; سنڌي شخصيتون: نسيم کرل - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

29 July, 2016

نسيم کرل - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نسيم کرل
سنڌي ادب ۾ اول درجي جو ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
نسيم احمد ولي حاجي عبدالڪريم کرل 29 جون 1939ع تي خيرپور رياست جي ڳوٺ کرل ۾ جنم ورتو. هو سنڌي ادب جي مهان ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان مشهور آهي، سندس ڪم مقدار ۾ ٿورو پر معيار ۾ بلند آهي، هن پهرين ڪهاڻي ’سور سمجهي ڪو‘ 1958ع ۾ لکي ۽ اهو ئي سال هو جڏهن هو بي اي فائينل جو ڪاليجي شاگرد هيو ۽ سندس ڪلاس فيلو جمال رند ۽ خواجه سليم هيا ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ سندس استاد هئا ڊاڪٽر اياز قادري ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه. نسيم کي اياز قادري سنڌي ادبي سنگت ڏي وٺي آيو ۽ اهڙيءَ ريت هو ڪهاڻيون لکي سنگت جي ادبي محفلن جو روح روان ٿي وڌندو ويو ۽ ادب تي ڇانئجي ويو. سندس پهريون مجموعو “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” 1968ع ۽ ٻيو “چوٽيهون در” ۽ ٽيون “ڊمي” آهن، جيڪي 1973ع،  1984ع ۾ شايع ٿيا. “ڊمي” ۾ ڪجهه مضمون پڻ آهن ۽ انهن سڀني ڪتابن جو گڏيل مجموعو ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ 2007ع ۾ شايع ٿيو. انهن ٽنهي مجموعن جي گڏيل ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو ٻٽيهه آهي پر اڄ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود نسيم کرل جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏي جڳهه والارين ٿيون ۽ سندس ڪتاب يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهن ته عام پڙهندڙن ۾ پڻ اڄ ڏينهن تائين مقبول آهن. سندس ئي لفظن ۾ ته،
”اهڙو ادب تخليق ڪجي جنهن کي دائمي قدر هجن، سٺو اديب اهو آهي جو مقصد لاءِ ۽ سماج جي سڌاري لاءِ لکي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻهو ياد رکن.“


نسيم کرل ڪالم پڻ لکيا جيڪي هفتيوار ”جاويد“ خيرپور ۾ ڇپيا ته ڊرامو ”بوءَ“ به لکيائين ۽ پهرين ڪهاڻي ترجمو هئي جا ”مهمان“ جي عنوان سان 1956ع آڪٽوبر ۾ ڇپي ۽ ان کان پوءِ مستقل پئي لکيائين. مطلب ته هن کي سنڌي نثر ۾ لکڻ جو شوق هو ۽ هو سٺو پڻ لکندو هو پر سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. 1978ع جي 14 جولاءِ تي کيس پنهنجي تر ۾ ذاتي دشمنيءَ باعث قتل ڪيو ويو ۽ سنڌي ادب هڪ وڏي ڪهاڻيڪار کان محروم ٿي ويو. نسيم جو لکيل افسانوي ادب، سنڌي ادب جو اهم سرمايو شمار ٿئي ٿو. کيس ”عظيم ڪهاڻيڪار“، ”وڏيرو ڪهاڻيڪار“، ”ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه“، ”سنڌ جو چيخوف“، ”دئوس ڪهاڻيڪار“ ۽ ٻين ڪيترن لقبن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آهي.
تاج جويو نسيم جي فن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته،  ”نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ رچاءُ، نياءُ ۽ فني اوچائي (climax) ڪمال جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ عنائين سان گڏ جيون جي قيامتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي.“
ڏٺو وڃي ته نسيم جي ڪهاڻين ۾ واقعات نگاري، مڪالما، (خاص طور ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ خيرپوري لهجو) عوامي انداز، ڪردار نگاري ۽ ماحول سڀني تي هن جي مڪمل گرفت آهي. سندس ڪردار جيئرا جاڳندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي هن پنهنجي ئي تر مان کنيا آهن، جيئن وڏيرو، هاري، ڪمدار، صوبيدار، اوڏ، چور ۽ ٻيا عام جيوت جا ماڻهو جن جي خوبين، خامين، ڪمزورين کان هو ڀلي ڀت واقف هيو.
وليرام ولڀ موجب ته، نسيم ڪهاڻيون لکي، هڪ طرف پنهنجي فطري تخليقي اُساٽ کي مطمئن ڪرڻ ٿي چاهيو ته ٻئي طرف معاشري جي ناسورن ۽ انساني بيچيني ۽ ٽڪراءُ جي اظهار ۾ نشتر زني به ڪئي، انهيءَ ڪري سندس ڪهاڻين جا موضوع خيالي، مدي خارج يا فرسوده نه آهن.
حقيقت نگاريءَ جي لحاظ کان نسيم کرل جي فن جو جيڪڏهن تنقيدي جائزو وٺبو ته عروج تي نظر ايندو. ڇو جو هو پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ماحول، وارداتن ۽ واقعن سان گڏ ڪردارن جي اندر مان ليئو پائي ٻاهر ٿو اچي ۽ پوءِ فني طور سندس ڪردار ايترا ته جيئرا جاڳندا ٿا لڳن جو پڙهندڙ انهن سان گڏ روئي ٿو، انهن سان گڏ کلي ٿو ۽ جيڪي انهن تي وهي واپري ٿو، اهو خود تي محسوس ڪري ٿو. سندس مطالعو، مشاهدو ۽ وسيع تجربو تحريرن مان پڌري پٽ بکي ٿو. هن جون ڪهاڻيون نه گهڻيون آهن ۽ نه ئي ڊگهيون آهن، نه انهن ۾ واقعات ساڳيا آهن ۽ نه ئي ڪردار نگاريءَ ۾ ورجاءُ آهي. عام عوام توڙي وڏي سوسائٽيءَ جي فردن جي نفسيات کي هن سندن سوچن ۽ مڪالمن سان جهڙيءَ طرح اڳيان آندو آهي، انهيءَ مان سندس مردم شناسيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي.
”چوٽيهون در“ سندس ڪهاڻين ۾ اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ دارالفلاح ڪهاڻي نالي مطابق پناهه وٺندڙ غريب ۽ سماج جي ستايل عورتن لاءِ جاءِ آهي. “مجاور” ڪهاڻي، چوٽيهون در جي مجموعي جي اهم ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏن عملدارن جو تضادي رويو وائکو ڪيو ويو آهي، هڪڙو ڊپٽي ڪمشنر موالين جي ميڙي تي ان ڪري بندش وجهي ٿو جو ان جي ڪري گوڙ ۽ گهمسان ٿئي ٿو ۽ لوفر پاين جي ڪري اوڙي پاڙي جو سک ڦٽي ٿو ۽ شريفن جي واسطي پاڙي ۾ آزار مچيل آهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو ئي ڊپٽي ڪمشنر ساڳئي شهر ۾ ساڳئي جاءِ تي جشن ڪرائي ٿو ۽ ساڳئي نموني رقص ۽ راڳ ٿين ٿا. ان وقت ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي اهڙو ڪوبه خيال ڪونه ٿو ٿئي ته ماڻهن جي اخلاق تي برو اثر پوندو، اهو ڪم ان ڪري مباح ٿي وڃي ٿو جو ان تي ڪلچرل / ثقافتي شو جو نالو رکيو ويو آهي.
ڪهاڻيءَ جو ڪلائميڪس اڇوتو آهي. ليکڪ لکيو آهي ته، ”پوءِ وري ڪلچرل شو جون تياريون ٿي ويون، عوام ۾ ٽڪيٽون وڪامڻ لڳيون، سڀ کان وڏي ٽڪيٽ پنجاهه رپيا هئي. شهر ۾ چئو طرف شو جا پڙها اچڻ لڳا عام ماڻهن اهو ڳورو و نالو اڳ ڪونه ٻڌو هو سو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا.
ميان! اهو ڪلچرل شو ڇا آهي؟
”ڪلچرل شو معنيٰ ثقافتي شو.“
اها وري ثقافت ڇا آهي؟
پاڻ کي خبر ڪونهي، مڙيئي ڪا چڱي ڳالهه هوندي.
ها هوندي ضرور چڱي ڳالهه تڏهن ته پڙها ڏنا اٿن؟
ميان! هن ڊي سي ته وڻ وڄائي ڇڏيا ڏسو ته شهرکي ڪيڏي نه ٽاٽائي وٺائي اٿائين.
ان ڪلچرل شو واري ڏينهن ماڻهن جا ميلا مچي ويا سڄو پنڊال ڀرجي ويو ته به ماڻهن جي پيهه پيهان هئي، اٽڪل نائين بجي ڊي سي صاحب پنهنجي سنگت سميت پهتو ته پوءِ شو جي شروعات ٿي، پردو هٽيو ته شهر جي مشهور ڳائڻيءَ شمشاد سُر راڻي مان پلٽو هنيو.
ڪرسين کان گهڻو پوئتي بيٺل ماڻهن مان مڪان جي اڳوڻي مجاور محمد شاهه، شمشاد کي ڳائيندو ڏسي ٽهڪ ڏنو ڀرسان بيٺل ٻئي مجاور کي ٺونٺ هڻي چيائين؛ ”فقير ڏسين ٿو رنگيءَ جا رنگ!“
”ها مرشد ساڳي شمشاد ساڳيو ڪلام پر اسان ڪهڙي غناهي ڪئي هئي؟“
”ميان پينو پينو کي نه سهندو، مجاور مجاور کي ڪونه، هل ته هلي ڪا ٻي ڪار ڪريون“.
چوٽيهون در، ڪهاڻيءَ ۾ هن نه فقط پوليس کي فرض کان غافل ۽ لهرائيندڙ پيش ڪيو آهي پر کين انساني احساسن کان پڻ عاري ڏيکاريو آهي. هيءَ ڪهاڻي ليکڪ هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿي لکي سپر هائي وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اها اسان جي حد ڪونهي. سکر بئراج جي 66 دروازن مان ڪجهه هڪڙي ٿاڻي سان لڳندا آهن ته ڪجهه ٻئي ٿاڻي سان ۽ هر ڪا ڌر انهيءَ لاش کي پنهنجي حد مان هٽائي ڇڏيندي آهي ۽ ايئن اهو عورت جو لاش ڦاسندو ۽ رلندو رهندو آهي. آخر ۾ لاش درياهه حوالي ڪرڻ مهل جو مڪالمو اثر انگيز آهي. ”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاش ڪونه ورتو سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“. انساني بي حسيءَ جو اهو مثال بظاهر ته اخبارن ۽ ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿيندو رهي ٿو پر ليکڪ اهڙن واقعن کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن ۽ پوءِ ان کي گهڙي ٺاهي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ سهڻن مڪالمن، اثرائتي ٻوليءَ ۽ وڻندڙ ڪردار نگاري ۽ اڇوتي ڪلائميڪس سان پڙهندڙ کي پهچائين ٿا ته اهو اخباري تاثر نه وسرندڙ زنده ادب ۾ تبديل ٿيل هوندو آهي.
نسيم کرل وٽ ڪهاڻيءَ جي ڏات به هئي ته کيس پيشڪش جو ڏانءُ به ڪمال جو هو، واقعه نگاري ۽ ٻوليءَ جي جڙاءُ ۾ سجيل سندس هڙئي ڪهاڻيون اهم آهن. هن نه زمينداري ظلمن ۽ هارين جي مظلوميت کي اڳيان آندو آهي ۽ نه ئي هن وطنيت، قوميت ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي لکيو آهي پر ته به هو سنڌي ادب جي اول درجي جي ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ شمار ٿيو، انهيءَ جا ڪيترائي سبب هوندي هڪ اهم سبب اهو آهي ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻيءَ تي تمام گهڻي محنت ڪندو هو. هو پرفيڪشن جو قائل هو. لکيل ڪهاڻي ٻيهر ۽ ٽيهر لکي پوءِ مطمئن ٿيندو هو ۽ خاص طور ڪمپوزنگ جون چڪون پڻ پاڻ ئي چيڪ ڪندو هو. کيس پنهنجي فن تي وڏو اعتماد هيو. انهيءَ ڪري سنگت جي ساٿ ۾ ۽ ادبي محفلن ۾ پنهنجون لکيل ڪهاڻيون خاص طور نئين ڪهاڻي وڏي شوق ۽ اعتماد سان ٻڌائيندو هو. هو ڪهاڻي لکڻ جي سڀني لوازمات کان مڪمل واقف هيو ۽ کيس پنهنجي چونڊيل موضوع تي پڻ پوري گرفت هوندي هئي.



نسيم کرل
جيڪو ڄڻ اڄ به اسان ۾ موجود آهي
حبيب لغاري
هو اهڙو ته يگانو ڪهاڻيڪار هو جو پنهنجي سماج ۾ ٿيندڙ اڻبرابرين توڙي ناانصافين جي ڪٿائن تي جڏهن قلم کڻندو هو ته هن جي ڪهاڻين ۾ موجود سمورا ڪردار جاڳي پوندا هئا، رڳو هن جي ڪردارن جا جملا نه جاڳندا هئا پر اهي احساس به جاڳندا هئا جن ۾ هو حياتين جا رنگ ڀريندو هو، قول ۽ فعل جي فرق تي هو ڪمال جو لکندو هو، نسيم کرل اُهو منفرد ليکڪ هو جنهن جي لکڻين سندس فني سگھه جي بنياد تي مڃتا ماڻي، جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته ان وقت جا اديب ئي نسيم کي هڪ وڏيرو قرار ڏئي ادبي دُنيا مان جلاوطن ڪري ڇڏين ها، هُن جون ڪهاڻيون عالمي معيار جون هُيون جو هن کي ڪير به رد ڪري ڪونه سگھيو،
نسيم کرل جون ڪهاڻيون وڏيرڪي نظام تي وڌيڪ انهي ڪري به آهن جو هن ان ماحول کي ويجھڙائي سان ڏٺو انهن جي ٺڳين ۽ دوکن کي هن محسوس ڪيو، نسيم کرل جتي بااثرن جي بااثري تي لکيو اُتي وري هُن مفلسن جي مفلسي کي به پنهنجو موضوع بڻايو، نسيم جي سڀ کان وڏي خوبي ته اها ئي هوندي هئي جو هن جون ڪهاڻيون مقصد کان خالي نه هونديون هيون. نسيم پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: ”آئون سنڌ جي سماجي مسئلن تي لکان ٿو، آئون سنڌ ۾ پيدا ٿيو آهيان انهي ڪري منهنجن ڪهاڻين ۾ سنڌ جو ماحول، ان ڌرتي جا ڪردار، هتي جا جھيڙا، هتي جون سٺايون ۽ برايون هونديون آهن“ اهو به صدين جيڏو سچ آهي ته نسيم جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جا ڪردار هوندا آهن، نسيم جي ڪهاڻين ۾ مفلس ماڻهن جو رت پيئندڙن جون ڳالهيون به شامل رهيون آهن، ته وري انهن ماڻهن جا قصا به آهن جيڪي دُنيا ۽ دولت جي لالچ ۾ پنهنجن رت جي رشتن کي به قربان ڪري ڇڏيندا آهن، نسيم جي ڪهاڻين ۾ اُهي ڪردار به شامل آهن جيڪي ”ڪافر“ ڪهاڻي جي مرڪزي ڪردار سيتل وانگر من جا معصوم هوندا آهن ته وري شبنم شبنم ڪنول ڪنول جي ڊاڪٽر آفتاب وانگر شاطر به هوندا آهن،
نسيم کرل جي لکيل ڪهاڻين ۾ سچائي جا سڏ به هئا، ته وري اُهي ڪهاڻيون موضوع جي حوالي سان بلڪل منفرد ۽ نراليون به آهن، زندگي جي مختلف رنگن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندڙ نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در عالمي معيار جي ڪهاڻي آهي، هي اُها واحد ڪهاڻي آهي جيڪا اردو، انگريزي توڙي پنجابي زبان ۾ ترجمو پڻ ٿي آهي.
ڪهاڻي اڄ به لکجي پئي، کوڙ سارا ليکڪ آهن، جيڪي لکن به پيا، ڪافي سُٺيون ڪهاڻيون پڙهڻ لئه ملي وڃن ٿيون، حقيقت ۾ ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته ڪهاڻي کي نسيم کرل جنهن مقام تي پهچايو اُها اُتان اڳتي سفر ڪري ها پر ائين ناهي ٿيو، نه اُهي مڪالما هوندا آهن جيڪي ڪردار جي سُڃاڻپ ڪرائن نه وري اُها منظر نگاري، نسيم کرل کي جيڪڏهن منظرنگاري جو بادشاهه چئجي ته ان ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، پاڻ جيڪڏهن نسيم جي ڪهاڻي ڪافر کي ئي ڏسون ته ان ۾ هن ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ منظر چِٽيا آهن سمورو عڪس اکين اڳيان اچي ٿو بيهي:
”جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرنديءَ وارو ماڻھو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالهھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو به ھروڀرو ايترا بي دين ڪو نه ھئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پاڻ به ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي ھيٺئين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي، جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس“
زماني جي گردش، زور ۽ زر، شبنم شبنم ڪنول ڪنول، گذريل واردات، ڳڻ، ڪني آڱر، ڪافر ۽ ڪچو رنگ اُهي منفرد ڪهاڻيون آهن، جن کي اردو ٻولي ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي نسيم جي هر ڪهاڻي جو هر عڪس نرالپ رکي ٿو، نسيم کرل 14 جولائي تي شهيد ڪيو ويو هو، اڄوڪو ڏهاڙو اُهو ڏهاڙو آهي، جنهن ڏهاڙي تي ڪهاڻين جو هڪ خوبصورت باب هميشه لئه بند ٿي ويو هو، ظاهري طرح قاتل نسيم کي شهيد ضرور ڪيو پر هو نسيم جي فن کي ختم ڪري نه سگھيو، اڄ نسيم کرل جي ورسي ملهائي پئي وڃي ۽ اڄ هن گهڙيءَ به نسيم اسان ۾ ڪهاڻين جي روپ ۾ موجود آهي.





No comments:

راءِ ڏيندا