ڊاڪٽر فهميده حسين
نامياري محقق، اسڪالر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون
محمد سليمان وساڻ
نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، ۵ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان ۱۹۶۴ ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ڪيائين. ٻنهي ڊگرين ۾ هن ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ۱۹۸۱ع ۾ ايل ايل بي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي ايڇ ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي.ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي ۱۹۷۸ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۵ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي ۲۰۰۸ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا آهن.
ڊاڪٽر فهميده حسين لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي، ٻاراڻيون آکاڻيون لکيائين، پوءِ ڊي. جي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻيون شايع ڪرايائين، جڏهن ’بادل‘ رسالو شروع ٿيو ته باقاعده ان ۾ لکڻ لڳي ۽ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين ان وقت جي انهيءَ مشهور ادبي رسالي جي عورتن واري حصي جي ايڊيٽر رهي. سندس افسانا، شاعري (تسنيم يعقوب جي نالي سان) مضمون مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا. ان بعد ۱۲ سال روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي عورتن واري صفحي جي ايڊيٽر رهي. ڪجهه عرصو ”سوجهرو“ رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. نوي جي شروعاتي سالن ۾ روزاني اخبار ’جاڳو’ ۾ ۽ ان کان پوءِ ڳچ عرصو ’عوامي آواز‘ ۾ سندس ڪالم ’منهنجون سوچون‘ نالي سان ڇپيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون به ڇپجندا رهيا. هن ڪلاچيءَ جا لڳ ڀڳ ۴۰ شمارا جاري ڪيا. جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي چيف ايڊيٽر طور ٽيم جي رهنمائي ۽ نگراني ڪندي رهي آهي ، سنڌ جي هن پهرين سنڌي جامع انسائيڪلوپيڊيا جا ٽي جلد ( انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اشاعت سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جو پهريون جلد الف ب ٻ اکرن جي اٽڪل۳۵۰۰ داخلائن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جلد ۾ %۸۰ سنڌ سان لاڳاپيل مواد آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي، اديب، شاعر، عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون، هنر، ڳوٺ، ديهون، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ %۲۰ دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي. ۶۵۰ صفحن تي مشتمل هي اهم دستاويز ۱۰۰ گرام آرٽ پيپر تي چئن رنگن ۾ ڇپايو ويو آهي، ۽ ان جي قيمت صرف =/۷۵۰ روپيا رکي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين رنگين تصويرن سان آرٽ پيپر تي ڇپيل انسائيڪلوپيڊيا آهي. ڪتاب جون ۲۰۰۰ ڪاپيون ڇپايون ويون آهن مختلف ادارن ۽ علم دوست ماڻهن کي جلد آرڊر بڪ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي) سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيا آهن. انسائيڪلوپيڊيا کي ساڃاهه وند طبقي ۾ گهڻي پذيرائي ملي آهي. ڊسمبر ۲۰۱۰ع ۾ انهيءَ انسائيڪلوپيڊيا جي ٻن جلدن جو مهورت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ وقتي گورنر نثار کهڙي هٿان ٿيو. سن ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۹ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ’سنڌي اردو بول چال‘ نالي سنڌي سکيا جو پروگرام ڪيائين. ان کان پوءِ ۲۰۰۹ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’آئيي سنڌي سيکين‘ نالي پڻ سکيا جو پروگرام ڪيائين. ڪجهه عرصو پي ٽي وي تي ادبي ٽاڪ شوز ۽ خواتين جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪيائين. ڊاڪٽر فهميده حسين جا هن وقت تائين ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(۱) هوائن جي آڌار (سفر نامو) ۱۹۸۳ع،
(۲) پير حسام الدين راشدي (سوانح)
۱۹۹۰ع،
(۳) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو
روپ (پي ايڇ ڊي ٿيسز) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۱۹۹۳ع،
(۴) ادبي تنقيد ۽ تاريخ (ادبي تنقيد،
فن ۽ تاريخ) ۱۹۹۶ع،
(۵) شاهه لطيف ڪي شاعري مين عورت ڪا
روپ) (اردو) ۱۹۹۶ع،
(۶) برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
(جارج گريئرسن جي ڪتاب ’Linguistic Survey of India‘ جي اٺين جلد جو ترجمو) ۲۰۰۰ع، ٻيو ڇاپو ۲۰۱۱ع.
(۷) Image
of Woman in the Poetry of Shah Latif- 2002، انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج
(۸) هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون (ڪهاڻين جو
مجموعو) ۲۰۰۳ع،
(۹) دنيا جون شاعر عورتون (دنيا جي
شاعر عورتن جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو) ۲۰۰۶ع،
(۱۰) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (زندگي،
شاعري ۽ فلسفو: اردو) ۲۰۰۸ع.
ترتيب ڏنل ڪتاب:
(۱) Translation
of Verses of Shah jo Risalo (2006)،
(۲) سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل (۲۰۰۶ع)،
(۳) Sindh-
Past, Present & Future 2006، (4)
Dictionary of Classical
Poets of Sindhi (1989)،
(۵) مزاحمتي ادب (شريڪ ايڊيٽر طور)
۱۹۹۸ع،
(۶) Shah
& Sindh (1998)،
(۷) Poetry of Women during Last 50 Years in Sindh (1997)
ڊاڪٽر فهميده حسين کي سندس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا ئي اوارڊ ۽ ميڊل
مليا آهن. جن ۾:
(۱) حڪومت سنڌ طرفان تحقيقي ڪم تي
’جوش مليح آباد اوارڊ‘ (۲۰۰۹ع)؛
(۲) تعليمي خدمتن تي سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل (۲۰۰۸ع)؛
(۳) حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي اوارڊ
’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (۲۰۰۴ع)؛
(۴) اڪادمي ادبيات طرفان بهترين ڪتاب
جو اوارڊ (۲۰۰۴ع)؛
(۵) حڪومت سنڌ طرفان شاهه لطيف بابت
تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي مڃتا طؤر ’شاهه لطيف اوارڊ‘ (۲۰۰۳ع)؛
(۶) ’سگا‘ طرفان بهترين تحقيق جو اوارڊ
(۱۹۹۵ع)،
(۷) اڪادمي ادبيات پاران سال جي بهترين
ڪتاب تي ’هجرا اوارڊ ۱۴۱۴‘ (۱۹۹۴ع)؛
(۸) شاهه لطيف ۽ وومين اسٽڊيز تي بهترين
تحقيق جو اوارڊ (۱۹۹۴ع)،
(۹) سهيوڳ فائونڊيشن، بمبئي طرفان
بهترين سنڌي ليکڪ جو ’سهيوڳ اوارڊ‘،
(۱۰) ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۰ع تائين بهترين سماجي ڪارڪن ۽ عورتن
جي ترقيءَ بابت جاکوڙ تي ’سگا ايوارڊ‘ کانسواءِ کيس مڃتا طور مختلف تنظيمن ۽ ادارن
طرفان اوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا.
ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ليکڪائن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مختلف صنفن ۾ لاڳيتو لکندڙ
۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ واحد عورت آهي جنهن کي مختلف اشاعتي مواد توڙي تحقيقي لکڻين ۽ لغتن
جي ايڊيٽنگ جو ۲۵ سالن جو
تجربو حاصل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ليکڪه، شاعره، محقق، لسانياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن به
رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ سان گڏ ڪيترن ٻين ادارن جي بورڊ آف گورنرز جي
ميمبر پڻ رهي آهي.
(روزانه عبرت جي ٿورن سان.)
ڊاڪٽر فهميده حسين
منھنجي محسن استاد
طارق عزيز شيخ
استاد جي عظمت واري ڏينهن جي موقعي تي، سڄو ڏينهن، مون کي پنھنجي محسن
استاد، ڊاڪٽر فهميده حسين جي شخصيت، دل ۽ دماغ تي ڇانيل رھي. مئڊم فھميدہ جي
خاندان سان، اسان جي خاندان جو حيدرآباد ۾ پراڻو تعلق رھندو آيو ھو، خاص طور تي مئڊم
فھميدہ جي والد، محمد يعقوب ميمڻ سان منھنجي چاچا اسماعيل شيخ جي تمام سٺي دوستي
رھي. پر منھنجو تعلق مئڊم سان ۱۹۹۰ ۾ ڪراچي
يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ جڙيو. ھن ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن
کي لسانيات جو سبجيڪٽ پڙھايو. آئون به خوش قسمتيءَ سان انھن شاگردن منجھان ھڪ
آھيان، جن مئڊم کان فيض پرايو. سندن پڙھائڻ، سمجھائڻ ۽ لکڻ جو انداز اھڙو رھيو
آھي، جو سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ھجي، ان جي گرامر ھجي يا صوتي اثرات ھجي، مئڊم وٽ ھر
موضوع تحقيقي طريقي سان ملندو. مئڊم فھميدہ دور حاضر جي محققن ۾ اوليت رکي ٿي.
۱۹۹۸ ۾ مئڊم فھميدہ حسين، ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي
ڊائريڪٽر طور چارج سنڀالي. بطور اداري جي سربراهه لطيف چيئر کي متحرڪ بڻايائين.
ايندي شرط ئي ھن اشاعتي ڪم، سيمينار ۽ تحقيقي پراجيڪٽ شروع ڪرايا. لطيفيات جي زمري
۾ تحقيقي جرنل، شاھہ جو رسالو، تقابلي جائزو، لغت، موسيقي، ترجما ۽ نيوز ليٽر جاري
ڪرڻ جھڙا ڏکيا اشاعتي ڪم ڪيائين. ان اداري جي ريسرچ آفيسر طور مئڊم فھميدہ کان
تحقيقي ڪم سکڻ جو موقعو مليو. اداري جا اشاعتي ڪم پڻ منھنجي ذمي ھوندا ھئا. ان
دوران ڪڏهن ڪڏهن مئڊم فھميدہ جي طبيعت بہ ناساز رھندي ھئي پر ان جي باوجود ھن
باھمت خاتون ڪمن کي وقت سر مڪمل ڪيو. مئڊم فھميدہ کان مون سکيو ته جنھن ڪم ۾ ھٿ
وجھجي ان کي توڙ تائين پڄائجي.
ڊاڪٽر فهميده حسين کي ۲۰۰۸ ۾ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سربراهي سونپي وئي. ھيء ادارو مئڊم فھميدہ جي اچڻ کان اڳي ڊاڪٽر
غلام علي الانا جي زماني ۾ سٺي ڪارڪردگي وارو رھيو ھو ان کان پوءِ ڄڻ بيمار بڻجي
ويو ھو. مئڊم فھميدہ حسين اچڻ ساڻ ڪيئي پراجيڪٽ شروع ڪرايا. سندن سڀ وڏو ڪارنامو
انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ آهي. ھڪ ضخيم ۽ مشقت ڀريو ڪم ھو، جيڪو وڏي محنت سان ڪيائين.
ھن اسڪيم ۾ مئڊم مون کي پڻ ياد ڪيو ۽ ڪجھ واليمز ۾ منھنجون لکيل داخلائون پڻ شامل
آهن.
مون ذاتي طور تي مئڊم فھميدہ سان پنھنجي زندگيءَ جي ڏکين گهڙين ۾، ڪيئي ڀيرا،
اندر جو حال اوريو ۽ مئڊم مون کي مسئلن جو حل پنھنجي اولاد جيان سمجھايو. مئڊم، ھڪ
ھمدرد ۽ احساس ڪرڻ واري اھا استاد آھي، جنهن جي رھنمائي سبب، مون کي اڳتي وڌڻ ۾
مدد ملي. اڄوڪي استاد جي عظمت واري ڏينهن تي، آئون مئڊم فھميدہ حسين کي ان دعا سان
سلام پيش ڪريان ٿو ته ڌڻي پاڪ کين سدائين صحتياب ۽ خوش رکي.
(طارق عزيز شيخ جي فيسبڪ وال تان ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ڊاڪٽر فهميده حسين
سندس لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ عنوان سان پي ايڇ ڊي لاءِ
منظور ٿيل مقالو ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ۵۲۷ صفحن جو هيءُ ڪتاب ۱۹۹۳ع آگسٽ
۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي طرفان شاهه صاحب جي ٻه سؤ اوڻونجاهين ٻارهين جي موقعي
تي شايع ٿيو.
ڊاڪٽر فهميده حسين جو جنم ۵
جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ٽنڊو ڄام ۾ ٿيو. هن ايم اي
(انگريزي) ۽ ايم اي (سنڌي) کان پوءِ مٿئين عنوان تي ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ
جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر فهميده جي ادبي سفر جي شروعات مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي
ثيت سان ٿي. اڳيان هلي سندن لاڙو تحقيق ڏي مائل ٿي ويو. ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاهه لطيف
کي شاعري مين عورت کا روپ“، پير حسام الدين راشدي، هوائن جي آڌار (سفرنامو) ”ادبي
تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”دنيا جون شاعر عورتون“ (عورت شاعرائن جي چونڊ شاعري)”برصغير
جي ٻولين جو لسانياتي جائزو. (ترجمو)، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ (ڪهاڻيون)، ”جان جان
هئي جيئري“ (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب آهن،
مقالي جي بابن جا عنوان هن ريت آهن.
باب پهريون: عورت جي عنوان سان ۾ انساني ارتقا بابت نظرين مان، عورت بابت
نظريا، قديم انساني سماجن ۾ عورت مرد جا تعلقات، دنيا جي ڪجهه قديم سڌريل سماجن ۾
عورت، عرب سماج ۾ عورت (اسلام کان اڳ ۽ پوءِ) ۽ هند ۽ سنڌ ۾ عورت جو ذڪر شامل آهي.
باب ٻيو: ”شاعري“ ۾ لوڪ ادب ۾ عورت جو روپ، روايتي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ
شاهه لطيف جي شاعريءَ کان اڳ جي اساسي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ آهن.
باب ٽيون: ”شاهه عبداللطيف“۾ شاهه جو دور، شاهه جي حياتي ۽ ان ۾ آيل عورتن
جو احوال شاهه جي شاعريءَ جون خوبيون آهن.
باب چوٿون: ”شاهه جون سورميون“ ۾ شاهه جي سورمين مارئي، سسئي، سهڻي، نوري،
مومل، ليلا ۽ سورٺ جي ڪردار نگاريءَ تي بحث ڪيل آهي.
باب پنجون: ”ٻين ڪجهه سُرن ۾ عورت جو ڪردار جي عنوان هيٺ سُر کنڀات، سر
سارنگ، سر ساموندي جون وڻجاريون ڪاپائتيءَ جو ڪٽڻ واريون، ڪيڏاري جون بهادر عورتون
۽ موکيءَ جي ڪردار جي اپٽار ڪيل آهي.
باب ڇهون: ”شاهه جي پيش ڪيل عورت جو روپ“ جا ذيلي عنوان آهن، ”شاهه جي
شاعري ۽ عورت“، ”شاهه جون سورميون ۽ عشق“.
تحقيق مان چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا،
”عورت جڳن کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آهي.
هن بي انت مصيبتون ۽ مشڪلاتون سٺيون آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾ سڌريل توڻي اڻ سڌريل
سماجن ۾ هن لاءِ عجيب و غريب مفروضا گهڙي هن کي ڪمزور ناپاڪ، ڪمتر ۽ نڀاڳي ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. (ص-۳۲)
تاريخي دورن جي حوالي سان عورت جي حيثيت تي بحث ڪندي لکيو اٿس ته، ”سنڌ ۾
سومرن ۽ سمن جون حڪومتون خالص مڪاني هيون. هن دور جي عورت جو ڪردار انهيءَ دور جي
شاعريءَ ۾ واضح آهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ عورتن جي حالت جو نقشو انگريز سياحن
۽ حڪومت جي ڪارندن جي احوالن مان ڏسي سگهجي ٿو“. سندن موجب ته، ”سڀني کان وڌيڪ ڪلهوڙن
سنڌين کي نقصان پهچايو جو هنن مذهب جو استعمال ڪندڙ ماڪڙ جي اچڻ کي همٿايو، جن ماڻهن
جو اَلهه تلهه ڦري ٿي ورتو. ظاهر آهي جڏهن عام ماڻهو معاشي طور تباهه حال هوندو ته
وهمن وسوسن، ۽ غلط رسمن ۾ پناهه ڳوليندو ۽ سندن عورتون پڻ ساڳي پستيءَ ۾ هونديون“.
(ص-۸۳)
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار جي موجودگيءَ کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلاسيڪي
لفظ جي وضاحت هن ريت آهي؛
”لفظ ”ڪلاسيڪي“ پنهنجي معنويت جي لحاظ کان خاص ڪري آرٽ جي حوالي
سان پرکبو ته محسوس ٿيندو ته اهو وقت (زمان) ۽ هنڌ (مڪان) جي ٻنڌڻن کان آزاد فن
لاءِ استعمال ٿئي ٿو. وقت جهڙي هڪ سگهاري قوت فنڪار جي جسم کي ته فنا ڪريو ڇڏي پر
سندس فن ۽ ان حوالي سان سندس نالي کي بقا بخشي ٿي. اهي فني تخليقون ۽ عظيم ادبي
شاهڪار جيڪي هميشه زنده رهڻ جي سگهه رکندا هجن ۽ وقت کي ماري مات ڪرڻ جي قوت منجهن
هجي. انهن کي ڪلاسڪ جو درجو ملندو آهي. “(ص-۱۴۰)
ڊاڪٽر فهميده شاهه صاحب جي ٻين سُرن ۾ آيل عورتن جي ڪردار نگاريءَ ۾ موکيءَ
لاءِ لکيو آهي ته،
”شاهه صاحب شراب جي بٺي ۽ هٽ هلائيندڙ عورت کي ڪريل ڪردار جو انسان
سمجهڻ جي بدران سندس سچائيءَ جو قائل آهي. هو موکي ۽ متارن جي وچ ۾ ويساهه، خلوص ۽
پنهنجائپ جي ان رشتي کي ٿو ڏسي، جنهن سبب متارا زهر مليل شراب به پي ويا ۽ جي مئا
ته ان زهر کان نه پر ويساهه ٽٽڻ سببان مئا. اها شاهه صاحب جي ذهني وسعت ۽ روشن
خيالي آهي ۽ سندس نظر ۾ عورت جي عزت آهي جو هن موکيءَ کي روايتي ساقيءَ واري ڪا به
خصوصيت ڪا نه ڏني. “
تحقيق جا اهم نڪتا:
* شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻن هنڌن تي خود کي عورت جي روپ ۾ آڻي
محبوب کي مرد جو روپ ڏيئي، ڪلام فرمايو آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن عورت
ذات خاص طور سنڌي عورت جي نفسيات جو عام ماڻهن کان وڌيڪ گهرو مطالعو ڪيو آهي. هو
عورت جي حساس جذبن جو نه فقط امين آهي. بلڪه هو انهن جي احساسن جو پيامبر به آهي.
* هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌي عورت کي وڏي عظمت ڏني آهي، پنهنجي
سورمين جي خطائن جي به خطا پوشي ڪئي آهي.
* شاهه صاحب سورمين جي سيرت نگاري سهڻائيءَ سان ثابت ڪرڻ لاءِ سندن
مثبت روين کي وڌيڪ سهڻن ۽ اثرانگيز لفظن جي گهاڙيٽن سان بيتن ۾ پيش ڪيو آهي،
* شاه صاحب جتي پنهنجي ڪردارن ۾ عورت جي اندر جي سونهن کي ساراهيو
آهي اتي انهن جون ڪي غلطيون آهن ته کين تنبيهه به ڪئي آهي، پر لطيف سرڪار عورت جي
عزت نفس کي مٿانهون رکيو آهي.
* مارئي وٽس، ڪردار جي بلندي، حب الوطني، ارادي جي مضبوطي ۽ مستقل
مزاجيءَ جي مظهر آهي. سسئيءَ جي اڻ ڳڻت ڏکن، همت ۽ جرئت شاهه جي نظر ۾ سڀني سورمين
کان مٿانهون مقام ماڻيو آهي. نوريءَ جي نياز ۽ نِوڙت، صبر ۽ خودداريءَ سببان هوءَ
هڪ آدرشي ڪردار آهي. مومل جي هلڪي ۽ ناز نخري واري طبيعت جي باوجود به سندس ظاهري
سونهن ۽ ٻين خوبين کي اجاگر ڪندي کيس مان ۽ مرتبي واري سورمي بنايو آهي. سهڻي جي
فطري حق (پسند جي شادي) کي شاهه صاحب بداخلاقي نٿو سمجهي، هو عورت جي حقن جو محافظ
۽ علمبردار آهي.
شاهه صاحب ليلان کي سندس ڪوتاهيءَ تي ليلائڻ ۽ پڇتائڻ جا نصيحتي سبق ڏيئي
دلداريون ڏنيون آهن. سندس هستيءَ کي نابود ٿيڻ ۽ ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اميدن جا تصور
۽ مداين جي ميٽجڻ جون آسون پيدا ڪيون آهن.
سورٺ جي ڪردار کي شاه سائينءَ هڪ وفادار ۽ وَرَ جي رضا ۾ راضي رهڻ واري
عورت ڏسيو آهي، سورٺ کي شاهه صاحب پاڻ وهيڻي نه بلڪه هڪ پتي ورتا عورت بيان ڪيو
آهي.
ڊاڪٽر فهميده جو هي مقالو معلومات جي لحاظ کان پنهنجي موضوع سان انصاف ڪندڙ
آهي. شاهه صاحب جي بيتن جو موقعي ۽ مطلب مطابق ڪارائتو استعمال ڏنل آهي. هن تحقيق
جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما موجود آهن.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا