄ جي پاڪستان کان يقينن مختلف ھو. دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا آھن يا جن عظيم رھنمائن آزاديءَ جي جنگ لڙي پنھنجا ملڪ آزاد ڪرايا آھن، انھن پنھنجي زندگيءَ ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ گھريا، اھي آندائون ۽ پنھنجي تخيل مطابق ملڪ جي تعميرنو ڪري سگھيا. جيڪڏھن انھن رھنمائن وانگر قائداعظم به قيام پاڪستان کان پوءِ چند سال زنده رھي ھا، ته يقينا سندس ذھن ۾ جيڪو پاڪستان جي تعمير جو خاڪو ھو، پاڪستان جي تعمير انھن خطوط تي ڪن ھا، پر ھن ملڪ جي ماڻھن جي بدقسمتي آھي جو قيامِ پاڪستان کان ھڪ سال پوءِ بانيءِ پاڪستان اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس پاڪستان جي تعمير جو خواب اڌورو رھجي ويو.

اڄ اسين مختصر طور قائداعظم جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو ھو، ان جو تجزيو ڪنداسين ته جيئن قائد جي پاڪستان ۽ اڄوڪي پاڪستان ۾ فرق محسوس ڪري سگھون.

قائد اعظم پاڪستان کي ھڪ فلاحي رياست بنائڻ گھريو ٿي، ته جيئن سڀيئي معاشرتي ناانصافيون ۽ عدم مساوات يڪسر ختم ڪري سگھجن. قائداعظمؒ پاڪستان ۾ ڦرلٽ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ گھريو ٿي، تنھنڪري قائداعظم دولتمندن کي پنھنجو اندازِ فڪر تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريائين ته اھي اھڙي فضا پيدا ڪن جو ھر شخص سان انصاف ٿي سگھي ۽ ان کي پنھنجو حق ملي سگھي. ورھاڱي کان پوءِ، جھڙيءَ طرح آفيسر شاھيءَ عوام جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو ھو ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ، زندگيءَ جو مقصد بنائي ورتو ھو، قائداعظم انھيءَ ڳالھه جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن کي تنبيھه ڪندي، قائد واضح لفظن ۾ چيو؛ “پاڪستان ۾ ڪنھن به طبقي کي ڦر لٽ ۽ اجارھه داريءَ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان ۾ رھندڙ ھر شخص کي ھڪ جھڙا موقعا فراھم ڪيا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرلٽ لاءِ نه بنايو ويو آھي، پاڪستان غريبن جي قربانيءَ سان قائم ٿيو آھي ۽ غريبن جو ملڪ آھي ۽ غريبن کي حڪومت ڪرڻ جو حق آھي. پاڪستان ۾ ھر شخص جو معيارِ زندگي ايتريقدر بلند ڪيو ويندو، جو امير غريب جو فرق نه رھندو. پاڪستان جو اقتصادي نظام، اسلام جي غير فاني اصولن جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيو ويندو.”

قائداعظم نوڪرشاھيءَ کي من ماني ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ٿي ڏيڻ گھري. قائد واضح لفظن ۾ چيو ھو ته؛ “حاڪميت جي تڪبر جو نشو ٽُٽڻ گھرجي. ھاڻي توھان حاڪم ناھيو، ھاڻي توھان جو حڪمران طبقي سان تعلق ناھي. ھاڻي توھان ملازمن مان آھيو. بس ماڻھن کي اھو محسوس ڪرايو ته توھان انھن جا خدمتگار ۽ دوست آھيو.” پاڻ وڌيڪ چيائون؛ “توھان کي ملازمن وانگر فرض بجا آڻڻ گھرجي... سياست توھان جو ڪم ناھي. توھان جو ڪم، خدمت آھي. جيڪا سياسي جماعت اڪثريت حاصل ڪندي اھا حڪومت قائم ڪندي ۽ توھان جو فرض آھي ته، توھان وقتي حڪومت جي خدمت ڪيو. سياستدانن جي حيثيت سان نه، خادمن جي حيثيت سان (مون کي احساس آھي ته قديم روايتون، قديم ذھنيت، قديم نفسيات اسان جي جھولي ۾ پيون آھن ۽ انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان ناھي.) ھاڻي اھو توھان جو فرض آھي ته عوام جي سچن خادمن جي حيثيت سان ڪم ڪريو.”

قائداعظم پاڪستان ۾ معاشرتي براين جو خاتمو چاھيو ٿي، تنھنڪري پاڻ ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي فرمايائون ته؛ “ھندستان ۾ ھن وقت جيڪا سڀ کان وڏي لعنت ڦھليل آھي، اھا آھي رشوت ستاني ۽ بدعنواني، اھا زھرِ قاتل آھي، انھيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا، ته جيئن ‘دولت پاڪستان’ جي لُغت مان ان جو نالو غلط اکر جيان مٽجي وڃي... چور بازاري ٻي لعنت آھي، اھو سنگين ترين ڏوھن کان به وڏو ڏوھه آھي.”

قائداعظم قوم کي صاف لفظن ۾ خبردار ڪيو ته؛ “پاڪستان ۾ اھڙن ماڻھن کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪي پاڪستان جو تختو اونڌو ڪرڻ جا منصوبا بنائي رھيا آھن، چاھي مسلمان ئي ڇو نه ھجن. اسين ففٿ ڪالمسٽ باغين ۽ ڪميونسٽن کي ھرگز برداشت نه ڪنداسين. مونکي يقين آھي ته، حڪومت اھڙن باغين کي سازشن جي خلاف سخت ترين قدم کڻڻ جي پوري طاقت رکي ٿي.”

قائداعظم عام ماڻھن، خاص ڪري مزدور طبقي جي فلاح ۽ بھبود چاھي ٿي. پاڻ وليڪا ٽيڪسٽائل مل جي افتتاح جي موقعي تي ۶ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي فرمايائون ته “مونکي اميد آھي ته توھان پنھنجي ڪارخاني جو پلان تيار ڪرڻ وقت ڪاريگرن لاءِ مناسب رھائشي گھرن ۽ ٻين آسائشن جو خاص طور تي اھتمام ڪيو ھوندو، ڇاڪاڻ ته ڪابه صنعت، ان وقت تائين حقيقي ترقي نه ٿي ڪري سگھي، جيستائين ان جا مزدور مطمئن نه ھجن.”

قائداعظم قانوندان جي حيثيت ۾ عدليه جي آزاديءَ جي اھميت کي ڄاڻندو ھو. تنھنڪري ھميشه قانون جو احترام ڪيائون ۽ آزاد ۽ بيداغ عدليه جا حامي رھيا. پنھنجي سياسي زندگيءَ جي اوائلي دور ۾، ليجسليٽو ڪائونسل ۾ رولٽ ايڪٽ جي مخالفت ڪندي. ۶ فيبروري ۱۹۱۹ع تي پاڻ واضح لفظن ۾ چيائون ته، “آءٌ انھيءَ جي پرواھه نه ٿو ڪريان ته وقتي رولٽ ڪميٽيون ڪھڙا فيصلا ۽ سفارشون ڪن ٿيون، آءٌ ته انھيءَ ڳالھه تي ڪامل يقين ٿو رکان ته، ڪنھن به شخص جي آزادي مناسب عدالتي تحقيقات کان سواءِ ھڪ پل لاءِ به سلب نه ڪرڻ گھرجي. ھونئن ڪنھن به ملڪ ۾ آزاد عدليه کانسواءِ انصاف قائم نه ٿو ٿي سگهي.” جيڪڏھن قائداعظم زنده رھي ھا ته پاڪستان جو نقشو ئي ٻيو ھجي ھا.

قائداعظم پاڪستان ۾ جمھوري نظام چاھيندو ھو، پر اھڙو جمھوريت جنھن جو بنياد حضور اڪرم صه چوڏھن سئو سال اڳ رکيو ھو، پاڻ چاھيائون ٿي ته، پاڪستان جي حڪومت عمراني عدل تي قائم ٿئي. قائداعظم جي دلي خواھش ھئي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ اھڙي مملڪت بنجي وڃي، جو ٻيھر دنيا جي سامھون حضرت عمر فاروق جي دور جو عملي نقشو اچي وڃي. پاڻ چاھيائون ٿي ته پاڪستان ۾ جمھوريت جو بنياد سچن اسلامي اصولن ۽ نظرين تي قائم ڪن، جھڙو الله جو حڪم آھي. “مملڪت جي معاملن ۽ مسئلن جي باري ۾ فيصلا باھمي مشورن ۽ بحث مباحثي سان ڪندا ڪريو.”

قائداعظم پاڪستان جي دستور جي باري ۾ ھڪ انٽرويو ۾ فيبروري ۱۹۴۷ع ۾ فرمايو ته، “پاڪستان جو دستور اڃا بنجڻو آھي ۽ اھو پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي بنائيندي. يقين سان چئي سگھان ٿو ته، اھو جمھوري نوعيت جو ھوندو ۽ اسلام جي بنيادي اصولن تي مشتمل ھوندو. اسلام ۽ ان جي نظرين مان ھر ھڪ سان رواداري جو درس ڏنو آھي. اسان انھن عظيم روايتن جا وارث ۽ امين آھيون ۽ پاڪستان جي آئينده دستور جي معمارن جي حيثيت سان، اسان پنھنجي ذميدارين ۽ فرضن کان بخوبي آگاھه آھيون.”

قائداعظم پاڪستان کي ھڪ عظيم اسلامي رياست بنائڻ گھريو ٿي، تڏھن ھن پاڻ کي اسلام جو خادم سمجھيو. ۷ اپريل ۱۹۴۸ع تي گورنمينٽ ھائوس پشاور ۾ قبائلي جرگي کي خطاب ڪندي قائداعظم رحه فرمايو ته “مون جو ڪجھه ڪيو آھي، اسلام جي خادم جي حيثيت سان ڪيو آھي ۽ جيترو ڪجھه منھنجي وس ۾ ھو، ان مطابق پنھنجي ملت جي خدمت لاءِ ڪم ڪيم، منھنجي مسلسل ڪوشش رھي آھي ته مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪريان ۽ مونکي اميد آھي ته عظيم شاندار پاڪستان جي تعمير نو ۽ ترقي جو جيڪو عظيم ڪم اسان جي سامھون آھي، ان جي پيشِ نظر توھان محسوس ڪندا ته حصول پاڪستان، جيڪو اسان خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ڪري چڪا آھيون، ھاڻي ايتروئي اسانکي اتحاد ۽ استقامت جي ضرورت آھي.”

۳۰ اپريل ۱۹۴۸ع تي پشاور ۾ تقرير ڪندي وڌيڪ فرمايائون ته؛ “ھاڻي جڏھن پاڪستان قائم ٿي چڪو آھي، ان جي تعمير جو ڪم باقي آھي، جيڪو قيام پاڪستان کان به وڌيڪ اھم آھي، خدا جي مھرباني، توھانجي تعاون ۽ اسانجي صحيح قدمن سان مونکي اميد آھي ته اسان پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. ھن وقت به غلط رھنمائي جو خطرو آھي. تنھن ڪري اھو توھان جو ڪم آھي ته توھان غلط رھنمائي قبول نه ڪريو.”

مطلب ته قائداعظم جھڙي طرح پاڪستان جو معاشي، معاشرتي ۽ جمھوري نظام قائم ڪرڻ گھريو ٿي، جيڪڏھن اسان قائد جي وفات کان پوءِ پاڪستان جي تعمير انھيءَ طرح ڪريون ھا ته يقيناً اڄوڪو پاڪستان مختلف ھجي ھا.


 

زاهد ملڪ

(قائداعظم بابت سندس رايو)

آصف ڀَلي

اڄ مون کي هفتيوار “حرمت” اسلام آباد جو ايڊيٽر زاهد ملڪ (مرحوم) گهڻو ياد اچي رهيو آهي. اهو زاهد ملڪ جيڪو اصحاب فڪر و نظر ۾ تمام گهڻو مٿانهون مقام رکندو هو. اهو زاهد ملڪ جنهن جي صحافت اهلِ قلم جي وقار ۽ اعتبار ۾ اضافو ڪيو. الله ۽ الله جي آخري رسول ﷺ، قرآن ڪريم، رسول ڪريم ﷺ جا فرمان، اسلام ۽ پاڪستان سان زاهد ملڪ ديوانگيءَ جي حد تائين محبت ڪندو هو. پاڪستان جي سڃاڻپ جي حوالي سان به زاهد ملڪ جو نقطه نظر گهڻو واضح، روشن، غير مبهم ۽ مضبوط هو. هو تمام نرم مزاج ماڻهو هو، سندس لکڻين جو لهجو به حد درجي جو نرم ۽ ملائم هوندو هو پر نظريي پاڪستان جي مخالفن ۽ قائداعظم جي ارشادن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ واري سيڪيولر طبقي جو ذڪر ايندو هو ته زاهد ملڪ جو جلال ڏسڻ وٽان هوندو هو. سندس علالت کان ڪجهه مهينا اڳ اسلام آباد ۾ منهنجي ساڻس هڪ ڊگهي ملاقات ٿي.

۱۷ سيپٽمبر ۲۰۱۶ع جي هڪ اخبار ۾ قائداعظم جي ويزن کان انحراف جي موضوع تي جڏهن مون هڪ مضمون پڙهيو ته مون کي زاهد ملڪ سان ٿيل آخري ملاقات ۾ سندس چيل هڪ لفظ ياد اچڻ لڳو. پهريان توهان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ مضمون جو هي حصو پڙهي وٺو؛ “قائد اعظم جو ويزن ۽ بيان واضح ۽ غير مبهم هو: قائداعظم کي سموري ڄاڻ هئي ته مسلمان مذهب جي باري ۾ وڏا جذباتي ۽ حساس آهن پر بدقسمتي سان فرقن ۾ ورهايل آهن، جيتوڻيڪ لازمي آهي ته سياست کي مذهب کان الڳ رکيو وڃي.” مضمون لکندڙ قائداعظم جي ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري تقرير جو حوالو ڏيندي اهو موقف به اختيار ڪيو ته قائداعظم مذهب جو رياست جي ڪاروبار سان ڪو به تعلق رکڻ جي حق ۾ نه هو. زاهد ملڪ (مرحوم) جي بقول مذهب کي مملڪت يا سياست جي مامرن ۾ شامل نه ڪرڻ جو واضح مطلب اهو آهي ته پاڪستان کي سيڪيولر رياست بڻايو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن قائداعظم مذهب کي خدا ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ پرائيويٽ معاملو سمجهندو هو ۽ ڪاروبار ۽ مملڪت ۾ هو اسلام جو عمل دخل پسند نه ڪندو هو ته پوءِ قائداعظم مسلمان قوم کي بنياد بڻائي پاڪستان جو نظريو ڇو پيش ڪيو؟ زاهد ملڪ چيو جيڪڏهن ڪنهن پرڏيهي گمراهه ڪندڙ تحريڪ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ تحريڪ پاڪستان جي پس منظر ۽ پاڪستان جي بانين علامه اقبال ۽ قائداعظم جي قولن جو ديانتداري ۽ منصف مزاجيءَ سان مطالعو ڪيو وڃي ته ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته تحريڪ پاڪستان ۽ ان جي قيام جو بنياد اسلام آهي. حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته تحريڪ پاڪستان جي دور ۾ گڏيل ڀارت جا جيترا به حامي ۽ پاڪستان جا جيترا به مخالف هئا اهي سڀ ئي اهو نقطو نظر ۾ رکن پيا ته مذهب جو سياست ۽ رياست جي معاملن سان ڪو تعلق نٿو ٺهي. ان ڪري مسلمان قوم جي بنياد تي پاڪستان جي قيام جو مطالبو غلط آهي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ اسلام کي پاڪستان جي معاملن تي مملڪت کان الڳ رکڻ جو حامي نام نهاد آزاد خيالي وارو طبقو اها پروپيگينڊه ڪري رهيو آهي ته قائداعظم پاڪستان کي هڪ سيڪيولر رياست بڻائڻ پئي چاهيو. ان صورتحال تي زاهد ملڪ (مرحوم) جو تجزيو ڪجهه هن ريت هو “پاڪستان کي سيڪيولر رياست بڻائڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ وارا حقيقت ۾ ان نقطي نظر کي اڳتي وڌائي رهيا آهن جيڪو نقطه نظر پاڪستان جي قيام جي مخالف هندو قيادت جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هو، جيتوڻيڪ سيڪيولر طبقو قيام پاڪستان جي بنياد کي مشڪوڪ ۽ تڪراري بڻائي ان کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ رهيو آهي.”

زاهد ملڪ سيڪيولرزم جي علمبردار بگڙيل دانشورن کي ٻڌائي ٿو ته قائداعظم جي افڪار ۾ قرآني تعليم، ارشاد نبوي صه، اسلام ۽ ٻن قومن واري نظريي جو ذڪر ايندو رهندو آهي. پاڪستان جي دستور جي حوالي سان به قائداعظم اهو فرمايو هو ته هو اسلام جي بنيادي اصولن جو آئينو ۽ جمهوري قدرن تي مشتمل هوندو، ڇوته اسلام اسان کي وحدت انسانيت ۽ هر هڪ سان عدل و انصاف جي تعليم ڏئي ٿو.

زاهد ملڪ (مرحوم) جو اهو به موقف هو ته قائداعظم پنهنجي تقريرن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا غير مسلم اقليتن جي حقن ۽ ساڻن اسلام جي تعليم جي عين مطابق سٺي رويي جي ڳالهه ڪئي، قائداعظم بنا ڪنهن لحاظ جي مذهب و ملت پاڪستاني شهرين لاءِ برابري وارن حقن جو علمبردار هو پر ان مان اهو مفهوم ڪڍڻ ته قائداعظم هڪ سيڪيولر حڪومت جو حامي هو، اها سراسر گمراهي جي ڳالهه آهي. قائداعظم تي ان کان وڏو ڪو الزام لڳائي ئي نٿو سگهجي ته جنهن مملڪت جو بنياد هُن اسلام تي رکيو هو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ قائداعظم قيام پاڪستان جي بنياد کي وساري اهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ اسلام جو مملڪت جي ڪاروبار سان ڪو واسطو نه هوندو. تحريڪ پاڪستان جو بنياد مسلمان قوم هئي ۽ اسلام جي ئي بنياد تي ملتِ اسلاميه پاڪستان جي حاصلات جي عظيم مقصد ۾ ڪاميابي ملي هئي. زاهد ملڪ (مرحوم) مون کي چيو ته اسلام کان بنا پاڪستان جو تصور ۽ تصوير مڪمل نٿي ٿئي، پاڪستان جنهن ٻن قومن واري نظريي ۽ اسلام جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، اهو نظريو پاڪستان جي بقا، سلامتي ۽ استحڪام جو ضامن آهي، جيڪڏهن اسلام کي پاڪستان جي وجود مان خارج ڪيو وڃي ته اهو حملو اسلام جي خلاف نه پر پاڪستان جي سلامتي تي هوندو.

زاهد ملڪ هاڻ هن دنيا ۾ موجود ناهي پر هو اسان جي وچ ۾ اهو پيغام ڇڏي ويو آهي ته جيڪي نام نهاد دانشور، قائداعظم جي تصور پاڪستان کي پنهنجي سوچ سان ڳنڍين ٿا ته اهي حقيقت ۾ پاڪستان جي بنياد کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪن ٿا. اسان کي قائداعظم جي چوڻين ۽ علامه اقبال جي ترويج وسيلي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو.


قائداعظم رحه جو پاڪستان جو تصور

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

اڄ پوري پاڪستان ۾ بانيءَ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رحه جو يوم ولادت ملهايو پيو وڃي. حڪومت طرفان بانيءَ پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرام پيش ڪيا ويندا ۽ سيمينار ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. اڄوڪو ڏينهن به گذريل ٽيهتر سالن جيان گذري ويندو. اڄوڪي ڏينهن تي وڏيون دعوائون ڪيون وينديون ۽ اعلان ڪيا ويندا ته قائداعظم رحه جي ٻڌايل رستي تي هلي قائداعظم جو فلاحي مملڪت وارو خواب پورو ڪيو ويندو، ليڪن دراصل اسان جا حڪمران گفتار جا ته غازي آهن پر ڪردار جا غازي بنجي نه سگهيا آهن.

قائداعظم محمد علي جناح رحه آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جو مطالبو انهيءَ لاءِ ڪيو هو ته جيئن ننڍي کنڊ جا مسلمان جيڪي ۱۸۵۳ع جي جنگ آزادي ۾ ۽ ان سان گڏ وگڏ هندوئن جي نفرت ۽ تشدد جو نشانو به بڻيل رهيا، اهي هڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگهن. قائداعظم رحه چاهيو ٿي ته پاڪستان ۾ هڪ فلاحي مملڪت قائم ڪئي وڃي، جتي استحصال کان پاڪ معاشري ۾ مسلمان پنهنجي مذهبي روايتن مطابق زندگي بسر ڪري سگهن، ليڪن بدقسمتيءَ سان قائداعظم رحه جو خواب سندن زندگي ۾ پورو نه ٿي سگهيو. اسان جي حڪمرانن جي خود غرضي ۽ تنگ نظريءَ جي نتيجي ۾ اسان جي ملڪ جو مشرقي بازو جدا ٿي چڪو آهي. انهيءَ وڏي حادثي بعد به اسان ڪو سبق حاصل نه ڪيو آهي.

اڄ قائداعظم رحه جي جنم ڏينهن جي موقعي تي قائداعظم رحه جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو هو، انهيءَ خاڪي کي قائداعظم رحه جي پنهنجن لفظن ۾ قوم اڳيان پيش ڪندس ۽ قوم پاڻ فيصلو ڪري ته اسان جي حڪمرانن قائداعظم رحه جي پيغام تي ڪيترو عمل ڪيو آهي.

قائداعظم ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ جلسي ۾ ڊگرين ڏيڻ جي موقعي تي ۲۶ مارچ ۱۹۴۸ع ۾ آزادي جي اهميت تي روشني وجهندي فرمايو: “اسان غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن. هاڻي اسان هڪ آزاد قوم آهيون. اسانجي مملڪت اسان جي پنهنجي آهي. اسان جي پنهنجي حڪومت آهي. پر خيال رهي ته آزاديءَ جي معنيٰ مطلق العناني ڪونهي. آزادي جي اها معنيٰ هرگز ڪونهي جو اوهان ٻين جي مفاد يا ملڪ جي مفاد کي نظرانداز ڪري جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. نه بلڪل نه.

“هاڻي توهان تي وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. هاڻي اوهان لاءِ هڪ متحد ۽ مضبوط قوم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ ايترو ضروري ٿي پيو آهي جو هن کان اڳ ڪڏهين به ڪونه هو.

“هاڻي اسان کي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي، اهو آهي تعميري جذبو (اسپرٽ) هاڻي جنگ و جدل جي جذبي جي ضرورت نه رهي آهي. اهو جذبو ان وقت اسان لاءِ ضروري هو جڏهين اسان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدو جهد ڪري رهيا هئاسين.

“آزادي قائم رکڻ لاءِ تعميري ڪم ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. آزادي لاءِ جنگ ڪرڻ يا جيل ڪاٽڻ، حڪومت هلائڻ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آسان آهي.”

قائداعظم رحه پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهن کي انصاف ملي سگهي ۽ جتي اسلام جي عدل ۽ هڪجهڙائي جي اصول سان عمل ڪرڻ جو موقعو ملي. باني پاڪستان هڪ موقعي تي تقرير ڪندي فرمايو:

“پاڪستان جي حڪومت سماجي انصاف ۽ اسلامي سوشلزم جي اصولن تي قائم هئڻ گهرجي. اسلامي سوشلزم کان علاوه ٻيو ڪو ’ازم‘ قابلِ قبول نٿو ٿي سگهي. اِهوئي اُهو ’ازم‘ آهي، جيڪو انساني ڀائيچاري ۽ مساوات جو درس ڏي ٿو.”

’منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهڙي مملڪت بنجي وڃي جو هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي سامهون (حضرت) عمر فاروق رضه جي دور جو عملي نقشو سامهون اچي وڃي.‘ (آخري لمحات از محمد اشرف عطا ۸۳۱۰)

قائداعظم رحه جي دلي خواهش هئي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي ۽ رشوت ۽ ٻين معاشرتي خرابين جو خاتمو ڪيو وڃي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ ۱۱، آگسٽ ۱۹۴۳ع تي پاڪستان دستور ساز اسيمبليءَ جي صدر چونڊجڻ بعد پاڻ فرمايائون ته:

“حڪومت جو پهريون فرض، قانون جي حفاظت ڪرڻ آهي، ته جيئن انجي باشندن جي جان، مال، عزت مذهب سلامت، رهي سگهن.

“هندستان ۾ هن وقت جيڪا وبا ڦهليل آهي، اها آهي رشوت خوري. تنهن جي معنيٰ، ته اسانکي ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ اهڙا ته سخت اپاءَ وٺڻا ۽ ڏاڍا قدم کڻڻا پوندا، جو جيئن ’دولتِ پاڪستان‘ جي لغت مان ان (رشوت) جو نالو حرف غلط جيان مٽجي وڃي.

“حقيقت ۾، رشوت خوري حڪومت لاءِ زهر قاتل آهي ۽ توهان کي اهڙا رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا، جن جي آڌار تي، اسان پنهنجي پياري وطن مان، ان جو نالو نشان هميشه لاءِ مٽائي ڇڏيون.”

قائداعظم رحه چاهيو ٿي ته اسين ذاتي اختلافات وساري، اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪريون ته جيئن پاڪستان مضبوط ٿي سگهي. اهوئي سبب هو جو قائداعظم عيدالفطر جي موقعي تي، ۶، آگسٽ ۱۹۴۸ع تي جنهن وقت پاڻ زيارت (بلوچستان) ۾ سخت بيمار هئا ۽ زيرِ علاج هئا، هڪ پيغام ۾ فرمايو:

“گذريل ٻارهن مهينن جو داستان مسلسل ’جدو جهد‘ جي تاريخ آهي. مهاجرن جي مظلوم هجومن کي مدد ڪرڻ لاءِ اسان سڀني وسيلن ۽ ذريعن کي ڪتب آندو آهي. اسان کي انديشو هو، ته متان اهي وسيلا ۽ ذريعا اسان سان بيوفائي نه ڪن، مگر اسان سخت کان سخت طوفان جو رخ ڦيرائي ڇڏيو. ڪنارو اڃا پري آهي، پر تنهن هوندي به سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجن ذاتي اختلافن ۾ ڦاسي، پنهنجي طاقت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو، ته پوءِ اسان کي پنهنجي روشن مستقبل تي ايمان رکڻ گهرجي.”

قائداعظم رحه پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ فرمايو:

“اسان کي اتحاد و اتفاق ۽ َضبط و نظم جي هن وقت سڀ کان گهڻي ضرورت آهي. اسان فقط اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي سهاري ئي اهڙو “پاڪستان” اڏي سگهنداسين، جنهن جو نقشو اڃا تائين اسان جي دماغ ۾ ڦري رهيو آهي.”

قائداعظم رحه جي ذهن ۾ پاڪستان جو ڪهڙو نقشو هو، تنهن لاءِ تفصيل سان عرض ڪندس ته قائداعظم رحه استحصال کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ چاهيو ٿي، ته جيئن امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي. قائداعظم سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ سرمائيدار نوابن کي تنبيهه ڪندي فرمايو:

“پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ طبقي کي ڦر ڪرڻ ۽ هڪ هٽي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص کي هڪجهڙا موقعا ڏنا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرمار ڪرڻ لاءِ نه بنايو ويو آهي. پاڪستان غريبن جي قربانين سان قائم ٿيو آهي. پاڪستان غريبن جو هڪ ملڪ آهي ۽ مٿس غريبن کي ئي حڪومت ڪرڻ جو حق آهي. پاڪستان ۾ هر شخص جو معيارِ زندگي ايترو ته بلند ڪيو ويندو، جو امير ۽ غريب جو ڪو به تفاوت نه رهندو. پاڪستان جو اقتصادي نظام اسلام جي غير فاني اصولن تي، جن تي عمل ڪرڻ بعد غلام تخت ۽ تاج جا مالڪ بنجي ويا...” (آخري لمحات ص ۸۸)

دهلي ۾ ڪوٺايل مسلم ليگ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ۲۴ مارچ ۱۹۴۳ع تي قائداعظم واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته: “مان نهايت ضروري ٿو سمجهان ته زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خبردار ڪريان. ان طبقي جي خوشحاليءَ جي قيمت، عوام ادا ڪري رهيو آهي. ان جو سهرو جنهن مٿي تي آهي، اهو انتهائي ظالمانه ۽ شرانگيز نظام آهي. ان نظام پنهنجن پاليل عناصرن کي ان حد تائين خود غرض بنائي ڇڏيو آهي، جوکين ڪنهن به جائز دليل سان اسان قائل نٿا ڪري سگهون. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ واري بد حالت ۽ عوام جو استحصال ڪرڻ جي برائي، سندن رت ۾ سمائجي چڪي آهي. اهي ظالم اسلام جي حڪمن کي وساري چڪا آهن، حرص ۽ هوس، سرمائيدارن کي ايڏو ته انڌو ڪري ڇڏيو آهي، جو هو مفادپرستيءَ ۾ دشمن جي آله ڪار بنجڻ کان به نٿا گسن.

“اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان ڪڏهن ڪنهن ٻهراڙي ۾ هليا وڃو. مون پاڻ ننڍن ڳوٺن ۾ ڏٺو آهي ته اتي اسان جا لکين ماڻهو، اهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، جنهن کي بيان ڪري نٿو سگهجي. کين ڏينهن رات ۾ ڪو هڪ وقت به پيٽ ڀري کائڻ نصيب نٿو ٿئي.

“ڇا اوهان ان کي تهذيب ۽ ترقي سڏيندا؟ ڇا پاڪستان جو مقصد به اهوئي آهي؟

“ڇا اوهان ڪڏهين غور ڪيو آهي ته ڪيئن نه ڪروڙها ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو آهي. اڄ انهن جي اها حالت آهي جو کين ڏينهن ۾ هڪ وقت جو کاڌو به نصيب نه ٿو ٿئي.

“اگر پاڪستان ان صورتحال ۾ تبديلي نه ٿو آڻي سگهي ته پوءِ اهڙي ملڪ کي حاصل نه ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو.”

پاڪستان جي قائم ڪرڻ جي مقصد تي روشني وجهندي پهرئين مارچ ۱۹۴۶ع تي ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي قائداعظم فرمايو:

“آءٌ پيرسن آهيان. الله سائين مونکي ڪافي ڪجهه ڏنو آهي، جنهن سان عمر ڀر مان آرام جي زندگي بسر ڪري سگهان ٿو. مان پنهنجو رت پاڻي ڇو ڪريان ۽ ڀڄ ڊڪ ڇو ڪريان ۽ ايڏي وڏي تڪليف ڇو گوارا ڪريان؟ يقينن مان اهو سڀ ڪجهه سرمائيدارن لاءِ نه ڪري رهيو آهيان، پر اوهان غريب ماڻهن لاءِ ڪري رهيو آهيان. مون ۱۹۳۶ع ۾ ماڻهن جي بي انتها غربت ڏٺي. انهن مان ڪن کي ڏينهن ۾ هڪ ويلو به ماني نصيب نه هئي. مون انهن کي ويجهڙائيءَ ۾ ڪونه ڏٺو آهي پر منهنجي دل انهن لاءِ اداس آهي. مان ان کي محسوس ڪريان ٿو ۽ پاڪستان ۾ اسان پنهنجي وس آهر ڪنهن لاءِ معقول گذران جو بندوبست ڪرڻ واسطي سڀ ڪجهه ڪندسين.”

دراصل قائداعظم رحه پنهنجي پيغام ۾ واضح الفاظ ۾ فرمايو ته:

“اسان پاڪستان جو مطالبو، هڪ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هو، پر اسان هڪ اهڙي تجربه گاه حاصل ڪرڻ گهري ٿي، جتي اسان اسلامي اصولن تي عمل ڪري سگهون.” (سلامي ڪاليج ۱۴ جنوري ۱۹۴۸ع(

قائداعظم رحه پاڪستان کي اهڙو ملڪ بنائڻ چاهيو ٿي، جتي امير ۽ غريب جو فرق نه هجي ها. ملڪ ۾ امن امان هجي ها. قانون جي حڪمراني هجي ها. ڀتاخوري جو نام و نشان نه هجي ها. عام ماڻهوءَ کي گهر ويٺي انصاف ملي ها. معاشرتي ناانصافيءَ جو خاتمو ٿي چڪو هجي ها. قائداعظم رحه جو اهو خواب اڃان پورو ڪو نه ٿيو آهي. ليڪن هيءَ خوش آئند خبر آهي ته موجوده حڪومت تبديليءَ جي نعري هيٺ ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ عمران خان، قائداعظم محمد علي جناح جي ڏسيل واٽ تي هلندي پاڪستان کي ترقيءَ ڏانهن گامزن ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو کيس اڳوڻن حڪمرانن جي ڪيل ڪرپشن جي ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، اسان کي اميد آهي ته هو ملڪ جو لٽيل ناڻو واپس ڪرائي غريب عوام جا مسئلا حل ڪندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


قائداعظم رحه

عظيم اڳواڻ

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي هڪ تاريخ ساز شخصيت هئا، جنهن پنهنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيهم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستيءَ تي پختو ايمان هو کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگهجي ٿو.

انهيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته قائداعظم رح جي ذهن ۾ پاڪستان جو جيڪو تصور هو، اهو اڄ جي پاڪستان کان يقينن مختلف هو، دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا آهن يا جن عظيم رهنمائن آزاديءَ جي جنگ لڙي پنهنجا ملڪ آزاد ڪرايا آهن، انهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ گهريا، اهي آندائون ۽ پنهنجي تخيل مطابق ملڪ جي تعمير نو ڪري سگهيا. جيڪڏهن انهن رهنمائن وانگر قائداعظم به قيام پاڪستان کان پوءِ چند سال زندهه رهي ها، ته يقينن سندس ذهن ۾ جيڪو پاڪستان جي تعمير جو خاڪو هو، پاڪستان جي تعمير انهن خطوط تي ڪن ها، پر هن ملڪ جي ماڻهن جي بدقسمتي آهي جو قيام پاڪستان کان هڪ سال پوءِ بانيءِ پاڪستان اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس پاڪستان جي تعمير جو خواب اڌورو رهجي ويو.

اڄ اسين مختصر طور قائداعظم جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو هو، ان جو تجزيو ڪنداسين ته جيئن قائد جي پاڪستان ۽ اڄوڪي پاڪستان ۾ فرق محسوس ڪري سگهون.

قائد اعظم پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بنائڻ گهريو ٿي، ته جيئن سڀيئي معاشرتي نا انصافيون ۽ عدم مساوات يڪسر ختم ڪري سگهجن. قائداعظم رحه پاڪستان ۾ ڦرلٽ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ گهريو ٿي، تنهنڪري قائداعظم دولتمندن کي پنهنجو اندازِ فڪر تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريائين ته اهي اهڙي فضا پيدا ڪن جو هر شخص سان انصاف ٿي سگهي ۽ ان کي پنهنجو حق ملي سگهي. ورهاڱي کان پوءِ، جهڙي طرح آفيسر شاهيءَ عوام جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ، زندگيءَ جو مقصد بنائي ورتو هو، قائداعظم انهيءَ ڳالهه جو سختيءَ سان نوٽس ورتو ۽ سرمائيدارن، جاگيردان ۽ نوابن کي تنبيهه ڪندي، قائد واضح لفظن ۾ چيو: ”پاڪستان ۾ ڪنهن به طبقي کي ڦر لٽ ۽ اجاره داري جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرلٽ لاءِ نه بنايو ويو آهي، پاڪستان غريبن جي قرباني سان قائم ٿيو آهي ۽ غريبن جو ملڪ آهي ۽ غريبن کي حڪومت ڪرڻ جو حق آهي. پاڪستان ۾ هر شخص جو معيار زندگي ايتريقدر بلند ڪيو ويندو، جو امير غريب جو فرق نه رهندو. پاڪستان جو اقتصادي نظام، اسلام جي غير فاني اصولن جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيو ويندو.

قائد اعظم نوڪر شاهيءَ کي من ماني ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ٿي ڏيڻ گهري. قائد واضح لفظن ۾ چيو هو ته؛ حاڪميت جي تڪفر جو نشو ٽُٽڻ گهرجي. هاڻي توهان حاڪم ناهيو، هاڻي توهان جو حڪمران طبقي سان تعلق ناهي. هاڻي توهان ملازمن مان آهيو. بس ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو ته توهان انهن جا خدمتگار ۽ دوست آهيو. پاڻ وڌيڪ چيائون؛ ”توهان کي ملازمن وانگر فرض بجا آڻڻ گهرجي. سياست توهان جو ڪم ناهي توهان جو ڪم خدمت آهي. جيڪا سياسي جماعت اڪثريت حاصل ڪندي اها حڪومت قائم ڪندي ۽ توهان جو فرض آهي ته، توهان وقتي حڪومت جي خدمت ڪيو، سياستدانن جي حيثيت سان نه، خادمن جي حيثيت سان. مونکي احساس آهي ته، قديم روايتون، قديم ذهنيت، قديم نفسيات اسان جي جهولي ۾ پيون آهن ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان ناهي. هاڻي اهو توهان جو فرض آهي ته عوام جي سچن خادمن جي حيثيت سان ڪم ڪريو.

قائداعظم پاڪستان ۾ معاشرتي براين جو خاتمو چاهيو ٿي، تنهنڪري پاڻ ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي فرمايائون ته؛ ”هندستان ۾ هن وقت جيڪا سڀ کان وڏي لعنت ڦهليل آهي، اها آهي رشوت ستاني ۽ بدعنواني، اها زهرِ قاتل آهي، انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا، ته جيئن ’دولت پاڪستان’ جي لعنت مان ان جو نالو غلط اکر جيان مٽجي وڃي... چور بازاري ٻي لعنت آهي، اهو سنگين ترين ڏوهن کان به وڏو ڏوهه آهي.“

قائداعظم قوم کي صاف لفظن سان خبردار ڪيو ته؛ ”پاڪستان ۾ اهڙن ماڻهن کي هرگز بر داشت نه ڪيو ويندو، جيڪي پاڪستان جو تختو اونڌو ڪرڻ جا منصوبا بنائي رهيا آهن، چاهي مسلمان ئي ڇو نه هجن، اسين ففٿ ڪالمسٽ باغين ۽ ڪميونسٽن کي هرگز برداشت نه ڪنداسين. مونکي يقين آهي ته، حڪومت اهڙن باغين کي سازشن جي خلاف سخت ترين قدم کڻڻ جي پوري طاقت رکي ٿي.“

قائداعظم عام ماڻهن، خاص ڪري مزدور طبقي جي فلاح ۽ بهبود چاهي ٿي. پاڻ وليڪا ٽيڪسٽائل مل جي افتتاح جي موقعي تي۶ سيپٽمبر۱۹۴۷ع تي فرمايائون ته ”مونکي اميد آهي ته توهان پنهنجي ڪارخاني جو پلان تيار ڪرڻ وقت ڪاريگرن لاءِ مناسب رهائشي گهرن ۽ ٻين آسائشن جو خاص طور تي اهتمام ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪابه صنعت، ان وقت تائين حقيقي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين ان جامزدور مطمئن نه هجن.“

قائداعظم قانوندان جي حيثيت ۾ عدليه جي آزاديءَ جي اهميت کي ڄاڻندو هو. تنهنڪري هميشه قانون جو احترام ڪيائون ۽ آزاد ۽ بيداغ عدليه جا حامي رهيا. پنهنجي سياسي زندگيءَ جي اوائلي دور ۾، ليجسليٽو ڪائونسل ۾ روٽ ايڪٽ جي مخالفت ڪندي ۶ فيبروري ۱۹۱۹ع تي پاڻ واضح لفظن ۾ چيائون ته، ”آئون انهيءَ ڳالهه تي ڪامل يقين رکان ٿو، آءٌ انهيءَ جي پرواهه نه ٿو ڪريان ته وقتي رولٽ ڪميٽيون ڪهڙا فيصلا ۽ سفارشون ڪن ٿيون، آءٌ ته انهيءَ ڳالهه تي ڪامل يقين ٿو رکان ته، ڪنهن به شخص جي آزادي مناسب عدالتي تحقيقات کان سواءِ هڪ پل لاءِ به سلب نه ڪرڻ گهرجي. هونئن ڪنهن به ملڪ ۾آزاد عدليه کانسواءِ انصاف قائم نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن قائداعظم زنده رهي ها ته پاڪستان جو نقشوئي ٻيو هجي ها.“

قائداعظم پاڪستان ۾ جمهوري نظام چاهيندو هو، پر اهڙي جمهوريت جنهن جو بنياد حضور اڪرم صه چوڏهن سئو سال اڳ رکيو هو، پاڻ چاهيائون ٿي ته، پاڪستان جي حڪومت عمراني عدل تي قائم ٿئي. قائداعظم جي دلي خواهش هئي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ اهڙي مملڪت بنجي وڃي، جو ٻيهر دنيا جي سامهون حضرت عمر فاروق رضه جي دور جو عملي نقشو اچي وڃي. پاڻ چاهيائون ٿي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو بنياد سچن اسلامي اصولن ۽ نظرين تي قائم ڪن، جيئن الله جو حڪم آهي. ”مملڪت جي معاملن ۽ مسئلن جي باري ۾ فيصلا باهمي مشورن ۽ بحث مباحثي سان ڪندا ڪريو.“

قائداعظم پاڪستان جي دستور جي باري ۾ هڪ انٽرويو ۾ فيبروري ۱۹۴۷ع ۾ فرمايو ته، ”پاڪستان جو دستور اڃا بنجڻو آهي ۽ اهو پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي بنائيندي، يقين سان چئي سگهان ٿو ته، اهو جمهوري نوعيت جو هوندو ۽ اسلام جي بنيادي اصولن تي مشتمل هوندو. اسلام ۽ ان جي نظرين مان هر هڪ سان رواداري جو درس ڏنو آهي. اسان انهن عظيم روايتن جا وارث ۽ امين آهيون ۽ پاڪستان جي آئينده دستور جي معمارن جي حيثيت سان، اسان پنهنجي ذميدارين ۽ فرضن کان بخوبي آگاهه آهيون.“

قائداعظم پاڪستان کي هڪ عظيم اسلامي رياست بنائڻ گهريو ٿي، تڏهن هن پاڻ کي اسلام جو خادم سمجهيو. تاريخ ۷ اپريل ۱۹۴۸ع تي گورنمينٽ هائوس پشاور قبائلي جرگي کي خطاب ڪندي قائد فرمايو ته مون جو ڪجهه ڪيو آهي، اسلام جي خادم جي حيثيت سان ڪيو آهي ۽ جيترو ڪجهه منهنجي وس ۾ هو، ان مطابق پنهنجي ملت جي خدمت لاءِ ڪم ڪيم، منهنجي مسلسل ڪوشش رهي آهي ته مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪريان ۽ مونکي اميد آهي ته عظيم شاندار پاڪستان جي تعمير نو ۽ ترقيءَ جو جيڪو عظيم ڪم اسان جي سامهون آهي، ان جي پيشِ نظر توهان محسوس ڪندا ته حصولِ پاڪستان، جيڪو اسان خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ڪري چڪا آهيون، هاڻي ايتري ئي اسانکي اتحاد ۽ استقامت جي ضرورت آهي؟

تاريخ ۳۰ اپريل ۱۹۴۸ع تي پشاور ۾ تقرير ڪندي وڌيڪ فرمايائون ته؛ ”هاڻي جڏهن پاڪستان قائم ٿي چڪو آهي، ان جي تعمير جو ڪم باقي آهي، جيڪو قيام پاڪستان کان به وڌيڪ اهم آهي. خدا جي مهرباني، توهانجي تعاون ۽ اسانجي صحيح قدمن سان مونکي اميد آهي ته اسان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن وقت به غلط رهنمائيءَ جو خطرو آهي، تنهن ڪري اهو توهان جو ڪم آهي ته توهان غلط رهنمائي قبول نه ڪريو.“

مطلب ته قائداعظم جهڙي طرح پاڪستان جو معاشي، معاشرتي ۽ جمهوري نظام قائم ڪرڻ گهريو ٿي، جيڪڏهن اسان قائد جي وفات کان پوءِ پاڪستان جي تعمير انهيءَ طرح ڪريون ها ته يقينا اڄوڪو پاڪستان مختلف هجي ها.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

قائداعظم محمد علي جناح

نفرتن کان آجو ذهن رکندڙ عظيم اڳواڻ!

مير قائم خان ٽالپر

اڄ جي گفتگو آئون قائداعظم محمد علي جناح جي انهن لفظن سان شروع ڪري رهيو آهيان ته، ”منهنجو پيغام توهان سڀني جي لاءِ اميد، همت ۽ اعتماد جو آهي.“ آئون ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته برصغير جي مسلمانن جي لاءِ اميد، همت ۽ اعتماد جو ٻيو نالو قائد اعظم محمد علي جناح هو. اڄ به جيڪڏهن نوجوان قائد جي انهن لفظن کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهي اڳتي وڌن ته هو ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ ناڪام ٿي نٿا سگهن. محمد علي جناح لنڪنز انگلينڊ مان قانون جي تعليم حاصل ڪري قانوندان بڻجي وطن واپس آيو ۽ پوءِ هن ممبئي کي پنهنجي قيام گاهه بڻايو ۽ اتائين قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي. شروع کان ئي هن جون ڳالهيون، هن جا ارادا ۽ هن جون سوچون تمام بلند هيون. هڪ جاءِ تي قائد چوي ٿو ته، ”آئون صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ يقين نه ٿو رکان، آئون پهرين فيصلو ڪندو آهيان ۽ پوءِ انهيءَ کي درست ثابت ڪريان ٿو.“ قائداعظم محمد علي جناح برصغير جي مشهور وڪيلن مان هڪ هو، ايستائين جو پنهنجن ۽ پراون هن جي قابليت جو اعتراف ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح جو چوڻ هو ته، ”پاڪستان الله جي مدد سان مون ۽ منهنجي قوم بڻايو آهي.“ ۳۰ مئي ۱۹۲۹ع ۾ ٿيل برطانوي اليڪشن ۾ بالڊون جي ڪنزرويٽو پارٽي هارائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لبرل پارٽي جي مڪڊونالڊ برطانوي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو. هن هندوستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ هندوستاني ۽ برطانوي سياستدانن کي مدعو ڪيو. مڪڊونالڊ جي انهيءَ عمل جي حمايت خود قائد اعظم محمد علي جناح پڻ ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ ٽي گول ميز ڪانفرنسون اچڻ وارن ڪجهه سالن تائين ٿينديون رهيون.

قائد اعظم محمد جناح کي آخري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي، ليڪن ٻي پاسي انهن ڪانفرنسن مان مسئلي جي حل ۾ ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي. قائد اعظم محمد علي جناح ۱۹۳۰ع کان ۱۹۳۴ع تائين لنڊن ۾ ئي رهي پيو، انهيءَ دوران هو پريوي ڪونسل ۾ بيرسٽر جي پريڪٽس ڪندو رهيو ۽ هو انهيءَ دوران هندوستان جي متعلق ڪئين معاملات غور سان ڏسندو رهيو. قائد جي زندگيءَ جي متعلق لکڻ وارن انهيءَ تي ڪافي ويچار ڪيو ته قائد ايترو عرصو اتي ڇو رهيو؟ معروف مورخ هيڪٽر بليٿو قائد جي انهن ڏينهن جي متعلق لکي ٿو ته؛ ”جناح جو اهو دور، غور و فڪر ۽ تياريءَ جا سال هئا. ابتدائي جدوجهد کان پوءِ هڪ آخري فتح جي طوفان جي تياري هئي.“ قائد اعظم محمد علي جناح ۱۹۳۱ع ۾ ايترو ته مايوس ٿي ويو هو جو هن لنڊن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. مخالف ۽ پنهنجا بيوقوف دوست نما دشمن انهيءَ فيصلي تي خوش ٿيا ۽ گڏوگڏ اهي مسلمان ليڊر به انهي فيصلي تي خوش ٿيا، جن جي قائد جي موجودگي ۾ عوام ۾ ڪابه حيثيت نه هئي. اها حالت ڏسي ۱۹۳۴ع ۾ علامه محمد اقبال ۽ ڪجهه ٻين رهنمائن قائد اعظم کي قائل ڪيو ۽ اهو سمجهايو ته هاڻي برصغير پاڪ و هند جي مسلمانن جو مستقبل سندن هٿ ۾ آهي ۽ توکان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي شخصيت ناهي جيڪا مسلمانن جي رهنمائي ڪري سگهي. علامه اقبال ته خير پوءِ جلد ئي فوت ٿي ويو پر باقي قائل ڪندڙ اڳواڻ قائد اعظم کي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قائداعظم انهن جي ڪوششن سان واپس اچي ويو ۽ ٻيهر پنهنجي مقصد جي حصول جي لاءِ سرگرم بڻجي جدوجهد ڪرڻ لڳو. انهي ڪري پاڻ چوندو هو ته، ”ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيو، پر هڪ دفعو اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته پوءِ هڪ مرد جي حيثيت سان انهيءَ تي قائم رهو.“ ۱۹۳۵ع ۾ چونڊون ٿيون ۽ ڪانگريس واحد پارٽي بڻجي اُڀري ۽ پوءِ مسلمانن کي قائداعظم جي ڳالهين جو احساس ٿيو پر پوءِ به ڪي اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي قائداعظم جي خلاف هئا ۽ انهن جو خيال هو ته ايندڙ هڪ صديءَ تائين هتي مسلمانن جي اڪثريت هوندي ۽ پوءِ مسلمانن جي حڪومت ٻيهر قائم ٿي ويندي. آئون عرض ڪريان ته انهن کي مسلمانن جي عام حالت جو ڪو به خيال نه هو ۽ هي اهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا جيڪي پاڻ خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا. ۱۹۳۹ع ۾ آخرڪار ڪانگريس پاڻ ئي حڪومت ڇڏي ڏني، جنهن تي مسلمانن ۽ ليگ شڪر جا نفل پڙهيا ته هنن مان جان ڇٽي. ۱۹۴۰ع ۾ لاهور جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جنهن کي هندو اخبارن قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي ٻيڙي ٻڏڻ جو بندوبست ڪيائون. ايستائين قائد اعظم مسلمانن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو برصغير جا مسلمان هڪ پاڪستان تي متحد ٿي ويا ۽ هنن کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ قائداعظم جي قيادت تي اعتماد ٿي چڪو هو. هنن کي خبر هئي ته اسان وڪامي سگهون ٿا، ليڪن قائداعظم جي لاءِ هو اهو تصور به نٿي ڪري سگهيا. سال ۱۹۴۶ع ۾ ڪانگريس جي ڪيترين ئي چالبازين کان پوءِ آخرڪار چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس مسلمان ۽ هندو ٻنهي جي نمائندگي جا دعويدار هئا. بهرحال انگريزن کي اتائين خبر پئجي وئي ته واحد مسلم ليگ ئي مسلمانن جي نمائندگي ڪري رهي آهي. گڏيل حڪومت ٺاهي وئي پر ڪانگريس کي معلوم ٿي ويو ته مسلم ليگ قائداعظم جي هوندي انهن جي چالاڪين ۾ ڦاسڻ واري نه آهي، انهيءَ ڪري انهن مسلمانن کان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي انگريز به هندستان مان هڪدم بيزار ٿي ويا ۽ اقتدار جي منتقلي جيڪا ٻن سالن ۾ ٿيڻي هئي، انهن جلد از جلد مڪمل ڪري ڇڏي ۽ نئين ملڪ کي ڪيترائي مسئلا ڏئي هليا ويا، جن مان اسان ڪجهه مسئلا اڃا تائين برداشت ڪري رهيا آهيون.“ قائداعظم جو چوڻ هو ته، ”پاڪستان انهي ئي ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جنهن ڏينهن برصغير ۾ پهريون مسلمان پيدا ٿيو.“ هي اهو پاڪستان هو جنهن جو قائداعظم محمد علي جناح تصور ڪيو هو. قائد اعظم محمد علي جناح برصغير جو نفرتن کان آجو ذهن رکندڙ تقريبن واحد رهنما هو. قائداعظم محمد علي جناح ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي قانون ساز اسمبليءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ ڪيل تقرير ۾ پاڪستان جي باري ۾ فڪري عڪاسي ڪئي آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي انهيءَ خطاب ۾ ملڪ جو بنيادي ڍانچو پيش ڪندي امن و امان جي قيام کي وطن جي پهرين ذميداري قرار ڏني آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪرپشن ۽ رشوت کي ملڪ جي لاءِ زهر چيو آهي. اڳتي قائد اعظم اقربا پروري ۽ ذخيره اندوزي ڪرڻ تي قابو رکڻ تي زور ڏنو آهي ۽ بلڪل واضح لفظن ۾ قائد چوي ٿو ته ملڪ ۽ مذهب کي الگ الگ رکيو وڃي ۽ مذهب کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت بلڪل نه ڏني وڃي. پاڪستان ۾ رهڻ وارن سڀني غير مسلم کي برابريءَ جا حق ڏنا وڃن، انهن جي مذهبي عقيدن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي. قائداعظم محمد علي جناح جي انهيءَ خطاب تي عمل نه ڪري اسان مسلسل ناقابلِ برداشت نقصان حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ اڃان به قائد جي ڏنل انهيءَ پاليسي خطاب کان مسلسل پري ٿيندا پيا وڃون، جنهن جو تازو مثال سيالڪوٽ ۾ مذهب جي نالي تي مارجي ويل سريلنڪن پرينٿا ڪمارا جو سرِ عام قتل آهي.

ياد رکو منهنجا نوجوانو تحريڪ پاڪستان کي تمام هلڪو سمجهڻ وارن دانشورن هر دور ۾ اسان جي نوجوانن کي اهو چئي برغلايو آهي ته ڪا نه ڪا ڳالهه ته هئي جو قائد اعظم محمد علي جناح ڪڏهن به جيل نه ويو؟ يعني هنن جي چوڻ جو مقصد اهو هو ته بغير جيل وڃڻ جي ايڏو وڏو مقصد هن ڪيئن حاصل ڪري ورتو؟ ڳالهه اصل ۾ سمجهڻ جي آهي جيڪڏهن قائد اعظم جي شخصيت کي سمجهيو وڃي ها ته ڪڏهن به اهو سوال زيرِ بحث ئي نه آندو وڃي ها ته پنهنجي پوري تحريڪي زندگيءَ ۾ ڇو قائد اعظم ڪڏهن به جيل نه ويو؟ ياد رکو منهنجا نوجوانو قائد اعظم محمد علي جناح ڀرپور طريقي سان برطانوي حڪومت جي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي هر جڳهه تي هر منزل تي شڪست ڏني ۽ ڪئين دفعه هنن کي مسلمانن جي حق ۾ جهڪايو. بعض دفعه هنن جي ڏنل پيشڪشن کي به رد ڪري ڇڏيو، ليڪن دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٿڪائڻ واري هن جدوجهد ۾ قائد اعظم محمد علي جناح ڪڏهن به جيل ۾ نه ويو. اوهان غور ڪريو ته اسان جي وطن عزيز جي هر نوجوان کي اها خبر هجڻ کپي ته محمد علي جناح هڪ اعليٰ درجي جو بيرسٽر هو، پنهنجي وڪالتي زندگيءَ ۾ هن شايد ئي ڪو مقدمو هارايو هجي. قائد اعظم جي قانوني مهارت جو حال اهو هو جو اندازو ڪيل ڪجهه وڏن مقدمن کي به هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجي فتح ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هو. جذباتي هجڻ بجاءِ هو صاحبِ تدبير شخص هو. اها هن جي بي مثال قانوني مهارت ئي هئي جو هي پاڪستان جو مقدمو ڪاميابيءَ سان وڙهندو رهيو. اوهان غور ڪريو ته تاريخِ عالم ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ڪنهن خطي جي آزادي توپ و تلوار کان سواءِ ٿي هجي؟ ليڪن تاريخِ عالم ۾ اهو صرف قائد اعظم ئي هو جنهن ٻن متعصب استعماري طاقتن کان پنهنجا مطالبا بغير توپ و تلوار جي عملي طور تي مڃرائي ڇڏيا. ڪانگريس جي آزاديءَ جي مطالبي تي برطانوي حڪومت جڏهن اڳيان وڌڻ تي تيار نه ٿي ته ڪانگريسي ليڊر نافرماني ۽ تشدد تي لهي آيا. انهي جو مظاهرو انهن عملن ڪئين دفعه ڪيو، انهيءَ جي باوجود ٻي طرف قائد اعظم هو جيڪو تشدد جي رستي کي ناپسند ڪندو هو. قائد اعظم ڪانگريسي ليڊرن کي بار بار چوندو هو ته، ”خبردار اوهان جو رستو تباهي جو رستو آهي، منهنجو رستو آئيني رستو آهي، جنهن تي ڪو به خطرو نه آهي. جڏهن ته اوهان جي تحريڪ ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي ويندي، پوءِ تحريڪ کي پرامن رکڻ ممڪن نه هوندو، جنهن کان پوءِ بدامني، انتشار، ڀڃ ڊاهه جو دور هلندو.“ تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهي ئي ڪري ۱۹۲۲ع کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ رتوڇاڻ جو هڪڙو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ پوءِ انهي ملڪي تحريڪ ۾ نفرتن سان ڀريل تشدد شامل ٿي ويو. انهي سڄي عمل کي ڪانگريس جي پٺڀرائي حاصل هئي، انهي جو نتيجو آخرڪار اهو نڪتو جو ڪانگريس جا سڀئي ليڊر ايستائين جو خود مهاتما گانڌي کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ اها پُرتشدد تحريڪ خود به خود ماٺ ٿي وئي. انهي تحريڪ جي دوران قائد اعظم مسلمانن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو ڪانگريس جي انهي پُرتشدد تحريڪ کان بلڪل پري رهن. انهي تحريڪ دوران نهرو برطانيا تي وزن وجهڻ خاطر هڪڙي پريس ڪانفرنس به ڪئي ۽ انهيءَ ۾ جواهر لال نهرو چيو ته، ”رت ۽ ڳوڙها ٻئي اسان جو مقدر آهن اسان جو رت ۽ اسان جا ڳوڙها هتي ئي وهندا. شايد هندوستان جي سڪل ۽ اڃايل زمين کي انهن جي ضرورت آهي ته جيئن انهن مان آزادي جا تر و تازا گل لهرائن.“ جڏهن ته ٻي پاسي قائد اعظم تشدد جي سخت خلاف هو. هو هڪ شريف النفس ۽ مهذب انسان هو، هو دلائل ۽ عوام جي طاقت سان ئي جنگ کي فتح ڪرڻ جو قائل هو. قانون جي خلاف ورزي ۽ پُرتشدد ڪارروايون سندن لغت کان ٻاهر هيون. اوهان قائد اعظم محمد علي جناح جون جيتريون به تقريرون، جيڪي اڄ اسان وٽ موجود آهن، ٻڌندا ته انهن ۾ ڪٿي به تشدد يا جهڳڙي جي ڪا به ڌمڪي نه ٿي ملي. قائد اعظم جي پُرامن ۽ مدلل شخصيت جي تعريف ڪندي ڪانگريس جي ڪجهه رهنمائن گهڻو پهرين ئي قائد اعظم کي هندو مسلم اتحاد جو سفير قرار ڏئي چڪا آهن. اهو ئي اُهو دليل آهي جنهن جي بنياد تي پنهنجا ته پنهنجا پر غير ملڪي مصنفين به قائد اعظم محمد علي جناح کي بار بار خراجِ عقيدت پيش ڪري چڪا آهن. هي ئي اهي دليل آهن جيڪي خود گواهه آهن ته قائد اعظم جو انهي پوري تحريڪ ۾ جيل ۾ نه وڃڻ هن جي پنهنجي مثبت سوچ ۽ قانون جي مڪمل پيروي ڪرڻ جو نتيجو هو. ياد رکو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وقت گهٽ هو مقابلو سخت هو. ليڪن انهي وقت کان وٺي اڄ تائين سڄڻ نما دشمن وطن عزيز کي مالِ غنيمت سمجهي لٽي رهيا آهن. اڃان دشمنن جا ڏنل زخم تازا ئي محسوس ٿي رهيا آهن.

آئون پنهنجي نوجوانن کي اهو عرض ڪندو هلان ته، ”تاريخ ۽ تحقيق سان گڏوگڏ قائد اعظم محمد علي جناح جن جي گذاريل زندگي به اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته اقتدار جي ڪرسي گلن جي سيج نه هوندي آهي، بلڪي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي هڪ سخت محنت جوڳو ڪم آهي.“ اهو ئي سبب آهي جو قائد اعظم محمد علي جناح جن جي وڃڻ کان پوءِ هن قوم کي احساس ٿيو ته هو ڪيڏي نه وڏي ۽ اهم شخصيت هو. قائداعظم جي وڃڻ کان پوءِ هر ڪم ۾ اسان جي بدنيتي جي شموليت تمام گهڻي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جتان هليا هئاسين انهي کان به گهڻو پوئتي آهيون. اسان جي سڀ کان وڏي بدنصيبي اها آهي ته اسان قائد جي ڏنل نظرئي کي سمجهي نه سگهياسين. آئون سڀني نظرياتي ڪارڪن چورائڻ وارن کي عرض ٿو ڪريان ته هو پهرين نظرئي جي معنيٰ ۽ تشريح سان واقفيت حاصل ڪن ۽ پوءِ فيصلو ڪن ته هو جنهن سياستدان يا گروه سان منسلڪ آهن، اهو ڪيترو نظرياتي آهي يا صرف اقتدار جي خواهش رکندڙ آهي. ڇو ته نظرياتي هجڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. ڪاش اسان نظريات متعلق ڄاڻون به ها ته نظريات ڇا آهن، نظرئي مان مراد اهڙو پروگرام آهي جنهن جو بنياد فلسفي ۽ فڪر تي رکيل هجي، جيڪو انساني زندگيءَ جي ڪئين پهلوئن مثال سياسي، معاشي، تهذيبي ۽ معاشرتي نظام جو بنياد بڻيو هجي. اسان جي وطن عزيز پاڪستان جو قيام تاريخ ۾ غير معمولي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هڪ نظرئي جي بنياد تي قائم ٿيو آهي، انهيءَ ڪري پاڪستان کي هڪ نظرياتي رياست چيو وڃي ٿو. ياد رکو نظرياتي رياست اها هوندي آهي جنهن جا ماڻهو پنهنجي نظامِ حيات ۽ قومي ڪردار جي تشڪيل پنهنجي نظرئي جي روشنيءَ ۾ ڪندا هجن. سوچو ته انهي ۾ اسان ڪيتري قدر نظرياتي آهيون

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

قائد اعظم محمد علي جناح

ملڪ جي باني جو جنم ڏينهن ۽ جمهوريت جو سفر

علي محمد ميمڻ

هن ملڪ جي سياسي تاريخ جا ڪجهه اهڙا لڪل پاسا آهن، جنهن جو پيرائتي نموني جائزو وٺڻ يا انهن تي درست نموني تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي سياسي تاريخ جي وڏن واقعن کي به ڪجهه ڌرين طرفان پنهنجي نظرئي ۽ خاص نظر سان بيان ڪري اڪثر پنهنجا پلاند آجا ڪيا ويندا رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ تاريخي ذميوارين موجب تحقيق ٿئي ۽ تاريخ ۽ حقيقتن موجب انهن سان انصاف ٿيڻ گهرجي ته جيئن درست حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ انهن جي آڌار تي سياسي تجزيا ۽ نتيجا پڻ درست ٿي سگهن. ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ۲۵ ڊسمبر تي سندس سالگرهه ملهائي پئي وڃي، ان موقعي جي مناسبت سان پاڪستان جي باني جي سياسي جدوجهد ۽ ڪيل فيصلن کي سمجهڻ سان اسان جي ملڪ لاءِ يقينن تاريخ ساز آهي.

تاريخ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي پاڪستان قائم ٿي ويو ۽ قائداعظم محمد علي جناح ملڪ جو پهريون گورنر جنرل بڻيو ۽ ملڪ جي پهرين قانونساز اسيمبليءَ کي ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي پنهنجو خطاب ڪندي چيو ته، پاڪستان هڪ جمهوري ۽ وفاقي ملڪ آهي ۽ سمورن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ جيترا حق حاصل هئڻ گهرجن، سمورن مذهبن انهن سان تعلق رکندڙن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي حاصل هوندي، قائد اعظم جي انهيءَ خطاب مطابق ملڪ مذهبي رياست نه پر سيڪولر هئڻ وارو اعلان ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ صوبن، رياستن ۽ قومن کي پنهنجي طرفان مڪمل خودمختياري وارا واعدا ڪيا ويا. جيئن ته پاڪستان جو قيام پنهنجي قديم سنڌو ماٿريءَ جي يڪجا ٿيڻ، بحالي ۽ ان بعد هڪ نئين ملڪ جي صورت ۾دنيا جي نقشي تي اڀرڻ اهڙا وڏا تاريخي واقعا آهن جيڪي پنهنجي قديم تاريخ رکن ٿا، ان تاريخي عمل کي صرف سياست جي اک سان ڏسي ۽ پرکي نه ٿو سگهجي. پاڪستان جي حاصلات واري جدوجهد پنهنجي تاريخي تناظر ۾ يقينن قائد اعظم محمد علي جناح جي ذهن ۽ فڪر جو جوهر ۽ پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي تاريخي خطي جي قومن ۽ رياستن واري وفاق جي صورت ۾بحالي ۽ ملڪ جي صورت ۾ حاصلات ضرور چئي سگهجي ٿي.

پر سنڌو ماٿري جي پنهنجي تاريخ موجب هيءُ ماٿري ماضي ۾ ڪجهه خود مختيار رياستن تي مشتمل خطو هو. پر اهو هندستان جو حصو نه هو. انهيءَ خطي تي انگريزن ۱۸۴۳ع تي ميرن کان سنڌ ۽ ان بعد ۱۸۴۶ع جي عرصي تائين رنجيت سنگهه کان پنجاب ۽ ان بعد سرحد ۽ بلوچستان تي قبضا ڪيا ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن تي حملا ڪري اهي علائقا به پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيا. هڪ صديءَ بعد ۱۹۴۵ ع ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست بعد آخرڪار برطانيا دنيا مان پنهنجا قبضا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اسانجي ننڍي کنڊ کي پڻ برطانوي پارليامينٽ طرفان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پنهنجي وائسراءِ ذريعي اتان جي قومن کي سندن رياستن جا قبضا واپس ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. ان موقعي تي انڊين نيشنل ڪانگريس طرفان سنڌو ماٿري وارو ڌار خطو به هندستان ۾ شامل رکڻ تي زور ڏنو ويو جنهن تي قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس جماعت آل انڊيا مسلم ليگ طرفان مخالفت ڪئي وئي. آخرڪار ريفرينڊم ذريعي رياستن کي سندن پسند جي ملڪن جي وفاق ۾شامل ٿيڻ جو حق ڏنو ويو. هن نئين ملڪ پنهنجو سفر شروع ئي مس ڪيو هو پر افسوس ته صرف ڏيڍ سال بعد ملڪ جو باني ۽ سربراهه قائد اعظم محمد علي جناح وفات ڪري ويو، اهڙي ريت هيءَ نئون ملڪ اوچتو پنهنجي اصل قيادت ۽ رهنما کان محروم ٿي ويو. جلد ئي وزير اعظم لياقت علي خان پڻ راولپنڊي واري لياقت باغ ۾جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران قتل ٿي ويو ۽ ان بعد ملڪ ۾ لڳاتار ۲ مارشل لائون لڳيون. ۱۰ سال جنرل ايوب خان ۽ ساڍا ٽي سال جنرل يحيٰ واري آمريتن، ملڪ کي جمهوريت ۽ وفاقي مملڪت بنجڻ واري رستي کان پري ڌڪي هڪ بنياد پرست رياست بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ملڪ کي قومن وارو رضاڪاراڻو وفاقي ملڪ بنائڻ بجاءِ صوبن ۽ قومن واري تاريخي سڃاڻپ کي ئي ختم ڪري ون يونٽ بڻايو ويو. هن ملڪ پنهنجي شروعات ڪهڙي مان ۽ شان سان ڪئي ۽ اڳتي هلي هاڃيڪار حادثن جو شڪار ٿي ويو. جنرل يحي جي مارشل لا واري دور ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. ان وقت ملڪ پنجن صوبن ۽ ۶ قومن واري وفاقي ملڪ طور موجود هو پر اڳتي هلي اهو وڏي هاڃيڪارين جو شڪار ٿي ورهائجي ويو. ان معاملي سان لاڳاپيل ڪيترائي تاريخي ۽ سياسي پاسا ۽ تاريخ جا گهڻا باب تحقيق طلب آهن. خاص طور تي ملڪ ۾۱۹۷۰ع واري عام چونڊن جي سمورن نتيجن جو مڪمل رڪارڊ اسانجي سامهون موجود آهي. ملڪ ۾۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي شهرين کي بالغ راءِ شماري جي اصول تحت پنهنجا ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. هنن چونڊن ۾ملڪ جي پنجن صوبن ۾قومي اسيمبلي جي ۳۰۰ عام تڪن تي چونڊون ٿيون، جنهن مان اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾قومي اسيمبلي جون ۱۳۸سيٽون ۽ اوڀربنگال واري هڪ صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾۱۶۲ سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ ملڪ جي اڳوڻن پنجن صوبن جي ۶ صوبن ۽ قومن کي پنهنجي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جا موقعا مليا ۽ آخرڪار سندن ڪيل فيصلا واضح طور تي منظر عام تي اچي ويا. ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ اڪثريت سان چونڊون کٽي ويون. اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاقي جماعت طور اڀري آئي ۽ هن پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان جملي۸۱ سيٽون کٽيون، جڏهن ته ٻئي پاسي صرف هڪ بنگال صوبي (اوڀر پاڪستان) مان عوامي ليگ سندس صوبي جون سموريون ۱۶۲ سيٽون کٽڻ کان علاوهه عورتن جو ۶ مخصوص سيٽون پڻ کٽي ۱۶۸ سيٽن سان ملڪ جي وفاقي ايوان ۾هڪ قوم جي جماعت طور هن عددي برتري ته ضرور حاصل ڪري ورتي پر هن کي وفاقي جماعت طور ملڪ جي ٻين صوبن ۽ قومن مان ووٽ، مڃتا يا قبوليت حاصل نه ٿي سگهي پر صرف هڪ قوم ۽ صوبي جي سيٽن جي حاصل عددي برتري ڪري هو ڇهن قومن واري وفاقي ملڪ تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تياري ڪري رهي هئي. ملڪ ۾ ٿيل هنن عام چونڊن جي نتيجن موجب هڪ پاسي سموري بنگالي قوم ڪنفيڊريشن جي حامي هئي، سندن جماعت ۽ ليڊر شيخ مجيب الرحمان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل هئي ته، ٻئي پاسي اولهه پاڪستان جا چار صوبا ۽ پنج قومون، شيخ مجيب الرحمان ۽ عوامي ليگ جي ڪنفيڊريشن واري نظرئي خلاف ووٽ ڏئي هڪ مٺ ۽ طاقت جي صورت ۾سامهون اچي بيهي رهيا. اهڙي ريت، اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد وفاقي جماعت ۽ عوامي طاقت ٿي ويئي. ملڪ جي عوام پنهنجي ووٽ ذريعي جيڪو پنهنجو فيصلو ٻڌايو ان موجب، اولهه پاڪستان ۾سنڌو ماٿري جي پنجن قومن تي ٻڌل وفاق يڪجا ٿي ويو ته ٻئي پاسي صوبو بنگال يا اوڀر پاڪستان جي سياست بلڪل مختلف ۽ عوامي سطح تي پڻ وفاق کان ڌار ٿيندي نظر آئي. ملڪ ۾ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيٰ خان جي حڪومت قائم هئي ۽ هتي اڃا پارلياماني جمهوري سرشتي جو ڪو وجود نه هو اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي آمر طرفان سياسي معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بجاءِ وجهه وٺي اوڀر پاڪستان ۾آپريشن ڪيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي ۽ لکين معصوم ماڻهو ان مهم جوئي جو شڪار ۽ کاڄ ٿي ويا.جنهن جي نتيجي ۾بنگالي قوم جي قيادت طرفان پاڪستان جي وفاق مان ڌار ٿي الڳ ملڪ بنگلا ديش جو اعلان ڪيو ويو.اهڙي ريت بنگالي قوم جيڪا پاڪستان سان مذهبي بنيادن تي شامل ته ٿي هئي پر تاريخ جي هڪ حادثي ۾ ڌار ٿي وئي، ملڪ جو ورهائجڻ يقينن افسوسناڪ سانحو هو، جنهن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي، اڄ ملڪ جي باني جو يوم ولادت آهي ان حوالي سان اسانجون نيڪ تمنائون پنهنجي ملڪ جي قومن ۽ برادر قومن سان شامل حال آهن شل هتي جمهوريت جو سفر قائم دائم رهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

قائداعظم رحه وٽ پاڪستان جو تصور

محمد يعقوب مغل

اڄ پوري پاڪستان ۾ بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رحه جو يوم ولادت ملھايو پيو وڃي. حڪومت طرفان بانيءِ پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي پروگرام پيش ڪيا ويندا ۽ سيمينار ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. اڄو ڪو ڏينھن به گذريل ستر سالن جيان گذري ويندو. اڄوڪي ڏينھن تي وڏيون دعوائون ڪيون وينديون ۽ اعلان ڪيا ويندا قائداعظم رحه جي ٻڌايل رستي تي ھلي قائداعظم جو فلاحي مملڪت جو خواب پيورو ڪيو ويندو ليڪن درصل اسان جا حڪمران گفتار جا ته غازي آھن پر ڪردار جا غازي بنجي ته سگھيا آھن.

قائداعظم محمد علي جناح رحه آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جو مطالبو انھيءَ لاءِ ڪيو ھو ته جئين ننڍي کنڊ جا مسلمان جيڪي ۱۸۵۷ع جي جنگ آزاديءَ ۾ ۽ ان سان گڏ وگڏ ھندوئن جي نفرت ۽ تشدد جو نشانو به بڻيل رھيا، اھي ھڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنھنجي زندگي گذاري سگھن. قائداعظم رحه چاھيو ٿي ته پاڪستان ۾ ھڪ فلاحي مملڪت قائم ڪئي وڃي جتي استحصال کان پاڪ معاشري ۾ مسلمان پنھنجي مذھبي روايتن مطابق زندگي بسر ڪري سگھن، ليڪن بد قسمتيءَ سان قائداعظم رحه جو خواب سندن زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگھيو. اسان جي حڪمرانن جي خود غرضي ۽ تنگ نظريءَ جي نتيجي ۾ اسان جي ملڪ جو مشرقي بازو جدا ٿي چڪو آھي. انھيءَ وڏي حادثي بعد به اسان ڪو سبق حاصل نه ڪيو آھي. اڄ قائداعظم رحه جي جنم ڏينھن جي موقعي تي قائداعظم رحه جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو ھو، انھيءَ خاڪي کي قائداعظم رحه جي پنھنجن لفظن ۾ قوم اڳيان پيش ڪندس ۽ قوم پاڻ فيصلو ڪري ته اسان جي حڪمرانن قائداعظم رحه جي پيغام تي ڪيترو عمل ڪيو آھي. قائد اعظم رحه ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ جلسي ۾ ڊگرين ڏيڻ جي موقعي تي ۲۶ مارچ ۱۹۴۸ع ۾ آزاديءَ جي اھميت تي روشني وجھندي فرمايو: ”اسان غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن. ھاڻي اسان ھڪ آزاد قوم آھيون. اسانجي مملڪت اسانجي پنھنجي آھي. اسان جي پنھنجي حڪومت آھي. پر خيال رھي ته آزاديءَ جي معنيٰ مطلق العناني ڪونھي. آزادي جي اھا معنيٰ ھرگز ڪونھي جو اوھان ٻين جي مفاد يا ملڪ جي مفاد کي نظرنداز ڪري جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. نه بلڪل نه.“ھاڻي توھان تي وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. ھاڻي اوھان لاءِ ھڪ متحد ۽ مضبوط قوم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ ايترو ضروري ٿي پيو آھي جو ھن کان اڳ ڪڏھين به ڪونه ھو. ھاڻي اسان کي جنھن شيءِ جي ضرورت آھي، اھو آھي تعميري جذبو (اسپرٽ) ھاڻي جنگ و جدل جي جذبي جي ضرورت نه رھي آھي. اھو جذبو ان وقت اسان لاءِ ضروري ھو جڏھين اسان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدو جھد ڪري رھيا ھئاسين. ”آزا دي قائم رکڻ لاءِ تعميري ڪم ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ ڏکيو ڪم آھي. آزادي لاءِ جنگ ڪرڻ يا جيل ڪاٽڻ حڪومت ھلائڻ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آسان آھي“. قائداعظم رحه پاڪستان ۾ اھڙي حڪومت قائم ڪرڻ چاھي ٿي جنھن ۾ سڀني ماڻھن کي انصاف ملي سگھي ۽ جتي اسلام جي عدل ۽ ھڪ جھڙائي جي اصولن سان عمل ڪرڻ جو موقعو ملي. بانيءِ پاڪستان ھڪ موقعي تي تقرير ڪندي فرمايو: ’پاڪستان جي حڪومت سماجي انصاف ۽ اسلامي سوشلزم جي اصولن تي قائم ھئڻ گھرجي. اسلامي سوشلزم کان علاوه ٻيو ڪو ‘ازم’ قابلِ قبول نٿو ٿي سگھي. اِھوئي اُھو ‘ازم’ آھي، جيڪو انساني ڀائيچاري ۽ مساوات جو درس ڏئي ٿو.‘ ’منھنجي خواھش آھي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ ھڪ اھڙي مملڪت بنجي وڃي جو ھڪ ڀيرو ٻيھر دنيا جي سامھون (حضرت) عمر فاروق رضه جي دور جو عملي نقشو سامھون اچي وڃي.‘ (آخري لمحات از محمد اشرف عطا ۸۷۱۰).

قائداعظم رحه جي دلي خواھش ھئي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي ۽ رشوت ۽ ٻين معاشرتي خرابين جو خاتمو ڪيو وڃي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان صرف ٽي ڏينھن اڳ ۱۱، آگسٽ ۱۹۴۷ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي صدر چونڊ جڻ بعد پاڻ فرمايائون ته: حڪومت جو پھريون فرض، قانون جي حفاظت ڪرڻ آھي، ته جئين انجي باشندن جي جان، مال، عزت، مذھب، سلامت، رھي سگھن. ھندستان ۾ ھن وقت جيڪا وبا ڦھليل آھي اھا آھي رشوت خوري، تنھن جي معنيٰ، ته اسانکي ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ اھڙا ته سخت اپاءُ وٺڻا ۽ ڏاڍا سخت قدم کڻڻا پوندا، جو جيئن ’دولتِ پاڪستان‘ جي لغت مان ان (رشوت) جو نالو حرف غلط جيان مٽجي وڃي. ”حقيقت ۾، رشوت خوري حڪومت لاءِ زھر قاتل آھي ۽ توھان کي اھڙا رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا، جن جي آڌار تي، اسان پنھنجي پياري وطن مان، ان جو نام و نشان ھميشه لاءِ مٽائي ڇڏيون.“ قائداعظم رحه چاھيو ٿي ته اسين ذاتي اختلافات وساري، اتحاد ۽ اتفاق جو مظاھرو ڪريون ته جيئن پاڪستان مضبوط ٿي سگھي. اھوئي سبب ھو جو قائداعظم عيد الفطر جي موقعي تي، ۶، آگسٽ ۱۹۴۸ع تي جنھن وقت پاڻ زيارت (بلوچستان) ۾ سخت بيمار ھئا ۽ زيرِ علاج ھئا، ھڪ پيغام ۾ فرمايو: ”گذريل ٻارھن مھنن جو داستان مسلسل ’جدو جھد‘ جي تاريخ آھي. مھاجرن جي مظلوم ھجومن کي مدد ڪرڻ لاءِ اسان سڀني وسيلن ۽ ذريعن کي ڪتب آندو آھي. اسان کي انديشو ھو، ته متان اھي وسيلا ۽ ذريعا اسان سان بيوفائي نه ڪن، مگر اسان سخت کان سخت طوفان جو رخ ڦيرائي ڇڏيو. ڪنارو اڃا پري آھي، پر تنھن ھوندي به سامھون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏھين اسان پنھنجن ذاتي اختلافن ۾ ڦاسي، پنھنجي طاقت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو، ته پوءِ اسان کي پنھنجي روشن مستقبل تي ايمان رکڻ گھرجي.“ قائداعظم رحه پنھنجي پيغام ۾ وڌيڪ فرمايو: ”اسان کي اتحاد و اتفاق ۽ َضبط و نظم جي ھن وقت سڀ کان گھڻي ضرورت آھي. اسان فقط اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي سھاري ئي اھڙو ”پاڪستان“ اڏي سگھنداسين جنھنجو نقشو اڃا تائين اسانجي دماغ ۾ ڦري رھيو آھي.“ قائداعظم رحه جي ذھن ۾ پاڪستان جو ڪھڙو نقشو ھو، تنھن لاءِ تفصيل سان عرض ڪندس ته قائداعظم رحه استحصال کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ چاھيو ٿي ته جيئن امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي. قائداعظم سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن کي تنبيهه ڪندي فرمايو: ”پاڪستان ۾ ڪنھن ھڪ طبقي کي ڦر ڪرڻ ۽ ھڪ ھٽي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان ۾ رھندڙ ھر شخص کي ھڪ جھڙا موقعا ڏنا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرمار ڪرڻ لاءِ نه بنايو ويو آھي. پاڪستان غريبن جي قربانين سان قائم ٿيو آھي. پاڪستان غريبن جو ھڪ ملڪ آھي ۽ مٿس غريبن کي ئي حڪومت ڪرڻ جو حق آھي. پاڪستان ۾ ھر شخص جو معيار زندگي ايترو ته بلند ڪيو ويندو، جو امير ۽ غريب جو ڪو به تفاوت نه رھندو. پاڪستان جو اقتصادي نظام اسلام جي غير فاني اصولن تي جن تي عمل ڪرڻ بعد غلام تخت ۽ تاج جا مالڪ بنجي ويا“ (آخري لمحات ص ۸۸). دھلي ۾ ڪوٺايل مسلم ليگ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ۲۴ مارچ ۱۹۴۳ع تي قائداعظم واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته: ”مان نھايت ضروري ٿو سمجھان ته زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خبردار ڪريان. ان طبقي جي خوشحالي جي قيمت، عوام ادا ڪري رھيو آھي. ان جو سھرو جنھن مٿي تي آھي، ھو انتھائي ظالمانه ۽ شرانگيز انظام آھي. ان نظام پنھنجن پاليل عناصرن کي ان حد تائين خود غرض بنائي ڇڏيو آھي، جوکين ڪنھن به جائز دليل سان اسان قائل نٿا ڪري. سگھون. پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ واري بد حالت ۽ عوام جو استحصال ڪرڻ جي برائي، سندن رت ۾ سمائجي چڪي آھي. اھي ظالم اسلام جي حڪمن کي وساري چڪا آھن حرص ۽ حوس، سرمائيدارن کي ايڏو ته انڌو ڪري ڇڏيو آھي، جو ھو مفاد پرستيءَ ۾ دشمن جي آله ڪار بنجڻ کان به نٿا گسن. اوھان کي صلاح ڏيندس ته اوھان ڪڏھن ڪنھن ٻھراڙيءَ ۾ ھليا وڃو. مون پاڻ ننڍن ڳوٺن ۾ ڏٺو آھي ته اتي اسان جا لکين ماڻھو، اھڙي زندگي گذاري رھيا آھن، جنھن کي بيان ڪري نٿو سگھجي. کين ڏينھن رات ۾ ڪو ھڪ وقت به پيٽ ڀري کائڻ نصيب نٿو ٿئي. ڇا اوھان ان کي تھذيب ۽ ترقي سڏيندا؟ ڇا پاڪستان جو مقصد به اھوئي آھي؟ ڇا اوھان ڪڏھين غور ڪيو آھي ته ڪيئن نه ڪروڙھا ماڻھن جو استحصال ڪيو ويو آھي. اڄ انھن جي اھا حالت آھي جو کين ڏينھن ۾ ھڪ وقت جو کاڌو به نصيب نه ٿو ٿئي. ”اگر پاڪستان ان صورتحال ۾ تبديلي نه ٿو آڻي سگھي ته پوءِ اھڙي پاڪستان کي حاصل نه ڪرڻ ئي بھتر ٿيندو.“ پاڪستان جي قائم ڪرڻ جي مقصد تي روشني وجھندي پھرئين مارچ ۱۹۴۶ع تي ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي قائداعظم فرمايو: ”آئون پيرسن آھيان. الله سائين مونکي ڪافي ڪجھه ڏنو آھي جنھن سان عمر ڀر مان آرام جي زندگي بسر ڪري سگھان ٿو. مان پنھنجو رت پاڻي ڇو ڪريان ۽ ڀڄ ڊڪ ڇو ڪريان ۽ ايڏي وڏي تڪليف ڇو گوارا ڪريان؟ يقينا مان اھو سڀ ڪجھه سرمائيدارن لاءِ نه ڪري رھيو آھيان، پر اوھان غريب ماڻھن لاءِ ڪري رھيو آھيان. مون ۱۹۳۶ع ۾ ماڻھن جي بي انتھا غربت ڏٺي. انھن مان ڪن کي ڏينھن ۾ ھڪ ويلو به ماني نصيب نه ھئي. مون انھن کي ويجھڙائيءَ ۾ ڪونه ڏٺو آھي پر منھنجي دل انھن لاءِ اداس آھي مان ان کي محسوس ڪريان ٿو ۽ پاڪستان ۾ اسان پنھنجي وس آھر ڪنھن لاءِ معقول گذران جو بندوبست ڪرڻ واسطي سڀ ڪجھه ڪندسين.“ دراصل قائداعظم رحه پنھنجي پيغام ۾ واضح لفظن ۾ نه فرمايو ته: ”اسان پاڪستان جو مطالبو، ھڪ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو ھو، پر اسان ھڪ اھڙي تجربه گاه حاصل ڪرڻ گھري ٿي، جتي اسان اسلامي اصولن تي عمل ڪري سگھون.“ (سلامي ڪاليج ۱۴ جنوري ۱۹۴۸ع) قائداعظم رحه پاڪستان کي اھڙو ملڪ بنائڻ چاھيو ٿي، جتي امير ۽ غريب جو فرق نه ھجي . ملڪ ۾ امن امان ھجي. قانون جي حڪمراني ھجي. ڀتا خوري جو نام و نشان نه ھجي ھا. عام ماڻھوءَ کي گھر ويٺي انصاف ملي ھا.

نوٽ: ليکڪ مشهور اسڪالر ۽ قائداعظم اڪيڊميءَ جو ڊئريڪٽر رهيو آهي ۽ هيءَ ليک هن پنهنجي حياتيءَ ۾بانيءِ پاڪستان جي فڪر تي لکيو هو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا