; سنڌي شخصيتون: ارشاد ڪاغذي، نادر علي ابڙو، صوفي غلام مصطفيٰ، آصف ڀَلي، يعقوب مغل، مير قائم خان ٽالپر، علي محمد ميمڻ،
Showing posts with label ارشاد ڪاغذي، نادر علي ابڙو، صوفي غلام مصطفيٰ، آصف ڀَلي، يعقوب مغل، مير قائم خان ٽالپر، علي محمد ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ارشاد ڪاغذي، نادر علي ابڙو، صوفي غلام مصطفيٰ، آصف ڀَلي، يعقوب مغل، مير قائم خان ٽالپر، علي محمد ميمڻ،. Show all posts

04 August, 2017

قائدِ اعظم محمد علي جناح

قائدِ اعظم محمد علي جناح

ارشاد ڪاغذي



محمد علي جناح ۲۵ ڊسمبر ۱۸۷۶ع تي جهرڪ ۾ گجراتي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هو قانوندان، وڪيل، سياستدان ۽ پاڪستان جو خالق ۽ باني هو. هو پاڪستان جو ابو ۽ قائدِاعظم (عظيم اڳواڻ) جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جهرڪ، ڪراچي، بمبئي ۽ انگلستان ۾ تعليم پرائي ۽ برطانيه ۾ تعليم دوران محمد علي جناح ۱۹ صدي جي برٽش لبرل معاشري ۾ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي. آزادي، جمهوريت، رواداري، مساوات ۽ انساني حقن جو سبق سکيو ۽ پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ برٽش معاشري جي زرين اصولن مان گھڻو پرايو ۽ انهن آدرشن ۽ اصولن تي سموري عمر ڪاربند رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت جمهوري ملڪ ۽ روشن خيالي جي ڇانوَ ۾ پروان چڙهي. ان وقت هندستان انگريزن جي ڪالوني هو ۽ انگريز سامراج جي مڪمل قبضي هيٺ هو ۽ هندستان جو معاشرو گُهٽ ٻُوسٽ ۽ غلامي ۾ ٻوساٽيل هو. هندستان جي غلام عوام جا امير توڙي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ ويندا هئا ۽ اُتان جي جمهوري، آزادي ۽ روشن خيالي جي آدرشن ۽ اصولن سان فيضياب ٿي ڪري پنهنجي ملڪ موٽي ايندا هئا ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ جنبي ويندا هئا. محمد علي جناح به انگلينڊ کان موٽي اچي وڪالت ۽ سياست ۾ حصو ورتو. ۱۹۰۶ع ۾ هندستان ۾ سياست جي شروعات ڪئي. هو انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو، جيڪا ان وقت هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت هئي. هو هندو - مسلم اتحاد جو سخت حامي هو سندس ڪوششن سان ۱۹۱۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ معاهدو ٿيو هو. جناح صاحب ۶۰ رڪني امپيرئل ليجسليٽو ڪائونسل جو هڪ رڪن بنجي ويو. جيتوڻيڪ ان ڪائونسل کي ڪو پاور ۽ اختيار ڪونه هئا ۽ ان ڪائونسل ۾ سامراج انگريز نواز اڻ چونڊيل ۽ ٿاڦيل ميمبرن جي اڪثريت هوندي هئي، جنهن ۾ يورپي به شامل هئا. محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ ابتدائي طور آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ڪونه ٿيو، جيڪا ۱۹۰۶ع ۾ قائم ٿي هئي، ۽ هن ڪانگريس کي ترجيح ڏيندي پنهنجو سياسي ڪيريئر شروع ڪيو. آخرڪار جناح صاحب ۱۹۱۳ع تي مسلم ليگ جوائن ڪئي ۽ ۱۹۱۶ع ۾ لکنو اجلاس ۾ صدر چونڊيو ويو.