نعيم احمد کرل
دل جو رستو ويران ڪرڻ
وارو شخص - سسي کرل جي، ڌڙ اسان جو.
ابراھيم کرل
اھو ۲۱
جون جو سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينھن ھو، جيڪو اڃا به تيز تپي ساڙي رھيو ھو. منھنجي مٿي
تان شفقت ۽ ڇانوَ جو پاڇو پري ٿي چڪو ھو.... آخري ڏينھنن ۾ سندس آواز جهيڻو ۽ ماٺيڻو
ٿي ويو ھو، نه ته سندس آواز جي گونج ۽ پڙاڏو ڪڏھن ڊرائنگ روم ۾ ڪڏھن ڪچي واري
اوطاق تي، ڪڏھن سائديءَ جي سرد ھوائن ۾ پيو گونجندو ھو: ”ادا..... ادا.... مٺا ڀاءُ.....
ڀلي ھلي آءُ..... تنھنجو پنھنجو تڏو آ....“
ڪڙڪيدار
آواز ۾: ”ڇوڪرا.... بابا ادا لئه ڪيڪ، چانھ.... پاڻي.....“
۽ پوءِ ناياب
ڪراڪري جڏھن ڊرائنگ روم جي ڊائننگ ٽيبل تي کڙڪڻ لڳندي ھئي ته ھو خوش ٿيندو ھو. ورِ
ورِ ڪري پيو چوندو: ”ادا! ھن مان وٺو نہ.... ھي کڻو.... ھي کنڀين جي ڀاڄي کائو...
ھي شامي ڪباب کڻو، ھي برياني ته کائو، ھي اسان جي ابي ڏاڏي وارا اڇا چانور ۽
دال.....وٺو يار! ائين نه ڪيو....“
اديبن
جو ذڪر ھلندو ته نالا وٺي پڇندو: ”ادا ادل، ادا ايازگل، ادا قربان، ھو پنھنجو امر
اقبال.. سڀ ڪيئن آھن... ڪڏھن وٺي اچين نہ.....“
”ھا
سائين! وٺي اچبن....“
جون جي
مھيني ۾ ئي فون ايندو ۽ روز ايندو: ”ابراھيم! ادا نسيم جي ورسيءَ تي ھن سال ڇاٿو ڪرين؟
ڪنھن کي ڪنھن کي دعوت ٿو ڏين؟ ڪير ڪير ايندو؟ مونکي ڇا ڪرڻو آھي؟ ڪنھن کي چوڻو
آھي؟“
”سائين! فلاڻا فلاڻا اديب اچن ٿا، باقي ڪجهه خيرپور جي
گرميءَ کان ٿورو لھرائين ٿا...“
”مان ٿو
چوانِ، ۽ بندوبست به ڪيون ٿا....“
۽ پوءِ لڳي
ويندو فون ڪرڻ.....
ٻڌائيندو:
”يار! فلاڻي سان ڳالھايو اٿمانءِ، اھو ايندءِ....“
ائين
جولاءِ جي چوڏھينءَ تائين ھر روز رپورٽ وٺبي، مامرا سڌا ڪبا.....
ھڪ ڏينھن
اڳ ۾ اچبو، رات جو واندو ٿي ڪال ڪبي: ”اچ ابراھيم! ته سڀاڻي جي صلاح ڪيئون.....“
رات جي
پوئين پھر تائين ويھاريون ويٺو ھوندو، ڇا ڳالھائڻو آھي، ڇا ڊمانڊ ڪرڻي آھي، ڪاروائي
ڪير ھلائيندو..
جڏھن
تسلي ٿي ويندس ته چوندو: ”پٽ! ھاڻي آرام ڪر، وري صبح اڃا انتظام به ڪرڻا اٿئي....“
پروگرام
کان پھريان ڪال ڪبي: ”مونکي ڪھڙي مھل اچڻو آھي، ڪھڙا ڪھڙا مھمان پھتا؟“
ھال ۾
ايندو ته ھر مھمان لاءِ اٿي بيھبو، ان کي ويھاري پوءِ ويھبو، عورت لاءِ وڌيڪ
احترام، پنھنجي جاءِ ڇڏبي عورت کي ويھاربو پوءِ پاڻ ويھندو. پروگرام جا سڀ سيشن پاڻ
ويھي ٻڌبا به مانيٽر به ڪبا. ماني پاڻي ءَ جو خيال رکرائبو. اسٽيج تي سڏرائي به انسٽرڪشنس
ڏبيون، پروگرام پورو ٿيڻ تي ڳل تي ٿڦڪي ھڻبي، شاباس ڏبي..... ”ھاڻي ھتان واندو ٿي،
مونکي آيل اديبن جا نمبر موڪل ته مان فون ڪري سندن ٿورا مڃيان....“
ھڪ ھڪ
کي فون ڪبو.....
فيس بوڪ
تان يا ڪچھريءَ ۾ خبر پوندس ته خيرپور سکر جا اديب ڪراچي آيا آھن ته فون ڪبي:
”ابراھيم! ڪٿي پٽ!؟“
”سائين! ڪراچيءَ....“
”ڪنھن سان
آيو آھين؟“
”سائين اياز،
قربان، امر......“
”ھاڻي ھينئن ڪر،
منجھهند جي ماني مون وٽ کائو. دوستن کي وٺي آءُ ته ڪچھري به ڪيون...“
”سائين!
چوانِ ٿو...“
”اڙي بابا!
منھنجي لاءِ چوين...يا مان فون ڪيانِ...؟“
ڪچھري ڪبي
حال احوال ٿيندا. مانيءَ کانپوءِ مٺو ضرور ٿيندو....
”ايندا ڪريو،
توھان جي ڪري اڄ مون به ماني سرس کاڌي آھي...“
منھنجي
ڪتاب جي مھورت تقريب ھجي، پاڻ خيرپور آيل ھيو، ھڪ ڏينھن وڃي بچيو ھو، ھليو
ويومانس: ”سائين! ڪتاب جو پروگرام رکيو اٿم...“
”ڪڏھن؟“
”سڀاڻي.“
”پوءِ اڄ ٿو ٻڌائين؟
ڪتاب ڪٿي آھي؟“
”آندو اٿم.“
ڏنو
مانس. کولي، اٿلائي پٿلائي ڏٺائين. ”ڪير ڪير ٿو اچي؟“
”سائين! تاج
جويو، ايازگل، ادل سومرو، ڊاڪٽر نفيسه شاھه، ممتاز بخاري، مظھر ابڙو...“
”اھي سڀ
ايندءِ؟“
”ھا سائين!
ايندا.....“
”ٺيڪ آ، مان
به ايندس...“
آيو ۽ ڪھاڻين
تي ڀرپور ڳالھائيائين. مان حيران ھجان ته ڪھاڻيون پڙھي به ڇڏيائين.....
پروگرام
کان پوءِ ماسات عباس کرل ٻڌايو: ”ادا! صاحب صبح چئين وڳي تائين اوھان جو ويٺي ڪتاب
پڙھيو آھي....“
ھي ھيو
نعيم احمد کرل، جنھن کي ماڻھو ايم پي اي نعيم کرل جي نالي سان سڃاڻن ٿا. نعيم احمد
کرل جو جنم ۱۹۵۷ع ۾ ۱۹ جنوريءَ تي ٿيو، سندس والد صاحب حاجي عبدالڪريم کرل فقير
منش ۽ صوم صلات جو پابند ھو. کيس ڇھه پٽ ٿيا، شھيد نسيم کرل، حاجي عبدالرشيد (فھيم
کرل)، تسليم احمد کرل، ڊاڪٽر سليم احمد کرل، (سليم کرل جي نالي سندس ھڪ پٽ جوانيءَ
۾ گذاري به ويو ھو، جنھن بعد ڊاڪٽر سليم پيدا ٿيو ته مٿس ساڳيو نالو رکيو ويو) ۽ سڀني
کان ننڍو نعيم احمد کرل.......
۱۴ جولاءِ ۱۹۷۸ع
تي سنڌ جي وڏي ڪھاڻيڪار نسيم احمد کرل کي شھيد ڪيو ويو، جنھن ڀائرن کي پڙھايو، سنڀاليو
۽ راڄ ڀاڳ سان به منھن پئي ڏنو. نسيم کرل جي قتل کانپوءِ ھڪ وڏو خال پيدا ٿيو،
جنھن کي ڀرڻ تمام ڏکيو ڪم ھو. فھيم احمد کرل سرڪاري نوڪريءَ سبب زمينداريءَ، راڄ ڀاڳ
کي وقت نه پئي ڏئي سگهيو، تسليم احمد کرل کي ڪجهه عرصو راڄ ڀاڳ کي ھلائڻ جون واڳون
مليون، پر ٻن ٽن سالن جي وٿيءَ کانپوءِ برادريءَ، زمينداريءَ جو بار نعيم احمد کرل
تي رکيو ويو. جنھن نه صرف ميري اک رکندڙ پاڙي جي وڏين طاقتن کي مڙس ٿي منھن ڏنو،
پر سياسي ميدان ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو، ھو سال ۲۰۰۲ع کان مسلسل پنج ڀيرا ايم پي
رھيو، جنھن سبب سندس پارٽيءَ ۾ عزت ۽ احترام وڌيو، ھن پنھنجي سياسي بصيرت سان ٽن تڪن
تان ڪاميابيون ماڻيون. سندس سياست جو انداز منفرد ھيو. پنھنجن ماڻھن سان ڏک، سک،
شادي مرادي، پير پنڌ ۾ گڏ بيٺو رھيو. سندس، ڳل تي ٿڦڪي ھڻي ملڻ واري انداز ماڻھن
جون دليون فتح ڪري ڇڏيون، پنھنجي تڪ کان علاوه به ھن دوستن، ساٿين، اديبن جا ڪم ڪيا،
کين عزتون ڏنيون ۽ پنھنجي در تان خالي ھٿ نه موٽايو، ھو ھجومن سان گڏ ھوندو ھو، ماڻھو
مٿس قربان ٿيڻ لاءِ آتا ھوندا ھئا. ”سسي کرل جي، ڌڙ اسان جو“ اھڙو محاورو مون ڪيترن
جي واتان ٻڌو. کلڻو ملڻو ماڻھو، ڀوڳ چرچو ڪرڻ وارو، وقت تي سچ چئي ڏيڻ وارو، نڊر،
بي باڪ، دلير، سندس اکين ۾ تاب اھڙو جو ڏوھاري، به سامھون اچڻ لاءِ ھزار ڀيرا
سوچيندا ھئا. ڀاڪر پائي ته ھرڪو سمجهي، ماڻھو مڻيادار، سندس دل ۽ اوطاق جا در
ھميشه کليل، ”ھا“ ٿي ته، ننھن ڪونه ڪبي، جواب ڏنائين ته ڪم ڪونه ٿيندو. مون سندس
اکين ۾ پاڻي به ڏٺو، جڏھن ڊاڪٽر سليم شھيد ٿيو. سياري ۾ رات جي پوئين پھر ۾ آذان
پي آئي، ته سندس اکيون ڀرجي آيون، مون ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ کي ٺاٺوڪو ڏئي اڳتي ڪيو ته
سندس ڳوڙھن تي نظر پئي.. ”ابراھيم! قدرت ڏس، اسان جو وڏو ڀاءُ به شھيد ٿيو ۽ ادا
سليم به شھيد ٿي ويو.“
مون ڏٺو
ته جبل جيڏو مضبوط ماڻھو به اندران ڀري ڀڄي پيو آھي....
ريڊ
سيليوٽ ماءِ مينٽور!
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ۲۸ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
نعيم کرل صاحب
علي گوھر کرل
سال ۱۹۷۸ع ڌاري جڏھن سنڌ جو ڀلوڙ ڪھاڻيڪار نسيم کرل شھيد ٿيو ته اسانجا وڏڙا مايوس ٿي
چوڻ لڳا ته ھي خال ڀرجڻ مشڪل آھي پر سندن ڄاء سڀني کان ننڍي ڀاء ۲۰ سالن جي نوجوان نعيم احمد کرل اھڙي بھادريء سان سنڀالي جو ڏندين آڱريون
اچي ويون
پنھنجي
وڏي ڀاء جو بدلو ورتائين ته خوني جنگ ڇڙي ويئي ڳوٺ جا مٽ مائٽ پاڙي وارا ڳوٺ ان
جنگ جو حصو رھيا
اسان
ھوش سنڀاليو ته ٻرندڙ گولين جون لاٽون راڪيٽ لانچرن جا ڌماڪا ۽ حملا ڏٺاسين ته ڪڏھن
لانگ بوٽ وارن ھيلي ڪاپٽرن سميت حملا ڪيا گھر جون الماريون تجوريون وڏيون پيٽيون
کولرايون ويون مردن کي سخت تشدد جو نشانو
بڻايو ويو نعيم کرل صاحب کي کڻي گم ڪيو ويو پر ڪنھن ھار نه مڃين
ان
کانپوء ھن نوجوان سياست جي شروعات ڪئي ان وقت گمبٽ جي سيٽ پير صاحبان جي ھٿ ۾ ھئي ۽ مضبوط اميد وار ھئا
مسلسل
جدوجھد جو آخر نتيجو مليو پاڻ پنج دفعا ايم پي اي رھيا جيڪو ھڪ رڪارڊ آھي وڏيون وڏيون
شخصيتون سندن مقابلي ۾ بيھاريون ويون پر پلڙو ڀاري رھيو
ڪيترن ئي مسڪينن کي نوڪريون
ڏنائين جن جي گھر ۾ ٻه ٽي ويلا باھ نه ٻرندي ھئي آء انھن ماڻھن جو اکين ڏٺو گواه
آھيان
آخر ۾ ڪجھ
وقت بيمار رھيا ته مخالفن کي ڳالھائڻ جو وارو ملي ويو جڏھن ته صحت تندرستي موت
الله جي ھٿ ۾ آھي
ڪجھ
وقت ڪراچي جي اسپتال ۾ زير علاج رھيا ۲۱ جون
تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري مالڪ حقيقي سان مليا.
الله
رب العزت سندن ڪامل مغفرت فرمائي
(علي
گوھر کرل جي فيسبڪ پوسٽ ۲۷ جون ۲۰۲۶ع)
نعيم احمد کرل
سندس شخصيت ۾ سياسي،
قانوني بصيرت ۽ اديبن سان محبت
حبدار جاگيراڻي
نعيم
احمد کرل خيرپور ضلعي جي انهن سياسي شخصيتن مان آهي، جن جو تعارف رڳو چونڊ سياست
تائين محدود نه آهي. پاڻ عوامي رابطو رکندڙ، علائقي جي مسئلن کي گَهِرائيءَ سان
سمجهندڙ ۽ پنهنجي خاندان جي سماجي، ادبي ۽ سياسي ورثي سان ڳنڍيل ماڻهو آهي. سندس
شخصيت ۾ سياست جو تجربو ، قانوني شعور جي پختگي به آهي، ۽ ادبي ماڻهن لاءِ احترام
جو ماٺيڻو ۽ عاجزاڻو رنگ به موجود آهي.
سندس
جنم ۱۹ جنوري ۱۹۵۷ع تي خيرپور ضلعي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي عبدالڪريم کرل آهي. نعيم
احمد کرل جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز سان رهيو آهي. پاڻ مختلف
دورن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر طور
خيرپور، خاص طور گمبٽ جي عوام جي نمائندگي ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي سفر
جو تسلسل ٻڌائي ٿو ته هن مقامي سياست ۾ پنهنجو خاص اثر برقرار رکندي عوام سان
مضبوط رشتو قائم رکيو آهي.
نعيم
احمد کرل جي خانداني پسمنظر ۾ هڪ وڏو روشن نالو سندس وڏي ڀاءُ نسيم احمد کرل جو
آهي. نسيم احمد کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو حوالو آهي. جنهن سنڌي افسانوي ادب ۾ ڳوٺاڻي
سماج جو حقيقي چهرو پيش ڪيو. سندس ڪهاڻين ۾ زمينداراڻي نفسيات، طبقاتي فرق، انساني
ڪمزوريون، سماجي تضاد ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جا اهڙا نقش آهن، جيڪي پڙهندڙ کي اڄ به
اندر تائين لوڏي ڇڏين ٿا.
نسيم
کرل جي ادبي عظمت جو اثر کرل خاندان جي
سماجي روين ۾ به محسوس ٿئي ٿو. خيرپور جو اديب طبقو اڄ به اها ڳالهه مڃي ٿو ته
اديبن، شاعرن ۽ علمي ماڻهن کي جيڪو مانُ، قرب ۽ احترام نعيم احمد کرل يا پورو کرل
خاندان ڏئي ٿو، اهو خيرپور جي ٻين ڪيترن سياسي خاندانن وٽ گهٽ نظر اچي ٿو. جيڪو
يقينن نسيم کرل جي ادبي روايت جو تسلسل آهي.
نعيم
احمد کرل جي سياسي زندگيءَ ۾ عوامي اعتماد تمام پختو ۽ سگهارو رهيوآهي. هو ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۷ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر
رهيو. پوءِ ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۳ع تائين به سنڌ اسيمبليءَ ۾ رهيو. ۲۰۱۳ع جي عام چونڊن ۾ هن پي ايس-۳۴
خيرپور-VI تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ۲۰۱۸ع ۾ پي ايس -۳۱ خيرپور-VI تان ٻيهر ڪامياب ٿيو. ۲۰۲۴ع جي عام چونڊن ۾ پي ايس-۳۰
خيرپور-V تان ڪاميابي ماڻي. سندس لڳاتار
سياسي ڪاميابيون ٻڌائين ٿيون ته خيرپور جي مقامي سياست ۾ سندس پاڙون مضبوط رهيون
آهن. عوام سان سندس لاڳاپو رڳو چونڊن جي موسم تائين محدود نه رهيو، پر دائمي طور ڏکن
سکن جي موسم ۾ به قائم رهيو آهي.
نعيم
احمد کرل جي شخصيت ۾ قانوني شعور ۽ معاملا فهميءَ ۾ به نمايان نظر اچي ٿو. عام طور
ڳوٺاڻي سياست ڪندڙ ماڻهن بابت اهو تاثر ملندو آهي ته اهي رڳو تڏي، اوطاق، برادري ۽
اثر رسوخ جي سياست تائين محدود هوندا آهن. پر نعيم احمد کرل جي شخصيت ۾ هڪ ٻيو
پختو تهه به اهو موجود آهي.ته هن وٽ قانون کي سمجهڻ جي صلاحيت پڻ جام آهي . هن وٽ
معاملي جي پاڙ تائين پهچڻ جو ڏانءُ آهي.سندس قانوني بصيرت جو هڪ يادگار واقعو
خيرپور ڪورٽ ڪامپليڪس جي تعمير واري وقت سان لاڳاپيل آهي.
انهن ڏينهن
۾ خيرپور ڪورٽ ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ ڪجهه گهرن کي ڊاهڻ جا سانباها ٿي رهيا
هئا.نعيم احمد کرل جو گهر به ان امڪاني ڪارروائيءَ جي زد ۾ اچي رهيو هو. اهڙي وقت
چڱا ڀلا ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن. اڪثر ڪري سرڪاري دٻاءَ، ڪاغذي ۽ دستاويزي
پيچيدگين ۽ قانوني نڪتن آڏو ماڻهوءَ جو حوصلو لڏي ويندو آهي. پر اهڙي ڪشيدگي واري ڪيفيت
۾ نعيم احمد کرل پنهنجي موقف کي همت، هوش ۽ قانوني سمجهه سان پيش ڪيو ۽ وڏي جوان
مردي ڏيکاريندي،قانوني ڏاهپ کان ڪم ورتو. پنهنجي گهر کي بچائڻ لاءِ روايتي شور، ڪاوڙ
يا جذبات بدران قانوني رستو اختيار ڪيو.
مون کي
چٽو ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ نعيم کرل ناليواري اديب ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل کي
فون ڪري گهرايو. مان به ابراهيم کرل سان گڏ ويس. نعيم کرل وٽ ڪجهه اهم ڪاغذ موجود
هئا. هن اهي ڪاغذ ابراهيم کرل کي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ ڏنا. ائين لڳو ڄڻ کيس
ابراهيم کانسواءِ ڪنهن تي ويساهه نه هجي.اها اعتماد جي وڏي ڳالهه هئي. هونئن به
ويساهه خالي لفظن سان نه ملندو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي ڪردار، خلوص ۽ سچائيءَ سان ڪمائيندو
آهي.
مان ۽
ابراهيم کرل اهي ڪاغذ فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ وياسين. اهي جيڪي لڳ ڀڳ پنج سئو صفحن تي
مشتمل هئا. انهن مان اندازو ٿي رهيو هو ته نعيم کرل پنهنجو ڪيس قانوني بنيادن تي وڙهڻ
چاهي پيو. کيس خبر هئي ته عدالت ۾ جذبات کان وڌيڪ
ڪاغذن ۽ دستاويزن جي اهميت هوندي آهي. اتي جذباتي آواز کان وڌيڪ اهميت دليل
کي ملندي آهي. اتي هر صفحو ڳالهائيندو آهي، جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ان کي صحيح جاءِ تي
رکڻ جو هنر هجي.
جڏهن
اسان فوٽو اسٽيٽ ڪاپين جا سيٽ کڻي نعيم کرل جي گهر پهتاسين ته اتي سندس وڪيل پڻ ويٺل
هو. پوءِ نعيم کرل سمورو ڪيس پنهنجي وڪيل کي پاڻ ڊڪٽيشن ڪرائي لکرايو. اهو ڪم شام
پنجين وڳي کان شروع ٿيو ۽ رات ٻارهن وڳي تائين هليو. مان ۽ ابراهيم کرل اهو سمورو
لقاءُ ڏسي رهيا هئاسين.
نعيم
کرل جو انداز ڏسڻ جهڙو هو. هن ڪاغذن کي رڳو ڪاغذ نه پئي سمجهيو پر هن لاءِ هر صفحو
سندس ڪيس ۾ دليل هو. هر نقطو پنهنجي جاءِ تي رکڻو هو. هر حقيقت کي قانوني صورت ڏيڻي
هئي. کيس خبر هئي ته ڪهڙي ڳالهه ڪٿي لکڻ گهرجي. ڪهڙي نقطي کي ڪيئن مضبوط بڻائڻو
آهي. ڪهڙي حقيقت کي ڪهڙي نموني پيش ڪرڻو آهي. هو وڪيل کي ڳالهه لفظ لفظ ڪري
سمجهائي رهيو هو. ڪڏهن ڪنهن نڪتي کي روڪي وضاحت ڪئي پئي، ڪڏهن ڪنهن جملي کي ٻيهر ٺهرايو
پئي.
انهيءَ
دوران هن ابراهيم کرل کي خاص طور چيو ته جملن جو گرامر ۽ اسپيلنگ به ڏسندو رهي.
اها ڳالهه معمولي نه هئي. هڪ طرف هو قانوني نڪتن تي نظر رکي رهيو هو. ٻئي طرف ٻوليءَ
جي درستگيءَ کي به اهميت ڏئي رهيو هو. ان مان ظاهر ٿيو ته هن لاءِ ڪيس رڳو قانوني
عرضداشت نه هو، پر هڪ سنجيده بيان هو. اهڙو بيان، جنهن ۾ دليل به مضبوط هجن، ٻولي
به درست هجي ۽ جملو به پنهنجي جاءِ تي بيهي سگهي. اها ئي سندس فڪري ترتيب هئي.
قانون، ٻولي ۽ دليل کي هو هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئيو هو.
اتي
مون ڏٺو ته قانون کي سمجهندڙ ماڻهو عدالت ۾ پنهنجي موقف کي وڌيڪ وزنائتو بڻائي
سگهي ٿو. ۽ جڏهن اهو ماڻهو ٻوليءَ ۽ جملي جي درستگيءَ جو به خيال رکي، ته سندس
دليل وڌيڪ صاف، وڌيڪ پختو ۽ وڌيڪ اثرائتو ٿي وڃي ٿو. سخ پچ ته نعيم کرل صاحب جي
اها خوبي سندس شخصيت کي هڪ نئون وقار ڏئي ٿي.
ان رات
مون کي نعيم احمد کرل جي شخصيت جو نئون رخ ڏسڻ ۾ آيو. هڪ ڳوٺاڻي سياستدان جي اندر
ايترو مضبوط قانوني شعور، ايتري ترتيب، ايترو اعتماد ۽ ايتري معاملا فهمي عام ڳالهه
نه هئي. اڄ به مان سندس انهيءَ قابليت جو معترف آهيان. نعيم کرل جي اها روش ٻڌائي ٿي
ته هو مسئلن کي جذباتي انداز بدران دليل ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اهو رويو سندس شخصيت کي وڌيڪ سنجيده ۽ معتبر بڻائي ٿو.
نعيم
احمد کرل جي سياسي خدمتن ۾ علائقي سان لاڳاپو اهم آهي. پارٽيءَ سان وفاداري به
سندس سياسي سڃاڻپ جو حصو آهي. عوامي نمائندگي به هن جي ڊگهي سياسي سفر جو بنيادي
حوالو آهي. هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ فنانس، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽيڪس ۽ آبپاشي جهڙين
ڪميٽين سان به لاڳاپيل رهيو. خيرپور جهڙي زرعي ضلعي لاءِ آبپاشي زندگيءَ جو سوال
آهي. رستا، صحت، تعليم ۽ روزگار به عام ماڻهوءَ جي روزاني زندگيءَ سان جڙيل مسئلا
آهن.
اهڙي
علائقي جي نمائندي لاءِ ضروري آهي ته هو رڳو سياسي جلسن، تقريرن يا چونڊ مهم تائين
محدود نه رهي. کيس ماڻهن جي روزمرهه تڪليفن کي به سمجهڻو پوندو آهي. نعيم احمد کرل
جو ڊگهو سياسي سفر ٻڌائي ٿو ته هن عوام سان اهو رشتو برقرار رکيو. سياست ۾ اصل قوت
ڪرسيءَ جي چمڪ بدران ماڻهن جي اعتماد ۾ هوندي آهي. ڪرسي وقت سان کسڪي ويندي آهي،
پر عوامي رشتو جيڪڏهن سچو هجي ته اهو گهڻي دير تائين دائم ۽ قائم رهندو آهي.
بهرحال،
ڪنهن به عوامي نمائندي جي ڪاميابي جو اصل معيار رڳو چونڊن ۾ ڪاميابي نه هجڻ گهرجي
.پر اصل معيار اهو هجڻ گهرجي ته سندس علائقي جا ماڻهو هن کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا.
نعيم احمد کرل بابت هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هو اديبن، شاعرن ۽ علمي ماڻهن سان
احترام وارو رويو رکندو رهيو آهي. سندس گهر ۽ خاندان ۾ اديب کي رڳو مهمان نه، پر
تمام گهڻي عزت وارو ماڻهو سمجهيو ويندو آهي. اها ڳالهه سنڌي سماج ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿي.
هونئن
به سياست جڏهن ادب کان پري ٿي وڃي ٿي ته ان ۾ سختي وڌي وڃي ٿي۽ مٿس طاقت جو رنگ
غالب ٿي وڃي ٿو. حڪم جو حاڪماڻو لهجو پيدا ٿي وڃي ٿو. پر ادب هر سياسي دل کي نرم ڪري
ٿو. اهو ماڻهوءَ کي انسان سان ملائي ٿو. نعيم کرل جي شخصيت ۾ ادب ۽ سياست جو اهو
ميل سندس خانداني ادبي ورثي سبب وڌيڪ نمايان نظر اچي ٿو. نسيم کرل جي ادبي روشني ڄڻ
خاندان جي مزاج ۾ به شامل ٿي ويل آهي.انهيءَ ڪري اديبن لاءِ هن خاندان وٽ در به
کليل رهيو ته دل به ڪشادي رهي
(فيسبڪ پوسٽ ۲ جون ۲۰۲۶ع )
نعيم احمد کرل
کانئس پوءِ پي ايس ۳۰ جو سياسي وارث ڪير؟
محمد ارشد سنڌي
مرحوم
سردار نعيم احمد کرل جي وڇوڙي سان نه رڳو پي ايس ۳۰ جي هڪ سيٽ خالي ٿي آهي، پر تڪ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پڻ پيدا ٿيو آهي.
نعيم احمد کرل انهن سياسي شخصيتن مان هو، جن پنهنجي شخصيت، روين ۽ عوامي رابطن جي
ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي. هو رڳو هڪ چونڊيل نمائندو نه، پر پنهنجي تڪ جي
عوام لاءِ هڪ ڀروسي جو نالو هو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس وفات کان پوءِ هر
محفل، اوطاق ۽ سياسي ويهڪ ۾ هڪ ئي سوال گردش ڪري رهيو آهي ته پي ايس ۳۰ جي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪهڙي رخ تي ويندو؟
مرحوم
نعيم احمد کرل جي سياسي زندگي جو سڀ کان نمايان پهلو سندس پارٽي سان وفاداري هئي.
هن ڏکين ۽ سکن حالتن ۾ سدائين پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي تڪ ۾ پارٽي کي مضبوط رکڻ
لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪيترائي ڀيرا عوام جي اعتماد سان چونڊجي اسيمبلي تائين
پهتو ۽ سندس سياسي ڪيريئر تي شڪست جو داغ نه لڳو. اها ڪاميابي رڳو پارٽي جي ڪري
نه، پر سندس ذاتي مقبوليت ۽ عوامي خدمت جو نتيجو پڻ هئي.
هاڻي جڏهن
ضمني چونڊ جو مرحلو ويجهو اچي رهيو آهي ته سياسي حلقن ۾ اهو بحث زور وٺي رهيو آهي
ته ڇا پارٽي کرل خاندان جي سياسي خدمتن کي نظر ۾ رکندي ٽڪيٽ خاندان اندر ئي رکندي
يا وري ڪنهن نئين چهري تي اعتماد ڪندي؟ ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته سياسي ۽
اخلاقي طور تي پهريون حق کرل خاندان جو بڻجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن خاندان ڪيترن ئي ڏهاڪن
کان هن تڪ جي نمائندگي ۽ خدمت ڪئي آهي.
سياسي
مبصرن جو چوڻ آهي ته مرحوم نعيم احمد کرل پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي ڀائٽي ڊاڪٽر
سليم کرل جي فرزند بيرسٽر اسفنديار کرل کي سياسي جانشين طور اڳتي آڻڻ جي خواهش
ظاهر ڪئي هئي. اهو به چيو وڃي ٿو ته بيماري جي ڏينهن دوران هو چاهيندو هو ته
نوجوان قيادت کي موقعو ملي ۽ اسفنديار کرل کي عوامي خدمت جو موقعو ڏنو وڃي. جيڪڏهن
اهي ڳالهيون درست آهن ته پوءِ پارٽي لاءِ اهو هڪ اهم سياسي ۽ اخلاقي سوال بڻجي وڃي
ٿو ته ڇا هو پنهنجي پراڻي ۽ وفادار ساٿي جي خواهش جو احترام ڪندي نوجوان اسفنديار
کرل تي اعتماد ڪري ٿي يا ڪنهن ٻي حڪمت عملي تي عمل ڪندي؟
ٻئي
طرف، سياست رڳو جذبات جو نالو ناهي. سياسي پارٽيون هر فيصلي ۾ زميني حقيقتن، چونڊ
کٽڻ جي صلاحيت ۽ اندروني حالتن کي به نظر ۾ رکنديون آهن. پي ايس ۳۰ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پارٽي يقيناً اهڙو فيصلو ڪرڻ چاهيندي جيڪو نه رڳو
تڪ ۾ اتحاد پيدا ڪري پر چونڊ ۾ ڪاميابي جي ضمانت به بڻجي.
نعيم
احمد کرل جي ٽيجهي ۾ سياسي، سماجي ۽ عوامي حلقن جي وڏي شرڪت هڪ واضح پيغام ڏئي وئي
آهي ته مرحوم اڳواڻ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. اها محبت ۽ احترام ڪنهن به
سياسي ورثي کان گهٽ ناهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پارٽي ان عوامي جذبي کي ڪهڙي نموني
سمجهي ٿي ۽ پنهنجي ايندڙ سياسي حڪمت عملي جو بنياد ڪهڙي سوچ تي رکي ٿي.
في
الحال پي ايس ۳۰ جي سياست هڪ نئين موڙ تي بيٺل
آهي. بحث، تجزيا ۽ قياس آرائيون جاري آهن، پر حتمي فيصلو پارٽي قيادت جي هٿ ۾ آهي.
وقت ٻڌائيندو ته ڇا مرحوم نعيم احمد کرل جي سياسي ورثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بيرسٽر
اسفنديار کرل کي موقعو ملي ٿو يا پارٽي ڪنهن نئين چهري تي داءُ لڳائي ٿي. البته هڪ
ڳالهه طئي آهي ته پي ايس ۳۰ جي
عوام مرحوم نعيم احمد کرل جي خدمتن، محبتن ۽ سياسي ڪردار کي گهڻي عرصي تائين ياد
رکندي، ۽ ايندڙ چونڊ رڳو هڪ سيٽ جي چونڊ نه پر هڪ سياسي ورثي جي آزمائش پڻ هوندي.
(فيسبڪ پوسٽ ۲۳ جون ۲۰۲۶ع)
نعيم احمد کرل
سندس ياد ۾ - هڪ
دؤر جي پڄاڻي
تاج سروھي
سنڌ جي
سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به جنم وٺنديون آهن، جيڪي رڳو پنهنجي عهد
جون نمائنده نه هونديون آهن، پر هڪ مڪمل روايت، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي علامت بڻجي
وينديون آهن. نعيم احمد کرل به اهڙين شخصيتن مان هڪ هئو، جنھن جي زندگيءَ ۾ سنڌ جي
روايتي وڏيرڪي نظام جون اهي سڀ مثبت خوبيون موجود هيون، جيڪي اڄ جي دور ۾ آهستي
آهستي ناياب ٿينديون پيون وڃن. ان معنيٰ ۾ کيس هڪ ”ڪلاسيڪل وڏيرو“ چئي سگهجي ٿو.
سنڌ جي
روايتي سماج ۾ وڏيرو رڳو زمينن جو مالڪ يا سياسي اثر رکندڙ فرد نه هوندو هو، پر
پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ ڇانوَ، هڪ سهارو ۽ هڪ اخلاقي ذميواريءَ جو نالو
هوندو هو. نعيم احمد کرل جي شخصيت ۾ اهي سڀئي وصفون نمايان هيون. سندس اوطاق رڳو
ملاقاتن جي جاءِ نه هئي، پر ماڻهن جي مسئلن جي حل، ڏکن جي ونڊ ۽ خوشين جي ورڇ جو
مرڪز هئي. اتي ايندڙ هر ماڻهوءَ کي عزت ۽ محبت
ملندي هئي، ڀلي اهو سماج جي ڪھڙي به طبقي سان تعلق رکندو هجي. نعيم کرل
صاحب پنهنجي خانداني وقار کي رڳو ورثي طور نه سنڀاليو، پر پنهنجي اخلاق، بردباري ۽
انسان دوستيءَ سان ان ۾ نوان باب شامل ڪيا. سندس شخصيت ۾ اها نفاست هئي، جيڪا پراڻي
سنڌ جي وڏيرن جي سڃاڻپ هوندي هئي. ڳالهائڻ ۾ نرمي، روين ۾ شائستگي، مهمان نوازيءَ
۾ فراخدلي ۽ تعلقات ۾ خلوص سندس مزاج جو حصو هئا. هو انهن ماڻهن مان نه هئو، جيڪي
اقتدار کي برتريءَ جو ذريعو سمجهن، پر پاڻ ان کي عوام جي خدمت جو ذريعو بڻايائين.
سندس سياسي زندگي به عوام سان ويجهڙائپ جو هڪ خوبصورت مثال هئي. ڪيترائي ڀيرا سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ ان ڳالهه جو ثبوت هو ته ماڻهن کيس صرف ووٽ نه ڏنا، پر
پنهنجي اعتماد سان پڻ نوازيو. سندس لاءِ سياست اقتدار حاصل ڪرڻ جو رستو نه، پر ماڻهن
جي خدمت جو ذريعو هئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شخصيت سياسي حدن کان نڪري سماجي
محبت جو استعارو بڻجي وئي. اڄ جڏهن جديد دؤر جون تيز هوائون پراڻين روايتن کي
پوئتي ڌڪي رهيون آهن، تڏهن نعيم احمد کرل جھڙيون شخصيتون ماضيءَ جي انهن روشن قدرن
جي ياد ڏيارن ٿيون. هو پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙي روايت جو امين هئو، جيڪا سنڌ جي
ثقافتي سڃاڻپ جو اهم حصو رهي آهي. نعيم احمد کرل جي وڇوڙي سان رڳو هڪ سياسي اڳواڻ
يا زميندار عوام کان جدا نه ٿيو آهي، پر سنڌ جي روايتي سماج جو هڪ خوبصورت باب به ڄڻ
بند ٿي ويو آهي. سندس شخصيت ان جهوني بڙ وانگر هئي، جنھن جي ڇانوَ ۾ ڪيترائي ماڻهو
سک، آسرو ۽ تحفظ محسوس ڪندا هئا. اهڙا ماڻهو وقت جي وهڪري سان جسماني طور ته وڇڙي
ويندا آهن، پر پنهنجي ڪردار، روايتن ۽ محبتن جي صورت ۾ هميشه زنده رهندا آهن. نعيم
احمد کرل پنهنجي دور جي انهن ناياب شخصيتن مان هڪ هئو، جن کي ياد ڪندي ذهن ۾ هڪ
سچي، شريف، بردبار ۽ ڪلاسيڪل وڏيري جو تصور اڀري اچي ٿو.
(ماھوار
خيال خيرپور ۾ ۱ جولاءِ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا