ڪشنچند “بيوس”
جديد سنڌي شاعريءَ جو
بنيادي شاعر
حسيب ناياب منگي
ڪشنچند “بيوس” ۽
سندس ڪويتائون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو نهايت اهم ۽ ڪارگر عنوان آهن. جن تي قلم کڻي
پڙهندڙن کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڪشنچند “بيوس” پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سالن کان وٺي
شاعريءَ ۾ رائج رواجن جو رخ پنهنجي ڏات سان تبديل ڪري شاعريءَ جي سج کي اڃان وڌيڪ
روشني ڏني. هن پنهنجي اعليٰ لياقتن جو استعمال جن سادن لفظن ۽ عام موضوعن تي لکي
ظاهر ڪيو، سا تبديلي ان وقت جي لاءِ نهايت ضروري به هئي ۽ خاص به ثابت ٿي. ڇو جو
شاعريءَ کي پنهنجي رنگ ۾ آڻڻ، شاعريءَ ۾ ڌارين لفظن جي استعمال کي ختم ڪرڻ ۽ جذبن
۽ خيالن کي عام فهم ۾ پڙهندڙن تائين پيش ڪرڻ ۾ “بيوس” پاٻ ملهايو.
منهنجي دل جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي،
عشق جو جنهن ۾ اجالو آهه سو اندر ڪٿي.
ڪشنچند “بيوس” اڄ
جي دور ۾ پنهنجي ڏنل پيغام سبب جنهن نموني حيات آهي ۽ سندس ذڪر ادبي تاريخن ۽ تذڪرن
اندر سونهري حرفن سان لکيل آهي ان جو سبب اهو آهي ته ڪشنچند “بيوس” جي ڏات جا جوهر
اهڙن موضوعن تي خيالن پيش ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا جن جي هر دور ۾ ترجماني ٿيڻ لازمي هوندي
آهي. قدرتي نظارن جي خوبصورتي کان وطن جي حب تائين، غريبن جي اَجهن جي تعريف کان
سماجي براين جي نشاندهي تائين، پريم جي پٽي پڙهائڻ کان ڪنهن عام عنوان مک ۽ تڏ
تائين “بيوس” لکي ڪمال ڪيو. تڏهن ته هو پنهنجي دور جو مضبوط ۽ اهم شاعر ليکيو وڃي ٿو.
سدا مشهور عالم ۾ جفا تنهنجي وفا منهنجي،
حقيقت ۾ مگر آهي وفا تنهنجي جفا منهنجي.
ڪريو سينگار سوَ سائين، ملڻ لئه هوت هرکائين،
نه پيرو پر اندر پائين ڏسي گهٽ چاهنا منهنجي.
ڪشنچند “بيوس” جو ڪلام
ناصحانو به آهي ته ٻارن جي حوالي سان به سرجيل آهي. درسي ڪتابن ۾ به “بيوس” ائين
پيو نظر اچي جئين کير سان ڀريل وَٽِيءَ ۾ گلاب جو گل! گيت اهڙا ته سوادي ۽ رڌم سان
لبريز جو ويٺو جهونگارجي! روحاني ۽ تصوف سان گڏ سياسي هلچل ۽ مختلف تحريڪن جي حوالي
سان به “بيوس” جي سنڌي شاعريءَ تي بادشاهي نظر اچي ٿي.
سنڀالي هوش سان سياڻا جوا کان جلد پاسو ڪر،
کهائي جا ڪري کوکو ٿي ڪيري نيٺ ڳاٽي ٿي.
ــــــ
سوچ ڪر سياڻا ڇڏي ڏي شوق شيطاني شراب،
جو ڪري ڪارو رکي اخلاق جهڙو آفتاب.
ــــــ
سخت ڇولي مار ساگر آهه بندر بي منار،
هن انڌاري ڏوجهري ۾ روشني رهبر ڪٿي.
ڪشنچند “بيوس”
پنهنجي فن ۾ پختو ۽ خيال ۾ نرم نظر اچي ٿو هن جي لفظي جوڙجڪ ايتري ته پختي ۽ وڻندڙ
آهي جو جلد ئي اثر ڇڏي ٿي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ ڪشنچند
بيوس جي حوالي سان لکي ٿو ته “شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي.
هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي جابجا واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي
سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري
ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو “بيوس” کي جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو
وڃي ٿو”.
روپ نه مالڪ ٿو ڏسي، ڏسي دل جا طاق،
اندر اُجالو ٿو کپي، نه “بيوس” رنگ پوشاڪ.
ڪشنچند “بيوس” جي
شاعريءَ ۾ مختلف عنوانن جا گهڻا ئي نظم تن ڏينهن کان اڄ تائين تمام گهڻا مشهور
رهيا آهن. “قدرت وارا”، “سهائي راتڙي”، ۾“ڪاري گهٽا”، “جهوپڙي” ۽ ٻيا اڄ تائين گهڻن
ماڻهن کي ياد آهن. اهڙيءَ طرح سندس ڪتاب “شيرين شعر” (آگسٽ ۱۹۲۹ع) ۾ ڇپيل هيٺين ڪويتا کي به پڙهي ڏسو:
خاص کٿوري ڀانئيان وطن جي واري،
مٽي مٺڙي ملڪ جي مشڪان موچاري،
پنهنجي دلبر ديس جي پڻي به پياري،
گاهه به گلزاري، بٺ باغيچو ڀانئيان.
ـــ
وڻ ڪندا ها وڙ وڏو وطن وارن تي،
پختي لڙڪي پينگهه ٿي ڏاڍن ڏارن تي،
هڪ هوڏ هلي ٿي لوڏ تي، ٻيو وڙهڻ وارن تي،
ٻاجهو ٻارن تي، ڇٽن ڇايا سان ڪيون.
ـــ
جتي جيجل ٿي ڏني جهوليءَ ۾ لولي،
ٽڙي ٻنڌڻن ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي،
مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙيءَ ۾ گهولي،
ڇلڪي سان ڇولي، “بيوس” وهي وطن ري.
ڪشنچند “بيوس” کي
جتي ديس لئه اُلڪو آهي اُتي ديس جي ڪڙميءَ جي خوشحاليءَ جي لاءِ آس به آهي. هو لکي
ٿو ته :
تنهنجي دردن جي هنئر آهه پڄاڻي، ڪڙمي!
تنهنجي سورن جي اچي ويل وهاڻي، ڪڙمي!
جـــي زمــيــــنـــدار پــــلــــــيا تــنــهــنــــجي پگهر تي،
سي سگهيا قدر نه ڪو تنهنجو سڃاڻي، ڪڙمي!
هوندارج دکايل لکي ٿو
ته “مهان ڪوي بيوس عوامي شاعر ۽ سامانيه لوڪن جو همدرد وڪيل هو. هن پنهنجي واڻي ۽
رچنا سان ماڻهو کي مٿي ۽ مٿي هلڻ جي پريرڻا ڏني توڙي منجهس ساهه ڀريو. هو عقاب
وانگر آسمان ۾ اُڏامندو رهيو پر سندس نظر سدائين زمين تي رهي”. ( سڏ پڙاڏو ساڳيو ۱۹۸۴ع ص ۶) سادگيءَ ۽ عاجزيءَ ۾ گذاريندڙ ڪشنچند “بيوس” جا خيال
بلنديءَ تي پهتل نظر ٿا اچن. هو ننڍ وڏائيءَ جا فرق ختم ڪرڻ لاءِ به خوب لکي ويو
آهي. هن انسانيت جي ڳالهه به تمام گهڻي ڪئي آهي:
ڪر دنيا ۾ دل وڏيري تون به رهه مان ڀي رهان،
آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري تون به رهه مان ڀي رهان.
تنگ مذهب ۾ نه ماپون، قوميت ۾ جاءِ ڏي،
ڀائپيءَ، انسانيت، روحانيت ۾ جاءِ ڏي،
ڇڏ دئيءَ جي ديد ميري، تون به رهه مان ڀي رهان.
“بيوس” جي
شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ ترقي پسند خيال مان جيڪي به نظم سرجي سامهون آيا اُهي اڄ به ادبي
دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. هو غلاميءَ جي خلاف ۽ هردم قوميت جي ڳالهه ڪندڙ شاعر هو:
جيسين “بيوس” پاند ۾ هوندو هڪ غلام،
هڻي سگهندو هام، ڪوبه نه آزاديءَ سندي.
ڪشنچند “بيوس” جي
حياتيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيو هيون ۽ سنڌ مان اتحاد ۽ ڀلائيءَ جو ڏيئو
وسامڻ شروع ٿي رهيو هو، اهڙي نازڪ حالت ۾ هن ڏکايل سماج اندر آٿت جو پيغام ڏنو ۽
ايڪي ۽ اتحاد جو درس شعرن ذريعي ڦهلايو. سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هن جي ڪلام ۾ اهڙا گهڻا
مثال موجود آهن:
ايڪتا جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟
جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟
دربدر ٿيو دادلا تو بن اميدن جو جهاز،
آس آزاديءَ لاءِ آهي بيٺڪي بندر ڪٿي؟
ڪئن فسادي خون ويندو قوميت جي قلب مان،
نبض تي نشتر ڪٿي، شريان تي خنجر ڪٿي؟
جو ملائي مفردن کي مرڪبي ميلاپ ۾،
سو حب الوطنيءَ جو “بيوس” جذبو ۽ جوهر ڪٿي؟
ڪشنچند تيرٿداس
کتري “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سماج جو اعليٰ اخلاق وارو انسان ۽
فرض شناس استاد هئڻ سان گڏوگڏ هو حڪيم به هو. هو سنڌي ادب م لازوال ۽ انمول ڪردار ٿي
اڀريو. سندس ڪلام جا ڏيئا هر سماجي پاسي کي روشن ڪندا رهن ٿا. اهو دور پري نه آهي
جو “بيوس” جي ڪلام جو پڙاڏو هن هنڌ پوندو ۽ هر هڪ ماڻهو ان مان مثال وٺي زندگيءَ
کي روشن بڻائيندو.
هڪ صديءَ کان پوءِ شايد سنڌ ۾ ڪو ڪو ڪڻو،
شعر خوانيءَ لاءِ گهرندو شعر “بيوس” جو ڪتاب.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد
۾ ۲۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪشنچند بيوس
جديد سنڌي شاعريءَ جي
علمبردار جي شاعريءَ جو اڀياس
رياض ڪلھوڙو
سنڌي شاعريءَ صدين
جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي
سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين
۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار
ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو
سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي
پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي
تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(۱) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ
هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن
منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو.
ڌرتيءَ تي هزارين
شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر
شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه
آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر
ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو
مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود
فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي
رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو
آهي ته:
”واقعي
ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي
شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (۲)
ڪشنچند ”بيوس“
لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي
تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾
لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد
شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن
کي مروج ڪيو.
بيوس جي جدت ۽
نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري
ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته:
”جڏهن اڃا
سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو.
برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽
اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾
ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي،
سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(۳)
ڪشنچند بيوس وٽ فن
به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي
پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته
هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي
فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي،
پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته:
”ڪشنچند بيوس
جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ
کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ
بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(۴)
شاعريءَ جي صنفن جي
لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ
ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان
هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي
گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري
سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو.
آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي،
حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي.
هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان،
تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي.
نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي،
جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي.
ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي،
وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (۵)
ڏٺو وڃي ته هن نظم
جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم
۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي.
”ڪنهن حال تي
هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،
مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو،
اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا.
تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن،
ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين،
تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(۶)
ڪشنچند ”بيوس“ جي
شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ
سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو.
سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي
راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘،
”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب
جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
”جڏهن سندس
ڪلام جو پهريون مجموعو ۱۹۳۷ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو
جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(۷)
ڪشنچند ”بيوس“ جي
شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي
روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين
۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ
شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽
سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي:
“ساميئڙن اڄ
ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو،
دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه،
جوڳين جوڳ جاڳايو.
اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله،
سامين سُن لڳايو.
رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه،
پورب پنڌ پڇايو.
”بيوس“
بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه،
تنهن پڻ ڪفي
ڪمايو.‘‘(۸)
فنا ۽ بقا جا مسئلا
به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي
موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ
ڏجن ٿا:
“نه بلبل حسب
گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي
نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي.
ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي،
ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(۹)
جديد سنڌي شاعريءَ،
پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل
ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي
گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي
سان لکي ٿو ته:
”سندس ڪلام
جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾
وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(۱۰)
اساسي شاعرن جيان
ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن
۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه
شعر هيٺ ڏجن ٿا:
سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا،
جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (۱۱)
سسئي پنهونءَ جو
داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو
عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي
عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي
شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت
آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي
جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي.
مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي،
پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(۱۲)
ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
”بيوس آسان
زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي،
فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(۱۳)
بلڪل! اها حقيقت
آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر
امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته:
”نئون ۽ جديد
اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ
آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز
منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو.
جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽
پاروٿو ناهي.‘‘(۱۴)
جڏهن ڪشنچند بيوس
جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري
لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ
سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي
اسلوب سڏيو آهي
اهم ڳالهه اها ناهي
ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو
اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ،
ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين
عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ،
سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ
جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي
ته:
”بيوس پنهنجي
سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(۱۵)
جهڙيءَ طرح ڪشنچند
”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به
جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي
جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو
زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا
هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا.
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا.
يا
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون،
باهه ببوءَ ۾ دود دکايون،
ڪري واءُ سان واهه جون وايون،
ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون
يا
مٺڙا گھوڙا اوري آءُ
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ
يا
ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو،
منهنجو آهي ملوڪڻو.
يا
کهنبي رتڙي لال ڪنوار!
هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار.
مطلب ته ڪشنچند
”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا
رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس
برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر
ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو
چوڻ آهي ته:
”ايتريون
ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر
ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي
گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ
ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي
چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا
ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ
جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (۱۶)
حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب
سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري
گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت
سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ
متعلق لکيو آهي ته:
”هن پنهنجي
شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ
قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي
جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي
تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(۱۷)
ڪشنچند ”بيوس“
پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار
هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام،
وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري،
جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري
۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي.
نتيجو:
• بيوس
پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي
رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي
شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي.
• ڪشنچند
بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي
ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس.
• ڪشنچند
بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن
جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح،
تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت
سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي.
• ڪشنچند
بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي.
حوالا:
۱. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰
۲. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ۳۳
۳. ساڳيو. ص ۲۰
۴. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ۲۰۰۲ع، ص ۷۶
۵. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ص ۷۸
۶. ساڳيو، ص ۸۰
۷. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي
لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵
۸. ساڳيو، ص ۵۷
۹. ساڳيو، ص ۱۱۳
۱۰. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ
اسٽور، ۱۹۹۳ع، ص ۲۳۶
۱۱. ساڳيو،
۱۲. ساڳيو، ص ۷۳
۱۳. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي
لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵
۱۴. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰
۱۵. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۹۵ع، ص ۰۳
۱۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي
لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۴۴
۱۷. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين
پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص ۱۱۴
(’لوچي لڌم لال‘
تان کنيل)
ڪشنچند بيوس
جديد سنڌي شاعريء جي پيڙهائتي
شاعر جي ۱۶۶ هين سالگره مبارڪ.
مصطفا انڙ
ڪشنچند “بيوس” جو
شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو
باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين
سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر
شاگردن کي انهن گيتن، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي.
ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي
مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي.
بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس
پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي
هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفا خانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽
امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس
شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي
ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽
ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس
ڪرايو. هن ڪيترائي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن.
ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام
پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل.
ڌڻيءَ جي وڏائي
(حمد)
ڏسي دنيا ۾ عجب
نظارا،
سائينءَ جي سگهه
سمجهه پيارا،
اڀ ۽ ڌرتيءَ تي
اسرار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ
اپايا،
قسمين قسمين پن
بنايا،
گل ڦل ميوا ڪئين
گلزار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
جبل، نديون ۽ چشما،
لاهه،
سمنڊ، تلاءَ ۽
ڍنڍون، واهه،
برف، ڳڙا سڀ ڌارو
ڌار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
اڀ ڏي ٿوري نظر
ڪريو،
سج چنڊ تي پڻ ڌيان
ڌريو،
سهڻي تارن سندي
قطار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
راتين پٺيان ڏينهن
اچن،
جهڙن پٺيان روز
روشن،
ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن
ڪار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
جڳ جو چرخو عجب
چلي،
سڀڪو چئي ٿو بَلي
بَلي،
ڪري نه
قُدِرَتَ وارا
ڪِشِنچَندُ 'بيوس
سَڀُ ڪَنِ
تُنۡهِنۡجِي ساراھَ
قُدِرَتَ وارا!
نِرِمَلُ جوتِي
نُورَ نَظارا!
ڪوٽانۡ ڪوٽِ
بَڻايَئي ڌَرِتِيُونۡ
سَهَسينۡ سِجَ،
چَنڊرَ، تارا، ڪَتِيُونۡ،
جِنِجو اَنتُ نَه
پارُ آ
قُدِرَتَ وارا
گُلَنِ اَندَرِ
سُرَهاڻِ ڌَرينۡ ٿو
مِوتِنِ سانۡ
مَهَراڻُ ڀَرينۡ ٿو
هِيرا، لالَ هَزارا
قُدِرَتَ وارا!
جَڏَهِنۡ وَڻَنِ کي
واءُ لَڳي ٿو
پَنَ پَنَ مانۡ
پَرِلاءُ اَچي ٿو
ڇِمِ ڇِمِ جا
ڇِمِڪارا
قُدِرَتَ وارا!
چُهِنۡبَ چَتُنِ ۽
چِيهَنِ کولِي
بُلبُل ڪويَلِ ٻولي
ٻولِي
مورَ نَچَنِ موچارا
قُدِرَتَ وارا!
عَجَبُ بَڻايَئي
بِجِلِيُونۡ بادَلَ
بُونۡدُونۡ بَرَس
بَرَس ڪَنِ ٿاڌَلِ
واڄَٽَ ڪَنِ
وَسِڪارا
قُدِرَتَ وارا!
مُلڪُ مِڙِيوئِي
مَندَرُ آھي،
آڳو سَٿَجي اندَرِ
آهي،
ديهُنِ مَنجھِ
دُئارا
قُدِرَتَ وارا!
ساھَ اَندَرِ جو
ساھُ کَڄي ٿو،
'بيوَسِ'
سائِينۡئَنۡ نادُ وَڄي ٿو،
نَؤبَتِ نِينۡهَنۡ
نَظارا
قُدِرَتَ وارا!
مٺڙا گهوڙا
ﻣﭡڙﺍ ﮔﻬﻮڙﺍ ﺍﻭﺭﻱ ﺁءُ
ﺧﻮﺏ ﺧﻮﺷﻲءَ سان داڻو ﮐﺎءُ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗان ﻻﻫﻪ
ﻟﻐﺎﻡ
ﺗﺎﺯﻭ ﮔﺎﻫﻪ ﻫﻠﻲ ﭼﺮ ﺟﺎﻡ
ﺟﺘﻲ ﭼرڻ ﻻءِ ﺁﻫﻲ ﮔﺎﻫﻪ
ﺍﺗﻲ ﻭﻫﻲ ﭤﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻭﺍﻫﻪ
ان ﻭﺍﻫﻲ ﻣﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲءُ
ﮂءُ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻥ ﮔﺪ-ﮔﺪ ﭤﻲءُ
ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﭴﻨﺪﺍ ﭘﻨﺞ
ﺗﻮﺗﻲ ﻭﺟﻬﻨﺪﺱ ﺳﻬﮣﺎ ﺳﻨﺞ
ﺳﺌڊﻝ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ﭤﻴﺎﻥ ﺳﻮﺍﺭ
ﺗﻮﻥ ٽپ ٽپ ٽاﭘﻲءَ ﺗﻲ ﺗﻴﺎﺭ
ﺗﻮڙﻱ ﻫﭣ ۾ ﭼﻬﺒڪ ﮐﮣﻨﺪﺱ
ﻣﭡڙﺍ ﺗﻮﮐﻲ ﻣُﻮرُ ﻧﻪ ﻫَﮣﻨﺪﺱ
ﺟڏﻫﻦ ڏﺳﻴﻦ ڪﻲ ﻧﻨﮃڙﺍ ﭔﺎﺭ
ﻫﻠﻨﺪﻱ ﻫﻠﻨﺪﻱ ڪﺞِ ﻫِﮣڪﺎﺭ
ﭔﺎﻟڪ ﭼﻮﻧﺪﺍ ڊﻭڙﻭ ڊﻭڙﻭ
ڏﺳﻮ ڪِڪﻲ ﺟﻮ ﺳﻬﮣﻮ
ﮔﻬﻮڙﻭ
ﺁئون ﻧﻪ ﭘﻮءِ ﻫﻨﻲ ﺗﻲ ﻭﻫﻨﺪﺱ
ﺍﭜﻮ ﺭڪﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﭤﻲ بيهندﺱ
ﻫڪﻞ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺍﻱ ﭔﺎﺭﻭ
ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁﻫﻪ ﭜٽارو
ﺍﭼﻮ ﺍﭼﻲ ﭜﻞ ﺷﺮﻁ ﭘﭵﺎﻳﻮﻥ
ڊﻭڙﻱ ڊﻭڙﻱ ﺁڳ ڪﮃﺍﻳﻮﻥ
ﻫﺮ ڪﻮ ڊﻭڙﻱ ﺳﺎﮢﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ
ﮔﻬﻮڙﻭ آڳ کٽڻ نه ڏﻳﻨﺪﻭ!
پکيءَ جي پُڪارَ
تازو تـَري اچي ٿو
دل تي اُهو زمانو،
جنهن ۾ اَڏيو اَجهو
مون، آزاد آشيانو،
لامُن تي لوڏَ
منهنجي، شاخن تي شادمانو،
غُنچن گـُلن ڦـُلن
تي، منهنجو هو خاص گانو،
موجود ۽ مُيسر هو
سيرُ آسماني،
چهري تي ٿي خوشيءَ
جي نروار ٿِي نشاني.
سهڻو صبح سَمو مون
گلزار ۾ گذاريو،
مُکڙين کي هير
ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو،
نازڪ گلن ڦلن کي
مُنهن ماڪ ٿي ڌئاريو،
ڌرتيءَ جي فرش کي
ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو،
منهنجو اٿڻ، اڏڻ هو
پنهنجي وڏي ولر سان،
خوش هوس پنهنجي پر
۾ گَد گَد گذاري گهر سان.
ڪافي نہ قُوت
منهنجي ٿورن ڪچن ڪڻن تي،
آزاد ٿي وڃي جي
ويهي رهان وڻن تي،
چوڳي لئه چهنب
منهنجي شايد پوي مڻن تي،
خوراڪ آهه خاصي
گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي،
وٺندو وتان خوشيءَ
سان مٺڙي هوا چمن جي،
مون کي پَڻي پياري
پنهنجي پرين وطن جي.
وڇڙي وطن وَلَر کان
هي حال ٿي رهيو آ،
دل غم کي پي رهي آ،
غم دل کي پي رهيو آ،
جيڪس هي جسم جنسي
بي جان جي رهيو آ،
هيڻن هڏن بنا ٻيو
باقي نه ڪي رهيو آ،
پڃري جو قيد مون
لئه موجن جو ماڳ ناهي،
هيءَ دانهن آهي
دردي، آلاپ راڳ ناهي.
آجو رهي ٿو ماري
ڪيئن پاڻ موج ماڻي،
ليڪن نه مون پکيءَ
تي ٿو ترس ڪو به آڻي،
آزاد جنهن گذاريو
سو قيد مان نه ڄاڻي،
بانديءَ جي حال دل
جو باندي رڳو پڇاڻي،
آزاد مون کي ڪر تون
او قيد ڪندڙ سائين!
مون بي زبان جي
”بيوس“ آسيس کٽ سدائين!
غريبن جي جهوُپڙي
* جا آهه
جائداد نه ورثي وبالَ کان،
ٿيندي نه زير بار
جا گرويءَ جي خيال کان،
اونو نه جنهن کي
آهه ڪو جوکي جنجال کان،
هلڪي رهي جا هانوَ
تي سولي سنڀال کان،
جنهن ۾ غرور زر نه
سراسر سگهي گهڙي-
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جا ونئن
وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان،
آجي رَهي جا اوچ
گذاري جي ريس کان،
پڻ ٿي پناهه ۾ رهي
حاسد حريص کان،
ڌاري نه خاص خوف ڪو
خوني خبيث کان،
بي ڪُرف ۽ ڪَڙي رهي
سوگهي صندوقڙي-
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* ڇانگي ڇَنو
اڏيائون جو لامن لکن منجهان،
سارو اجهو سٽيائون،
پراڻن پکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ
جي ڪانن ڪکن منجهان،
پورهيو پٽيائون پاڻ
۽ سرتن سکن منجهان،
مفتي مدد تي آيا
مچي مڙس ٿي مِڙي-
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جنهن تي نه
نقشِ ساز کي ڪو ناز ٿو رهي،
رازو، ڊکڻ نه جنهن
تي ڪو لوهار ٿو وهي،
چوني، پٿر يا سر جو
نه سر بار ٿو رهي،
”محصول جاءِ“
ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي،
مسواڙ بي مهار جي
آهي نه جا پِڙي-
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
سج، چنڊ واجهه ٿو
وجهي جنهن جي وٿين منجهان،
تِرڪيو اچن ٿا
ترورا تارن ڪتين منجهان،
ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا
جنهن جي ڀتين منجهان،
ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري
ڇٽڪي ڇتين منجهان،
قدرت سندي ڪمال،
صحت لاءِ سوکڙي-
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جنهن ۾ جشن
مچي، مٺي ڍوڍي جوار تي،
سادو گذر وجهي نه
طبيبن تنوار تي،
پورهيو وجهي ٿو واڌ
وڏيري ڄمار تي،
غالب پوي نه حرص
خوشيءَ جي خمار تي،
”بيوس” جتي
جلائي نه چنتا جي چوچڙي
اَلا! جهُري مَ
شالَ غريبن جي جهوپڙي!
(سرءُ، ۱۹۵۵ع)
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي
ڳايون
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي
ڳايون!
جو ٿو ٿڌڙا مينهن
وسائي،
باغن ۾ جو انب
پچائي،
ويس گلن کي جو
پهرائي
ان پچائي، گاهه
اپائي،
عرش ۾ جو تارا
ٽمڪائي
تنهن مالڪ کي سڀ
ساراهيون،
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي
ڳايون!
ڌڻيءَ جي وڏائي
(حمد)
ڏسي دنيا ۾ عجب
نظارا،
سائينءَ جي سگهه
سمجهه پيارا،
اڀ ۽ ڌرتيءَ تي
اسرار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ
اپايا،
قسمين قسمين پن
بنايا،
گل ڦل ميوا ڪئين
گلزار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
جبل، نديون ۽ چشما،
لاهه،
سمنڊ، تلاءَ ۽
ڍنڍون، واهه،
برف، ڳڙا سڀ ڌارو
ڌار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
اڀ ڏي ٿوري نظر
ڪريو،
سج چنڊ تي پڻ ڌيان
ڌريو،
سهڻي تارن سندي
قطار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
راتين پٺيان ڏينهن
اچن،
جهڙن پٺيان روز
روشن،
ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن
ڪار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
جڳ جو چرخو عجب
چلي،
سڀڪو چئي ٿو بَلي
بَلي،
ڪري نه ڪوئي سگهي
شمار،
جوڙيا سائينءَ سڀ
جنسار.
ڦوڪڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
منهنجو آهي ملوڪڻو
ڦاٽي پوندو، سبي نه
سگهبو
کوئنر لئيءَ سان
لنبي نه سگهبو
ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
نرم ڏسين ٿو ڪهڙو
آهي
جنسي ريشم جهڙو آهي
هلي هوا ۾ ڌوڪڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
خالي آهي کلڙيءَ
جهڙو
منهن وٽ آهي،
نلڙيءَ جهڙو
جنهن کي چئجي چوپڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
ڦوڪڻ سان هي گولو
بڻندو
ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي
هڻندو
ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
منهنجو آهي ملوڪڻو
ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو
ڪاغذ جي ٻيڙي
آيو پاڻي ليٽ ڪري
ڪاغذ جي هي ٻيڙي
تري
ڪاريگر جي ڪاڻ نه
ڪائي
مون هيءَ پنهنجي
پاڻ ٺاهي
ڳن نه ڏيندي، ونجهه
نه هڻندي
منهنجي ٻيڙي بار نه
کڻندي
توڙي واءُ سڻائو
گهلندو
هن ٻيڙي جو سڙهه نه
کلندو
ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون
ٿينديون
ٻيڙيءَ کي سي اڳتي
نينديون
بندر هاڻي اوڏو آهي
ٻيڙي کيپ ڇڏيندي
آهي
ڪين ڪمائي ڀاڙو
ڏيندي
مفت ۾ ايندي مفت ۾
ويندي
ڳوڙهو
ڳوڙهن سان تنهنجي
ڳانڍڙ
منهنجو به خُون آهي
سوداء سر ۾ تنهنجي،
منهنجو جُنون آهي
تنهنجي بهار کان ئي
منهنجي چَمن ۾ چَهه
ـ چَهه
تنهنجي خزان تي
منهنجي
حالت زبُون آهي
ويو رات کي اکين
مان
آرام موڪلائي!
ڪنهنجو ڪچو ڪنن تي
پئڙو پرون آهي
هي حال دل جو
”بيوس“
تون پاڻ تان سهي
ڪر!
آٿت جو آهه تو لئه،
مون لئه ستُون
آهي!!!!
(مصطفا انڙ جي
فيسبڪ وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۴ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا