; سنڌي شخصيتون: لڇمڻ ڪومل

05 January, 2015

لڇمڻ ڪومل


لڇمڻ ڪومل
پنھنجي ڪوتائن جي آس پاس
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ هند توڻي سنڌ جي شاعراڻي اڀياس ۾ لڇمڻ ڪومل جو ذڪر اهميت جوڳو ئي نه پر نهايت ئي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ اهو اهڙو دور آهي، جنهن ۾ ادب ۾ ترقي پسند نظريو نهايت تيزي سان داخل ٿي رهيو هئو. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ جي ايماندار اديبن کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اهو نظريو سنڌ ۾ ادبي ڌارا کان وڌيڪ سياسي ڌارا طور قبول ڪيو ويو هئو، جنهن سنڌي ادب کي نج تخليقي سطح کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو. پر حيرت جي حد تائين لڇمڻ ڪومل جي پهرئين ۽ آخري، ڪوتائي ڪتاب ”جيءَ جهروڪو“ وقت هن محسوس ڪيو ته سنڌي ڪوتا کي، ڪا به سياسي ڌارا نه پر ادبي ۽ تخليقي ڌارا ئي بچائي سگهي ٿي.


ان موڙ تي عروضي شاعريءَ جي سڀني باريڪين کان واقف ۽ هرو مل سدارنگاڻيءَ جهڙي استاد کان عروض جو علم پرايل لڇمڻ ڪومل روايتي نظرين ۽ شاعراڻين صنفن کان بنهه الڳ ٿي نئين ڪوتا جي ويجهو آيو ۽ ان ۾ هن پنهنجي ويچار کي مناسب اظهار ڏنو، جنهن جو مثال اهو ڪتاب آهي، جنهن جو سروهن پنهنجي وڻندڙ شاعر ۽ دلبر دوست سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي شيخ اياز جي غزل جي هڪ سٽ تان کنيون، اهي غزل جيڪي سندس دل ۾ وسيل هئا ۽ جنهن غزل جو هُو بنيادي شاعر هئو، اياز جي غزل جي اهي سٽون آهن:
تيسين اياز ان کي پورو پسي نه سگهندين،
جيسين کلي نه جاني! ڪوجيءَ ۾ جهروڪو
۽ لڇمڻ ڪومل جي سڪيلڌي ڪتاب جو نالو آهي ” جيءَ جهروڪو“.
مان هُن جي نئين ڪوتا ڏانهن اچان، جيڪا هن زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين نه ڇڏي، ان کان اڳ مان هن جي شاعراڻي سفر جي شروعات ڏانهن اچان ٿو. جنهن شروعات ۾ هن ناٽڪ کان پري ٿي غزل لکڻ شروع ڪيا هئا. ڇاڪاڻ ته ان وقت هن جي شعور ۾ فقط غزل ئي شاعري هئي.
نه فقط ايترو پر سندس آس پاس غزل جا نهايت حسين شاعر، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر غزل لکي رهيا هئا ۽ اهم ڳالهه ته سندس مٿان سنڌي غزل جو اوچو بڙ نارائڻ شيام ڇانو ڪيو بيٺو هئو، پڪ سان هُو ان ڇانو ۾ غزل جو وڏو شاعر نه ٿي سگهي ها ۽ ايمانداريءَ سان اها ڳالهه محسوس ڪندي هن غزل جي رستي تي هلڻ بند ڪيو. پر ان پنڌ ۾ هلندي هن جيڪي غزل سنڌي شاعريءَ کي ڏنا اهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. غزل جي حوالي ۾ مان هڪ ٻي ڳالهه به چٽي ڪري ڇڏيان ته هند جي غزل ۽ سنڌ جي غزل جي وچ ۾ هڪ سرحدي لڪير آهي. لڪير جي هن پاسي جو غزل ويچار جي سطح تي اڀري آيو آهي. ۽ سرحد جي هن پاسي جو غزل ٻوليءَ جي سطح تي اڀري آيو آهي. هيءَ ڳالهه سجيده غزل جا پرهندڙ ۽ لکندڙ لڇمڻ ڪومل جي غزلن مان سمجهي سگهندا. جنهن لاءِ مان سندس ڪي غزل هت اوس ڏيڻ چاهيندس:
اندر اندر لاچاري بيزاري آ،
ٻاهر ٻاهر مان ۽ دنياداري آ.
برفن جا گهر ٺاهي ويٺو هر ڪوئي،
تيزي اس جي تيزيءَ سان ئي جاري آ.
هن پل جو پسمنظر ڪوئي ڏسي اچي،
هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ.
ڪهڙا ڪهڙا ٿوهر اڀريا ڌرتيءَ تي،
مٽيءَ جي پڻ پنهنجي ڪا لاچاري آ.
ڪهڙيون تن کي ڪومل ڏيون ميارون ڪي،
جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ.
مٿيون غزل لڇمڻ ڪومل جو شروعاتي غزل آهي ۽ جيڪو اهڙو غزل آهي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي سڀني چونڊ ڪتابن ۾ کنيو ويو آهي، اهڙو ئي سندس هڪ غزل آهي، جيڪو پڻ هند جي سنڌي شاعريءَ جي هر انٿالاجيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. غزل آهي:
ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا،
رات ڏٺاسين خون ڪرشما خوابن جا.
خوف جيئڻ جو آهه حياتيءَ تي حاوي،
آيا آهن ڪهڙا ڏينهن عذابن جا.
ياد جي خوشبوءَ تنهنجو آخر پاند جهليو،
ڪيڏا ورق ورايا ذهن ڪتابن جا.
آهه گناهه اهو ئي توکي چاهيوسين،
هاڻي ٿيندا ڪهڙا ڪم ثوابن جا.
ڪهڙا ڪهڙا ليکا لاهيون يارن سان،
وسري ويا سڀ اگههءِ پار حسابن جا.
اهڙا سوال پڇيا  ٿو ڇا لئه ڪومل کان،
ڪنڌي جهڪي ويا آهن ڄڻ ته نوابن جا.
سڄو سنسار موت کان ڊڄندو آهي، پر جڏهن حياتيءَ تي جيئڻ جو خوف طاري هجي ته ان صورتحال ۾ شخص سنسار کان الڳ ٿي ڪيئن سوچي ٿو. ان جو اندازو لڇمڻ ڪومل جي غزل جي مٿي ڏنل ٻن سٽن مان لڳائي سگهجي، مون کي سنسار جي سڀني ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي سوچڻ جي انداز جي ته سُند نه آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ هندستان لڏي ويندڙ سنڌين جي مني صديءَ ۾ جيئڻ جو خوف ئي حاوي رهيو آهي، ٻيءَ طرح هُو سنسار جا شاهوڪار ماڻهو آهن.
ادب ۾ لڇمڻ ڪومل جڏهن محسوس ڪيو ته حياتيءَ مٿان ڇانيل ان جيئڻ جي خوف کي نجو اظهار ڏيڻ غزل ۾ ڏکيو آهي ته هو نئين ڪوتا ڏانهن آيو. پر ادب ۾ اڀري  آيل نئين ڪوتا جي زبردست اثر انداز ٿيندر لهر کان متاثر ٿي هن ڪوتا نه لکي ۽ نه ئي ماڊرن شاعر سڏجڻ جي شوق پارڻ لاءِ!
هن وٽ نئين ڪوتا ڏانهن اچڻ جا سبب پنهنجا آهن سندس لکڻ موجب:
۱-اڄ جو شاعر جيڪي چوڻ چاهي ٿو، ان کي پراڻي قالب ۾ قيد ڪرڻ شايد ممڪن نه ئي آهي ۽ نتيجي طور نوان فارم پاڻمرادو وجود ۾ اچي وڃن ٿا. (ص ۱۱)
۲-هر تخريب، تخليق کان پوءِ جو عمل آهي. (ص ۱۵)
ادب ۾ سچ اهو آهي ته جيستائين شخص تخليقڪار نه آهي، تيستائين ان مان تنقيد نگار جي آس رکڻ اجائي آهي، نئين شاعريءَ ۾ تجربي ڪرڻ جو ڀرم پالڻ به هر شخص/شاعر جي حوالي سان قبولڻ ڏکيو آهي.
لڇمڻ ڪومل پنهنجي شاعراڻي تجربي کي جٽيسناءِ ڪرڻ لاءِ چوي ٿو:
”زندگيءَ جو هر تجربو تخليق جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. بشريڪ ان جو اظهار فني سطح تي هجي ۽ اها ”تجربو ڪرڻ“ ”بدران“ ”تجربو هئڻ گهرجي“. اهو تجربو لڇمڻ ڪومل وٽ هن طرح آهي:
صدا،
جا سڄي جهان کي،
ننڊ مان جاڳائي رهي هئي،
سانت جي صليب کي،
سلام ڪري،
سمهي پئي،
پر ڪنهن به اها خبر،
ڌيان ڏيئي نه پڙهي.
اهو احساس هئو، جيڪو کيس غزل کان نئين ڪوتا ڏانهن وٺي آيو. ياد رکڻ گهرجي هو بنيادي طور غزل جو ئي شاعر آهي، سندس طبعيت موزون هئي، پر سندس اهو غير معمولي عالمي ادب جو مطالعو ئي هئو، جيڪو کيس نئين ڪوتا ڏانهن وٺي آيو. ٻي طرح هُن پنهنجي زندگيءَ جو هر تجربو پنهنجي نظم توڻي نثر ۾ آندو آهي. حوالي طور وري به مان سندس نئين ڪوتا کي آڻيان ٿو. جنهن جو عنوان آهي:
موت جو عنوان
هن دور جي زندگيءَ جو عنوان،
موت آهي،
۽ موت جو عنوان،
شايد،
زندگي هجي.
نيئن تجزبي هيٺ آيل سندس زندگيءَ جا ڪي نجاکِڻ، هُن پنهنجي ڪوتا ۾ ڪيئن آندا آهن. ڏسڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙا آهن.
عنوان:
ٻرندڙ جسم
هيءَ هوا،
منهنجي جسم کي ٿڌو ته نه ڪري سگهي،
پر گهٽ ۾ گهٽ،
هيءَ بتي ته ٺاري وڃي ها!
هر تخليقڪار پنهنجو/ رچنا سنسار پاڻ جوڙي ٿو. جيڪو عام شخص/وهنواري شخص کان الڳ هوندو آهي.
چيو وڃي ٿو ته امير تيمور جڏهن فارسي شاعر حافظ شيرازيءَ کان پڇيو هو ته، مون جنهن سمرقند ۽ بخارا کي هيڏيءَ خونريزيءَ ۽ قتل عام کان پوءِ حاصل ڪيو، ان کي تون ايتري سستي اگهه ۾ وڪڻي ڇڏيندين؟...  ته حافظ مرڪي جواب ڏنو ”حضور اهو ئي ته اوهان جي خوشحاليءَ ۽ منهنجي بدحاليءَ جو ڪارڻ آهي.“
هر شاعر حافظ جيان سخاوت ڪندو آهي، لڇمڻ ڪومل لفظن جو به سخي هو،، ڳالهين جو به سخي هئو ۽ دل جو به سکي هئو. الميو اهو آهي ته هن کي هند ۾ لکن سنڌين جيان جيئڻ جو خوف وري وري ماريندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هو زندگيءَ سان ڀرپور شخص هئو. ٻڌندڙ ۽ پرهندڙن کي اعتبار ڏيارڻ لاءِ شاهدي طور سندس ڪوتا ڏيڻ چاهيندس. جنهن جو عنوان آهي:
وقت جي پيٽ ۾ پلجندڙ پل.
چاليهه سال وڏ عرصو آ،
چاليهه صديون جيئندو ڪير؟
پنهنجي ڪلهن تي ڍوئي ڍوئي،
پنهنجو لاشو،
چاليهه گهڙيون ته هلي سگهي ڪو،
چاليهه سال وڏو عرصو آ.
وسارڻ نه گهرجي ته مٿين ڪوتا لکڻ وقت سندس عمر چاليهه سال هئي. هو ان کان ٻيڻي عمر جي سگهيو ۽ ان کان چئوڻو وڌيڪ سنڌي ادب کي ڏئي ويو. تخليق جي صورت ۾، تنقيد جي صورت ۾ تحقيق جي صورت ۾، ترجمي جي صورت ۾ آتم ڪٿا جي صورت ۾، صحافت جي صورت ۾، ۽ اول آخر ڪوتا جي صورت ۾. ڇاڪاڻ ته سندس ننڍڙي ناٽڪ اداڪار کان وٺي، وڏي نقاد بڻجڻ تائين سڀ سڃاڻپون پوءِ اچن ٿيون سندس پهرئين سڃاڻپ ڪوتاڪار واري آهي.
”لاتعداد ليڪون، دائرا، نشان ۽ داغ اسان جي اکين جي دروازن مان اسان جي ذهن ۾ گهڙن ٿا، اڀرندڙ سج جي پهرئين مرڪندڙ ڪرڻي کان وٺي اونداهيءَ جي آخري سڏڪي تائين، سڀ ڪجهه اسان جي ذهن جي آرپار ايندو ويندو ٿو رهي ۽ پوءِ اهي ئي ليڪون دائرا، نشان ۽ داغ، ڳوڙها يا ٽهڪ بڻجي ذهن جي درين مان ٻاهر نڪرن ٿا.
عملي طور جڏهن ائين نٿو ٿئي ته اسان جي اندر مان ڪا ڪوتا اُٻڙڪا ڏيئي، ٻاهر نڪري ٿي، جيڪا پلن کي ٻاري سگهڻ جي قوت به رکي ٿي ته پلن کي ٺاري رکڻ جي صلاحيت به رکي ٿي. پر اهو سڀ شخص لاءِ ادب ۾ ئي ممڪن آهي پر ڇا ڪجي ”اسان جي نقادن، سان جي ادب ۽ شاعريءَ کي، غير ادبي ڪسوٽيءَ تي ئي پئي پرکيو آهي.“
چوڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه بچي ٿو پر اڄ لاءِ ايترو ئي ٺيڪ رهندو، ڇاڪاڻ ته هر احتجاج واري آواز کي آخر لڇمڻ ڪومل جي اظهاريل هنن ئي ڪيفيتن مان گذرڻو ٿو پوي.
بي رُخي جا نه دشمنيءَ جا فريب،
مون ته کاڌا ها دوستيءَ جا فريب.
ڪيڏا رنگين ڪيترا دلڪش،
حسن جي هاءِ، سادگيءَ جا فريب.
موت لئه ڇو سِڪن، پڇو تن کان،
جن هجن کاڌا، زندگيءَ جا فريب.
ڪيئَن نه شيطان کان به سر سيرا،
هن زماني جي آدميءَ جا فريب.



لڇمڻ ڪومل
هند ۽ سنڌ کي شاعريءَ جا گلاب ارپيندڙ
رکيل مورائي
ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا.
رات ڏٺاسين خوب ڪرشما خوابن جا.
مٿيون شعر اُن شاعر جو آهي، جنهن جي شاعري جڏهين به مون پڙهي آهي ته مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته اُن جي ڪرشمي سان رڻ جي ڇاتيءَ تي ڦٽل ٿوهر جي ٽارين تي گلابن جا گُل ڦٽڻ لڳا آهن. جيتوڻيڪ مٿئين شعر ۾ اهو ڪرشمو خواب جو ڏيکاريل آهي پر مان سمجهان ٿو ته ساڀيا ۾ به ائين ٿيندو آهي. پر اهو فقط غير معمولي تخليقڪار ئي پنهنجي تخليقي عمل ذريعي ڪري سگهندا آهن. جنهن به پڙهندڙ هن کنڊ جي مهان شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪتاب ”گيتانجلي“ پڙهيو آهي اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهندو ته تخليق وسيلي ٿوهر جي ٽارين تي گلابن جا گل ته ڇا، هڪ سڄي ساري نئين ڪائنات خلقي سگهجي ٿي. ڳالهه رڳو تخليقي صلاحيتن جي آهي ۽ اُن کان پوءِ پڙهندڙ جي اُن تخليق جي تهه تائين پهچڻ جي آهي. هونئن شاعريءَ جا ذهين پڙهندڙ مٿئين شعر کي پڙهي ان جي تخليقڪار بابت ۽ سندس تخليقي صلاحيتن بابت آسانيءَ سان ڄاڻي سگهن ٿا. ڪنهن هڪ مثال مان ئي ڪنهن غير معمولي تخليق جي ڪٿ ڪرڻ گهڻي ڏکي ڪانهي.
سنڌي ادب جا پڙهندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي شاعري ڇا ٿيندي آهي! ڇو ته سنڌ آهي ئي شاعريءَ جو ديس. مان هيءَ لفظ شاعريءَ بابت فقط ان ڪري لکي رهيو آهيان جو، جنهن شخص بابت هيءَ لکيت لکي پئي وڃي، ان جي اولين ۽ آخرين سڃاڻپ شاعري آهي ۽ ان شخص جو نالو لڇمڻ ڪومل آهي.
لڇمڻ ڪومل سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت شاعر، نقاد، مترجم، ايڊيٽر ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا؟؟ ساهتيءَ پرڳڻي جي اهم شهر/ضلعي نوشهري فيروز بابت ڇپيل تاريخي ڪتاب ”نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾“ ۾ سندس تعارف ڪجهه هن طرح ڏنل آهي.
”سنڌي نثر جو بادشاهه ليکڪ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ، مرتب، مترجم ۽ حسين شاعر، ۲۶ مارچ ۱۹۳۶ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو. سندس اصل ڳوٺ ته درٻيلو آهي، جتي اڄ به سندن ڇڏيل گهر سلامت آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪنڊياري ۾ به سندس گهر سلامت آهي. اڃا سنڌ به سلامت آهي ۽ سنڌي ٻولي به سلامت آهي، جنهن جو ليکڪ لڇمڻ ڪومل آهي.
لڇمڻ ڪومل نثر سان گڏ نظم به لکيو آهي پر اصل سندس پهرئين سڃاڻپ شاعري آهي ۽ سندس آخري سڃاڻپ صحافت آهي. هُن زندگيءَ جا ۳۳ سال هندستان جي وڏي ۾ وڏي اخبار ”ٽائيمز آف انڊيا“ سان گذاريا آهن. هو اُن ۾ لڳاتار هفتيوار ڪالم به لکندو رهيو آهي. تنهن هوندي به هُو پاڻ کي شاعر چوائيندي خوش ٿيندو آهي. سندس هڪ غزل جا بند آهن ته:
اندر اندر لاچاري بيزاري آ
ٻاهر ٻاهر مان ۽ دنياداري آ،
ڪهڙا ڪهڙا ٿوهر ڄاوا ڌرتيءَ تي،
مٽيءَ جي پڻ پنهنجي ڪا لاچاري آ.
شاعر هجڻ سان گڏ هو شاعريءَ جو اعليٰ نقاد به رهيو آهي. سندس ڪيترائي ادبي ليک ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪڏهن انهن کي ترتيب ڏئي ڇپايو وڃي ته هوند ڪيترائي ڪتاب جڙي پون، پر هو انهيءَ سموري ڪم کان پري رهي. اڄ ڪلهه دهليءَ ۾ پنهنجي آرام ده گهر ۾، پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو آهي. ورهاڱي وقت هو هند جي مختلف شهرن ۾ رهيو ۽ آخر دهليءَ جي لاجواب شهر ۾ اچي رهيو. سندس نثر جنهن به پڙهيو آهي، اهو منهنجي هن راءِ سان سهمت ٿيندو ته، سندس نثر به شاعريءَ جهڙو مترنم آهي. هو ڪيترائي ڀيرا سنڌ آيو آهي ۽ اڌ دنيا گهميو آهي. ڪتابن موسيقيءَ ۽ گولڊ ليف سگريٽ جو عاشق لڇمڻ ڪومل سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران نڪرندڙ ٽه ماهي مئگزين ”سنڌو جوت“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هيءُ رسالو انڊيا مان نڪرندڙ، اڄ جي سڀني رسالن جو نڪ آهي. لڇمڻ ڪومل ڪيترائي ناٽڪ به لکيا آهن ۽ ناٽڪن ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. هو هڪ دانشور ليکڪ آهي ۽ منهنجو ساڻس اڻ ميوپيار آهي.
کيس سندس پهرئين ۽ اڄ تائين آخري شاعراڻي ڪتاب ”جيءَ جهروڪو“ تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ۱۹7۶ع ۾ انعام ڏنو ويو. ٻيءَ طرح هو ڪيترن انعامن سان نوازيو ويو آهي. سچ ته، اُهي انعام به خوشنصيب آهن، جيڪي لڇمڻ ڪومل جي نالي ٿيا آهن. سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن:
جيءَ جهروڪو (شاعري) (۲) ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڌيءَ تي (ترتيب) (هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت بابت (۳) پن ڇڻ جو پڙلاءُ، قراة العين حيدر جون ڪهاڻيون (ترجمو) (۴) بلا شاهه (ترجمو) (۵) ميري چادر (راجندر سنگهه بيديءَ جو ناول (ترجمو) (۶) ميران ٻائي (ميران ٻائيءَ تي لکيل ڪتاب (ترجمو) (7) نئون صبح (ماياڪووسڪيءَ تي لکيل اصلي ڪتاب (ترجمو)(۸) فوڪ لٽريچر آف پاڪستان (ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعري (ترجمو) (۹) سنڌي غزل جو انتخاب (ترتيب) (۱۰) وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا چار  جُلد سنڌ ۾ ڇپيل.“
سندس مٿئين تعارف کان پوءِ فقط اهو چوڻ چاهيان ٿو ته هن شخص جي ادب بابت ڪيل خدمتن تي الڳ الڳ حوالن سان الڳ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. لڇمڻ ڪومل جي ترجمي ڪيل ڪتابن جي ٻولي پڙهي، هو محسوس ئي نه ٿيندو ته هيءُ ڪتاب ترجمو آهن. هُن کي سنڌي ٻوليءَ تي جيڪو ظابطو آهي، اهو ۽ ان جي چوٿين حصي جيترو به انهن ليکڪن کي ٻوليءَ تي ظابطو ڪونهي جيڪي فرمائين ٿا ته هو ليکڪ ئي ناهي. هُن جو ٻيو ڪم دهلي اڪيڊميءَ پاران نڪرندڙ اهو جرنل آهي جيڪو ٽه ماهي ”سنڌو جوت“ جي نالي سان گهڻي وقت کان هِن جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندو رهيو آهي. ان پرچي جا ايڊيٽوريل خود سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار آهن، جيڪي ڪنهن به ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڏين ٿا. خود اُهي پرچا ۽ خاص ڪري اُن جا ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ ۽ ”شاهه لطيف نمبر“ ته سنڌيءَ ٻوليءَ جا لاجواب پرچا آهن، ۽ ان کان پوءِ هن سنڌي ٻوليءَ جي ذهين اديب جا اُهي عالماڻا، مضمون، مقالا ۽ تجزيا آهن جيڪي هُن مختلف سيمينارن ۾ پڙهيا آهن، هُن جا ڪتابن جا مهاڳ، ڪتابن جا اڀياس ۽ مختلف موضوعن تي لکيل اهي مضمون ۽ مقالا گڏي شايع ڪجن ته سنڌي جديد ادب بابت ڪيترائي تنقيدي ڪتاب جڙي پون، جيڪو سهيڙ جو ڪم اڃا هُن کي ڪرڻو آهي .
لڇمڻ ڪومل جو اڄ جي تاريخ تائين آخري ڪم اهو ڪتاب آهي، جيڪو هُو ”وهي کاتي جا پنا“ جي نالي سان لکي رهيو آهي. جيڪا هُن جي آتم ڪٿا آهي ۽ اُها آتم ڪٿا اهڙي آهي، جنهن کي پڙهي سنڌ جو اهو نسل جنهن ورهاڱي جو هاڃو اکين سان نه ڏٺو هُئو، اهو انهيءَ ڪتاب ۾ ڏسي سگهي ٿو، هيءُ ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز آهي، جنهن ۾ صدين کان وسيل هڪ قوم جو پنهنجي ڌرتيءَ تان اکڙجڻ ۽ هڪ نئين ديس ۾ دربدر ٿيڻ جو داستان آهي ۽ اهو اهڙو داستان آهي، جيڪو لڇمڻ ڪومل جي شخصي داستان کان وڌيڪ اذيت ناڪ آهي. ان ڪري جو اهو هڪ جاتيءَ جو داستان آهي. هن ڪتاب تي گهڻو لکڻ چنڊ کي آئينو ڏيکارڻ برابر آهي، چوڻو مون کي صرف ايترو آهي ته هي ڪتاب ”سنڌي جديد شاعريءَ جي امام شيخ اياز جي آتم ڪٿا“ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (چار جلد) کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ حسين ترين نثر جو شاهڪار به آهي ته سنڌي حسين شاعريءَ جو نمونو به! هن ڪتاب جا ٻه جلد اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ شايع ٿي چُڪا آهن ۽ ٽيون جلد هاڻ ئي شايع ٿيو جنهن جو مهورت ننڍي کنڊ جي عظيم تاريخي شهر ۽ هند جي راجڌاني دهليءَ ۾ ۲۶ مارچ تي سندس جنم ڏينهن تي ٿيو. هيءُ جلد ورسٽي سنڌي پبليڪيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران پروفيسر سليم ميمڻ صاحب شايع ڪرايو آهي. ( ۽ سندس مڪمل آتم ڪٿا سندس وفات کان پوءِ روشني پبليڪيشن حيدرآباد مان ڇپي آهي)
هيءَ آتم ڪٿا جن به پڙهي آهي اُهي اهڙي شاهدي ڏيندا ته هيءَ آتم ڪٿا سنڌي نثر جو هڪ ماسٽر پيس آهي. هڪ طلسم آهي. هڪ نئين ڪائنات آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ پاڻ کي موجود محسوس ڪري ٿو ۽ هيءَ آتم ڪٿا هڪ اهڙي آتم ڪٿا آهي ۽ ان جو نثر اهڙو آهي، جيڪو پرهڻ وقت ايئن محسوس ڪرائي ٿو ڄڻ احساس جا ڪارا ڪڪر مَنَ جي رڻ مٿان ڪارونڀار ڪري آيا هجن ۽ اوڙڪون ڪري وسندا هُجن ۽ جنهن ۾ اها طلسماتي قوت آهي، جو اهو ٿوهر جي ٽارين تي گلابن جا گل ڦُٽائي سگهي ٿو. لڇمڻ ڪومل کي اهو به اعزاز آهي ته هو ان پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي ”ساهتي پرڳڻو “ ڪوٺجي ٿو. ضلعي نوشهري فيروز ۾ هُن جو جنم هنڌ تاريخي ڳوٺ درٻيلو آهي. هُن کي سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار شاعر نارائڻ شيام سان گڏ گذارڻ جو به شرف حاصل آهي ۽ سڀ کان اهم اعزاز اهو ته هو اُن ويڙهه جو هڪ سپاهي رهيو آهي، جيڪا سنڌي جاتيءَ کي هڪ نئين ڌرتيءَ تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ وڙهي ويئي. ۽ اهو به سنڌ جي سياسي ۽ ادبي برادريءَ کي نه وسارڻ گهرجي ته ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو هند ۽ سنڌ جي اديبن جي هڪ ٻئي ڏانهن تڪڙي آمد ۽ سنڌي ادب بابت تڪڙا سيمينار ڪرائي، هند جي سنڌي ادب جو تعارف سنڌ جي سنڌي ادب سان ڪرائڻ ۽ سنڌ جي سنڌي ادب جو تعارف هند جي سنڌي ادب سان ڪرائڻ جي نيڪ عمل پويان سڄي محنت لڇمڻ ڪومل جي آهي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌ سندس انهيءَ محنت کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي، ڪجهه شخص وسارن ته اهو سنڌ ۽ سنڌي ادب جو الميو نه آهي. لڇمڻ ڪومل کي سنڌ ايئن ياد رکندي جيئن لڇمڻ ڪومل سنڌ کي ياد رکيو آهي
(سندس جنم ۲۶ مارچ ۱۹۳۶ جي حوالي سان)



لڇمڻ ڪومل جا خط ڳالهائين ٿا
ادل سولنگي
سنڌي ادب توڙي عالمي ادب ۾ خطن جي ڇپجڻ جي تاريخ ڪا نئين ڪانهي جوهر لال نهروءَ جا ”پيءُ جا ڌيءَ، ڏي خط“ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا خط، ”واڄٽ ويراڳين جا“ قرت العين حيدر جا خط، تاجل بيوس ڏانهن، لکيل اديبن جا خط، ٻيا کوڙ اهڙا ڪتاب آهن جيڪي خطن تي مشتمل آهن، سنڌي ادب ۾ گهڻي کان گهڻا خط سائين جي ايم سيد محفوظ ڪيا آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ موجود آهن، مها ڪوي شيخ اياز جي خطن جو ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ذوالفقار علي ڀُٽي جا بينظير ڀٽو ڏانهن خط، منصور ملڪ جا خط، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري همٿاڻي جا خط، آڳاٽي زماني ۾، ٽئگور، غالب، دوستو وسڪي، ور جينا وولف، فرانزڪافڪا، همينگوي، ابوالاڪلام آزاد، فيض احمد فيض جا خط، ڏيهي توڻي پرڏيهي ادب ۾ اڻ ڳڻيا خطن جا ڪتاب موجود رهيا آهن. خطن لکڻ جو زمانو گهڻو پراڻو آهي، اسان کي سڀ کان آڳاٽو مهاراجا ڏاهر جو خط ملي ٿو، بادشاهن جا بادشاهن ڏانهن خط، عاشقن جا محبوبن ڏانهن خط، قيدين جا مٽن مائٽن ڏانهن خط، دوستن جا دوستن ڏانهن  لکيل خط، جنهن ۾ اندر جي اُڀرندڙ احساسن جو ذڪر ڪيل هوندو آهي.
لڇمڻ ڪومل هند توڻي سنڌ جي سنڌي پڙهندڙن وٽ پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو سنڌيءَ سان گڏ انگريزي ۾ به لکندو رهيو آهي،/ هئو. جنهن سبب انگريزيءَ جا پاٺڪ به کانئس گهڻو گهڻو واقف آهن. هو هڪ ئي وقت شاعر به هئو ته نقاد به هئو، مرتب به هئو ته مترجم به هئو، هڪ ناٽڪ نگار به هئو ته ان جو ويس ڌاري به پر سندس اصل سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي ۽ اها هڪ غزل جي شاعر واري جيڪا شاعريءَ جي مڙني باريڪين کان به واقف هوندو آهي ته احساس جي اظهارڻ جي به ڄاڻ رکندو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن کي هند جو وڏو ادبي ”ايوارڊ“ سندس آزاد نظمن/ نثري نظمن جي ڪتاب تي مليو جنهن جو نالو آهي ”جيءَ جهروڪا“ ٻئي طرف لڇمڻ ڪومل جي ادبي کاتي ۾ هڪ درجن کن ڪتاب جمع ٿيل آهن.
لڇمڻ ڪومل جي انگريزيءَ ۾ سڃاڻپ هڪ صحافي واري آهي، ڇاڪاڻ جو هو زندگيءَ جا ٻٽيهه ورهيه، هند جي وڏي انگريزي اخبار ”ٽائيمس آف انڊيا“ سان جُڙيل رهيو.
لڇمڻ ڪومل جا خط، ۱۰ اپريل ۱۹۹۲ع کان ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۲ع تائين واري عرصي ۾ لکيل آهن، هنن خطن ذريعي لڇمڻ ڪومل پنهنجي دل جي حضور سان لکيل احساس بغير ڪنهن رک رکاءَ جي بيان ڪيا هئا/ آهن.
هن رکيل مورائي سان جيڪو پيار ۽ پنهنجائپ جو رستو رکيو هو، ان مان هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام جو رشتو جهلڪي ٿو، اهڙن خطن کي پڙهڻ لاءِ اچو ته هاڻ ”لڇمڻ ڪومل جا خط“ ڏسون ته اهي ڪيئن ٿا پاڻ ۾ ڳالهائين!
خط ڳالهائيندا آهن.
لفظن مان سونهن جا گلاب سندرتا جا سڳنڌ ڀريا مگرا ۽ موتيا پکيڙڻ جو ڪم مهارت ۽ اُڻت ساز شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ايندو آهي، ان ڪلا کي هو خوب نڀائي ڄاڻن، اصل ۾ حياتيءَ جو پنڌ ڏکيو اکٽ، اڻمٽ، انوکو ۽ اڌورو هوندو آهي، اهو احساس ليکڪ کي هوندو آهي، جنهن جو اظهار سندس لکڻين ۾ ٿيندو رهندو آهي.
لڇمڻ ڪومل جو آخري ۽ اهم ترين ادبي حوالو سندس آتم ڪٿا، ”وهي کاتي جا پنا“ آهي جيڪا چئن ڀاڱن ۾ لکيل آهي، جيڪا سرحد جي ٻنهين پار رهندڙ سنڌين وٽ پڙهي وئي آهي ۽ کيس سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت ڏني وئي آهي.
سنڌي نثري ادب ۾ خطن واري ڀاڱي کان الڳ ٿلڳ آتم ڪٿا واري ڀاڱي ۾ شيخ اياز جي آتم ڪٿا، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪُ مسافر “۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ سنڌي نثر جا شاهڪار ڪتاب ليکيا پيا وڃن.
لڇمڻ ڪومل ساهتي پرڳڻي جي هڪ اهم شهر ڪنڊياري ۾ ۲۶ مارچ ۱۹۳۶ع ۾ ڪنڊياري جي گڙنگ زميندار چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جو نالو رکيو ويو هو ”لوڪومل“ وڏيرڪي گهر ۾ ڄاول هي وڏيرڪو ٻار، اڳتي هلي ”لڇمڻ ڪومل“ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو، ”لڇمڻ ڪومل“ جي زندگيءَ ۾ ننڍپڻ کان رولاڪي گڏ گڏ رهي آهي، جنهن سندس وڇوڙي تائين هن سان ساٿ نڀايو. ننڍپڻ ۾ هي نواب شاهه جي اسڪول ۾ پڙهيو جتي سندس استادن ۾ هند ۽ سنڌ جو ناميارو ليکڪ ”ڪيرت ٻاٻاڻي“ هن جو استاد رهيو، ورهاڱي واري اوٿر ۾ ٻين جيان ڀاٽيا خاندان جا پير به پنهنجي ڌرتيءَ تان اکڙي ويا ۽ هنن جي دربدري، جلاوطني ۽ خانه بدوشيءَ جا اهي ڏينهن هئا جڏهن ڀاٽيا خاندان سنڌ مان لڏپلاڻ جو شڪار ٿي اوکا بندر تي پهتو. لڇمڻ ڪومل ڀائرن ۽ ڀينرن کي ساڻ ڪري امڙ سميت اجمير شريف ۾ اچي رهيو، هيءُ شهر اهڙو شهر هيو جيڪو لڇمڻ ڪومل لاءِ سنڌ جيان ٻاجهه ڀريو ۽ عقيدت جي علامت رهيو، اجمير شهر جڏهن هن کي مستقل پناهه نه ڏئي سگهيو ته هن ڀرتپور، آگري ۽ احمد آباد تائين لڏپلاڻ ڪندي پنهنجي خاندان لاءِ مستقل اجهي جي ڳولا ڪئي. چئن سالن جي مسلسل رولاڪيءَ پڄاڻان جڏهن سندس پيءُ چيلارام ڀاٽيا هنن سان اچي گڏيو، تڏهن هنن گڏجي ڪانپور ۾ رهندڙ پنهنجي پڦيءَ جي گهر کي الوداع ڪري، دهليءَ جا در وسايا، جتي هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي.
دهلي عالم جو شاندار شهر سڏيو ويندو آهي، اهو ئي دهلي شهر جتي اورنگزيب جون ارڏايون ۽ اُرهه زورايون اڄ تائين تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيون پيون آهن. دهلي شهر جنهن جي ديوارن مٿان سرمد ۽ دارا شڪوهه جي رت جا ڇنڊا اڄ به آلا محسوس ٿين ٿا. دهلي، جنهن مٿان اورنگزيب جي ميرين اکين جو ڪيترائي ورهيه راڄ رهيو آهي.
لڇمڻ ڪومل.. دهليءَ ۾ پڙهيو، جنرلزم ۾ ڊپلوما ڪئي، هتي ئي هن، ڊراما ڪيا، وهانءُ ڪيو، نوڪري ڪئي لڇمڻ ڪومل هن ئي شهر ۾ ليکڪ بڻيو، هن ئي شهر ۾ هن نثر به لکيو ته نظم ۾ به پاڻ موکيائين. لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ بابت گهڻو ڪجهه هن جي لکيل آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ موجود آهي، جنهن مان لڇمڻ ڪومل کي گهڻ پاسائين ڪرت ڪندي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
هنن خطن ۾ سندس زندگي جي پورڻتا ۽ اڻپورڻتا کي جُزوي طرح ڏسي سگهجي ٿو، هو سنڌ جي زميندار گهراڻي جو فرد هئو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي دوستن سان هڪ ڪاروباري سنڌيءَ جيان پيش نه آيو. هي يار جيئن لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ درياهه دل هئو، ائين ئي دوستن جون مهمانيون ڪندي به سرهائي محسوس ڪندو هئو، ۽ پنهنجي ليکي ميزبانيءَ جا قصا دوستن کي ٻڌائيندي وڌيڪ خوشي ماڻي سگهندو هئو، هو جيترو خرچ ڪتابن تي ڪندو هئو، اوترو ئي خرچ فلمن تي ڪندو هئو، هو ناٽڪ، راڳ، ناچ جي آڊيو ۽ وڊيو ڪئسٽن تي به گهڻو خرچ ڪندو هئو، پنهنجي خوش پوشاڪيءَ تي جيترو خرچ ڪندو هئو اوترو ئي خرچ هو پاڻيءَ ۽ سگريٽن تي به ڪندو هئو.
ڪيڏا رنگين، ڪيڏا دلڪش،
حُسن جي هاءِ، سادگيءَ جا فريب
(لڇمڻ ڪومل)
پيارا رکيل اسان آريسر جهڙن انسانن جي باطني سونهن کي سمجهي ۽ پرکي نه سگهيا آهيون، مسجد جو پيش امام ۽ مندر جو پوڄاري جڏهن اندر جون اکيون کوليندا آهن ته ”علوگ بيگ ۽ آريسر جهڙا ذهن جنم وٺندا آهن، مون کي ”آريسر“ سمرقند جي ”علوگ بيگ“ جو نئون جنم لڳندو آهي.
جڏهن علوگ بيگ هي سٽ لکي ته:
Where Religion And Knowledge Begins مڇريل ملن هن جي پٽ کي ڀڙڪائي هن جي جسم جا ايڪيهه ٽڪرا ڪيا هئا، مون کي آريسر به ائين ڀاڱا ڀاڱا ٿيل نظر ايندو آهي، هن کي منهنجا ٻه ڀاڪر پائجانءِ هڪ گڏجڻ مهل ۽ ٻيو موڪلائڻ مهل.
”لڇمڻ ڪومل جا خط“ جنهن ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جون ڇوليون به آهن ته وطن جي وڇوڙي جا وڍ ۽ روح جون رولاڪيون به آهن، ڪجهه يارن جا قصا ته وري ڪجهه ٻارن جون ڪٿائون آهن، ادب، شاعري، ڪهاڻيون، تنقيد، ڊراما، راڳ، ناچ، رنگ، روپ، ٻهروپ، آشائون، اميدون، ڳڻتيون، ڳاراڻا، آلاپ ۽ اوراڻا، درد، پيڙائون، پريت، پڇاڻا، رساما ۽ پرچاڻا، زندگيءَ جي سموري پٽ کوهه، حاصلاتون نفعا، نقصان، اُپتون ۽ کپتون هن ڪتاب جي هڪ هڪ خط ۾ جيئرن جاڳندن انساني احساسن جي ڪٿا گري آهي تڏهن ته چيو ويو آهي ته خط ڳالهائيندا آهن.
رکيل مورائي ڏانهن لکيل ”لڇمڻ ڪومل جا خط“ رڳو رکيل مورائي سان مخاطب ٿيندي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي جاتي، سنڌي لوڪ ۽ سنڌ بابت ڳوڙهن ويچارن جي اُپٽار ڪيل آهي، انهن انسانن جو ذڪر آهي جن جو لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ ۾ ڪنهن به نموني سان ويجهڙائي/ سڃاڻپ رهي آهي.
پيارا  اڄ جيسر جو خط به آيو آهي، لکيو اٿائين ”رکيل منهنجا اتان آيل ڪتاب تڳائي ويو آهي“ هن کي چوندس ته دلبر جيسر، رکيل ته رڳو تنهنجا ڪتاب تڳائي ويو آهي پر منهنجو ته سڄو وجود تڳائي ويو آهي، مان ڪنهن وٽ دانهين ٿيان؟ ڪتاب ته مان ٻيا به توڏانهن ٻيهر به موڪلي ڏيندس پر مون کي منهنجو وجود ڪير موٽائي ڏيندو؟
رکيل مان اهو تو وٽ وساري نه آيو آهيان پر دانسته توکي ڏئي آيو آهيان، ان جي سنڀال تنهنجو فرض ۽ حق ٻئي آهي.
خط ڪنهن انسان جي اندر جو احساساتي اظهار به هوندو آهي ته ان دور ان زماني جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ معاشي تاريخ جي چرپر، سرگرمي، جوڙجڪ ۽ بيهڪ به هوندي آهي، خط انفرادي اظهار به هوندو آهي ته اجتماعي اظهارپڻ، خطن مان ۽ ڪنهن شخص جي لکڻي مان ان جي شخصيت، آسودگي، خوشحالي، غربت، مايوسي، روشن خيالي ۽ شعوري شبيهه/ خاڪو، نظر ايندو آهي. سنڌي ادب ۾ ”خطن جو سوانحي خاڪو“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي به ڪئي وئي آهي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته خط انساني ۽ ادبي تاريخ ۾ ڪيترا اهم هوندا آهن، ۽ انهن اهم خطن کي سهيڙي هن يار ڪتاب کي نالو ڏنو آهي، ”لڇمڻ ڪومل جا خط“، جيڪي ڏهاڪو سال وقفي وقفي سان لکيا ويا هئا. جيڪي هن يار پنهنجي ساهه ۾ سانڍي رکيا هئا.
هند ۽ سنڌ جي ادبي دنيا جي حوالي سان هن جو اهم ڪردار رهيو آهي، هن سنڌ ۾ هند جي اديبن ۽ ادب کي سڃاڻپ ڏياري آهي، ۽ هند ۾ سنڌ جي اديبن ۽ ادب کي سڃاڻپ ڏياري آهي، هي يار ٻن ملڪن، ٻن تهذيبن جي وچ ۾ ڳانڍاپي واري پل جو ڪردار ادا ڪندڙ نهايت ئي سرگرميءَ سان پنهنجي ذميواري نڀائيندو رهيو آهي، جنهن ”لڇمڻ ڪومل“ جي ڇڏيل ورثي جي وارثي ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جيڪا پارتا. وصيعت کيس لڇمڻ ڪومل ڪري ويو آهي. هن سنگت سان گڏجي لڇمڻ ڪومل جي رک ڄام شوري وٽ سنڌو درياهه جي ڇولين حوالي ڪئي هئي، جنهن انڊس ڊيلٽا پهچي تمر جي وڻن کي ساوڪ ڏني آهي.
مددي ڪتاب ”لڇمڻ ڪومل جا خط“



لڇمڻ ڪومل
گھڻ ڪنڊو اديب
گوورڌن شرما ”گهايل“ (پُڻي)
ڪي وڻندڙ شخص به ڪيترن کي ڪڏهن ڪڏهن نه وڻندا آهن ۽ وري ڪي نه وڻندڙ به ڪنهن نه ڪنهن خاصيت سبب گهڻن کي ئي وڻندڙ لڳندا آهن. ادب هڪ عجيب طلسمُ آهي، نثر ۽ نظم تي پنهنجي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندڙ ڪيترائي صاحب قلم ديس پرديس ۾ مقبول آهن، پر گهڻڪنڊي قابليت وارا اديب ايترا گهڻا نظر نه ايندا.
پنجهتر سالن جو جوان رچنا ڪار لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل هند، سنڌ ۾ انهن ڳاڻ ڳڻين ادبي شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي پڳ ۾ ڪيترائي پختا کنڀ نمودار آهن، هن صاحب سخن بطور شاعر ته مقبوليت حاصل ڪئي ئي آهي پر نثر نويسيءَ ۾ به گهڻن کي پٺتي ڇڏيو اٿس.
لڇمڻ جي ادبي انڊلٺ ڏانهن ڏسجي ته شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، ٻال ساهتيه، آتم ڪٿا ۽ ترجمي جون سهتيون صنفون سامهون نظر اينديون. ڪلڪراني ڪندڙ هيءُ اديب انڊلٺ کان به ٻه قدم اڳتي رهيو آهي، بطور پتر ڪار (صحافيءَ)  ۽ نقاد طور سٺو نالو ڪمايو اٿس.
ويجهڙائيءَ ۾ سندس آتم ڪٿا، وهي کاتي جا پنا (ٽن ڀاڱن ۾) سنڌ، هنڌ جي ادبي حلقن ۾ چڱو چوٻول مچايو آهي، مون هن ڪتاب جا ٻاهٺ ئي پنا پڙهيا آهن ۽ ان بابت مون کي پنهنجو رايو به آهي پر ڀاءُ نند ڇڳاڻيءَ جي اشاري موجب ان جي شفي نفي نقطن تي ٻيا ڪيترائي عالم اديب مقالا لکي رهيا آهن، ان ڪري مان وڌيڪ نه لکندس.
لڇمڻ ڪومل جو هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو تمام گهڻي چئو پچئه جو موضوع بڻيو رهيو، ڪويتا، سنگره ”جيءَ جهروڪا“، جنهن تي کيس سنه ۱۹7۶ع ۾ مرڪزي ساهيته اڪادميءَ جو انعام عطا ٿيو هو، ان تي به هاڻي هت ڪجهه لکڻ غير ضروري لڳيم ٿو.
ڀاٽيا صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي به دسترس آهي، ”پاڪستان جون لوڪ ڪهاڻيون“ (انگريزيءَ ۾) سنه ۱۹7۸ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب چڱو مقبول ٿيو، ”هڪ چادر اڌوراڻي“ ناول ۱۹۸۱ع ۾ ظاهر ٿيس، ٻه مونو گراف ”ميرا ٻائي“ ۽ ”بلي شاهه“ به قابل داد ڪتاب اٿس، ”پن ڇڻ جو پرلاءُ“ اردو مان ننڍين ڪهاڻين جو ترجمو سنه ۱۹۹۱ع ۾ ڇپيس، ”ٽو سُڀاش“ (ڪوتا، انواد) سنه ۱۹7۴ع ۾ ظاهر ٿيو. لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل سنگيت ۽ ناٽڪ جي کيترن ۾ ”مومل راڻو“ ۽ ”سهڻي ميهار“ ڏيئي جس ڪمايو. ۲۶ مارچ سنه ۱۹۳۶ع ۾ ڪنڊيارو (سنڌ) ۾ ڄاول ڀاٽيا صاحب گهمڻ جو به سٺو شونق رکندڙ رهيو آهي، ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ مان ٿي آيو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن جي تمام ويجهو رهيو آهي، سوويت يونين ۽ يورپين ملڪن مان به ٿي آيو آهي، ڪولا لمپر ۾ ايشين رائيٽرس ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئائين.
ڪومل جي ڪوتا تي ڪجهه لکان ان کان پهرين هڪ ڳالهه رهجي نه وڃي، ان جو ذڪر پهرين ڪرڻ چاهيان ٿو، رنگين طبيعت جو مالڪ لڇمڻ ڪومل جيون ۾ پنهنجي قانوني ماهر پتا صاحب جي نقش قدمن تي نه هلي، ڏاڏي صاحب سيٺ جاڙيمل جي جيون، شعلي اختيار ڪئي، ساڳيءَ طرح سندس سپاتر لاليءَ به پيءَ جي اڍ نه پڪڙي ڏاڏي صاحب جي واٽ ورتي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪومل صاحب جا پوٽا راهي ۽ ساحر ڏاڏي تي ٿا وڃن يا پيءُ تي !
ادب جي الڳ الڳ موضوعن تي وقت به وقت سندس لکيل مقالا، مضمون، تنقيدون ۽ ادبي رايا، سيمينارن ۾ پيش ڪيل ڪي نوٽيس نه صرف داد جا مستحق رهيا آهن، پر سندس اوک ڊوک، گهري اڀياس، اورچائي ۽ محنت جي به ساک ڀرين ٿا، بطور چيف، سب ايڊيٽر تائيمس آف انڊيا هن صاحب ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر به نالو ڪڍيو. سنڌي، اردو، هندي، پنجابي ۽ انگريزيءَ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن سان مکا ميلن جا مزا ماڻيائين، انهن جون خصلتون به ضرور هردي سان هنڊايون هوندائين.
سدا حيات پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻيءَ انگريزي ڪتاب هسٽري آف سنڌي لٽريچر، صفح ۱۶۵ تي ڪومل جو هڪ شعر ڪوٽ ڪيو آهي.
”مؤت وس ۾ نه زندگي وس ۾،
ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين.“
ڪومل صاحب ڪيئن نه سولن لفظن ۾ زندگيءَ جي فلسفي کي اظهاريو آهي. هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش آهن:
ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا،
رات ڏٺاسين خوب ڪرشما خوابن جا،
جيون ۾ نراشا ۽ نا اميديءَ کان ڪنارو ڪندي شاعر آشاوادي شفي پاسو ظاهر ڪيو آهي، اڄوڪين پنگتي ۽ پاليٽيڪل سيلف ميڊ شخصيتن تي چوٽ ڪندي چيو اٿس.
ڪيئي مکوٽا منهن تي، مرڪ نه ڪا پوءِ ڀي،
خوفناڪ هُئا چهرا، سڀيئي نقابن جا.
ڪيترن ئي يارن (اديبن) رشتيدارن لاءِ لکي ٿو:
ڪهڙا ڪهڙا ليکا لاهيون يارن سان؟
وسري ويا سڀ انگ ۽ پارَ حسابن جا.
ڪومل صاحب ڪيترن ئي موقعن تي خنده زني ڪندڙن کي لاجواب ڪيو، ان لاءِ هڪ شعر ڏسو:
اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟
ڪنڌ جهڪي ويا سڀني صاف جوابن جا.
مٿيون ساڳيو شعر آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي (صفحو ۱۰۴) تي هن طرح ڏنل آهي.
اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟
ڪنڌ جهڪي ويا آهن، ڄڻ ته نوابن جا.
فن جي خيال کان مون کي ”پرهه کان پوءِ“ ڪتاب جي صفحي ۱۴۹ تي ڏنل پهريون شعر وڌيڪ ٺيڪ ٿو لڳي. علم عروض بعر وزن جي باريڪين کان ڀليءَ ڀانت واقف، لڇمڻ ڪومل جي غزلن، گيتن، نظمن جو ڪو ڪتاب نظر نه آيو اٿم. غزل جي صنف تي پوري مهارت سان قلم هلائيندڙ ڪومل جا ڪجهه ٻيا شعر به ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائيندا، ان ۾ شڪ نه اٿم، دل جي گهراين سان، زندگيءَ جي سچائي سويڪاريندي لکيو اٿس.
”آهه گناهه اهو ئي تو کي چاهيوسين،
هاڻي ٿيندا ڪهڙا ڪم ثوابن جا؟
يا
هن پل جو پس منظر ڪوئي ڏسي اچي،
هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ
ڪومل صاحب موجوده دور ۾ ڪشمڪش واري زندگيءَ جو هڪ سهڻو چتر چٽيو آهي.
خوف جيئڻ جو آهه، حياتيءَ تي حاوي،
آيا آهن ڪهڙا ڏينهن عذابن جا!
قريب قريب ساڳئي موضوع تي هڪ ٻيو مثال ڏسو:
موت لئه ڇو سڪن پڇو تن کان،
جن هجن کاڌا زندگيءَ جا فريب.
لڇمڻ ڪومل سچائيءَ کي سولي پر اثرائتي انداز بيان سان پيش ڪيو آهي
بي رخيءَ جا نه دشمنيءَ جا فريب،
مون ته کاڌا ها دوستيءَ جا فريب.
پنهنجي پس گردائيءَ ۾ نهاري ڏسو ته هيءُ شعر غلط نظر نه ايندو.
ڪئن نه شيطان کان به سَر سيرا،
هن زماني جي آدميءَ جا فريب.
ڪومل صاحب گهمي ڦري پنهنجي ڳالهه تي اچي ٿو:
ڪيڏا رنگين، ڪيترا دلڪش،
حسن جي هاءِ سادگيءَ جا فريب.
ساڳي ڳالهه هيٺئين شعر ۾ به چيل آهي.
ڪومل پڇج انهن کان محبت جو درد تون،
آئي نه جن کي ننڊ بهارن جي گود ۾.
حقيقت کان اظهارڻ جو ڏانءُ ڪو ڪومل کان سکي:
ان ريت مسڪرائي غمن ۾ به زندگي،
جيئن ڦول مسڪرائي ڪو خارن جي گود ۾.
آخر ۾ ڪومل جي هڪ غزل جا ٻه شعر پيش ڪري، سندس اظهار جو مزو ماڻبو:
برفن جا گهر ٺاهي ويٺو هر ڪوئي،
تيزي اُس جي، تيزيءَ سان ئي جاري آ.
۽
ڪهڙيون تن کي ڪومل ڏيون ميارون ڪي،
جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ
غزل جهڙي دقيق شاخ تي ڪومل صاحب جنهن قابليت سان، فن فڪر جو سهڻو ۽ پختو اظهار ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح نئين ڪويتا تي به تکو ۽ تڪڙو قلم هلايو اٿس. موضوع جي گوناگونيت، صحيح لفظن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ تي دسترس انهن ڪويتائن مان ظاهر آهي، هن ننڍڙي مضمون ۾ سڀ ڳالهيون سميٽڻ ته وس کان ٻاهر آهي، ٿورڙا مثال ڏيئي ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيندس. احساس عنوان واري ڪويتا (پرهه کان پوءِ صفحو ۱۵۱) ۾ شاعر، جدوجهد واري حياتي جيئندڙ شخص جي ان حالت کي اظهاريو آهي، جڏهن ڪو زندگيءَ ۾ ناڪام ۽ نراس ٿي پوي ٿو.
هلندي هلندي پير ٿڪي پيا،
هاڻي واپس موٽ.
نشورات جو ٽٽڻ لڳو آ،
ٽهڪ گهڻو ئي جاڳي جاڳي،
هاڻي ننڊا کڙا ٿيا آهن.
—–
رستو ڄڻ ڪنهن وئشيا وانگر
سُمهي پيو آ،
هي سوچيندي،
آڌي رات وهامي، هاڻ ڪير نه ايندو.
—–
دل جي ڌڙڪن ئي، بس،
هي احساس ڏئي ٿي.
جيئرا آهيون،
۽ شايد احساس انهيءَ ئي
اندر ويٺل وحشيءَ کي، اندر زندهه رکي ڇڏيو آ
(نوٽ: ساڳي ڪويتا، ”موڪش“ عنوان سان جديد سنڌي شاعريءَ جو انتخاب صفحو 7۱-7۰ تي ڏنل آهي) نئين ڪويتا جي باريڪين ۽ تقاضائن سان سنڌيءَ ۾ ڳاڻ ڳڻيا شاعر آهن، جن نڀايو آهي، لڇمڻ ڪومل جي ڪويتا ”خال“ مذڪوره ڪتاب جي صفحي 7۲-7۱ تي ڏنل آهي، زندگيءَ جو هڪ نراس پهلو چٽڻ ۾ شاعر ڪامياب ويو آهي.
خالي جسم جي انگ انگ کي،
چهندو گنهگار ڪندو،
خال اندر هڪ نئين خال ڏانهن ڌڪي رهيو آ.
روشني !
جسم سڄي کي اُگهندي،
وڌيڪ ميرو ڪندي وڃي ٿي.
—-
نسون اميدن جون سڀ
ٻاهر نڪري آيون،
ڪنهن جو رت وهايون تن ۾؟
—-
ٽريفڪ جي هن گوڙ شور ۾
رڳون به رستن وانگر
ڏنگيون ڦڏيون هلن ٿيون،
ڌوڙ اکين ۾ ايڏي ڀرجي وئي آهي،
ڄڻ ڀاسي ٿو،
صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي
صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي
هن صاحب جون حساب، فوڪس، ڳولها، سڃاڻپ به قابل داد ڪوتائون آهن، گهري سوجهه ٻوجهه رکندڙ اديب لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، چتر زباني ۽ صاف گوئيءَ سان گڏوگڏ تخيل ۽ تلفظ جي سنگم سان اهڙي منظر خلقي ٿو وٺي جو چڱو ڀلو پاٺڪ به ان جي گرفت کان آجو ٿي نٿو سگهي، ڌڻي ڪري زور قلم اؤر زياده!



لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا
سنڌ جو سدا ملوڪ انسان
پروفيسر اعجاز قريشي
اڄ تاريخ ۲۶ مارچ تي سنڌ جي هڪ سدا ملوڪ اديب، ليکڪ، نثر نويس، دانشور ۽ شاعر محترم ”لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا“ جو جنم ڏينهن آهي. اڄ کيس ۷۹ ورهيه پورا ٿيا. لڇمڻ صاحب گذريل ڊسمبر جي ۲۳ تاريخ تي دهلي ۾ ديهانت ڪري ويو. قدرتي طور آئون انهن ڏينهن ۾ دهلي ۾ شاهه لطيف ڀٽائي تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ويو هوس. مون سان گڏ سنڌ مان ۱۵-۲۰ دوست به هئا. دهلي پهچڻ شرط مون سندس نمبر تي فون ڪئي ته سندس گهر وارن اهو ٻڌايو ته هو بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. مان روز فون ڪندو هوس ۽ ساڳيو ئي اطلاع ملندو هو سندس گهرواري ادي گوپيءَ کان. چند ڏينهن ۾ سندس طبيعت وڌيڪ بگڙجي وئي ۽ وڃي وينٽيليٽر تائين پهتو ۽ آخرڪار ۲۳ تاريخ تي گذاري ويو. سندس اولاد ٻاهر هو، انهن جي اچڻ کانپوءِ ۲۸ ڊسمبر تي سندس ڪرياڪرم ڪيو ويو ۽ آئون پاڻ سندس ڪرياڪرم ۾ موجود هوس. دل تي ڏاڍو گران گذريو، ڪيترا ڏينهن ته ڏک رهيو، اُتي هوندي به ساڻس ملاقات ڪونه ٿي. اسپتال ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي. لڇمڻ ڪافي وقت کان بيمار رهندو پئي آيو. ۲۰۱۲ع ۾ به مان جڏهن سنڌي ٻولي ڪانفرنس لاءِ دهلي ۾ ويو هوس ته به هي ڪجهه وقت بيمار هو ۽ اسپتال ۾ داخل هو، تڏهن ساڻس اسپتال ۾ ملاقات ٿي هئي پر جلد ئي چاڪ ٿي گهر آيو ۽ پوءِ ملاقاتون ٿينديون رهيون.
لڇمڻ سان منهنجي دوستيءَ کي ۳۰-۳۵ ورهيه ٿي ويا. هو سنڌ ايندو هو گهمڻ ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ته سڀني دوستن سان ملندو رهندو هو.
لڇمڻ کي ننڍي هوندي کان مان پڙهندو اچان. پاڻ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، نثر نويس ۽ شاعر هو. سندس لکڻين ۾ جاذبيت آهي، سندس ٻولي ۽ ان جي بيهڪ ۽ سندس لکڻين جو ڊڪشن لاجواب آهي. لڇمڻ سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو هو ۽ هن مان سنڌيت ڦٽي نڪرندي هئي. پاڻ تقرير جو ماهر ۽ تحرير ۾ ڪمال هو- سندس ڪتاب شاندار اضافو آهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۾. لڇمڻ گذريل ڏهن سالن کان پنهنجي سوانح حيات لکي پئي ۽ سندس سوانح جو نالو آهي ”وهي کاتي جا پنا“ سندس ٽي جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس انهن جلدن ۾ پنهنجي حياتيءَ جون سڀ ڳالهيون لکيون آهن. پاڻ ڪا به ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه رکي اٿائين. جيڪڏهن ڪو عشق به ڪيائين ته ان کي به قلم بند ڪيائين. جيڏانهن سفر تي ويو ان کي به لکيائين. سندس شاعريءَ جو به جواب ناهي. شاعري پڙهندي ماڻهو تمام گهڻو محظوظ ٿي وڃي ٿو.
لڇمڻ طبيعت جو نرم، ٿڌو، اخلاق جو پتلو. ملڻ وارو هن سان ملي خوش ٿيندو هو. ڇو ته هُو هو ئي ملنسار- وٽس دهلي ڪوئي ويندو هو ته سڄو گهر ان لاءِ کولي ڇڏيندو. دوستن جو آڌر ڀاءُ ڪندو. ڪنهن کي به مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيندو هو. هڪ پيار ڪندڙ ماڻهو هو. هو جڏهن ۸۰ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سنڌ آيو هو ته ڪافي ماڻهو ساڻس پيار ۽ پاٻوهه مان مليا پر ڪيترائي سلجهيل ماڻهو هن کان ٽهڻ لڳا ته هو هندستان جو سنڌي اديب آهي ۽ الائي ڇا ٿي وڃي. اهو جنرل ضياءَ الحق جو راڄ  هو. هو هڪ فوجي هو ۽ انهيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ ظالم حڪمران هو ۽ سنڌ سان هن چڱيون عقوبتون ڪيون. بهرحال، سندس آڌر ڀاءُ ۾ سڀ کان اڳ ۾ اسان جي ڀيڻ سنڌ جي عاليشان ليکڪه خيرالنساءِ جعفري هئي، جنهن کي پيار مان اسين سڀ ”گُڏي“ چوندا هئاسون. لڇمڻ پهريان ڏينهن ان وٽ گهاريا ۽ پوءِ ڪجهه ٻين دوستن به سندس ميزباني ڪئي. انهن ۾ سائين ظفر حسين سيد، سائين ولي رام، شوڪت شورو، سائين حليم بروهي، مدد علي سنڌي ۽ راقم هر وقت ساڻس گڏ هوندا هئاسين. سنڌ لاءِ پيار سندس سيني مان چيرجي نڪري رهيو هو ۽ هر وقت سندس اکين ۾ ڳوڙها هوندا هئا. هڪ ڏينهن اسان کيس سنڌ يونيورسٽي گهمائڻ وٺي وياسون ۽ پوءِ سنڌالاجي جي گهمائڻ جي ڪوشش ڪئي سين پر جڏهن سنڌالاجي پهتاسين ته ان کي تالا لڳل هئا، اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. خبر ناهي ته ڪنهن ڪا حرڪت ڪري سنڌالاجي بند ڪرائي ته شايد هندستان مان خطرناڪ ماڻهو آيو آهي. اسين ڏک ڀرا ٿي شهر موٽي آياسين. انهن ڏينهن ۾ حالتون ته خراب نه هيون پر اجايو ڊپ هو. بهرحال ڪجهه وقت کانپوءِ حالتون تبديل ٿينديون رهيون ۽ ٻنهي ملڪن جون حالتون بهتر ٿيون. لڇمڻ حقيقت ۾ لاهور ۾ ڪنهن ڪانفرنس سانگي آيو هو ۽ اتان ئي پنهنجي ڌرتي، ماتر ڀومي کي ڏسڻ لاءِ هيڏانهن هلي آيو. پهرين دفعي ته هو پنهنجي ڳوٺ به نه وڃي سگهيو هو. هفتي جي ملاقاتن کانپوءِ لڇمڻ واپس دهلي روانو ٿي ويو ۽ پنهنجون اڻ مٽ يادون ڇڏي ويو.
هينئر به سندس لاڏاڻي کانپوءِ کيس تمام وڏي احترام سان ياد ڪيو ٿو وڃي. هن کي تمام گهڻي حد تائين پڙهيو ٿو وڃي. ويندي ويندي هو وصيت ڪندو ويو ته سندس ڪرياڪرم کانپوءِ سندس هاٺيون سنڌوءَ ۾ لوڙهيون وڃن ۽ ائين ٿيو، دهلي مان سندس خاندان هاٺيون هتي ڪن دوستن کي موڪليون، جيڪي ڄامشوري تان پروان ڪيون ويون. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن ڌرتي ۽ سنڌو ندي سان پيار ڪن ٿا ۽ پنهنجين هاٺين کي سنڌوءَ ۾ پروان ڪرڻ لاءِ وصيت ڪندا. ٿورو اڳ ئي سنڌ جي هڪ اهڙي ٻئي عظيم ليکڪ هري موٽواڻي پڻ اهڙي وصيت ڪئي هئي. سندس هاٺيون بمبئي مان موڪليون ويون، جيڪي ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياهه ۾ پروان ڪيون ويون.
هندستان ۾ هڪ شعر اڪثر ورجايو ويندو آهي، جنهن جو تت آهي ته گنگا جمنا امرت آهي پر سنڌو ته ٿڃ آهي، يعني سنڌوءَ لاءِ ايڏي عزت، پيار ۽ عقيدت هئي. اسين سنڌي پڻ هن سنڌوءَ سان پيار ڪيون ٿا جو اُها اسان جي لاءِ آجپي جو هڪ تمام وڏو سبب آهي.



سنڌ ۽ لڇمڻ ڪومل
رکيل مورائي
ساهتي پرڳڻي جي مٽيءَ، جن نه وساري سگهڻ جهڙن پٽن کي جنم ڏنو آهي، انهن مان هڪ جو نالو لڇمڻ ڀاٽيا آهي ۽ سندس تخلص ”ڪومل“ آهي ۽ جيڪو ادبي دنيا ۾ لڇمڻ ڪومل جي نالي سان سڃاپي ٿو ۽ ممڪن آهي، اڳتي هلي هُن جي ادب ۾ اهم ترين سڃاڻپ ”وهي کاتي جا پنا“ جي ليکڪ واري بڻجي.
شايد هنڌ ۽ سنڌ جي اديبن اهو قبول ڪري ورتو آهي ته لڇمڻ ڪومل جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه لکي ها ۽ فقط پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ لکي ها، تڏهن به سنڌي ادب ۾ زندهه رهجي وڃي ها!
جيتوڻيڪ ڪنهن ليکڪ لاءِ سندس هڪ ڪتاب بابت اها راءِ گهڻي گهڻي اهم  آهي، پر مان ڪجهه ٻيءَ طرح به راءِ رکڻ جو پنهنجو  بنيادي حق استعمال ڪندي ڪجهه هئَين به چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن لڇمڻ ڪومل پنهنجيءَ شاهڪار آتم ڪٿا نه به لکي ها، تڏهن به هُن جو نالو نه رڳو هڪ باڪمال شاعر طور سنڌي ادب ۾ محفوظ هجي پر ان کان وڌيڪ هڪ ذهين نقاد طور به هن جي جڳهه محفوظ هجي ها ۽ ان کانپوءِ هڪ بيحد ئي شاندار مترجم طور به هُو اهڙو حوالو آهي، جهڙا حوالا سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. گڏوگڏ هُو انگريزي ٻوليءَ جو ادبي حوالي ۾ زبردست ليکڪ ته آهي ئي پر هو هڪ  ذهين صحافي هجڻ سان گڏ، ظالم مُقرر به هُئو، ڇاڪاڻ ته هُو ادب تي ڳالهائڻ وقت، ادب جي حدن ۾ ئي پنهنجون سڀ ڇيڙيون نبيريون ڪندڙ هو بهرحال.
لڇمڻ ڪومل ساهتي پرڳڻي جي علمي ادبي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس ابي ۽ امڙ جو اصل گهر درٻيلو/ڊڀرو آهي. هن ڇووهين مارچ تي جنم ورتو، ڪنڊياري ۽ نواب شاهه ۾ شروعاتي تعليم  ورتائين ۽ دهلي ۾ اعليٰ تعليم، عشق  ۽ ادب جا سبق ورتائين، هن کي علم استادن سيکاريو ۽ شاعري عشق سيکاري، اداڪاري هُن جو پنهنجو شوق هئو ۽ صحافت هُن جي روزي روٽي، ادب هُن جي زندگي هئو ۽ تقيد هُن جي ذهن جي اُپج، ائين سڀ گڏي لڇمڻ ڪومل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال اديب هئو ۽ شخصي زندگيءَ ۾ هڪ شاندار دوست.
هن جي ڳالهين ۾ رومانس ۽ افسانوي انداز هُن جي طبيعت جو حصو هئا، جيڪي هڪ ئي وقت گهٽ ماڻهن/ليکڪن ۾ هوندا آهن. سچ پچ هو هڪ ڪرشماتي شخص/ لکندڙ هئو، خاص طور سندس آتم ڪٿا، سنڌي ادب لاءِ هڪ ڪرشمو آهي، جيڪا ڄڻ ته هُن بنهه غير سنجيده موڊ ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اها وڌيڪ سنيجده ٿيندي ٿيندي، سنڌي ادب جي هڪ شاهڪار آتم ڪٿا بڻجي وئي، پنهنجي سموري افسانوي  سونهن سان گڏ هيءَ آتم ڪٿا، ورهاڱي جو ۽ لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ سان گڏ، سنڌ مان لڏي ويندڙ سنڌي جاتيءَ جو هڪ داستان آهي. جيڪو هن قلم بند ڪيو آهي.
لڇمڻ پوءِ به اول ۽ آخر شاعر آهي ۽ هند ۾ هُن جي اهائي اهم سڃاڻپ آهي، هُو شاعريءَ جي سمورين باريڪين کان واقف هُئو، ڇاڪاڻ ته هُن کي شروعاتي  ڄمار ۾ نارائڻ شيام ۽ پراسرام ضيا جهڙا شاعر مليا، جن سان هن گڏجي شاعري ڪئي ۽ هند ۾ هُن کي هرو مل سدارنگاڻي خادم جهڙو عروض جو ڄاڻو استاد مليو. جنهن کيس ٺپي ٺاهي هڪ لاجواب غزل گو شاعر بڻايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي هُو غزل کان پري ٿي ويو. شايد سندس اندر غزل جي پابنديءَ کان آجائي حاصل ڪرڻ پئي چاهي يا، سندس ويچار غزل جهڙي سخت صنف ۾ قيد نٿي ٿي سگهيا، سبب ڪهڙا به هجن، هُن غزل کان پري ٿي، نئين ڪوتا جو سهارو ورتو، اهو اهڙو دور هئو، جڏهن هند جي سنڌي ادب ۾، نئين ڪوتا زوردار نموني داخل ٿي رهي هُئي ۽ ان صنف ۾ هڪ طاقتور آواز هريش واسواڻيءَ جي روپ ۾ اڀري آيو هئو، ائين لڇمڻ ڪومل نئين ڪوتا لکي ۽ لاجواب لکي، اڳتي هلي سندس پهريون ۽ آخري به، ڪو تائي ڪتاب ”جيءُ جھروڪو“ جي نالي سان  ڇپيو ۽ جنهن ٻئي سال هند جو وڏي ۾ وڏو ساليانو ادبي انعام حاصل ڪيو. جيڪو کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڏنو ويو.
شخصيت ۾ هڪ حسين شخص لڇمڻ ڪومل، دهليءَ ۾ حيدرآبادي خاتون دادي گوپيءَ سان عشق جي شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ، للت ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، وڏي رجني ۽ ننڍي سنڌو، جيڪي ٽيئي ٻارڙا پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آمريڪا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ زندگيءَ جو آخري کنيو ۽ اسان سڀني کان جُدا ٿي ويو.
پر اهڙي پڪ آهي ته هو سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي مٽيءَ کان پري نه آهي، سندس رک، سندس خواهش موجب سنڌوءَ ۾ پرواهه ڪئي وئي.
سندس آتم ڪٿا سنڌ جي امانت بڻجي وئي، جنهن جا ٽي حصا آهن، پهريا ٻه حصا سوجهري پبليڪشن ڪراچيءَ پاران نامياري شاعر تاج بلوچ صاحب ڇپيا آهن ۽ ٽيون حصو پروفيسر سليم ميمڻ صاحب ورسٽي پبليڪشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو آهي ۽ اڄ انهن ٽن حصن کان پوءِ لکيل ڇوٿين حصي سميت سندس مڪمل آتم ڪٿا هڪ ئي جلد ۾ پڌري ٿي رهي آهي، جيڪا روشني پبليڪشن ڪنڊياري پاران ڇپي آهي، ڪنڊيارو جيڪو سندس جنم هنڌ آهي ۽ اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، جيڪو شاندار نموني، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان ملهايو پيو وڃي ۽ اهو به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ۽ بس..



لڇمڻ ڪومل
يادن جا وهڪرا
پروفيسر سليم ميمڻ
لڇمڻ سان منهنجو تعلق ڪيئن ۽ ڪڏهن جڙيو، ڪجهه ياد نٿو اچي، ائين لڳندو آهي ڄڻ جڳن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻون، ڄڻ ڪا مٽي مائٽي هجي، سنڌ جي مٽيءَ جي مائٽي ته آهي، پر لڇمڻ سان تعلق اڃان به اڳڀرو آهي. پاڻ جنهن سان تعلق ۾ آيو، اهو ائين سمجهندو ته لڇمڻ فقط ۽ فقط سندس ئي دوست آهي ته پوءِ ٻين جو ڇا آهي؟ اها ريس ۽ ساڙ، لڇمڻ جا دوست هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪندا رهندا آهن، جن مان هڪ مان به آهيان.
لڇمڻ سان سنڌ ۾ ٻه ڀيرا ملاقاتون ٿيون ته رسمي، پر جڏهن ۲۰۰۵ع ۾ قمر شهباز جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ مان اديبن، عالمن ۽ فنڪارن جو هڪ وڏو وفد ڀارت جي ڏهن شهرن جي دوري تي دهليءَ پهتو ته اتان ئي اسان جي گهري دوستيءَ جي شروعات ٿي. عجيب شخص هو، وٽس هٻڪ نالي ڪا شيءَ موجود ڪا نه هئي. هو زندگيءَ جي وهندڙ وهڪري کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي وهائڻ جو قائل هو. کيس رياڪاريءَ سان واقفيت نه هئي، نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي صاحب ناراض به ٿيندا هئا، ۽ پڙهندڙ به سندس تخليقي پورهئي کي فحاشيءَ جي زمري ۾ آڻيندا هئا. ڪن دوستن جو خيال هو ته آتم ڪٿا کي به هن افسانوي رنگ ڏنو آهي، پر پاڻ چوندو هو، سليم اهي جيئن جو تيئن آهن، ڪا به شيءِ Fiactionize ٿيل ڪانهي. سندس يادگيريون نهايت تيز ۽ ڪڻي ڪڻي جو حساب رکندڙ هيون. اهو شڪر آهي جو ڀارت جهڙي سيڪيولر ملڪ ۾ رهندو هو، جتي گهڻن ئي قسم جون آزاديون حاصل آهن، جي پاڪستان ۾ هجي ها ته کيس ضياءُ الحق جي دور ۾ ان کان پوءِ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ها.
هڪ ڀيري اوچتو لڇمڻ جون فون آيو ”ويزا ملي ويئي اٿم، اچان ٿو، تون ٻڌاءِ هتان ڇا کپئي؟“ اهو سوال هو الائي ڪيترن دوستن کان ڪندو هو، ۽ جي پاڻ اچي نه سگهندو هو ته اتان ايندڙن هٿان الائي ڇا ڇا ڏياري موڪليندو هو، ۽ هتان ماڻهن جون فرمائشون کٽڻ جون نه هونديون هيون، پر لڇمڻ به موڪلڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو هو.
فون جي جواب م مون پڇيو ”ويزا ڪئين ملي؟“ بس ترمذي کي رينو چيو ۽ ويزا ملي ويئي. (رينو، ڀارت جي شهر دهليءَ ۾ هڪ معتبر سنڌي خاتون آهي، جيڪا سنڌي اڪيڊمي دهلي ۽ ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج جي سرگرم ميمبر ۽ سٺي ساک رکندر خاتون آهي. ترمذي ان وقت پاڪستان سفارتخاني ۾ فرسٽ سيڪريٽري هو، ۽ رينو جو مسواڙي هو، ٻئي ساڳئي گهر ۾ هيٺ مٿي رهندا هئا.)
لڇمڻ جي ائين اوچتي اچڻ تي جيڪا خوشي پئي ٿي، تنهن جو احساس لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هو. يڪدم شوڪت شوري کي فون ڪري اها خبر ٻڌايم، هو به ڏاڍو خوش ٿيو. رات جو وري لڇمڻ جو فون آيو، ٽڪيٽ ٿي ويئي آهي، ٻن ڏينهن کان پوءِ اچان ٿو، ٻڌاءِ تنهنجي لاءِ ڇا آڻيان. مون چيو مانس بس تون کپين، سو اچين پيو. وري چيائين؛ ”يار ڪجهه دوستن فرمائش ڪئي آهي ته وهسڪي کڻي آءُ“ مون چيومانس؛ ”ادا هتي جام ٿي ملي، اتان ڇو کڻي ايندين.“ جواب ڏنائين؛ ”انڊين وهسڪيءَ جي فرمائش آهي.“ مون کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي انهن دوستن تي، پر ضبط ڪندي چيم؛ ”ادا جيتري وڻئي کڻي آءُ، ڪو مسئلو ناهي.“ وري چيائين؛ ڇا؟“ مون چيو ته؛ ”ادا جيتري وڻئي، کڻي آءُ.“
آخر اهو ڏينهن به آيو، مان کيس وٺڻ اندر انٽرنيشنل آرائيول لائونچ ۾ پهتس. PIA جي فلائيٽ ۾ لڇمڻ پهتو، سندس هٿ ۾ هڪ وڏو خاڪي ٿيلهو هو. مون وڌي ڀاڪر پائيندي ٿيلهو ورتومانس ته منهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪسٽمس جي خاڪي وردي پهريل گارڊ اهو ٿيلهو مون کان ورتو جيڪو پروٽوڪول ڊيوٽيءَ تي مون سان گڏ هو. لڇمڻ جو ٿيلهو ان جي هٿ ۾ ڏٺو ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. ”هي ڇا؟“ هن ذري گهٽ رڙ ڪئي؛ يار مارائي ڇڏيئي.“ ڇو ڇا ٿيو، مون سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو. هي ٿيلهو پوليس واري ڇو کنيو. (ڀارت ۾ پوليس وارن جي وردي خاڪي هوندي آهي.) مون کيس ٻڌايو ته هي تنهنجي پروٽوڪول ڊيوٽيءَ ۾ آهي، ۽ ڪسٽمس جو گارڊ آهي، وري چيائين؛ ان ۾ ڇهه بوتلون اٿيئي. مون چيومانس؛ ”خير آهي.“ ان ڀيري لڇمڻ ڪُل ۱۲ بوتلون کڻي آيو آهي، ۽ جڏهن انهن جي ورهاست ڪيائين ته ڪيترا ئي اديب ۽ وڏيرا انهن تي وڙهي پيا ته فلاڻي کي ٻه ڇو ڏنئي ۽ مون کي هڪ ڇو.
۲۰۰۸ع ۾ لڇمڻ جي ڪتاب ”وهي کاتي جا پنا“ جي ٻئي جلد جو مهورت ڪيوسون. جنهن اداري اهو ڪتاب ڇپيو، تنهن پنهنجي اداري پاران ايوارڊن جي ورهاست جي هڪ تقريب رکي هئي، ان ۾ ئي لڇمڻ جي ڪتاب مٿي رکي کڻائي، ان کي مهورت جو نالو ڏنو ويو. اها ڳالهه اسان دوستن کي ڪو نه وڻي ته لڇمڻ ايترو پيسو خرچ ڪري ڪتاب شايع ڪرايو، هيترو ڀاڙي ڀري آيو آهي، ۽ مهورت ڄڻ ته ٿيو ئي ڪو نه. مون ۽ شوڪت صلاح ڪئي ۽ لڇمڻ جي ڪتاب جو مهورت هوٽل ريجنٽ پلازا ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڪرايوسون. اها ڳالهه به ان اداري کي ڪا نه وڻي ۽ پوءِ لڇمڻ تي گارين جو وسڪارو شروع ٿي ويو، جنهن جو نه ڪو انت نه بحر ۽ لڇمڻ سوجهري ۾ ڇپجڻ بند ٿي ويو.
هڪ رات ڪچهري هلندڙ هئي، جنهن ۾ قمر شهباز، شوڪت شورو ۽ مان هئاسين ته لڇمڻ ڏاڍي ڏکوئيندڙ انداز ۾ چيو ته ”يار هيترا ڀيرا هت آيو آهيان، پر پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڃي نه سگهيو آهيان، يار ڪجهه ڪيو.“
”پر تو وٽ ڪنڊياري جي ويزا ته ڪانهي، ڪيئن ويندين؟“ قمر وراڻيو. ان کان اڳ جو لڇمڻ ڪجهه چئي، قمر وري چيو؛ اهو ڪم سليم ڪندو، تو کي ڳوٺ گهمائيندو. اسين ٻن ڏينهن کان پوءِ PIA جي اڏام وسيلي سکر پهتاسون، رات جو ادل سومري جي گهر ڪجهه اديبن ۽ دوستن سان ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن ڪار وسيلي ڪنڊياري پهتاسون. مون ان دوري کي بلڪل ڳجهه ڳوهه ۾ رکڻ پئي چاهيو. پر الائي ڪهڙن دوستن اتان جي ڪجهه دوستن کي اطلاع ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ڪنڊياري پهتاسون ته لڇمڻ جو دوست عبدالله جيسر سندس ڌيءَ ۽ ڪجهه صحافي موجود هئا. منهنجا ته تاڪ لڳي ويا، انهن مان گهڻي ئي جند ڇڏائڻ جي ڪيم، پر هر ڪو لڇمڻ سان ملڻ لاءِ آتو. ڪنڊياري شهر پهچي، لڇمڻ پاڻ اسان کي پنهنجي گهر تائين پهچايو. جيتوڻيڪ ايتري عرصي ۾ شهر جي بيهڪ، جوڙ جڪ ۽ نقشو ئي بدلجي ويو هو. ان مرحلي تي مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪا چقمقي قوت کيس ڇڪي رهي هئي ۽ هُو هڪ روبوٽ جيان اڳتي وڌندو پئي ويو. گهر جي در تي لڇمڻ کي بيهاري، مون در کڙڪايو. اندران هڪ ڪاري رنگ جو همراهه نڪتو، کيس سڄي صورتحال ٻڌايم ۽ عرض ڪيومانس ته لڇمڻ کي گهر اندران گهمايو. همراهه راضي ته ٿيو، پر پنهنجي گهر ٻاهران ماڻهن جا ميڙ ڏسي وائڙو ٿي ويو ته هيءَ خلق ڇو گڏ ٿي آهي. کيس سمجھايم ته جيڪو مهمان توهان جو گهر ڏسندو، جيڪو ان جو اصل مالڪ آهي، سو وڏو اديب، ڏاهو ۽ صحافي آهي. هي ماڻهو سندس آجيان لاءِ آيل آهن. مون ڏٺو ته لڇمڻ جو ضبط هاڻي ٽٽڻ وارو آهي. اڳتي وڌي کيس ڀاڪر ۾ ڀريم ته سنڌوءَ جا سڀ بند ٽٽي پيا. هن جي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪيم، سندس ٻئي هٿ منهنجي ڪلهن ۾ ائين کُپي ويا، ڄڻ ڪنهن ڪِلا ٺوڪي ڇڏيا هجن. اسان ٻئي اندر گهڙياسين ته پويان ٻين ماڻهن، جن ۾ صحافي به شامل هئا، اندر اچڻ چاهيو پر مون کين هٿ ٻڌي جھليو. هو گهر جي هڪ هڪ شيءِ، ڇتين، درين، دروازن کي ائين ڏسندو رهيو، ڄڻ اهي ڪنهن ٻي دنيا جون شيون آهن. جڏهن ڳوڙهن ڳڙڻ بند ڪيو ۽ پاڻي ڍڪ پيتائين ته چيائين يار هنن ته گهر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هتي فلاڻي شيءِ هوندي هئي، هتي هي شيءِ ٽنگيل هوندي هئي، هتي هي رکيل هو، هتي هو رکيل هو، اوچتو سندس نظر هڪ وڏي شاهي پلنگ تي پيئي، چيائين اڙي هي ڇا ڪيو اٿن، هن پلنگ تي بابا ۽ امان سمهندا هئا. سندس بيباڪي اتي به ماٺي نه رهي ۽ چيائين؛ ”جنهن جي نتيجي ۾ مان ڄائس“ اڌ ڪلاڪ گهر ۾ رهڻ کانپوءِ نڪتاسون. ايتري دير ۾ گهر ٻاهر ماڻهن جا ڳاهٺ گڏ ٿي ويا هئا. صحافين جو چوڻ هو ته پريس ڪلب هلو اسان سائينءَ جو انٽرويو ڪيون. جيسر صاحب جو زور هو ته منهنجي ڳوٺ هلو، اتي رات رهو، ڪنهن کي اهو به نه پيو چئي سگهان ته بنا ويزا جي پيا هلون. ڏاڍي جدوجهد کان پوءِ جند ڇڏائڻ ۾ ۴۵ منٽ لڳا. لڇمڻ کي ڪنڊياري واسين سندس ڳوٺ اچڻ تي بيٺي بيٺي ڏهه اجرڪ پارائي ڇڏيا، گهر کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هو اهي ۴۵ منٽ پنڊپهڻ بڻيل رهيو. ڳالهائي نه پيو سگهي، ڪڏهن گهر کي ڪڏهن ماڻهن کي، ڪڏهن مون کي ته ڪڏهن پنهنجي هٿن کي ڏسي رهيو هو. جن تازو ئي سندس اباڻي گهر کي ڇهيو هو، سندس ان ڪيفيت اسان مان گهڻن کي رئاري ڇڏيو.
جيئن تيئن ڪري ڪنڊياري مان نڪتاسين. رات نواب شاهه پهتاسون. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ لڇمڻ پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ موني بازار وٽ هڪ وڏي گهر ۾ رهندو هو، جتي سندس پيءُ مئجسٽريٽ هوندو هو. نواب شاهه هئاسون ته اتي صوبائي محتسب جي هڪ ڊائريڪٽر کي قمر شهباز اڳ ۾ ئي اطلاع ڪيو هو، جنهن اسان لاءِ رات جي مانيءَ جواعليٰ انتظام ڪيو هو، پر لڇمڻ جي جاڳيل سورن کيس ماني کائڻ نه ڏني. مون کيس گهڻو ئي زور ڀريو، پرجيترو چوندو رهيس، سندس ڳوڙها وڌيڪ تيزيءَ سان ڳڙندا رهيا. نواب شاهه ۾ به سندس اهو گهر ڏٺوسين، جنهن کي ڇڏڻ کان پوءِ دربدريءَ جو سلسلو شروع ٿيو.
گهر ۾ ٻه اعليٰ نسل جا بگهڙ، جي قد کان وڏا ڪتا ٻڌل هئا، گهر جي مالڪن نهايت ئي بيزاري ۽ بي دليءَ سان گهر ڏيکاريو. کين ڳالهه نه وڻي، جنهن لڇڻ اڃا به وڌيڪ رنجائي ڇڏيو. پنهنجي ٻنهي گهرن جي حالت ڏسي ڏاڍو رنجيده ٿيو، سندس وسُ نٿي پڳو نه ته الائي ڇا ڪري ها.
ان کان پوءِ اڪثر لڇمڻ مون کي چوندو هو، يار ڪو اهڙوقانون ڪونهي جو مان وري سنڌ موٽي اچان. ڪنڊياري وارو گهر خريد ڪري، گوپيءَ سان گڏ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاريان ۽ جي اهو نٿو ٿي سگهي ته آئون تو کي پئسا موڪليان، تون خريد ڪري ڇڏ ۽ آئون ۽ گوپي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجا مهمان ٿي اچي رهون. مان سندس ان درد کي محسوس ڪري ٿي سگهيس ۽ اڪثر کيس چوندو هئس،  ها ائين ڪنداسون، پر هاڻي ته چوڻ وارو ئي هليو ويو، ڪير وري اهو چوندو ته سليم پئسا موڪليان، اهو گهر وٺي ڇڏ، مان ۽ گوپي تنهنجا مهمان ٿي رهنداسون ۽ مان هاڻي ڪنهن کي ٺلهو آسرو ڏيندس ته ها ائين ڪنداسون.



لڇمڻ ڪومل جو وڇوڙو
موهن مدهوش
مون اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جيڪي هند جي اديبن جا نالا ٻُڌا هئا اُنهن ۾ لڇمڻ ڪومل جو نالو به شامل هو. هُن جي شاعري، ترجمو توڙي نثر پڙهي پاڻ کي ڪٿي به اٽڪندو محسوس نه ڪيو آهي ۽ وري جڏهن سندس آتم ڪٿا جا پنا شروع ٿيا ته هُن جي لکڻين ۾ هڪ لازوال روانيءَ سان گڏ ٺيٺ سنڌي ٻولي بکندي نظر آئي. هن جو نثر ته بلندين کي ڇهندو نظر آيو. لڇمڻ ڪومل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت هميشه ياد ڪئي ويندي. هن سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي عهدي تي هئڻ دوران ڪيترائي ”سنڌو جوت“ جا اهم نمبر ڪڍيا، جنهن ۾ گوبند مالهي نمبر، هري دلگير نمبر، شاهه لطيف نمبر ۽ آڳاٽو سنڌي ادب نمبر شامل آهن. اهي نمبر به يادگار طور ليکيا وڃن ٿا. هُن بيشڪ پنهنجي زندگيءَ جا ۳۵ سال Times of India ۾ سب ايڊيٽر طور نوڪري ڪندي گذاريا پر هو سنڌي ٻولي ۽ ادب کان ڪڏهن به پري نه رهيو. هن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جا ڇهه ست دورا ڪيا هوندا پر منهنجي هن سان ٻه ٽي دفعا ملاقات رهي. پهريون ڀيرو هُن کي روبرو ڏسڻ جو موقعو مرحوم ڊاڪٽر منصور ملڪ جي مجموعي ”خيال خطن ۾ ...“ جي پڌرائي جي موقعي تي پري کان ڏٺو ۽ سندس آواز ٻڌو. ٻئي ڀيري ”شاهه، سچل ۽ سامي“ ڪانفرنس ڪراچي ۾ ۽ ٽئين ڀيري انٽرنيشنل هاسٽل ڄامشوري ۾ ملاقات ٿي. هن جي ڳالهائڻ ۾ رواني ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ سڀني کي محضوض ڪرائي رهيو هو. هو ڳالهير هو، هُن مان ڪو به ماڻهو بوريت محسوس نه ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ هن سان فون ذريعي رابطو رهيو. آخري ڀيري جڏهن مون هن سان فون تي ڳالهايو ته هو ICU وارڊ ۾ هوندي به چوڻ لڳو، ”موهن! تون ڳالهاءِ يار. هتي ٻيو ڪير به منع ڪرڻ وارو ڪونهي. نرسون آهن جيڪي منهنجو ڏاڍو خيال ڪنديون آهن.“
هن کي چيم ته، ”سائين وينا شرنگيءَ پاران لطيف ڪانفرنس جي دعوت مليل آهي، موقعو مليو ته ضرور ملنداسين.“
هو چوڻ لڳو، ”موهن يار، تون ضرور اچ، قاضي خادم وارو يادگيرين جو نئون ڪتاب ضرور کڻي اچجانءِ.“
ائين هن سان ملڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي رکي پر هن سان ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. ۽ اسان جو پيارو ”لڇمڻ“ اسان کان ۲۳ ڊسمبر تي وڇڙي ويو ۽ وڃي پرلوڪ پڌاريو. ۽ اسان سڀني کي سوڳوار ڪري ويو. هاڻ اسان وٽ هن جا آواز ڪنن ۾ ٻُرن ٿا. تاج جويي، رکيل مورائي، نند جويري ۽ ٻين جا مضمون پڙهيا ته دل کي اڃا به اٻاڻڪو محسوس ڪيو. لڇمڻ ڪومل جي سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمت هميشه سگهاري رهندي.



لڇمڻ ڪومل
سنڌ جنهن کي ساري ٿي..!!
ادل سولنگي
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو اديب، نقاد، شاعر، ناٽڪ نويس، صحافي ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل جنهن جو جنم ڪنڊياري شهر جي زميندار چيلا رام ڀاٽيا جي گهر ۾ ۲۶ مارچ ۱۹۳۶ع ۾ ٿيو. اڳوڻي ضلعي نواب شاهه/هاڻي نوشهرفيروز جيڪو ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو رهيو  آهي، جنهن ۾، حشو ڪيولراماڻي، ايم ڪمل، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن کٽواڻي، نارايڻ شيام، ماسٽر چندر، آنند کيماڻي جهڙن جڳ مشهور اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جنم ورتو آهي.
چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم وٺندڙ لڇمڻ ڪومل جو اصل نالو “لوڪو مل” رکيو ويو، جنهن کي پيار مان “لوڪو” سڏيو ويندو هئو. لڇمڻ ڪومل پرائمري “ڪنڊيارو” مان پڙهيو. لڇمڻ ڪومل کي سندس پيءُ شام جو مسجد جي آخوند وٽ فارسي ۽ اردو پڙهائڻ لاءِ ويهاريو. لڇمڻ ڪومل جو پيءُ چيلا رام ڀاٽيا نواب شاهه جو سٽي مئجسٽريٽ بڻجي آيو، تڏهن هُن صاحب نارايڻ شيام جي پيءُ کان پنهنجي عهدي جي چارج ورتي هئي، چيلا رام ڀاٽيا جو پيءُ ڪنڊيارو جو زميندار رهيو، جنهن جو نالو “جاڙو مل” آهي، ڪنڊيارو ۾ “ڀاٽيا” برادري جو هڪ وڏو پاڙو هوندو هئو، جنهن ۾ ڏيڍ سئو کن گهر هوندا هئا. هيءُ ته هيو لڇمڻ ڪومل جو خانداني پس منظر.
نون سالن جي ڄمار ۾ نواب شاهه جي ولس اسڪول ۾ پڙهيو، جڏهن ته ناميارو اديب ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇمڻ ڪومل جو انگريزي اسڪول ۾ استاد رهيو.
لڇمڻ ڪومل پڙهائي دوران نواب شاهه ۾ نارايڻ شيام، پرسرام ضيا ۽ سليم ڳاڙهوي سان مليو ۽ کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو ۽ انهن کان متاثر ٿي ادب ڏانهن آيو.
انهن ڏينهن ۾ مسعود نالي هڪ عملدار نوابشاهه ۾ ڪليڪٽر ٿي آيو، جيڪو اڳتي هلي مسعو کدرپوش جي نالي سان ڄاتو ويو. هن صاحب لڇمڻ ڪومل جي پيءُ چيلا رام ڀاٽيا مٿان ڪوڙو الزام هڻي کيس عهدي تان معطل ڪيو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت نوابشاهه جي غريب آباد پاڙي مان لٻاڻن سکن جا ۵۰ کان ۶۰ ڪٽنب نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تان “راجا جي گاڏيءَ” ۾ چڙهي جڏهن جوڌپور لاءِ روانا ٿيا، تڏهن مسعود ڪليڪٽر شهر کان ميل کن پري ريل گاڏي بيهارائي. لٻاڻن سکن کي ٻارن ٻچن سميت قتل ڪرائي ڇڏيو.
ان واقعي کانپوءِ نوابشاهه جي هندن سنڌ ڇڏڻ ۽ هندستان لڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو ڪيو. تڏهن لڇمڻ ڪومل چوٿين درجي انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ به وٺي ڇڏيو هئو.
۳۰ جنوري ۱۹۴۸ع تي مهاتما گانڌي جي قتل جو واقعو پيش آيو، لڇمڻ ڪومل جي پيءُ عهدي تان معطل رهيو پر انڪوائري کانپوءِ کيس بي ڏوهي قرار ڏئي کيس بحال ڪري ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر ڪري رکيو ويو ۽ کيس پابند ڪيو ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ نوابشاهه نه ڇڏيندو.
چيلا رام ڀاٽيا ڪليڪٽر مسعود جي نيت کي ڄاڻي ورتو، هڪ رات چيلا رام ڀاٽيا پنهنجي دوست قادر بخش جي گاڏي ۾ ٻار ٻچا وٺي ڪراچيءَ پهتو ۽ ۸ مارچ ۱۹۴۸ع “ شورا تڙي” جي ڏينهن پنهنجي وطن سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. تڏهن لڇمڻ ڪومل جي عمر ۱۳ سال هئي.
۱۳ سالن جي ننڍي عمر ۾ جلا وطنيءَ جا عذاب ڀوڳيندڙ لڇمڻ ڪومل ڌرتيءَ کان ڌار ٿي ڌڪجي دهليءَ ۾ وڃي دربدريءَ جو شڪار ٿيو. لڇمڻ ڪومل ڪانپور مان ثانوي تعليم وٺي دهلي يونيورسٽي مان بي ڪام آنرس جي ڊگري ۱۹۵۶ع ۾ حاصل ڪئي. اُتي هن جي ملاقات پنهنجي ڳوٺائي نارايڻ شيام  سان ٿي. جڏهن ته هن تيرٿ وسنت هرو مل سدا رنگاڻي ۽ ٻين اديبن سان به ملاقاتون ڪيون. دهلي  ڪاليج ۾ پڙهندي لڇمڻ “ ڪومل” تخلص اختيار ڪيو ۽ لڇمڻ “ڪومل” جي نالي سان شاعريءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي.
۱۹۶۲ع ۾ هن “ گوپي” نالي عورت سان لانئون لڌيون، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون” رجني، سنڌو ۽ هڪ پٽ لالي” ڄائو. لڇمڻ ڪومل دهلي يونيورسٽي مان جرنلزم ۾ ڊپلوما ڪري  هندستان جي سڀ کان وڏي انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ اخبار “ ٽائيمز آف انڊيا “ ۾ زندگيءَ جا ۳۵ سال مختلف عهدن/حيثيتن سان ڪم ڪندي ۱۹۹۴ع ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تي پهچي رٽائرمينٽ ورتي. لڇمڻ ڪومل نه رڳو هند ۽ سنڌ پر دنيا جي ادب تي گهري/ ڪڙي تنقيدي نظر رکندڙ سچيتو نقاد ۽ تخليقڪار هيو، جنهن ورهاڱي کانپوءِ واري ادبي دنيا ۾ پنهنجي تخليقيءَ ۽ تنقيدي وهنوار سان نهايت ئي گهڻي مڃتا ماڻي، هن دنيا جا ڪيترا ئي ملڪ گهمي اتان جي ادب، سياست، معيشت، ڪلچر بابت مختلف موقعن تي ليکڪ /ڪالم مضمومون لکي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کان سنڌي ۽ انگريزي پڙهندڙن کي آگاهي ڏني ۽ لڇمڻ ڪومل جي شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي ٻولين ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي، لڇمڻ ڪومل ۴۵ سال مسلسل ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو، جنهن تي کيس ڪيترا ئي انعام۽  اعزاز پڻ ملندا رهيا. لڇمڻ ڪومل، ٻولي ساهت سڀا، اکل ڀارت  سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان زندگيءَ جا ۲۲ سال لاڳاپايل رهيو. سندس لکيل سوين تنقيدي، تحقيقي، تخليقي، ادبي، مقالا، مضمون، ريڊيو ٽاڪ، تبصرا، ايڊيٽوريل، تجزيا، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اهم ۽ ڪارائتا رهيا آهن. جڏهن ته لڇمڻ ڪومل جي سموري زندگيءَ جي ادبي، صحافتي، سماجي زندگيءَ جو مڪمل ڏس پتو سندس لکيل آتم ڪهاڻي “وهي کاتي جا پنا” ۾ پڙهي سگهجي ٿو. لڇمڻ ڪومل جي جلاوطني، روح جي رولاڪي، سماجي خانه بدوشي، جواني جي ڏينهن جا عشق ۽ لڏپلاڻ کان ويندي آخري گهڙين تائين جي سمورين پيڙائن، ڀوڳنائن، محنتن، حاصلاتن، ناڪامين ۽ ڪاميابين جو برجستو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. لڇمڻ ڪومل جنهن کي تمام اوچي قسم جون شيون وڻنديون هيون. اعليٰ قسم جو لباس، اعليٰ قسم جا سگريٽ، اعليٰ قسم جو گهر، اعليٰ قسم جا دوست، اعليٰ قسم جي موسيقي ۽ اعليٰ قسم جو ادب، خاص ڪري اعليٰ شاعري، لڇمڻ ڪومل دل ۽ دسترخوان جو ڪشادو. درياهه دل ۽ کليل ذهن جو مالڪ هئو. توڙي جو هو سنڌ جي روايتي زميندار گهراڻي جو فرد هيو پر ننڍ پڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ۽ جوانيءَ کان وٺي ڪراڙپ  تائين  هو نج پج ڳوٺاڻي مزاج سان رهيو ۽ هڪ ذهين، پڙهيل لکيل، سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ مهذب انسان رهيو، جنهن سنڌ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مان ۽ مريادا لاءِ پنهنجي سموري ڄمار جدوجهد ڪئي، دهلي کان نيويارڪ تائين سفر ڪندڙ لڇمڻ ڪومل جڏهن به سنڌ جي سرحدن مٿان اڏام ڪندو هئو، تڏهن هو هڪ ڪلاڪ، هڪ ڏينهن، هڪ هفتي، هڪ مهيني ۽ هڪ سال کان وڌيڪ، سموري ڄمار سنڌ ۾ رهڻ جي تمنا ڪندو هيو. اهڙو اظهار ڪتاب “لڇمڻ ڪومل جا خط” ۾ پڙهي سگهجي ٿو
لڇمڻ ڪومل سان منهنجي ملاقات ڪراچيءَ جي ايف ٽي سي آڊيٽوريم ۾ ۱۹۹۲ع تي شيخ اياز جي سالگرهه تقريب ۾ ٿي هئي، جڏهن ته هو هڪ ٻه ڏينهن اڳ تاجل بيوس سان گڏجي “پارس” جي آفيس ۾ ملڻ لاءِ آيو هئو، منهنجي نه هجڻ سبب ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي هئي، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران شيخ اياز جو جنم ڏينهن ملهائڻ واري تقريب ۾ لڇمڻ ڪومل سان ملڻ ٿيو، رکيل مورائي سان گڏ لڇمڻ ڪومل ۽ مون هڪ ٻئي سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي هڪ ٻئي سان خوب ڳالهيون ڪيون. سامهون اسٽيج تي شيخ اياز ويٺو هئو ۽ سندس اوپيرا “دودي سومري جو موت” اسٽيج ٿي رهيو هئو. لڇمڻ ڪومل، پنهنجي علمي ادبي، سماجي توڙي صحافي دنيا جو ناميارو ۽ مڃتا ماڻيندڙ اهڙو ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ساريندي نيڻن مان لڙڪ  وهي کيس مڃتا ڏين ٿا. هو اسان جو اسان جي سنڌ جو ۽ اسان جو ڄڻ ته گهر ڀاتي، وڏوڙو ۽ ڄڻ ته پريو مڙس هئو، جنهن جون يادگيريون انتهائي اهم ۽ گهڻيون آهن، هن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ قرار ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو. لڇمڻ ڪومل جا ٽي سنگيت ناٽڪ، “ سهڻي ساهڙسنگ” “راڻا گهڻا راڄ ۾”، “سورٺ” شاهه سائين جي سورمين جي پس منظر ۾ لکيا، جن وڏي مڃتا ماڻي، جيڪي بمبئي، ڪلڪتي ۽ دهلي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا  اسٽيج ڪيا ويا.
لڇمڻ ڪومل سنڌي اڪيڊمي دهلي جي ڇهه ماهي رسالي “جوت” جو ست سال ايڊيٽر رهيو، جنهن ڪيترا ئي يادگار نمبر جاري ڪيا ،جنهن ۾
شاهه لطيف نمبر ۱۹۹۹ع.
گوبند مالهي نمبر ۲۰۰۱ع.
آڳاٽو سنڌي ادب نمبر ۲۰۰۴ع،
هري دلگير نمبر شامل آهن.
لڇمڻ ڪومل جو ڪتاب هڪڙو هو راجا، (ٻاراڻو ادب ۱۹۶۵) جنهن کي هند سرڪار ٻاراڻي ادب جو ايوارڊ ڏنو.
روسي شاعر ولاديمير مايا ڪووسڪي جي شاعريءَ جو ترجمو ۱۹۷۴ع ۾ ڪيو، جنهن عيوض کيس ماسڪو ۾ سڏائي “سوويت لئنڊ نهرو” ايوارڊ ڏنو ويو.
روس جي نوبل انعام يافته اديب شولو خوف هٿان کيس اهو ايوارڊ ڏياريو ويو، سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ جيءَ جهروڪا” وڏي مڃتا ماڻي. کيس ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ايوارڊ ڏنو ويو.
هن “ميري چادر” راجندر سنگهه بيدي جي ڪتاب “ميلي چادر” جو ترجمو ۱۹۷۸ع ۾ڪيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ميران ٻائي؟ بلي شاهه”
“ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي” ۱۹۸۶ع.
قرت العين حيدر جي ناول” پت جهڙڪي آواز” جو سنڌي ترجمو “ پن ڇڻ جو پڙلاءُ” ۱۹۹۷ع جنهن کي ساهتيه اڪيڊمي بهترين ترجمي جو ايوارڊ ڏنو.
“وهي کاتي جا پنا” سندس آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ لڇمڻ ڪومل پنهنجي سمورين صلاحيتن، ڪمين، ڪوتاهين، لڇڻڻ، ڳڻن ۽ اوڳڻن سان گڏ نڪري نروار ٿيو. “وهي کاتي جا پنا” لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ جي سمورين محرومين ۽ حاصلاتن جي ڪٿا آهي، لڇمڻ جي روح ۽ جسم جي جلاوطنيءَ ۽ دربدريءَ جي ڪٿا آهي. لڇمڻ ڪومل پنهنجي ادبي سفر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون آهن، جن کي ڪتابي شڪل ضرور ڏني ويندي، لڇمڻ ڪومل جنهن تي سموري زندگي ايوارڊن جا مينهن وسندا رهيا ۽ مڃتائن جا مٿس ڇانورا ٿيندا رهيا.
لڇمڻ ڪومل سنڌ ۽ دنيا کان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي وڇڙي ويو، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻي۾ سنڌ جي اديبن لڇمڻ ڪومل جي وصيعت موجب، سندس هاٺين کي ڄامشوري کان سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪيو.
اڄ سنڌ لڇمڻ ڪومل کي ساري ٿي ڇاڪاڻ جو لڇمڻ ڪومل ڪڏهن سنڌ نه وساري هئي، سنڌ پنهنجي وڇڙيل هن سدوري پٽ کي پيار مان ياد ڪري ٿي.



لڇمڻ ڪومل
سنڌ جي دل هڪ ڀيرو ٻيهر بيهي رهي
تاج جويو
هن سياري جي ڊسمبر مهيني ۾ ٻيو ڀيرو ڪالهه صبح جو سنڌ جي دل ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بيهي رهي، جڏهن سنڌ جي لاڏلي اديب لڇمڻ ڪومل، دهليءَ جي مودي سٽي اسپتال ۾ ڀيڄ ڀنيءَ ويلي ٽين وڳي زندگيءَ جا آخري پساهه کنيا. اُن کان اڳ هن ئي مهيني ۾، ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع جي صبح جو ڏهين وڳي جاڙل شاهه پاڙي لاڙڪاڻي ۾، جڏهن ڪامريڊ سوڀي، آخري پساهه کنيا هئا، تڏهن به سنڌ جي دل ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بيهي رهي هئي. هنن ٻنهي دانشورن- سياستدان (سوڀي) ۽ ليکڪ (لڇمڻ) جي لاڏاڻي تي، چپن تي پاڻمرادو شيخ اياز جون هي سٽون تري آيون آهن:
اي سنڌ توکي الوداع!
اي هند توکي الوداع!
تو ۾ هُيو سارو جڳت،
اي جند توکي الوداع!
ڪالهه ئي ته نند ڇڳاڻيءَ کي سوڀي جي لاڏاڻي، اگني سنسڪار، پڳڙين ۽ رک سنڌوءَ ۾ پروان ڪرڻ وارين رسمن جون اخباري ڪَترون موڪليون هئم ته هن ٻڌايو هو، ”لڇمڻ ڪومل جي طبيعت خراب آهي ۽ هو انتهائي نگهداشت واري وارڊ (ICU) ۾ داخل آهي.“ سياري ۾ هونئن به لڇمڻ جو سهڪو وڌي ويندو هو، هڪدم لڇمڻ جي نمبر تي فون ڪيم، ڀاڄائي گوپيءَ فون کنئي. پُڇا تي ٻُڌايائين: ”لڇمڻ جي طبيعت سيريس آهي، ڇاڪاڻ ته دهليءَ ۾ سخت سيءُ آهي، سندس سهڪو پڻ وڌي ويو آهي، ان ڪري I.C.U ۾ آهي، وڌيڪ ڳالهائي نٿي سگهان.“ ۽ پوءِ وينا شرنگيءَ کي فون ڪيم، جنهن ٻُڌايو ته، ”هن هاڻ هاڻ گوپيءَ سان فون تي ڳالهايو آهي ۽ ”لطيف ڪانفرنس“ ۾ سنڌ مان آيل مهمانن کان موڪلائي، هوءَ خود به لڇمڻ کي ڏسڻ اسپتال پئي وڃي.“
اڄ صبح جو جيئن ئي آفيس لاءِ گهران نڪري رهيو هئس ته شيام نواس ممبئيءَ مان نند جويريءَ جو فون آيو: ”تاج! ڏُک ڀريل خبر آهي، صبح جو ٽين وڳي لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ گذاري ويو.“ منهنجا هٿ پير ٺري ويا ۽ چيم: ”الا! اڄ سنڌ جي دل ٻيو ڀيرو بيهي رهي!“ لڇمڻ ڪومل، سنڌ ۽ هند جو لاڏلو سنڌي ليکڪ هو، جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ هڪ جيترو پيار ڪيو ويندو هو ۽ پڙهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ۽ هند جي اديبن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر، صحافي ۽ ايڊيٽر، لڇمڻ ”ڪومل“ ڀاٽيا، ۲۶ مارچ ۱۹۳۶ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر ڪنڊياري، اڳوڻي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾، چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس جنم جو نالو لوڪو مل هو ۽ کيس لاڏ مان ”لوڪو“ سڏيندا هئا. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙو مل، تر جو وڏو زميندار هو. ڪنڊياري شهر ۾ ڀاٽيا برادريءَ جو هڪ شاهي پاڙو هو، جنهن ۾ ۱۵۰ گھر هوندا هئا. لڇمڻ ”ڪومل“ جو والد چيلارام ذهين، تعليم يافته ۽ قابل شخص هو، جنهن کي انگريزي ۽ فارسي ادب جو سٺو مطالعو هو. لڇمڻ، پرائمري سنڌي ڪنڊياري ۾ پڙهيو هو ۽ سندس پيءُ کيس شام جو مسجد جي آخوند وٽ ساڳئي وقت اردو ۽ فارسي به پڙهائي هئي. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ چيلارام ڀاٽيا، نوابشاهه ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو هو ۽ هن نامور شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ کان چارج اچي ورتي هئي. چيلارام ڀاٽيا جي نوابشاهه شهر ۾ هڪ ايماندار منصف طور سڃاڻپ، عزت ۽ هاڪ هئي. لڇمڻ، نَون سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نوابشاهه ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو. سندس ان وقت جي استادن ۾ روچي رام ٿانواڻي، دَيو ناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا ۽ شوو راماڻي سندس ميوزڪ ٽيچر هوندو هو. لڇمڻ، نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران پيءُ جي صحبت ۾ سنڌ جي وڏن شاعرن نارائڻ شيام، پرسرام ضيا ۽ سليم ڳاڙهويءَ سان مليو ۽ هن کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو هو.
انهن ئي ڏينهن ۾ مسعود نالي هڪ عملدار نوابشاهه جو ڪليڪٽر ٿي آيو هو، جنهن جي زال ڪانگريسي سوچ جي هئي. مسعود ڪليڪٽر، جيڪو اڳتي هلي ”مسعود کدرپوش“ جي نالي سان مشهور ٿيو، تنهن لڇمڻ ڀاٽيا جي والد کي هڪ ڪوڙي الزام ۾ معطل  ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي وقت جڏهن غريب آباد نوابشاهه جي لُٻاڻن سِکن جا ۵۰، ۶۰ گهر نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تان ”راجا جي گاڏيءَ“ ۾ چڙهي جوڌپور لاءِ روانا ٿيا هئا ته مسعود ڪليڪٽر شهر کان ميل کن پري گاڏي روڪرائي، کين ٻارن ٻچن سميت قتل ڪرايو هو. ان واقعي شهر ۾ وڏو هراس پکيڙي ڇڏيو هو ۽ جنهن بعد ئي نوابشاهه جي هندن، سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. لڇمڻ جڏهن ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هو ته ۳۰ جنوري ۱۹۴۸ع تي مهاتما گانڌيءَ جي قتل جي خبر آئي. لڇمڻ جو والد چيلارام نوڪريءَ تان معطل ۽ نظر بند هو، مٿس جيئن ته ڪيس ڪوڙو هو، ان ڪري انڪوائري بورڊ لڇمڻ جي والد جو ڪيس خارج ڪري کيس بي ڏوهي قرار ڏئي، باعزت نموني ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر نوابشاهه جو عهدو ڏنو ۽ مٿس شرط وڌو ته هو نوابشاهه کي نه ڇڏيندو ۽ نه ئي لڏيندو، پر چيلارام ڀاٽيا، مسعود ڪليڪٽر جي بدنيتي پروڙي چڪو هو، ان ڪري اوچتو هڪ رات چيلارام ڀاٽيا، پنهنجي پياري دوست قادر بخش جي گاڏيءَ ۾ ٻار ٻچا وٺي ڪراچيءَ وڃي پهتو ۽ ۸ مارچ ۱۹۴۸ع جي شِوراتڙيءَ جي ڏينهن ٻارن سميت پنهنجي وطن سنڌ کي خيرباد چئي ڇڏيو. لڇمڻ ڪومل، ۱۳ سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ مائٽن سان سنڌ ڇڏي، ورهاڱي جي وير ۾ لُڙهي، هند پهتو ۽ اڳتي ڌِڪجي دهليءَ پهتو. هن ثانوي تعليم ڪانپور مان پرائي ۽ دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام آنرس ۱۹۵۶ع ۾ ڪئي. دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي لٽرري سوسائٽيءَ ۾ سندس هڪ ڀيرو وري نارائـڻ شـيام سان ملاقات ٿي. اهڙيءَ ريت نامور اديـب ۽ عـالم هـرومل سدارنگاڻي ”خادم“ پڻ اتي پڙهائيندو هو، ان سان گڏ تيرٿ وسنت ۽ ٻين اديبن سان به هن جون ملاقاتون ٿيون. دهلي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ تخلص سان شاعري ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ هن اسان جي ڀاڄائي ”گوپيءَ“ سان شادي ڪئي. دهلي يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف جرنلزم مان لڇمڻ ڪومل ۱۹۶۲ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما به ڪئي. هو راڻا جنگ بهادر جھڙي آزمودي گار صحافيءَ جو شاگرد رهيو. ڀارت جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار ”Times of India” ۾ لڳاتار ۳۵ سالن تائين مختلف حيثيتن ۽ عهدن تي رهي ڪم ڪيائين، جتان ۱۹۹۴ع ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. لڇمڻ ڪومل نه رڳو سنڌ ۽ هند، پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو هو ۽ ان تي عالمانه تنقيدي نگاهه پڻ رکندو هو. هو ورهاڱي کان پوءِ وارن شاعرن ۾ سٺو مقام رکندو هو ۽ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ هن سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ئي ڀيرا اچي، ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ پنهنجي ڄاڻ سان سنڌ جي سنڌي اديبن کي متاثر ڪيو هو. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. لڇمڻ ريڊيو، ٽي وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ گذريل ۵۰ سالن کان لڳاتار لکندو رهيو. سندس سون جي تعداد ۾ تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ۽ مضمون ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. سندس ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا سنڌي ادبي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا.
لڇمڻ ”ڪومل“ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان ۲۲ سالن جي عمر کان وٺي لاڳاپيل رهيو ۽ ان جي اهم ڪارڪن ۽ اڳواڻ طور سندس خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ واري ڪم ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏ لڇمڻ ڪومل جو به اهم ڪردار رهيو آهي. لڇمڻ ڀاٽيا سٺو ناٽڪ نويس به رهيو آهي. هن نه رڳو ناٽڪ لکيا، پر ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪرڻ سان گڏ اهي اسٽيج به ڪيا. هن جا ٽي طويل سنگيت ناٽڪ (Opera) سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا، جن ۾ (۱) ”سهڻي ساهڙ سنگ“ (۲) ”سر مومل راڻو“ (راڻا گهڻا راڄ ۾) ۽ (۳) ”سر سورٺ“ شامل آهن، جيڪي دهلي، ڪلڪتي ۽ ممبئيءَ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن. سندس ناٽڪ ”سهڻي ساهڙ سنگ“ جو هندي ترجمو پڻ ڪيترا ئي ڀيرا اسٽيج تي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. لڇمڻ ڪومل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڇهه ماهي رسالي ”جوت“ جو ست سال ايڊيٽر رهيو، جنهن رسالي جا هن ڪيترا ئي خاص نمبر ڪڍيا، جن مان ڪي مشهور نمبر- شاهه لطيف نمبر (ڊسمبر ۱۹۹۹ع)، گوبند مالهي نمبر (جون ۲۰۰۱ع)، آڳاٽو سنڌي ادب نمبر (مارچ ۲۰۰۴ع) ۽ هري دلگير نمبر آهن.

(اربع ۲۴ ڊسمبر ۲۰۱۴ع)




لڇمڻ ڪومل
اي سنڌ توکي الوداع!
تاج جويو
اڍائي سئو سال اڳ شاهه لطيف سنڌ جي عظيم محب وطن ڪردار مارئي جي قيد دوران دلي ڪيفيت بيان ڪندي چيو هو:
واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان،
هي سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان!
مقامياڻي مارئين، وڃي ٿر ٿيان،
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
ڀٽائيءَ، مارئي ڪا نه ڏٺي هئي، پر اُن جي وطن لاءِ محبت واري ويساهه ۽ اُتساهه کي ڳائي، کيس امرتا بخشي ڇڏي هئي.
۲۰ صديءَ جي اڌ دوران ورهاڱي سبب سنڌ جو مانائتو عالم ۽ اديب لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي جلاوطنيءَ دوران ڀارت ۾ گذاري ويو. هن مارئيءَ جي عظيم روايت تي عمل ڪندي، وصيت ڪئي هئي ته سندس رَکَ سنڌوءَ جي حوالي ڪئي وڃي ۽ ۱۹۵۶ع ۾، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽڙيءَ جي سامهون گدو بندر واري پتڻ تان سندس رَکَ سنڌوءَ کي سپرد ڪئي وئي هئي، جتان ٽئگور ۱۹۲۱ع ۾ سنڌوءَ ۾ سج کي اُلهندي ڏٺو هو. وري ۲۰۰۷ع جي جولاءِ مهيني جي ۴ تاريخ، حيدرآباد جي اولهه ۾، سنڌوءَ جي ڪپ تان ڪوٽڙيءَ جي اشوڪ مندر وٽان تاجل بيوس، شوڪت شوري، رکيل مورائي، نصير مرزا، مون ۽ ٻين ڪيترن اديبن ٻيڙين ۾ سوار ٿي، هري موٽواڻيءَ جي ممبئيءَ مان آيل رَکَ سنڌوءَ جي حوالي ڪري، سندس وصيت کي پورو ڪيو هو. ايئن سنڌ جي سدوري پُٽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ڊسمبر ۲۰۱۴ع ۾ سنڌ ۾ ئي پراڻ پورا ڪيا هئا ۽ مدد علي سنڌي، لطف پيرزادي، پروفيسر سليم ميمڻ، مظهر جميل، مسلم شميم، اياز گل، محمد علي پٺاڻ، استاد خالد چانڊيي، عنايت ميمڻ، نرمل سوڀي، ريکا، نميءَ ۽ مون اديبن جي وڏي سٿ ۾ سوڀي جي رک موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي پتڻ وٽان سنڌوءَ کي پروان ڪري،”موهن جي دڙي“ جي ماڻهوءَ جي وصيت پوري ڪئي هئي.
وري هڪ ڀيرو اسان ڪالهه شام جو گڏ ٿي، المنظر ڄامشوري ڀرسان  سنڌ ڄائي ڪنڊياري جي واسي، سنڌ- هند جي لاڏلي اديب، شاعر ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل جي دهليءَ مان پُهتل رَکَ کي سنڌوءَ درياءَ ۾ پروان ڪري، نارائڻ شيام جي لفظن کي سچو ثابت ڪيو ته:
گنگا جمنا، امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي!
اسان سنڌوءَ ڪناري گڏ ٿي، سمورن سنڌي اديبن ۽ ادب دوستن، پنهنجي يار لڇمڻ ڪومل جي رَکَ کي سلام ڪري، سنڌو درياءَ ۾ پروان ڪري ڇڏيو ۽ شيخ اياز جي لفظن ۾ گڏجي کيس هن ريت خراج پيش ڪيو:
اي هند تو کي الوداع!
اي سنڌ تو کي الوداع!
تو ۾ هُيو سارو جڳت،
اي جِند تو کي الوداع!

(جمع ۱۳ فيبروري ۲۰۱۵ع)



لڇمڻ ڪومل
وَکَرُ سو وهاءِ
جگديش لڇاڻي
لڇمڻ ڪومل سنڌيءَ جو هڪ نمايان نثر نويس آهي، هن جو ناموس هند سان گڏوگڏ سرحد جي هن پار سنڌ ۾ به پکڙيل آهي. هن جي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ هند سنڌ جي ادب سان آشنا شخصن جو ڪافي ڌيان ڇڪايو. هن جي آتم ڪٿا جي ٽي جلد سن ۲۰۰۶ع کان ۲۰۱۱ع جي درميان شايع ٿي چڪا آهن، پهريان ٻه جلد ”سوجھرو“ رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيا، ”سوجھرو“ ڪراچيءَ پاران ڪتابي صورت ۾ پڌرا ٿيا آهن ۽ هاڻي سندس ”وهي کاتي جا پنا“ ٽه ماهي ”سارنگا“ ۾ شايع پيا ٿين. لڇمڻ ڪومل جي نامڪمل آتم جيوني آهي. آتم ڪٿا ڪنهن شخص جي ذاتي، مخفي پوشيده تاريخ آهي، هر اديب جي ٻاهرين دنيا سان گڏ، پنهنجي هڪ نجي خانگي دنيا به هوندي آهي، هو آتم ڪٿا ذريعي اڻڄاتل يا ڳجھي علائقي کي بنا لِڪ لڪاءَ جي کولڻ چاهيندو آهي. اهو اديب جي پسندگيءَ تي ڇڏيل آهي ته ڇا ٻڌائي ڇا لڪائي. ادب ۾ آتم ڪٿائن، سوانح عُمرين، يادگيرين، ڊائرين ۽ خطن کي خاص اهميت حاصل آهي.
آتم ڪٿا ۾ حياتيءَ جي حادثن، آزمودن، تجربن ۽ وارداتن جا تفصيل موضوع بڻجي اچن ٿا. آتم ڪٿا ۾ نه رڳو ليکڪ جي اندرين ڪيفيتن جي چٽي ۽ سچي تصوير مهيا هوندي آهي، پر ان وقت جي ادبي، تهذيبي، سياسي بدلاوَ، نين حالتن جي دٻاءَ ۾ مجموعي سوچ ۽ فڪر جي لاڙن ۾ آيل نون موڙن ڏانهن به سڌو اڻسڌو اشارو ملي ٿو. آتم ڪٿا ۾ داخليت جو انگ وڌيڪ رهندو آهي ۽ پڙهندڙ تخليقار جي شخصيت کان سڌو واقف ٿيندو آهي. جيڪڏهن رچيندڙ جي شخصيت دلچسپ هوندي ۽ اندازِ بيان وڻندر هوندو، ته اها آتم ڪٿا پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن اوس ڇڪيندي. لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ۾ اهي ٻئي وصفون نمايان آهن، اهوئي سبب آهي جو لڇمڻ جي آتم ڪٿا نه رڳو ٻالڪن کي موهيو آهي پر ادب حضرات به هن جي آتم ڪٿا جي ساراهه جون سرڪيون ڀريون آهن.
پنهنجي باري ۾ بي باڪيءَ سان لکڻ سولو ڪم ناهي، آتم ڪٿا لکندڙ کي ڪيترائي دفعا سماجي، ڪٽنبي ۽ اخلاقي قدرن جي ويچار، سچ لکڻ کان دور ڪيو آهي، پنهنجي باري ۾ ايمانداريءَ سان لکڻ، ڪافي تناءُ ڀريو به هوندو آهي مان اپمان کان مٿي قلمڪار ئي آتم ڪٿا لکڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي. جيتوڻيڪ سمورو ادب انسان کي سمجھڻ جي ڪوشش آهي؛ پر آتم ڪٿا ۾ اها ڪوشش صاف ۽ حقيقتن جي بنياد تي ٻڌل هوندي آهي، من گھڙت ۽ ڪالپنڪ ڳالهين لاءِ آتم ڪٿا ۾ ڪائي جاءِ ڪانهي، آتم ڪٿا ۾ رچناڪار جي آتما جو اولڙو، هرديه جي ڌڙڪڻ جو آواز محسوس ڪجي ٿو، لڇمڻ ڪومل لکي ٿو: ”مان پنهنجي گناهن ۽ ثوابن جي ڳٺڙي کولي ان مان ليڙو ليڙون ٻاهر ڪڍي رهيو آهيان، اهي ليڙون منهنجي لتڪي آيل جسم جو ڪو به اگھاڙو انگ ڍڪي نه ٿيون سگهن، اگھاڙپ جي ڪهڙي ڪهڙي سوراخ کي انهن اڳڙين سان بند ڪري سگھندس.“
جڳ جهان اڳيان پاڻ پڌرو ڪرڻ، پنهنجا اڇا ڪارا ظاهر ڪرڻ لاءِ سچ پچ جرئت کپي. همت کپي، لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا لکي اهو بهادريءَ جو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ادب ۾ اهري تلخ قبوليت آسان ناهي. قلمڪار نه استعمال جوڳا الفاظ به پنهنجي لاءِ ڪتب آندا آهن، اديب کي اها ڄاڻ آهي ته آتم جيوني سدا پت وائکي ٿيڻ جو جوکم ساڻ ڪري هلندي آهي.
لڇمڻ ڪومل ۲۶ مارچ  ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي  شھر ڪنڊيارو جي هڪ سکئي ستابي ڪٽنب ۾ جنم ورتو، هن جي ڇٺيءَ جو نالو لوڪو مل چيلارام ڀاٽيا آهي پر ادبي دنيا ۾ هو لڇمڻ ڪومل آهي. زندگيءَ جو سهنجو اهنجو سفر طيءِ ڪري لڇمڻ ڪومل جيڪا ميڙي چونڊي حاصل ڪئي آهي، سا پنهنجي يادگيرين جي تختي کي کولي ذهني اسڪرين تي آڻي، سربستي نموني پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ اسان جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هندستان جي اديب جي هيءَ هڪ ٻي آتم ڪٿا آهي، جا سنڌ ۾ شايع ٿي آهي، هن کان اڳ سن ۱۹۸۴ع ۾ موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک، عشق، ادب“ گل ٽالپر ڇپائي پڌري ڪئي هئي، جا نه صرف اُت اديب حضرات ۾ مقبول ٿي پر هند ۾ به اُن ڪافي مڃتا ماڻي، لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا جا پهريان ٻه جلد تاج بلوچ ۽ ٽيون ڀاڱو پروفيسر سليم ميمڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا هند سنڌ جي ادب ۾ چڱي حرڪت پيدا ڪئي آهي. لڇمڻ ڪومل هينئر هند سنڌ جي ادبي لڏي ۾ بيحد ڃاتل سڃاتل شخيت بڻجي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ادب جي دنيا ۾ اهرو مقام تمام ٿورن تخليقڪارن کي نصيب ٿيندو آهي.
لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرين ڀاڱي جي ٽيويهه پنن ۾ پنهنجي ابتدائي حياتيءَ جو احوال ڏنو آهي، روايتي ڍنگ سان شروع ٿيل لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا فنائتي ۽ وڌيڪ فنائتي ٿيندي ويئي آهي. هيءَ مصنوعي آتم ڪٿا ناهي، اديب پراڻن اصولن پيچرن کي نٿو اپنائي. هو انهن کي رد ڪري پنهنجي شعور، وسيع عالمگير اڀياس ۽ گھري ويچار سان پنهنجي تخليقي قوت سان ڪجھه اهڙو رچي ٿو، جنهن مان ڪي نوان ادبي اصول اُڀرن ٿا. نوان ادبي پيچرا ٺهن ٿا. لڇمڻ ڪومل جي هيءَ آتم ڪٿا جذبن ۽ احساسن جي گھرائيءَ سان تحرير ڪيل آهي. هن ۾ رچناڪار جي جذبن جي شدت پسجي ٿي. بقول لڇمڻ ڪومل:
”آتم ڪٿا لکڻ وڏو عذاب آهي، هر سٽ لکڻ مهل ان لمحي، پل ۽ گهڙيءَ مان نه رڳو گذرڻو ٿو پوي پر ان کي نئين سر جيئڻو، ماڻڻو ۽ ڀوڳڻو ٿو پوي.“
لڇمڻ ڪوم پنهنجي فن سان پنهنجي اتم جيونيءَ کي دلچسپ بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان ۾ قصا گوئي آهي ته قصا گوئيءَ ۾ رس چس به آهي. ليکڪ چواڻي:
آتم ڪٿائي ادب ۾ به رڳو ٺلهين حقيقتن (Facts) تي ئي آتم ڪٿائون نٿيون بيهاري سگهجن، محض خشڪ حيقيقتون ۽ سکڻيون سچايو اخباري رپورٽن وانگر درج ڪجن ته اهي بيحد خشڪ، بي رس ۽ ورچيندڙ بڻجي وينديون. تحرير ۾ رس چس آڻڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي فڪشن جو به سهارو وٺڻو پوي ٿيو.
ليڪن هن پنهنجي ننڍپڻ جا جيڪي واقعا بيان ڪيا آهن، سي پڙهندڙ کان چرڪ ٿا ڀرائين، چوڻ لاءِ همت کپي، جرئت کپي، رچناڪار پنهنجي احوال کي ڪچي مال جو پئڪيٽ ڪري ڪوٺيو آهي:
ليکڪ وٽ ٻاروتڻ جي يادگيرين جي تهخاني ۾ ڪيئي قسا پوريل آهن. هو پنهنجن يادگيرين جي البم مان ڪي پراڻيون تصويرون ڪڍي ڇنڊي ڦوڪي اسان اڳيان پيش پيو ڪري؛ جيڪي هن جي زندگي جي البم ۾ بي ترتيب ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. هن پنهنجي وقت ۾، سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، محسوس ڪيو، تنهن کي پنهنجي شعور ۽ سمجهه مطابق تمام بي باڪيءَ مان اظهار ڏنو آهي. زميندارن جو ظلم ۽ ڏهڪاءُ عالم آشڪار آهي. ئي! تخليقڪار جو ڏاڏو ان جي علامت بڻجي آيو آهي.
ليکڪ پنهنجي سوٽ گهنشي سان گهوڙيسواري ڪندي ڌوٻين جي هڪ ٻار کي ماري وڏو، ڌوٻين جو سڄو لڏو مئل ٻار کي ساڻ ڪري سندس ڏاڏي وٽ دانهين ٿي آيو. غريبن جي فرياد ٻڌڻ ته پري رهيو، ويتر کين رهڙون ڏيندي هو چوي ٿو:
”ڪتي جا پٽ، پنهنجن ٻارن کي ايئن رستن تي ڇيڪ ڇو ٿا ڇڏيو؟ ۽ اسان مٿان اجايا ڏچا ٿا وجهو، وڃو هتان ته کل نه لهرائي ڇڏيونءَ“
هي سڀ تخليقڪار جي آس پاس جي ماحول، وارڌاتن ۽ سنجيده خواهه هلڪي ڦلڪي سفر جو حصو آهن. آتم ڪٿا جي پهرين جلد ۾ رچناڪار پنهنجي ذاتي احوال سان گڏ، سنڌ جي سياسي سرگرمين جو احوال به پيش ڪيو آهي. کُهڙي جي خواهش دل ۾ ئي رهجي وئي؛ جڏهن سنڌي هندو پنهنجي آبرو بچائڻ لاءِ وطن ڇڏي آيا، سر غلام حسين هدايت الله، کُهڙي کي چوي ٿو:
”اڙي کُهڙا، تو ته چيو هو ته مان هندن جي زالن کي مٿي تي ڏڌ جون چاڏيون کڻائي ۽ رَوَن ۾ روٽيون ٻڌائي پنهنجي مڙسن لاءِ ٻنين تي کڻي ويندو ڏسندس، پر تنهنجا هي هندو ته اُنهن زمينن، جائدادن ۽ مال ملڪيتن مٿان ”مُٽي“ نه هليا ويئه؟“
ليکڪ جي منظر نگاري به واهه جي آهي هو افسانوي انداز ۾ جنهن واردات يا منظر جو بيان ڪريٿو، اهو ايترو ته پرڪشش آهي جو ذهن ۽ دل تي نقش ڪڍي ٿو ڇڏي، پڙهڻ سان ذهن جي پردي تي فلم جيان اُتان جا نظارا ازخود اُڀري اچن ٿا. جن شخصيتن سندس دل تي نقش ڇڏيا، تن جو ذڪر، تصوير ڪشي اهڙي نموني ڪيل آهي، جو اُهي ڄڻ اُن وقت جو پهراڻ پهري، اسان جي اکين اڳيان چرندا پرندا نظر اچن ٿا، هو جنهن به ڪردار جو ذڪر ڪري ٿو، سو اُڀري بيهي ٿو، رچناڪار جو ڇهاءُ اُن کي چمڪائي ٿو ڇڏي، قادر بخش هجي اڌ چريو ڏيئو مل هجي يا شيخ اياز جو يار سترام همدرد هجي، سنت هردارام هجي چاهي جانڪي ٻائي عرف ڇپن ڇري هجي، ليکڪ هڪ ماهر قصاگو جيان اُنهن جون ڪهاڻيون دلچسپ نموني ٻڌائيندو ٿو هلي. رچناڪار اڌ چرئي ڏيئو مل جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي. مختصر ئي سهين، لاجواب آهي، اهو ذهن ۾ بيهي هوش اُڏائي ٿو ڇڏي، شيخ اياز جي وات مان سکر جو نالو ٻڌي چوي ٿو:
”سائين، سکر جا اهي ملاکڙا، جن ۾ مان پنهنجي ڪشيل ڏوري سان زنجير ڇني ڇڏيندو هوس، سکر جي اُها سنڌو جيڪا مان بنا ساهيءَ سڄي تري پار ڪندو هوس، اهي انب، اهي کارڪون، اُهي پلا، اُهي لونڊ... .، اُهي دلبر، اُهو درياهه به دانهون ڪندو هوندو ته منهنجا تارو ڪاڏي ويا.
ڏيئو مل جي موت جو منظر بيحد هيبتناڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهي.
سترام همدرد ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ڪهاڻي به دل ڀاڄائيدڙ آهي.
دريا گنج علائقي جي پرويز مشرف جي جاءِ پئدائش واري نهر والي گليءَ جي موڙ تي سترام ڪلياڻي همدردر جو به جان جسم پٽ تي پيو هئو، هن جي هئنڊ بئگ ۾ سندس بنگلي جي گرهه پرورش جي جشن جا ڪجهه اڻ ورهايل ڪارڊ ۽ بئنڪ جو شناختي ڪارڊ پيل هئو. هو ٻائيتاليهه سالن جو هو. بي پناهه خوشيءَ، بي تابيءَ ۽ ٿڪاوٽ ڪري هن کي دل جو شديد دورو پيو هئو.
سياسي ۽ سماجي سُوجهه، ٻوجهه ۽ عالمي سياست جو گهرو شعور رکندڙ مشهور انگريزي اخبار جو مقبول ڪالم نويس حشو ڪيولراماڻيءَ جو جنهن دردناڪ نموني موت ٿيو، سو سنڌي جاتيءَ کي سوچڻ لاءِ آماده ڪري ٿو، هن زندگيءَ جا پويان ڏينهن اُلهاسنگر جي جهوپڙيءَ ۾ گذاريا، جتي ئي هن جو لاوارث لاش ميونسپالٽيءَ وارن ساڻ کڻي اگني سنسڪار ڪري ڇڏيو هو.
هند ڏانهن ايندي، جل درگا جهاز جي منظر ڪئي ڄڻ ٻولي ٿي. لڇمڻ ڪومل جل درگا جهاز جي منظر ڪشي ائين چٽي آهي. جو پڙهڻ سان، جهاز جي تصوير ۽ آس پاس جو ماحول آسان جي ذهن جي پردي تي فلم جيان اُتان جي نظارن سميت اُڀري اچي ٿو. جل درگا جهاز جي منظر ڪشي مون کي Burning Train ۽ Titanic فلمن جي ياد تازي ڪري ڇڏي.
ڀارت جي ورهاڱي سنڌي جاتيءَ سان وڏا راڱا ڪيا. ٻارن جو لکڻ پڙهڻ ڪجهه وقت ڇڏجي ويو. ”وهي کاتي جا پنا“ جي ليکڪ به تمام ننڍي ڄمار جي ناٽڪ منڊليءَ جي ڪم ڪيو، هو ٻارهن سالن جي عمر ۾ ئي ٿئيٽر، تنبن، ڌڪڙن، سارنگين، گهنگهرن ۽ ڪچرين جي دنيا ۾ اچي ويو هو.
لڇمڻ ڪومل دهلي يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ گريجوئيشن ۽ صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي، پوءِ به هو ڪجهه وقت بيروزگار رهيو. هن ڪجهه نوڪريون ڪيون ۽ ڇڏيون، آخر ۾ هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات انگريزي اخبار ”ٽائيمز آف انڊيا“ سان ڪئي ۽ اتان ئي سن ۱۹۹۶ع ۾ رٽائر ڪيو.
لڇمڻ ڪومل روماني فطرت جو رچناڪار آهي، هر ٺاهوڪي، جوان، چتر زبان ۽ رومانوي طبيعت رکندڙ جي حياتيءَ ۾ عورتون اينديون ئي آهن، اُنهن مان ڪير جٽاءُ ٿو ڪري، اهو حالتن ۽ ڪشش جي گهراڻيءَ تي منحصر آهي. لڇمڻ ڪومل جي حياتيءَ ۾ به ڪيتريون ئي عورتون ڪمسنيءَ واري عمر کان اچن ٿيون. هر تعلق کيس نئون آزمودو مهيا ڪري ٿو ڏئي. لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا جي پنن ۾ پنهنجي عشق بازيءَ جا جي ڪترائي داستان درج ڪيا آهن ڪن کي اُهي خيالي به لڳي سگهن ٿا. هن جو پهريون پيار سروري هو. پنهنجي پهرين پيار کي ڀلائڻ آسان ناهي.
هن جو پويون پيار گوپي آهي، جيڪا اڳتي هلي هن جي شريڪ حيات بڻي، گوپيءَ ۽ لڇمڻ جي پريم ڪهاڻي به ”وهي کاتا جا پنا“ ۾ پکيڙيل آهي؛ جنهن لاءِ هو آتم ڪٿا جي پنن ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو؛
ڪنهن پراڻي يارڊ ۾ ”شنٽ“ ٿيل ڪنهن خالي گاڏي جيان منهنجي زندگي اوچتو ائين بيهجي وئي هئي. ان گاڏي تي نئين سر رنگ روغن ڪري، ان کي چمڪائي، اڇو اجرو ڪري، منهنجي رفيقه حيات گوپيءَ ان کي مين لائين وارن پٽن تي آڻي بيهاريو ۽ زندگيءَ جي تيز رفتار گاڏي سان جوڙي ڇڏيو.
لڇمڻ ڪومل وٽ ڳالهين جو اڻ کٽ ڀنڊار آهي، کيس ڳالهين مان ڳاهيون ڪڍڻ جو انوکو ڏانءُ آهي، هن پنهنجي مخصوص عبارت ۽ دلچسپ افسانوي بيان انداز ۽ پيشڪش سبب سنجيده پاٺڪن لاءِ دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪيو آهي. هيءُ روايتي طرز ۾ لکيل آتم ڪٿا ڪانهي، ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ رس چس پيدا ڪرڻ لاءِ تصورات کان ڀي ڪافي ڪم ورتو آهي. هن جي آتم ڪٿا ۾ هڪ Force آهي، جو ڪنهن نديءَ تيز وهڪري وانگر وڌندو، پڙهندڙ کي پاڻيءَ تي ترندڙ ڪک جيان پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو. اها تخليقڪار جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جو پنهنجي احساسن سان گڏ پڙهندڙ جي احساسات کي به ڀاڪر ۾ ڀري هلي ٿو. هيءَ ذهن کي مالامال ڪندڙ آتم ڪٿا گورڪي ۽ گانڌيءَ جي آتم ڪٿائن وانگر ڪانهي، هيءَ پنهنجي مزاج ۽ موضوعاتي سٽاءَ ۾ الڳ الڳ آهي.
لڇمڻ ڪومل هاڻي سنڌي ادب جي هڪ اها شخصيت بڻجي پيو آهي. جنهن جي فن ۽ فڪر هند ۽ سنڌ ٻنهي ملڪن کي موهيو آهي. لڇمڻ ڪومل ٻيو ڪجهه نه لکي، صرف ”وهي کاتي جا پنا“ ئي لکي ها ته به سندس آسٿان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محفوظ رهي ها!

(وهي کاتي جا پنا- جي حوالي سان)




دادا لڇمڻ
جنھن کي سنڌ وساري نه سگهندي
مخمور بخاري
ڌرتيءَ تي ليڪا کڻي ان جي جاگرافيءَ کي ظاهر ڪن، پر سچ اهو آهي ته احساسن، جذبن، خيالن، خوابن ۽ خوشبوئن کي ڪا به جاگرافيائي حد بندي نٿي روڪي سگهي.
خواب ڪٿي به ڏسجن، سرحد جي هِن پار، يا هُن پار، اهي خواب ئي هوندا آهن. سرهاڻ هر حال ۾ ۽ هرديس ۾ سونهن ۽ سوڀيا جو مظهر ته هوندي پر اها ڪيترا ذهن ۽ جسم به معطر ڪندي، مطلب ته هي حدون ڌرتيءَ تي آهن، پر ذهنن تي هنن حدن جو ڪو به عمل دخل نه آهي.
دادا لڇمڻ ڪومل ڀلي سرحد جي هُن پار هِن رنگ واس جو جهان ڇڏيو هجي، پر سنڌ ۾ به سندس وڇوڙي جو دردناڪ احساس سڀن ساڃاهه وندن ڀوڳيو آهي، ڇاڪاڻ ته محبتون ۽ مسڪراهٽون ڪنهن هڪ ديس جون نه هونديون آهن.
سچ اهو آهي ته دادا لڇمڻ ڪومل کي ڪيترائي نوجوان لکاري سندس ”وهي کاتي جا پنا“ پڙهڻ کان پوءِ ئي سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي. جنهن سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سنڌ ۽ هند جي هن ڏاهي، پنهنجي زندگيءَ جا ويهي، کاتا خود کوليا آهن اهو يقينن ڏکيو عمل آهي.
ماڻهو اندر ۾ قبيح هجي ۽ ٻاهران اوچيون پوشاڪون ڍڪي هلي ته ان کي منافقت ئي چئبو آهي، اچ ان منافقت جي ضرورت ڪٿي به نه آهي. خاص طور ادب ۾ دادا لڇمڻ ڪومل جهڙن ليکڪن کي هر دور ۾ ساراهڻ گهرجي، جيڪي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي پنهنجي دور جي حالتن کي چٽڻ کان ويندي، پنهنجي ڪچاين ۽ سچاين کي به بيان ڪن ٿا.
حقيقت ۾ اها ئي اُها مهانتا آهي، جو اڄ اسان سمورن سنڌي اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن جي دلين ۾ دادا لڇمڻ جي وڇوڙي جو تڏو وڇايل آهي. اسان هند ۽ سنڌ جا سمورا ڏات ڌڻي هڪ ٻئي سان پنهنجو ڏک اوريون ٿا. يقين آهي ته هر دور جو اديب، دادا لڇمڻ جي لفظن، خيالن، اسلوب ۽ سچائيءَ کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.




لڇمڻ ڪومل

منهجي رک سنڌوءَ حوالي ڪجو

پيار محمد لغاري

ستر سال وڏو عرصو آ. ايڏو عرصو جيئندو ڪير؟ اڄ هڪ اهڙي شخص لاء لکي رهيو آهيان جنهن سان هڪ هم وطن ساڳئي مٽي سنڌي ۽ سنڌ جو ناتو هو ان شخص کي دنيا ڇڏي نو سال ٿي ويو آهن پر اهو شخص اسان جي دلن ۾ اڄ به زندھ آهي. هن کي سنڌ سان ڏاڍي محبت هئي ورهاڱي وقت جڏهن پنهنجو اباڻو وطن سنڌ ڇڏيو هوئي ته ان وقت سندوس عمر نئون سال هئي وطن کان وڇڙي وڃڻ جو درد ڇا ٿيندو آء اهي لڇمڻ ڪومل ئي ڄاڻي سگهي ٿو جنهن جي پير هيٺان پنهنجي وطن جي مٽي نه رهي ۽ پرائي وطن ڀٽڪندو رهيو. وطن جو درد ڇا ٿيندو اهو ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو بي وطن رهيو هجي اباڻي وطن جي مٽي ڇا هوندي آهي اها انهيء کي خبر هوندي آهي جيڪو درد ڀٽڪيا هجن. ورهاڱي وقت جيڪو ڀٽڪڻ جو درد لڇمڻ ڪومل محسوس ڪيو آهي، سو سندس شاعري نثري نظمن مان ملي ٿو؛

شعر

اڄ هر ڪو سنڌي ائين ٿو پيو سنڌ لاءِ سڪي

جيئن مارئيءَ جو ساھ اباڻن جي لاءِ سڪيو

ڳولاء ڪجي جي ڪنهن جي ته اي دوست ڪيئن ڪجي

ڳولهندي جئن پنهونء کي سسئي دم نه پٽيو هو

 .......................

لڇمڻ ڪومل 1936ع ۾ ڪنڊيارو ۾ پيدا ٿيو هو سندوس پيدائش کان پوء جلد ورهاڱو ٿيو هو لڇمڻ ڪومل نو سالن جي عمر ۾ پنهنجو وطن سنڌ ڇڏيو هو.

لڇمڻ ڪومل 1980ع ۾ گوتم ٻڌ وانگر تياڳ ڀٽائي وانگر ورلاڪ ڪاٽي 33 سالن کان پوء اباڻي وطن سنڌ آيو. هو ڪيترن ئي همعصر اديبن سان مليو هو پر پنهنجي اباڻي گهر ڪنڊيارو وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي ھيس.

لڇمڻ ڪومل سندس اباڻو گهر ڏسڻ جو ارمان دل ۾ سانڍي هندوستان روانو ٿيو هو

سندوس وطن سنڌ اچڻ لاء ڪيتريون سختيون سهڻيون پيون هيو پر لڇمڻ ڪومل کي آخري وقت ۾ تمام گهڻي خوائش هئي ته سنڌ اچڻ جي پر موت ايترو وقت ڪٿي ٿي ڏي ڪيتريون خوائشون دل ۾ سانڍي اهڙي دنيا طرف هليو ويو جتان اڄ تائين ڪو به ناهي وريو

انسان جي اندر ۾ ڪيتريون ئي خوائشون هونديون آهن ڪهڙيون ڪهڙيون خوائشون پريون ڪجن اهو درد لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا وهي کاتي۽جا پنا ۾ پڙهندي محسوس ٿئي ٿي

اڄ جڏهن وهي کاتي جا پنا پڙهندي محسوس ٿئي ٿو اڄ صبح سويري سوامي نارائن مندر مان نڪري بندر ورڊ وٺي پنهنجي سامان کڻي سڀ ڪجھ ڇڏي جل درگاھ جهاز تي رونوا ٿيو آهي پريان اسان اهو سڄو منظر ڏسي رهيا هجون لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا پڙهندي آخر ۾ ائين رڪجي وڃي ٿي ۔۔۔۔ موت جيڪڏهن وس ۾ هجي ها ته چئون ها اي موت ڪجھ وقت مهلت ڏي لڇمڻ ڪومل کي پنهنجي وهي کاتي جا پنا پورا ڪري ها

هاڻ سندوس دوستن کي ڪيو چوندو ته مان هندوستان مان اچان پيو توهان جي لاء ڇا وٺيو اچان ڪير پروفيسر سليم ميمڻ کي چوندو مان پيسا موڪليان ٿو ته منهنجو اباڻو گهر خريد ڪري ڇڏ مان جڏهن سنڌ ايندوس ته پنهنجي وني گوپي سان گڏ اچي ڪجھ وقت انهيء گهر ۾ رهندوس

اڄ جڏهن مان اهو سڀ لکندي سوچي رهيون آهيان ته 22 ڊسمبر جي شام ٿي وئي هئي لڇمڻ ڪومل جي طبيت تمام گهڻي خراب ٿيندي وئي اڃان جمنا ندي مٿان ڳاڙهاڻ ڇايئل هئي دهلي شهر مٿان اماوس جي ڪاري رات ڇايئل هئي

آسمان تي لاتعداد تارا ٽم ٽم ڪري ٽمي رهيا هئا

دهلي شهر ۾ سخت سرد هئي پري پري تائين اونداهي جو راڃ هو 23 ڊسمبر جي سج نڪرڻ ۾ اڃان تمام گهڻي دير هئي

لڇمڻ ڪومل جي گهر سائٽ پريس انڪليو جي بي 26 فليٽ ۾ خاموشي ڇائيل هئي سنڌ سان بيحد محبت ڪندڙ لڇمڻ ڪومل پنهنجي اباڻي وطن کان ڏور دهلي جي اسپتال ۾ آخري پساھ کڻي هن دنيا کي الوداع پئي ڪيو

هاڻ سنڌ مان ويندڙ دوستن کي ڪير هندوستان ۾ ياد ڪندو ڪير انهن کي دهلي گهمائيندو لڇمڻ ڪومل سندوس آتم ڪٿا ۾ لکيو هو

هاڻ جڏهن اسان مان ڪو نه رهندو ته سنڌ مان ايندڙن جو ڪير آڌرڀائون ڪندو هاڻ ڏسون ٿا بلڪل حقيقت ٿي وئي آهي هاڻ قطب مينار ورڊ سائٽ پريس انڪليو جي جي بي 26 فليٽ ۾ ڪير وٺي هلندو ۽ ڪير سنڌ بابت پڇندو ڀاڀي گوپي ۽ سندوس سڀني اديبن کي اڪليو ڪري ويو

هاڻ سنڌ کي ڪير ياد ڪندو مان لڇمڻ ڪومل جي شعر سان هن ڪالم جي پڄاڻي ڪندوس

شعر

ستر سال وڏو عرصو آ

ايڏو عرصو جيئندو ڪير

ڀرندڙ ڀت جي چاپوڙن کي

ڌرتي تان ميڙيندو ڪير

روڳ ۽ روڳي همبستر ٿيا

هاڻ شفا جي ئي دوکي ۾ زهر اسان کي ڏيندو ڪير

دين دنيا کان ڪٽجي وياسين

هاڻي اسان کي پنهنجي ڌرتي مٽيء منجهان سڏيندو ڪير

پنهنجي ڪلهن تي ڍوئي ڍوئي پنهنجو لاش

ستر گهڙيون ته هلي سگهي ڪو

ستر سال وڏو عرصو آ

ايڏو عرصو جيئندو ڪير

 

(پيار محمد لغاري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا