; سنڌي شخصيتون: شاهنواز جوڻيجو

29 July, 2016

شاهنواز جوڻيجو


شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو - ورسيءَ جي مناسبت سان
نور سنڌي
سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه ۽ وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجي جي وفات کي ۱۴ سال گذري ويا آھن پر اڃا تائين يقين نٿو اچي ته ڪو ھو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون، منجهس جيڪي خوبيون هيون، اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين ماڻهو هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نيازمندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ کان ڏاڍو متاثر هو. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مخدوم هائوس تي ضرور ويندو هو. بعد ۾ هو مخدوم هائوس تي فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو. مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفاڻا ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ جي ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا.


شاهنوار جوڻيجو سنڌ جو غير روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀايو، جهن جي ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ سميت بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو، اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا، هن پنهنجي عملن سان ڪئين ڀيرا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيسين هو زنده آهي، ايستائين پنهنجي دوستن، واسطيدار ماڻهن کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه ڏيندو، هڪ دفعي هن دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مون زندگي ۾ عشق جي حد تائين ٽن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان ۽ فدا حسين ڏيرو شامل آھن.
شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪنڌ تي پيون، پاڻ جيترو دلير هو، ايترو اصول پرست هو، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهُڪڻ نه سکيو هو. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙندا هئا، انهن جي تصور ۾ اها ڳالهه هئي ته هو ڏوهارين جي سرپرستي ڪري ٿو، پر اڳتي هلي جڏهن ۲۰۰۱ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جون ڪجهه معزز شخصيتون امام الدين شوقين، وهاب انصاري، حسن جميل، فريد طاهر ۽ ٻين شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهرائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ شهري ساڻس محبت ڪرڻ لڳا ۽ شهرين پاران کيس عوام دوست شخصيت، عوام جي بلاامتياز خدمت ڪرڻ جي اعتراف طور هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو. شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ ۱۹۶۲ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪئي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو، بعد ۾ جڏهن پ پ جو بنياد پيو ته پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۸۸ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو پر ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو. ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق علي خان جي نگران وزيراعليٰ هئڻ دوران ٿيل عام چونڊن ۾ ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام معشوق علي خان جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو، ڄام معشوق علي خان ڪامياب ٿيو، بعد ۾ ڄام صادق علي خان جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي پ پ پاران شاهنواز جوڻيجو کي مضبوط ۽ دلير اميدوار محسوس ڪندي ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام عاشق علي خان جي سامهون بيهاريو ويو ۽ ان چونڊ ۾ به حڪمرانن ڏنڊي جي زور تي ڄام عاشق علي کي ڪامياب ڪرايو. ۱۹۹۳ع ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني وئي، اتان کان پ پ پ ضلعي قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا، بعد ۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ شاهنواز کي ڏني ويئي. شاهنواز جوڻيجو پ پ لاءِ قربانيون ڏنيون، پارٽي ۾ سندس ڊگهي جدوجهد شامل رھي، پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ ۶ سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس ۶ حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو، کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه مڙس ماڻهو اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي، حالانڪه ڄام دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق علي جا جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ م شامل ٿي ويا. ڄام صادق جي وفات بعد هو وري پاڻ کي پ پ جا سياسي وارث محسوس ڪندي پ پ ۾ واپس آيا، شاهنواز جوڻيجو هڪ سنڌ جي روايتي وڏيري کان هٽي ڪري ڀلوڙ سياستدان به هو، هن جي پنهنجي حيثيت به هئي، ان جو اندازو پ پ قيادت کان ناراض ٿي الڳ حيثيت ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي ٽنڊو آدم جي ۱۰ يوسين مان ۶ تي پنهنجا ناظم جوڙا ڪامياب ڪرايا، عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ف) سان اتحاد ڪري ضلعي جون قومي ۽ صوبائي تمام سيٽون حاصل ڪري ورتيون، سندس اهڙي حڪمت عملي ۽ سياسي بصيرت تي سندس سياسي مخالف به تعريف ڪرڻ لڳا. شاهنواز جوڻيجو ڪچهرين جو ڪوڏيو، محفلن جو مور، ڳالهين جو ڳهير، هڪ سچو ۽ سچ چوڻ وارو کرو انسان هو، منافقي سندس طبيعت ۾ شامل نه هئي، سندس انهن خوبين کي پير سائين پاڳارو، مخدوم امين فهيم، سنڌ ۽ بلوچستان جا سردار ۽ وڏيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون به ساراهيندي کيس پسند ڪنديون هيون.
شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ بلوچستان سئو سئو خونن، قبائلي جهيڙن ڪارو ڪاري ۽ ٻين تڪرارن جي نبيرن وارا فيصلا اهڙي خوبصورتي ۽ حڪمت عملي سان ڪيا، جنهن کيس سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. شاهنواز جوڻيجو، پير صاحب پاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، بيگم نصرت ڀٽو، ڄام صادق علي خان جي ويجهو رهيو، جڏهن ته مشهور شخصيتن، خان ولي خان مرحوم، مير رسول بخش ٽالپر، خير بخش مري، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، شير باز خان مزاري، پروفيسر غفور، سائين جي ايم سيد، حفيظ پيرزادو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين سان به ويجهو رهيو. انهن مان اڪثر سندس جيل جا ساٿي رهيا. شاهنواز جوڻيجو جي تعليم ٽن درجن کان به گهٽ هئي پر پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون پڙهي ويندو هئا. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند ۱۴ جولاءِ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو، پر اڄ به هو پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ سندس ڪردار هميشه تاريخ ۾ زنده رهندو.



شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
نويد هيسباڻي
۱۹۳۲ع ۾ ٽنڊو آدم لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي سنجر خان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شاهنواز جوڻيجي ۱۹۶۲ع ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ڪلچر ۽ سياست جو هڪ نرالو ڪردار هو، راڄ ڀاڳ ۾ ايمان رکندڙ ۽ وفاقي پارٽي ۾ هوندي به سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏيندو هو. هن ڪڏهن به سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ چوندو هو ته قومپرست وقتي طور تي گڏجي وڃن ٿا پر قومپرستن ۾ نيڪ نيتي هج ته هو سنڌ جا حق حاصل ڪري سگهن ٿا. پهريون ڀيرو ڀٽو دؤر ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ڊي پي آر تحت کيس جيل موڪليو ويو. ۱۹۷۷ع تائين ۲ سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ضياءُالحق، شهيد ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽ شهيد ڀٽو خلاف هن مشهور حُر ڪيس کوليو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڀٽو صاحب مٿان شاهدي لاءِ چيو هو پر هن کيس ٺپ جواب ڏنو هو، جنهن ڪري سزا طور کيس جيل ڀوڳڻو پيو. ۱۹۸۱ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ جهاز هائي جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به هن ڏيڍ سال جيل ڪاٽيو. جيتوڻيڪ ڄام صادق علي سندس ننڍپڻ جو دوست هو ، ان شاهنواز جوڻيجو کي پ پ ڇڏي ساڻس گڏجي هلڻ جو چيو ۽ انڪار تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل ڪيس ۾ کيس ڏيڍ سال جيل ۾ بند ڪيو. شاهنواز جوڻيجو ڀٽو دؤر کان وٺي مشرف دؤر تائين جيل ڪاٽيا پر پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هو جيلن ۾ هوندي به جيل جي قيدين ۽ جيل انتظاميه جي تڪرارن جا فيصلا ڪندو هو. جيل ۾ هن جي ملڪ جي ناليواري سياستدانن سان دوستي پڻ ٿي. هي غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مجتبيٰ جتوئي، مير هزار خان بجاراڻي، سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مخدوم خليق الزمان، پروفيسر غفور احمد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، اقبال حيدر، مير رسول بخش ٽالپر، منظور وساڻ، مشهور ليکڪ طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن سياستدانن ۽ ورڪرن سان جيل ۾ رهيو. سندس فيصلن جي شروعات ڦوهه جوانيءَ کان ان وقت شروع ٿي جڏهن سندس ڳوٺ ۾ هڪ چوري جي شڪايت وٽس آئي. ان فيصلي بعد هن وٽ راڄن ڀاڳن جا فيصلا ٿيڻ لڳا، هي سنڌ ڇا بلوچستان پنجاب تائين فيصلا ڪرڻ ويندو هو. جتوئي مهر تڪرار هجي يا مارفاڻي بروهي جهيڙو هجي يا مهر چاچڙ تڪرار هجي، اهڙا هزارين فيصلا شاهنواز جوڻيجو جي ذهانت جي ڪمال سان حل ٿيا. هو وڏن ماڻهن، سرمائيدارن ۽ زميندارن سان دوستي هجڻ باوجود غريبن سان گهڻي محبت ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به پاڻ کي وڏيرو نه سڏائيندو هو. ڪچهرين ۾ ماڻهو کيس چوندا هئا ته توهان کي اقتدار ۾ ڪافي موقعا مليا آهن، توهان پنهنجي لاءِ ڪجهه ملڪيت ڇو نه ٿا ٺاهيو، جنهن تي مرڪندي چوندو هو ته، منهنجي ملڪيت هي غريب عوام آهي جن وٽ ملڪيت آهي انهن کي رات جو سڪون سان ننڊ به نٿي اچي، آئون اهڙي ملڪيت ڇو گڏ ڪيان جيڪا منهنجو سڪون برباد ڪري. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي وڏي پٽ روشن الدين جوڻيجو کي ضلعي ناظم سانگهڙ ۽ پنهنجي ٻئي پٽ محمد خان جوڻيجو کي ايم اين اي ۽ سندس دوست ۽ مشهور ڪاروباري صنعتڪار ملڪ امام الدين شوقين کي ايم پي اي چونڊرايو ۽ اڄ سندس وڏو پٽ روشن الدين جوڻيجو ايم اين اي آهي. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي جواني کان آخر تائين ڀلن گهوڙن جو شوق ۽ ذوق رکندو هو. سنڌ سونهاري جو شايد ئي ڪو اهڙو ميلو هوندو جنهن ۾ سندس گهوڙن ڊوڙون نه پاتيون هجن. شاهنواز جوڻيجو سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي راڄ کي پنهنجو سمجهندو هو. هر ننڍي توڙي وڏي سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندڙ خوش مزاج مٿير مڙس کي اڄ به ماڻهو ڪچهرين ۾ حوالي طور ياد ڪن ٿا، ڇو ته هو هڪ نه وسرندڙ شخصيت هو. اڄ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڇهين ورسي آهي، جنهن لاءِ سنجر جوڻيجو ۾ ۶۰ هزار ماڻهن جي ويهڻ ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اهڙا عظيم سياستدان سچ پچ اسان لاءِ وڏو مثال آهن.



شاھنواز جوڻيجو
سياست جون سزائون ڪاٽيندڙ شخصيت
نواز ڪنڀر
اڄ ڪلھه سانگھڙ ضلعو سياست جي ميدان ۾ پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ توڙي پي ٽي آءِ جي اُميدن ۽ توجهه جو مرڪز بڻيل آھي. انھيءَ ضلعي ۾ ڪنھن به پارٽيءَ جي کٽڻ ۽ ھارائڻ جو گھڻي ڀاڱي دارومدار، جوڻيجا برادري تي به آھي. ھونئن ته ان ۾ ڪيترين ئي اھم شخصيتن جو حصو آھي، پر جوڻيجن جي ھن ضلعي تي حڪمراني برقرار رکڻ ۾ جيڪڏھن ھڪ شخصيت جو ذڪر نه ڪبو ته جوڻيجن جي اثر رسوخ واري ڪھاڻي اڌوري ئي رھندي. اھا شخصيت ھئي سنڌ ۾ ڪلاسيڪل وڏيري طور مشھور چاچا شاھنواز جوڻيجي جي، جنھن جي تازو (۱۴-۰۷-۲۰۱۷ تي) ٻارھين ورسي ملھائي وئي.
چاچي شاھنواز نه صرف ضلعي ۾ جوڻيجا برادري جي اثر رسوخ کي قائم رکيو ۽ ان کي وڌايو، بلڪ ھُن صوبي ۽ ملڪي سطح تي ڪيترا ئي اھڙا ڪم ڪيا، جيڪي ھميشه ياد رھندا. سال ۱۹۳۲ع ڌاري پيدا ٿيندڙ شاھنواز جوڻيجي، جيتوڻيڪ باقاعدي سياست جي شروعات ۱۹۶۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر طور چونڊجڻ سان ڪئي ۽ ان بعد ھو پي پي پي جي قيام کان پوءِ مخدوم صاحبن سان ويجھڙائي سبب پي پي پي ۾ شامل ٿيو.
ان کان اڳ ھو ۱۹۴۲ع واري حُر مارشل لا ۾ حُرن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ۱۴ سالن جي عمر ۾ ۸ مھينا انگريز سرڪار جو سرڪاري مھمان به بڻيو. سرڪاري مھمان ته خير چاچو ۱۹۷۶ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ DPR تحت ٻه سال به رھيو ته سانگھڙ ۾ علي بخش جوڻيجي جي قتل بعد سندس پلاند ۾ قتل ٿيل حُرن ۽ امين فقير منڱريي جي قتل جي الزام ۾ به ھو جيل ۾ رھيو، پر ڪا پڪي پختي شاھدي نه ھجڻ سبب آزاد ٿيو. سال ۱۹۸۱ع ۾ الذوالفقار تنظيم پاران اغوا ڪيل مشھور جھاز ڪيس ۾ ھڪ سال جيل ڪاٽيائين. اھڙيءَ طرح شاھنواز جوڻيجي ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ملٽري ڪورٽ پاران ۱۲ مھينا قيد ۽ ۵ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڀوڳي. ڀٽي صاحب خلاف شاھدي نه ڏيڻ تي به کيس ۴ سال قيد ڀوڳڻو پيو ته ۱۹۹۰ع ۾ پي پي پي نه ڇڏڻ تي به ايم ڪيو ايم جي ۳۰ ڪارڪنن جي قتل ڪيس ۾ مرحوم ڄام صادق علي کيس سرڪاري مھمان بڻايو.
اھو منظر به ڏسڻ وٽان ھو جڏھن چاچو شاھنواز جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ڄام نفيس جي والد ڄام شير علي جي گاڏي ۾ چڙھي جيل کان سڌو بيماري جي بستري ڀيڙي ٿيل سنڌ جي وزير اعليٰ ڄام صادق علي سان وڃي مليو! پوءِ اُتي ڇا وھيو واپريو، اھو ڪنھن ٻئي ڀيري.
اھڙيءَ طرح ھن رسول بخش پليجي پاران ڪالا باغ ڊيم خلاف ڀٽ شاھه ۾ نڪتل ريلي ۾ شامل ٿيڻ تي تقريباً ۳ مھينا جيل ڪاٽيائين. جنھن ۾ مزي جي ڳالھه ته پليجو صاحب ته شروع ۾ ئي آزاد ٿي ويو، پر چاچو شاھنواز جيل ڪاٽيندو رھيو!
چاچا شاھنواز جوڻيجي ملڪ گير شھرت ۱۹۸۸ع ۾ شھدادپور ٽنڊوآدم واري قومي اسيمبلي واري سيٽ تان اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سان نه صرف مقابلو ڪري، بلڪ کيس وڏي مارجن تان ھارائڻ سان حاصل ڪئي. محترمه جي ڪابينا ۾ بلديات جو مملڪتي وزير رھندڙ چاچا شاھنواز جوڻيجو، سال ۱۹۹۶ع ۾ پي پي پي پاران سينيٽر به ٿيو. ضلعي ۾ ڪنگ ميڪر جو درجو رکندڙ ۽ ضلعي جي سياست تي اثر رکندڙ، پر مخالف پارٽين سان وابستا پير صاحب پاڳارو شاھه مردان شاھه ۽ مخدوم امين فھيم سان ڪافي گھڻي ويجھڙائي رکندڙ شاھنواز جوڻيجي سياست ۾ ڪيترا ئي مثال قائم ڪيا. ھو واحد اڳواڻ ھو، جنھن شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن ورڻ تي وٽس وڃي، ڀٽي صاحب جي تعزيت ڪئي ھئي. جنھن تي کيس پارٽي ۾ ڪافي ڀوڳڻو به پيو ھو. ان کان علاوه چاچو شاھنواز جيئن ته سنڌ جي حقن جي حوالي سان ڏاڍي سڄاڻ شخصيت ھئي، ان ڪري ھو جي ايم سيد جي سالگرھه جي تقريبن ۾ شريڪ رھيو. ايستائين جو ھو وفاقي وزير ھوندي به محترمه جي اجازت سان سالگراھن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. هن جا سائين جي ايم سيد سان ويجھڙائي وارا تعلقات ھئا. جنھن جو اندازو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته سائين، چاچي جي سام به سال تائين پاڻ وٽ رکي ھئي!
ائين چاچي شاھنواز جوڻيجي، نه صرف سياست جي ميدان، پر راڄوڻي فيصلن ۾ به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي تاريخي فيصلا ڪرايا. جنھن ۾ خاص ڪري مختلف برادرين جا قبيلائي تڪرار نبيرڻ وارا فيصلا ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ تي ڏنڊ وارا فيصلا قابلِ ذڪر آھن. جيڪڏھن چاچي شاھنواز جوڻيجي جي انھن فيصلن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏني وڃي ته راڄوڻي فيصلن جي حوالي سان ھڪ الڳ تاريخ جُڙي سگھي ٿي. چاچي وٽ اھي فيصلا نه صرف راڄ برادرين ۽ فردن جي سطح تي ايندا ھئا، بلڪ ڪورٽن ۽ سرڪاري ادارن پاران به منجھيل فيصلا چاچي ڏانھن اُماڻيا ويندا ھئا.
ڪتاب ته چاچي جي زندگيءَ تي انھن ڪيترين ئي ڪيسٽن تان مواد کي اُتاري تيار ڪري سگھجي ٿو، جيڪي ڪيسٽون سندس انٽرويوز تي مشتمل آھن. اھي انٽرويوز سندس گھر ۾ ئي ڪيا ويل ٻڌجن ٿا!
چاچي پاران تعلقات ۽ دوستي نڀائڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھو آخري ڀيرو علاج لاءِ دبئي ۽ اُتان سينگاپور ويندي ۽ شايد سفرِ آخرت جا پُور پوڻ سبب، پنھنجي پُراڻي دوست ۽ پوءِ سياسي مخالف بڻجي ويل فدا حُسين ڏيري صاحب وٽ به لنگھي ويو. پر افسوس جو مختلف خاندانن ۽ برادرين کي پاڻ ۾ ملائيندڙ چاچي جي نصيب ۾ اھا آخري ملاقات لکيل نه ھئي! نه صرف ايترو، پر سنڌ جي ھڪ تمام وڏي نالي واري ليکڪ جي سڄي ملڪ ۾ مشھوري ماڻيندڙ ھڪ ٽي وي ڊرامي لاءِ چون ٿا ته اھا اسٽوري به، چاچا شاھنواز جوڻيجي ئي ليکڪ کي ڏني ھئي.



شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
مير نادر علي ابڙو
سنڌ اوليائن ۽ بزرگن جي سرزمين طور ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙن ڪردارن پاڻ ملهايو، جن کي وسارڻ باوجود به اهي چهرا سنڌي عوام جي ذهنن تان پردو ناهي ڪري سگهندا. انهن چهرن مان سنڌ جو مهان چهرو چاچا مرحوم شاهنواز جوڻيجو به هڪ آهي. هن جا عڪس اڄ به سنڌ جي هر طبقي جي نيڻن ۾ سمايل نظر ايندا آهن. هن سنڌ جي وڏيرڪي طبقي ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. منجهن بي پناهه خوبيون ۽ صلاحيتون سمايل هيون. انتهائي محبتي ۽ بي پناهه پيار ڪندڙ انسان هو. هو شروع کان آخر تائين انسانيت جي بقا لاءِ جهاد جاري رکندو آيو. هن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ساهي نه پٽي. هن جي اندر ۾ محبت جو جذبو ۽ بي پناهه قوت هر وقت ڪنهن حاصلات ۾ پتوڙيندي نظر ايندي هئي. چاچا شاهنواز سان منهنجي پهرين ملاقات سن ۲۰۰۳ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ هئس ۽ صوبائي صلاحڪار فقير محمد جادم منڱريو جي والده ماجده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويو هئس ته اتي کائنس ڪجهه پلن لاءِ ڪچهري ٿي. بعد ۾ پاڻ مونکي ڳوٺ اچڻ جي دعوت به ڏنائون. ساڻس اها منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. تنهن بعد زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن اهڙو موقعو نصيب نه ٿيو. سياسي ميدان ۾ پاڻ ڪنهن کان پوئتي نظر نه آيو. پاڻ سنڌ جي غريب عوام جي حقن حاصلات لاءِ سياست ۾ ڀرپور سياسي قوت سان لٿو ۽ مختلف پارٽين ۾ رهيو. سياسي ميدان ۾ ساڻس وڏا وڏا ليڊر به بحث ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. پاڻ، سچو، کرو ۽ کير کان به وڌيڪ صاف شفاف انسان هو. جيڪا ڳالهه سامهون ايندي هئي سا چئي ڏيندو هو. هن جي انهيءَ عادت ڪارڻ ڪافي دوست رسندا به هيا پر پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف ۽ اصولن تي سودو نه ڪندو هو ۽ نه ئي همت هاري. هو هر مامري کي هر وقت مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سنبريو بيٺو هوندو هو.
چاچا شاهنواز خان جوڻيجي جي زندگي ۾ شروع کان آخر تائين عجيب رنگ رهيا. پاڻ گهوڙن جي ريس کان ويندي ڪڪڙن جي ميل ۽ ڪتن جي شڪار جا به تمام وڏا شوقين هئا. غريب غربي جي مدد ڪرڻ، کيس انصاف وٺرائي ڏيڻ، حق تي فيصلا ڪرائڻ، هر سڏ ۾ گڏ انهن ساڻ هجڻ هن جي وڏي خوبي چئي ويندي هئي. هن جي اوطاق ڪچهري جي ڪوڏين لاءِ انتهائي راحت ڀري ثابت ٿيندي هئي. هن ماڻهو ۾ فيصلا ڪرڻ جي جرئت ۽ ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جو بي پناهه فن هو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري سندس شخصيت سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کيس سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب ڏنو. اهو لقب هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. پر اڄ سنڌ جو اهو ڪلاسيڪل وڏيرو اسان کان وڇڙي چڪو آهي، تنهن بعد وري ڪو اهڙو وڏيرو اسان کي نظر نه آيو. جيڪو اهڙي  پروقار شخصيت جو مالڪ هجي. اڄ اسان وٽ وڏيري لفظ کان ماڻهو خوف کائين ٿا، ڇو جو ان لفظ کي زيادتين جي حوالي سان تمام گهڻو ياد ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪارڻ هن لفظ جي اسان وٽ اهميت به ڪري پئي آهي.
بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان چاچا شاهنواز جوڻيجو جو انتهائي ويجهو لاڳاپو رهيو ۽ اڪثر پاڻ سندن ذڪر ڪندا هئا. هو اڄوڪي سنڌ جو اڪيلو ڪلاسيڪل وڏيرو هو. مونکي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اسان ماڻهو خوشنصيب ۽ سنڌ ڌرتي مهان آهي جنهن جي پيٽ مان انهن ديوتا نما انسانن جنم ورتو، جن جا نغما اڄ پوري سنڌ ۾ جهونگاريا وڃن ٿا، اهي ماڻهو اسان وٽ ناهن رهيا پر انهن جون يادون، خيال ۽ سپنا اسان جي چوگرد گهمن ٿا ۽ اسان کي سندن  هر هر يادگيريون اچن ٿيون ته اوهان آهيو ڪٿي ۽ هي ڇا پيا ڪيو؟ اسان جو ڏنل درس ڇا اوهان کان وسري ويو آهي؟ اهي ڳالهيون زندگي جي حسين لمحن ۾ سدائين يادن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏينديون آهن.
اڄ چاچا شاهنواز خان جوڻيجو جي ٻي ورسي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن تي منهنجي سنڌ جي سمورن سڄاڻ سلجهيل طبقن، اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن، قلمڪارن ۽ سماجي اڳواڻن کي اها وينتي آهي ته پنهنجي مهان ماڻهن کي سڃاڻو ۽ انهن جي پرگهور لهو، ڇو جو اهي چهرا سنڌ جو لازوال خزانو آهن.

(تعمير سنڌ، خبرون، هلال پاڪستان، سڪار، سنڌو، فيصلو، مقدمو ، هلچل، عبرت، ڪاوش)




شاھنواز جوڻيجو
سنڌ جي روايتن سان نڀائيندڙ ڪردار!
نور سنڌي
چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ عام زميندار هو، ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخص هو. پاڻ سنڌ ۾ هڪ روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀائيندو آيو، جنهن ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو.
شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. چاچو شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا.
شاهنواز جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون. پارٽي ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل هئي. پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ ۶ سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس ۶ حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آفرون ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو، کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه، مڙس ماڻهو، اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي. حالانڪه ڄام دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق علي جي جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿي ويا.
پاڻ سنڌ جي بزرگن جي ميلن ۾ يا عيد جي ڏينهن تي ٽنڊو آدم، ريس ڪورس ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجا گهوڙا پاڻ ڊوڙائيندو هو، گهوڙي سواري ۾ پير سائين پاڳارو به سندس تعريف ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو جي شوقن ۾ تترن جو شڪار به شامل هو، پاڻ اڪثر مخدوم امين فهيم، مخدوم اعجاز مرحوم، مخدوم خليق الزمان ۽ ٻين سان گڏ تترن جا شڪار ڪيا ۽ جڏهن چاچو شاهنواز دوستن ۾ ويهي شڪار جون ڳالهيون ڪندو هو ته ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا هئا، جهڙوڪ تترن جي شڪار تي هو ساڻس گڏ هجن. سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچن ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند ۱۴ جولاءِ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽُٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. شاهنواز جوڻيجو دم ڌڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ٽيسٽن بعد خبر پئي ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي، کيس مخدوم امين فهيم ضروري ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ دبئي وٺي ويو، جتي به سندس وڌيڪ ٽيسٽون ڪري سنگاپور اسپتال جي هڪ اسپتال لاءِ ريفر ڪيو ويو. دبئي مان به مخدوم امين فهيم کيس سنگاپور اسپتال وٺي ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اڄ سندس ۱۲هين ورسي اباڻي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي پئي  وڃي.



شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
سليمان ساند
سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري طور ڄاتو سڃاتو ويندڙ شاهنواز جوڻيجو کي اسان کان وڇڙئي يارنهن سال گذري چڪا آهن پر اڄ به اهو ڪنهن اتان جي غريب اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهو کان وسري نه سگهيو آهي.
۱۹۳۲ع ڌاري وڏيري حاجي سنجهي خان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ چاچو شاهنواز جوڻيجو ايترو وڏو زميندار به نه هيو. پر سٺي مڇي مانيءَ وارو هو. سندس والد حاجي سنجر خان پنهنجي ڳوٺ ۾ سندس اوطاق ۾ هر وقت ماڻهن جون ڪچهريون هونديون هيون. اوطاق تي آيل مهمانن کي اول ماني ٽڪر هنڌ بسترو ڏئي پوءِ حال احوال وٺندو هو. پر حاجي سنجر خان وفات ڪئي ته پوءِ راڄ ڀاڳ، اوطاق ۽گهر جو سڄو وزن چاچا شاهنواز پنهنجن ڪلهن تي کنيو. ۽ ماڻهن جا ميلا اڳ کان به وڌيڪ مچائي ڇڏيا. چاچا شاهنواز جوڻيجو، امير ماڻهن کان وڌيڪ مسڪين، غريب ۽ لاچار ماڻهن کي نهايت ادب، اخلاق ۽ نوڙت جي نظر سان ڏسندا هئا. فيصلا ته هن جي والد کان ٿيندا اچن پيا.پر هن فيصلن جي امين جا فيصلا به ڪافي عجيب قسم جا هوندا هئا. پوءِ چاچي ڪيترا خونن جا فيصلا ڪيا، زميندارن پاران قيد ٿيل قرضي هاري پڻ فيصلن ذريعي قيد مان آجا ڪرايا، پوءِ ڀلي هن جو کڻي گهاٽو دوست ئي ڇو نه جوابدار هجي. پر فيصلي ۾ هن ڪنهن غريب جو ڪڏهن به حق کائڻ نه ڏنو، چاچو شاهنواز جوڻيجو اهوکرو ۽ سچو انسان هو. جنهن جي آڏو يا سندس فيصلي ۾ ڳالهائڻ جي ڪنهن کي به جرئت نه هوندي هئي .پوءِ چاهي اهو نهايت وڏو زميندار يا ڍنگ آفيسر ڇو نه هجي پر هن مرد اڳيان سڌي طرح بيهي به نه سگهندو. ايتري ته هن ۾ دهشت هوندي هئي. پر هن ڪڏهن به ڪنهن غريب مسڪين ماڻهوءَ کي خالي ڇڙٻ به نه ڏني .
چاچو شاهنواز سنڌ جي ثقافت  اجرڪ، ٽوپي، پٽڪي گهوڙي جي سواري جو پڻ وڏو شو قين هو. سنڌ جا وڏا وڏا ميلا پڻ وڏي  شو ق سان ڏسندو هو. اهو ڪو به ميلو ڪونه هو. جنهن ۾ سندن گهوڙن ٽاپون نه هنيون هجن، سائين جي ايم سيد سان پڻ اچڻ وڃڻ جو رستو هوندو هئس جو سندس ورسيءَ ۾ پڻ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندو هو. چاهي پوءَ پاڻ حڪومت ۾ وزير ڇو نه هجي. آخر ڪارهن فيصلن جي امين چاچي شاهنواز جوڻيجي ۱۹۶۲ع ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ شروعات ۾ ضلعي سانگهڙ جو ضلع ڪائونسل جو ميمبر بنجي ويو. ۽ پهريون دفعو ۱۹۸۸ع جي عام چونڊن ۾ ملڪ جي وزير اعظم رهندڙ محمد خان جو ڻيجو کي زبردست شڪست ڏني. پاڻ پ پ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهيو. جنهن جي ڪري محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه کيس ڪابينا ۾ شامل ڪري کيس مڪاني کاتي جو مملڪتي وزير بڻايو، ۽ محترمه جي حڪومت جي ٻئي دور ۾ سينيٽر چونڊ جي ويو پر پوءِ به جمعي جي ڏينهن اسلام آباد کان ڳوٺ پهچندو هو. ۽ اتي رکيل فيصلا ڪندو هو.
هن ارڏي انسان پاڻ سان گڏ ڪڏهن به باڊي گارڊ نه کنيو جيپ به پاڻ هلائيندو ۽ ساڻس هڪ هٿيار ڪلاڪشن ڪوف هوندي هيس ۽ چوندو هو ته آنءٌ ماڻهن کان سواءِ رهي نٿو سگهان، ۽ ڀوڳن ۾ چوندو هو ته پوليس جون موبائلون ته هميشه اسان جي پويان لڳل هونديون هيون. سو هاڻي پوليس اڳيان ڇو لڳرايون. پوءِ وزير ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو. هر ڪنهن کي منهن تي سڇ چوڻ واري هن بي ڊپي انسان کي ڪافي دفعا جيل پڻ ڪاٽڻا پيا. ۱۹۷۶ع ۾ ٻه سال جيل پڻ ڪاٽيو.
ضياءَ جي ۱۹۸۱ع ۽ ۱۹۸۳ع واري ظالم دور ۾ کيس ٻه دفعا گرفتار ڪيو ويو.۽ وري ڄام صادق علي جي دور ۾ آخري ڀيرو جنرل پرويز مشرف پڻ هن کي پ پ ۾ هوندي ئي گرفتار ڪرايو. شاهنواز جوڻيجو جيل ۾ به وڏي حوصلي سان رهيو. جو اتي به قيدين جا پاڻ ۾ فيصلا ۽ پوليس آفيسرن جا پاڻ ۾ ٺاهه پڻ ڪرايا. جنهن کي جيل جا قيدي پڻ دعائون ڪندا هئا ته توهان حڪومت ۾ هوندي ڪا به ملڪيت نه ٺاهي آهي. توهان کي حڪومت مان ڪجهه ته فائدو وٺڻ گهرجي. جنهن تي هن جواب ڏنو ته آءٌ مال ملڪيت کي ڇا ڪندس. منهنجي مال ملڪيت هي منهنجو غريب مسڪين عوام آهي. آءٌ اها وڏي ملڪيت سمجهان ٿو.
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو چاچا شاهنواز جوڻيجو ۱۴ جولاءِ ۱۹۹۵ع تي هن فاني دنيا مان وصال ڪري ويو. سندس ورسي سندس ڳوٺ ۾ وڏي ادب ۽ محبت سان ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن.



شاهنواز جوڻيجو
عوامُ دوست انسان
آچر خاصخيلي
شاھ نواز جوڻيجو انهن املھه موتين مان آهي جن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڏنل قدرتي ڏات سبب پنهنجو نانء روشن ڪيو. شاھ نواز جوڻيجي ۱۹۳۲ ۾ سنجر جوڻيجي جي گھر ۾ ٽنڊي آدم ڀرسان ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ جنم ورتو شاھنواز صرف پرائمري تعليم حاصل ڪئي،هن جي پهرين ڪاميابي جو ڏاڪو کيس انگريز سامراج پاران ۱۴ سالن جي عمر ۾ ورهاڱي کان اڳ ۾ حرن کي پناھ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ هو جتي هن ۸ مهينا جيل ڪاٽيو ۽ بهادري سان جيل ۾ رهيو، اهڙي طرح وري هڪ ٻي ڏات جنهن کيس معتبر ڪري ڇڏيو اهو هو انصاف جنهن پنهجن فيصلن جي شروعات خود وٽ آيل انبڙي چوري جي شڪايت تي هن اهڙو ته ايمانداري سان فيصلو ڪيو جو عوام جا فيصلا ڪرڻ سندس مقدر بڻجي ويا.
اهڙي طرح هو ڳوٺن جي عوام ۾ مقبول ٿيڻ لڳو راڄن ڀاڳن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لڳو. شاھ نواز جن زندگي جي  شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ مڃتا ماڻي اهي ڪجهھ هي آهن.شاھنواز ۱۹۶۲ ۾ سياست ۾ قدم رکندي ئي هو بي ڊي جي اليڪشن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. ڄام صادق علي ۽ امين فهيم جي دوستي کيس پ پ ۾ شامل ڪيو ۱۹۸۸ ۾ هن ان وقت سانگھڙ ضلعي جي اهم شخصيت اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي شڪست ڏئي بلديات جو مملڪتي وزير بڻجي ويو ۱۹۹۶ ۾ کيس سينيٽر بڻايو ويو. پ پ سان نينهن جو ناتو ٿي ويس ۽ ڪا به ڏکي مهل برداشت نه ٿيندي هئس ۽ ڪن ماڻهن جو خيال هو ته پ پ کانسواءِ شاھنوازڪجھ به ناهي پرزرداري صاحب سان اختلافن ڪري هن ڪجھ وقت لاء پ پ کي ڇڏي پير پاڳاري سان هٿ ملايو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو جو ضلعي ڇهن ئي تعلقن مان هڪ به سيٽ پ پ نه کٽي سگھي فنڪشنل سوئيپ ڪيوجنهن ۾ هن پنهجي هڪ پٽ روشن جوڻيجي کي ضلعا ناظم بڻايو ٻئي پٽ محمد خان کي ايم اين اي چونڊرايو۽ امادين شوقين کي به ايم پي بڻائي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيائين. هي ارڏوانسان جتي به رهيو ثابت قدم رهيوگھڻئي سياسي لاڙها چاڙها آيا ڄام صادق پاران ڪيتريون ئي سختيون آيس پر انهن کي به سياست جو حصو سمجھي ڪاڻ نه ڪڍيائين.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڊي پي آر تحت جيل ڪاٽيو، جنرل ضياءَ جي دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف شاهدي نه ڏيڻ تي کيس جيل موڪليو ويو، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪيائين، ڄام صادق ايم ڪيو ايم جي ۳۰ خونن جي ڪوڙي ڪيس ۾ به کيس جيل جو سفر ڪرايو،آخري ڀيرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن جيلن جو به ڊگھو سفر ڪاٽيو، شاھنواز جوڻيجي جن شعبن ۾ مڃتا ماڻڻ سان گڏ وڏين خونريزن کان ماڻهن کي بچايو انهن ۾ هن جا ايمانداري وارا فيصلا به اهم هئا. هن مهر-جتوئي، مارفاڻي-ڀيا تڪرارن سميت ڪيترا ئي قبيلائي تڪرار نبيريا. هن مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پر مير مرتضيٰ جي شهادت ٿي وئي ۽ فيصلو نه ٿي سگھيو. هن سنڌ جي ريتن رسمن ۽ ثقافت جو ڀرم رکيو. هن ڀٽ شاه سميت ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ گھوڙي سواري ڪري خفت ۾ پاڻ مڃرايوهو اجرڪ جي پٽڪي ٽوپي ۽ سلوار قميص کي ترجيح ڏيندو هوتنهن ڪري کيس ٺيٺ ۽ ڪلاسيڪل وڏيرو سڏيو ويو.
شاھنواز جوڻيجي بيماري دوران هڪ جامع وصيت نامون لکيو جنهن ۾ هن راڄن ڀاڳن فيصلن خفتن سياست ۽ خانداني ملڪيت جي ورهاست پنهنجن پٽن پوٽن حوالي ڪئي جنهن ۾ هن لکيوته مون پنهنجي ملڪيت غريب عوام ٺاهي آهي جنهن کي سنڀالڻ توهان جو فرض آهي، اميرن جي ڀيٽ ۾ غريبن سان پيار ڪجو غريب ئي ڏکئي وقت جو ساٿي آهي توهان کي اهو ئي ايوانن ۾ پهچائيندو، سائين جي ايم سيد، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان سان هميشه نڀائجو،سنڌ جي مسئلن تي قومپرستن جو ساٿ ڏجواقتدار جي پرواھ نه ڪجو، هن پنهنجي اوطاق روشن جوڻيجو، راڄ ڀاڳ ۽ فيصلا محمد خان جوڻيجو، ڪتابن جي لائبرري اڪبر جوڻيجو، ڪڪڙ لال جهان جوڻيجو، گھوڙا محمد خان ۽ شاھ جهان جوڻيجو حوالي ڪرڻ جو وصيت ۾ اظهار ڪيو، هو خطرناڪ بيماري سبب سنگاپور جي اسپتال ۾  ۱۲ جولاءِ ۲۰۰۵ تي لاڏاڻو ڪري ويو. ۱۳ جولاءِ تي سندس مڙھ ڏيھ آندو ويو ۽ ۱۴ جولاء تي ڌرتي ماء جي هنج ۾ کيس سياحتن جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، شاھ نواز جوڻيجي کي وڇڙيي ڏھ سال ٿي چڪا آهن جن جي ڇڏيل مشن کي سندس پونئرن ڪنهن به طريقي سان ضايع ناهي ڪيو. ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ڄام نوازعلي کي به پنهجو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هاڻ هي خاندان آهي ته پي پي ۾ پر ضلعي ۾ هر پارٽي جي ضرورت بڻجي چڪو آهي.



شاھنواز جوڻيجو
سٺا ڪتاب پڙھندڙ
اعجاز علي خواجا
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
شاهه
سنڌ جي سدا ملوڪ ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز خان جوڻيجي سان به پهرين ملاقات سال ۱۹۷۱ع ڌاري کان آهي پر جيل جي سفر ۾ هن ڀيري پهريون دفعو گڏ رهياسين. ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن اسين حيدرآباد جيل ۾ هئاسين ته شاهنواز خان ڪراچي جيل ۾ باندي هو.
هن دفعي MRD تحريڪ دوران کيس پهرين ته نارا جيل ۾ رکيو ويو هو پر پوءِ کيس بدلي ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد تي آندو ويو.
ٻاهر ساڻس صرف ۽ صرف واقفيت هئي. کيس لاءِ کوڙ سارو احترام ۽ عزت هئي چڱي ڏيٺ ويٺ هئي پر ذهني طرح ڪا ويجهڙائپ ڪا نه هئي. نڪوئي سندس نظرياتي سوچ ۽ فڪر کان واقفيت هئي.
هونءَ ته سڀيئي وطن جا ماڻهو آهيون، هڪڙي ڌرتيءَ تي رهون ٿا ڪنهن جي به نيڪي ۽ بدي لڪي ڪا نه ٿي. چڱي جي چڱائي ۽ مٺي جي مٺائي واري ڳالهه ڳائبي رهندي آهي. چڱي سواد واري جي خوشبوءِ سون هزارن ۾ پڌري هوندي آهي. مڻيادار ماڻهوءَ جاگڻ پاڻ ئي ڳالهائيندا آهن. هي همراهه يا سريال مڙس به اهڙن ڳڻن ۽ خصلتن جو مالڪ آهي جو سندس ڳالهه سموري سنڌ ۾ هلندي رهي ٿي.
وڏيرو شاهنواز جوڻيجو مون تي گهڻو مهربان ۽ شفيق هو. جيل ۾ گهمندو رهندو هو اسان مٿان به ڦيرو گهيرو پيو ڪندو هو ڪڏهن بابو غلام حسين جي کوليءَ ۾ ته ڪڏهن سردار نور محمد خان ٿيٻو جي کوليءَ ۾، ڪڏهن وري اسپيشل وارڊ ۾ هن سان اڪثر ڪچهريون ۽ رس رهاڻ ٿيندي رهندي هئي.
ذاتي طرح ته سنڌ جو هر ماڻهو (غيرت مند) آهي پر اجتماعي طرح قومي غيرت وارو جذبو اڃان گهٽ پيدا ٿيو آهي. شاهنواز خان انهن ساڃهه وند ۽ سرت مند انسانن مان آهي جيڪي سنڌ جي قومي غيرت واري عظيم جذبي سان ٽمٽار آهن، جن جي ساڃاهه ۽ ساک، ٻولي ۽ گفتار، جنون ۽ جذبا پنهنجي وطن لاءِ وقف ۽ ارپيل آهن.
هن بزرگ جي عزم ۽ حوصلي کي سلام آهي جو سالن جا سال قيد جون ڀوڳنائون سهڻ کان پوءِ به سندس حوصلا جبل جيان مضبوط آهن.
بنهه مڙساٽڙو وڏيرو، پاڻ کان ڏاڍن سان منهن اٽڪائيندڙ، سموري سنڌ ۾امين طور مشهوري ماڻيندڙ، انتهائي ڀلن گهوڙن جو شوقين، ميلن ملاکڙن جو خفتي، تڏي جو خان، مهمان نوازيءَ ۽ سخاوت ۾ مشهور ۽ ساکائتو انسان آهي. سندس گفتگو ۾ چرچا، ڀوڳ، لطيفا ۽ موضوع ۽ سهڻا سريلا، اٿڻ ويهڻ ۽ ملڻ جلڻ جي هر عمل ۾ تهذيب شائستگي ۽ وقار جو لحاظ شامل هوندو اٿس.
حسن اخلاق، شفقت ۽ شرافت ايتري جو جڏهن نارا جيل مان بدلي ٿي آيو ته ڳولهي ڳولهي وڃي پراڻا ۽ مولائي، فقرائي سنگتي هٿ ڪيائين، انهن سان هنڊيوال ٿيو، عام بئرڪ ۾ رهيو حالانڪه سندس ايڏو وڏو اثر رسوخ جو جيل جي A وارڊ يا B وارڊ ۾ ڪٿي به کيس آسائش واري جاءَ ملي سگهي ها پر پاڻا پاڻ سهوليت وٺڻ بدران پنهنجي يارن/دوستن سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ جيستائين جيل ۾ رهيو انهن سان C ڪلاس ۾ گڏ رهيو. ڪتابن  جو وڏو پاڙهو هو. باقاعدي مطالعو ڪندو هو، ڏاڍا سٺا ڪتاب هٿ ۾ هوندا هئس يا انهن جي ڳولها ۾ هوندو هو. لطيف سائين به گهڻو ياد اٿس اڪثر گفتگو ۽ بحث ۾ شاهه جا بيت استعمال ڪندو رهندو هو، وڏو ڏيرو هوندي به طبقاتي طرح پاڻ کي مٿانهين طبقي جي سوچ فڪر ۽ عمل کان آزاد رکندو هو.
پنهنجي ملنسار ۽ خوش مزاج طبعيت جي ڪري سموري جيل ۾ سندس وڏي واکاڻ ۽ عزت ڪئي ويندي هئي.
هڪ نوجوان دوست شاهنواز خان کان آٽو گراف ورتو، جيڪو مون پڙهيو وڏيري انهي تي لطيف سرڪار جو هڪ رزميه بيت لکيو هو ان ڄڻ ته مون کي اڃان به سندس شخصيت کان وڌيڪ متاثر ڪيو،
مر مرين آءُ روئان ۽ موٽي آءُ م ڪانڌ،
ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
شاهه
مناسب قد وارو، همت ڀريو، مڙسالو، منهن ۾ حشمت ۽ دٻدٻو، ٺهڪندڙ مڇون پر صفا شيو ڪيل ۽ روايتي قسم جو ٺيڪ ٺاڪ وڏيرو آهي. پنهنجي تر ۾ وڏو نالو ۽ وڏي پهچ، پنهنجا وڏا راڄ ڀاڳ اٿس. بي پرواهه قسم جو ماڻهو آهي سمورين سياسي پارٽين سان پير ڀري، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ به وڃي ته شهيد ڀٽي جي مزار تي حاضري به ڀري.
سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۽ دنيا ۾ وڏو ناماچار اٿس. خدا کيس وڏي عزت ۽ حيثيت ڏني آهي. ساڻيهه جي سڪ جيڪا سندس اندر ۾ اسريل آهي، اها شال ائين ئي پلجندي رهي ۽ سندس صحت، محبت ۽ شفقت مان اسان جهڙا دوست سکندا، سمجهندا ۽ اسرندا رهن.
وڏيرو شاهنواز خان جوڻيجو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ MNA، سينيٽر ۽ وزير ٿيو.
پاڻ سال ۲۰۰۰ع ۾ وفات ڪري ويو.



وڏيرو شاهنواز جوڻيجو
هڪ بيباڪ ۽ نرالو انسان
امداد راهي
سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ ارڏي انسان شاهنواز جوڻيجي جي وڇوڙي کي جيتوڻيڪ ۸ سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، پر اها ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي. سنڌ خاص طور ضلعي سانگهڙ جو غريب عوام سندس وڇوڙي جي ڏک کي پچائي نه سگهيو آهي. هو سچو، کرو، بيباڪ، امين ۽ بي ڊپو هئڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ رهيو. شاهنواز جوڻيجي ۱۹۳۲ع ۾ وچولي زميندار گهراڻي ۾ حاجي سنجر خان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ۱۹۶۲ع ۾ سياست جي شروعات ۾ ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جو ميمبر ٿيو ۽ پهريون ڀيرو ۱۹۸۸ع جي عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پنهنجي عزيز مرحوم محمد خان جوڻيجو کي پ پ جي پليٽ فارم تان شڪست ڏئي، ايم اين اي چونڊجي ملڪي سطح تي شهرت ماڻي ۽ محترمه بينظير ڀٽو کيس پنهنجي ڪابينا ۾ مڪاني کاتي جو مملڪتي وزير بڻايو. محترمه بينظير ڀٽو جي ٻئي دور حڪومت ۾ هو سينيٽر پڻ رهيو. وزير هوندي به هر هفتي هن پنهنجي ڳوٺ سنجر جوڻيجو پهچي کلي ڪچهري لڳائي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ، توڙي راڄوڻي فيصلن ڪرڻ وارو سندس معمول هميشه برقرار رکيو. هو هميشه چوندو هو ته آئون ماڻهن کان پري ٿيڻ نٿو چاهيان. هو ڀوڳن واري انداز ۾ چوندو هو ته، ”پوليس جون موبائلون ته سدائين اسان جي پٺيان هونديون هيون، هاڻي وري پوليس اڳيان لڳرايان ته پوءِ وزير ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو؟“
 شاهنواز جوڻيجو انتهائي بي باڪ انسان هو.  وڏي کان وڏي پير توڙي هر هاري کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو، جنهن ڪري زندگي ۾ کيس لاتعداد مشڪلاتون به پيش آيون. هن ڪيترا ڀيرا جيل ياترائون ڪيون. ۱۹۴۶ع ۾ ننڍي عمر ۾ انگريز دور ۾ حرن کي پناهه ڏيڻ جي الزام ۾ پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو. ۱۹۷۶ع ۾ پ پ ۾ هوندي شهيد ڀٽو جي حڪومت ۾ کيس ڊي پي آر ايڪٽ تحت ۲ سال جيل ۾ رهڻو پيو. ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي هلچل ۾ ملٽري ڪورٽ پاران کيس هڪ سال قيد ۽ ۵ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ضياءَ جي دور ۾ سانگهڙ جي ۶ حرن جي قتل واري مشهور ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪري، مٿس شهيد ڀٽو خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. ۱۹۸۱ع ۾ ضياءَ دور ۾ جهاز هاءِ جيڪ ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ۽ هڪ سال قيد ۾ رهيو. ڄام صادق جي ۱۹۹۰ع واري دور ۾ ايم ڪيو ايم جي ۲۲ ڪارڪنن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ۽ آخري ڀيرو جنرل مشرف جي دور ۾ پ پ ۾ هوندي عوامي تحريڪ پاران ڀٽ شاهه ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو. شاهنواز جوڻيجو جيلن ۾ به حوصلي سان رهيو ۽ جيلن ۾ پڻ قيدين جا پاڻ ۾ يا قيدين ۽ جيل انتظاميه وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جا فيصلا ڪندو هو. هن سان گڏ ملڪ جا ناليوارا سياسي اڳواڻ خان عبدالولي خان، سردار خير بخش مري، مير حاصل بزنجو، اجمل خان خٽڪ، بزن بزنجو، غلام مصطفى جتوئي، رسول بخش پليجو، غلام مرتضى جتوئي، مخدوم خليق الزمان، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، منظور حسين وساڻ، مير هزار خان بجاراڻي، شهيد محمد علي هنڱورو، طارق اشرف، مير رسول بخش ٽالپر ۽ شهيد فاضل راهو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس جيل جا ساٿي رهيا ۽ ساڻن جيل اندر قائم ٿيل دوستيون هن آخري دم تائين نڀايون. شاهنواز جوڻيجو پ پ ۾ رهندي به پنهنجي طبيعت جي سياست ڪئي. هو مملڪتي وزير هوندي به سائين جي ايم سيد جي سالگرهه  جي تقريب ۾ هميشه شرڪت ڪندو رهيو ۽ سائينءَ جي وڇوڙي کانپوءِ به هن سيد خاندان سان ناتو قائم رکيو. شهيد مير مرتضى ڀٽو جي وطن واپسي تي شاهنواز جوڻيجو پ پ جو واحد اڳواڻ هو، جيڪو مير مرتضى ڀٽو سان ملندو رهيو ۽ ڀاءُ ڀيڻ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ هن ڪوششون به ورتيون، پر کيس ڪاميابي نه ملي.
 شاهنواز جهڙا انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. هن کي جڏهن ڊاڪٽرن سندس مرض ڪينسر بابت ٻڌايو ته هو مايوس نه ٿيو ۽ هن کي جڏهن مخدوم امين فهيم ۽ سندس پٽ روشن جوڻيجو علاج لاءِ سينگاپور وٺي وڃڻ لڳا ته هن ان سفر کي آخري سمجهي، سندس اندر ۾ لڪل ان نفيس شاهنواز کي ٻاهر ڪڍندي، رٺلن کي پرچائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ علائقي جي سياسي شخصتن توڙي راڄن جي چڱن مڙسن يا انهن جن سان زندگي ۾ ڪڏهن به اختلاف رهيا، ڏانهن بيماريءَ جي حالت ۾ لنگهي ويو ۽ سندن رنجشون ختم ڪيون. سندس دليري جي انتها آهي ته هن موت کي ويجهي کان ڏسندي به وصال کان ۱۰.۱۲ ڏينهن اڳ جيڪا وصيت لکي آهي، اها نه رڳو سندس خاندان، دوستن پر سنڌ جي عوام لاءِ پڻ مشعل راهه آهي. ان وصيت ۾ پڻ شاهنواز جوڻيجو جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ غريبن سان پيار جي جهلڪ چٽي نظر اچي ٿي. سندس وڇوڙي جي ۸ سالن کانپوءِ به علائقي واسي کيس ساريندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ سندس پٽن ايم اين اي روشن جوڻيجو، صوبائي صلاحڪار محمد خان جوڻيجو، شاهجان جوڻيجو، لال جان جوڻيجو، پوٽن جهانگير جوڻيجو، علاءُ الدين جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، جنيد جوڻيجو ۽ ٻيا علائقي جي بهتر انداز ۾ سار سنڀال ڪن پيا ۽ سندن  علائقي تي سياسي حوالي سان گرفت وڌي ڄام نواز علي واري تڪ تائين پهتي آهي. نت نين گاڏين کانسواءِ ڳوٺ واري اوطاق جو نقشو به ترقيءَ ڏانهن گامزن آهي. سندس ڇڏيل شوق وارن ۱۳ گهوڙن مان انگ ۵۰ تي وڃي پهتو آهي، پر اسان پارن مڊل ڪلاس جي پڙهيل لکيل سماجي ادبي ۽ صحافتي حلقن کي جيڪا خوشبوءِ ۽ محبت سنجر جوڻيجو مان شاهنواز جوڻيجو جي حياتيءَ ۾ ملندي هئي، اها الائي ته ڪيڏانهن اڏامي وئي آهي ۽ اهو ئي علائقي جي سڄاڻ ڌرين جو ملين ڊالرن جو سوال آهي، جنهن تي جوڻيجو خاندان کي ڌيان ڏيڻ جي بي حد ضرورت آهي.



چاچو شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو سيبتو ڪردار
اظهار سومرو
سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل هڪ شخص جنهن کي هڪ ئي وقت پنهنجي روايتن، پنهنجي وطن، زنده دلي، دليري، برداشت ۽ نبيري جهڙا ڳڻ مليا هجن اهو ڪو ٻيو نه پر سانگهڙ ضلعي جي سنجر جوڻيجو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل شاهنواز جوڻيجو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پيار ڪرڻ وارا چاچو شاهنواز ڪري سڏيندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ هو روايتي ڪلاسيڪل وڏيري طور مشهور هو.
سنڌي سماج ۾ جدت جي ڊوڙ ۾ پئجي ويل ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته وڏيرو لفظ ڪو خراب لفظ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڳوٺ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ وڏيرو هڪ اهڙو فرد هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جي سمورن ماڻهن جي لڄن جو محافظ هجي ٿو، تڪرار جي صورت ۾ نبيري جو پهريون در هجي ٿو، مسئلي جي صورت ۾ مدد جو پهريون رستو هجي ٿو، مونجهاري جي صورت ۾ رهنمائيءَ جي پهرين واٽ هجي ٿو، وڏيرو ٿيڻ لاءِ ڪنهن به فرد کي پئسو، دولت يا ٻنيءَ جي نه پر سڀ کان پهرين دل ۽ دماغ سان وڏو ۽ قدآور ٿيڻ ضروري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين جي تڪليفن ۾ ساڻن ساٿ ڏيڻ لاءِ دل جي دليري گهرجي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌي سماج ۾ ڪجهه انفرادي غلطين ۽ ڪجهه ميڊيا جي مهربانين سان وڏيري جو نالو ايترو خراب ڪيو ويو آهي جو هاڻ ان کي صرف هڪڙي تشريح ۾ ئي ماڻهو سمجهي ويا آهن، جيڪا تشريح هڪ ظالم ۽ جابر واري آهي، پر جيڪڏهن وڏيري جي خالص سنڌي تشريح ڳولڻي هجي ته اڄ به چاچي شاهنواز جوڻيجي جي ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن کان پڇو ته وڏيرو ڇا ٿيندو آهي؟ وڏيرو ڪهڙو ٿيندو آهي ۽ وڏيري سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن؟
سنڌ ۾ اها به سوچ موجود آهي ته وڏيرا استحصالي هوندا آهن يا وري استحصالين جا ڀائيوار هوندا آهن، پر هتي معاملو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته چاچو شاهنواز نه رڳو پاڻ ڪڏهن استحصالي نه رهيو پر گڏوگڏ استحصال ڪندڙن جي آڏو به هميشه ديوار ٿي بيهندو هيو. هن پنهنجي تڪ ۾ ڪڏهن به پوليس جي ٻڌڇوڙ جو ساٿ نه ڏنو ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي سياسي ۽ سماجي سگهه سان چيڀاٽڻ بدران سدائين انهن جو ٻانهن ٻيلي رهيو. تنهن ڪري هن کي صحيح معنيٰ ۾ استحصالي قوتن بدران مظلوم قوتن جو ساٿاري سڏبو ته غلط نه ٿيندو.
اها به سوچ ڪافي سگهاري آهي ته جاگيردار ۽ وڏيرا سنڌ وطن سان پيار نٿا ڪن يا وري ظاهري طور ڏيکاءُ لاءِ ائين ڪن ٿا، پر جڏهن مهل اچي ٿي ته ڌرتيءَ سان دوکو ڪندي دير نه ٿا ڪن. ان حوالي سان به چاچي شاهنواز جو ڪردار ڌرتيءَ سان پيار جي حوالي سان بي داغ ۽ سج جي ڪرڻن جهڙو جرڪندڙ هيو. جيتوڻيڪ سياسي طور تي هو پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هيو پر سائين جي ايم سيد جي سالگراهن ۾ شرڪت کان وٺي سنڌ جي قومي اِشوز تي ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ تحريڪن ۾ هو هميشه قومپرستن جو ٻانهن ٻيلي رهيو. هن پنهنجي وطن جي ماڻهن سان ڪيل وچن کي سياسي وفادارين کان وڌيڪ اهم سمجهيو ٿي، جنهن ڪري هو ان معاملي تي حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين سختيءَ سان ڪاربند رهيو. پنهنجي اولاد لاءِ ڇڏيل وصيت ۾ به هن اها ڳالهه وڏي شد مد سان چئي آهي ته سنڌ جو جڏهن به سڏ ٿئي ته ان کي ضرور ورنائجو. اهو اهڙو احساس ۽ اها ڪهڙي تربيت هئي، جنهن شاهنواز جوڻيجي کي سياسي سمجهه جي اعتبار کان ايڏو قدآور بڻايو هو جو هن لاءِ سياسي پارٽي، سياسي عهدو ۽ ٻيا سمورا معاملا سنڌ سان محبت جي مقابلي ۾ هميشه بي معنيٰ رهيا.
سماجي حقيقتن منجهه اهو به ڪڙو سچ آهي ته جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن سميت ڪيترن ئي وڏيرن پنهنجي علائقن ۾ قبائلي تڪرارن ۽ برادرين جي جهيڙن کي هٿي ڏئي سنڌي سماج کي ڇوڏا ڇوڏا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجي بنيادي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ عملي طور مڪمل سگهه سان ان ڪري به شامل نه ٿي سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قبيلن ۽ برادرين ۾ ورهايل معمولي ڳالهين تان هڪٻئي جا خون ڪري هڪ نه کٽندڙ تڪرار جو حصو بڻجي چڪا آهن، جيڪو ڪيترن ئي نسلن کي ڳيهندو پيو وڃي. اهڙي خوفناڪ سماج ۾ چاچي شاهنواز جوڻيجي سدائين جهيڙن کي ٽارڻ ۽ تڪرارن کي نبيرڻ واري خواهش دل ۾ سانڍي جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، اهي سنڌ جي ”فوڪ لور“ جو سرمايو آهن. هن فيصلا ڪرڻ وقت صرف ان ڳالهه کي ذهن ۾ پئي رکيو هو ته فيصلو هڪ اهڙي امانت آهي، جنهن ۾ خيانت ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ سان دغا ڪرڻ برابر آهي. جڏهن ماڻهو اهڙو امين هجي ته پوءِ تڪرار ڀلا ڪيئن نه نبري ويندا. فيصلا ڪرڻ لاءِ سماج جي بنيادي ڍانچي کي سمجهڻ ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽ روحاني معاملن جو ادراڪ رکڻ به اشد ضروري هوندو آهي، تنهن ڪري فيصلا ڪرڻ وارن کي ماڻهن سان گڏ رهڻو پوندو آهي، ماڻهن منجهه رهڻو پوندو آهي ۽ ماڻهن جي احساسن کي روح جي گهراين تائين محسوس ڪرڻو پوندو آهي، ان کان پوءِ ئي شايد هڪ منصف حقيقي معنيٰ ۾ انصاف ڪري سگهندو آهي. چاچي شاهنواز جي لاءِ اهو به چيو ويندو هو ته هو سنڌ جو واحد سماٽ آهي، جيڪو ٻروچن جي تڪرارن جا نبيرا به ڪري اچي ٿو. پر اصل ۾ هن شخص جي دل ۾ سماج اندر ماڻهن جي هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ واري عمل خلاف جيڪا نفرت موجود هئي، اها هن جي ان عمل جو بنيادي محرڪ هئي، جنهن تحت هو پنهنجي پوري سگهه سان ۽ مڪمل ايمانداري ۽ سمجهداريءَ سان سڄي سنڌ ۾ تڪرارن کي نبيريندو رهيو. چيو وڃي ٿو ته فيصلا ڪرڻ لاءِ هو بلوچستان به ڪيئي ڀيرا ويو هو.جڏهن چيني فلاسافر ڪنفيوشس کان ڪنهن پڇيو ته ماڻهوءَ ۾ ڪهڙا گڻ هجن جو هو وڏو ماڻهو بڻجي، ته ڪنفيوشس وراڻيو هو ته دنيا ۾ وڏا ماڻهو اهي هجن ٿا جيڪي دلير ۽ ڪشاده دل هجن ٿا. جيڪڏهن ان حوالي سان چاچي شاهنواز جوڻيجي جي شخصيت جو جائزو ورتو وڃي ته هو جيڪو مڙس مٿير هيو سو نه رڳو دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو پر ساڳي وقت هن ۾ معاف ڪري ڇڏڻ واري ڪشاده دلي به هئي، جنهن ڪري اڄ به سندس ورسيءَ تي نه رڳو کيس چاهيندڙ پر سندس شديد سياسي مخالف به ڀيرو ضرور ڀرين ٿا. اها هن فرد جي دل جي سچائي هئي، جنهن سندس دشمنن کي به هن جي اصول پرست ڪردار کي مڃتا ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ هن وقت جڏهن وضعداري شڪارپور ۾ ٻرندڙ فانوسن جيان وسامندي پئي وڃي، مهمان نوازي، برداشت، مدد ۽ سمجهداريءَ جو سلسلو پٺتي پئجي رهيو آهي، تڏهن سنڌ ان شخص کي ياد ڪري رهي آهي، جيڪو شاهنواز جوڻيجي جي روپ ۾ جڏهن پرهه ڦٽيءَ مهل پنهنجي ڳوٺ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي نڪرندو هو ته سج به ان ڳالهه جو ساکي هوندو هو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي.



شاهنواز جوڻيجو
شخصيت جا سؤ رنگ
شيراز سمون
عقل ڏاهپ ۽ سورهيائي هر ڪنهن جي ميراث ناهي پر اهي خوبيون هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ گڏ هجن اهو تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي پر اهي سڀ خوبيون جنهن شخصيت ۾ موجود هيون اهو هو شاهنواز خان جوڻيجو. شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ع ۾ سنجر جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. ان مهل ڪنهن کي به خبر نه هئي ته اهو شاهنواز جوڻيجي اڳتي هلي ماڻهو مڻيادار ۽ پريو مڙس ٿيندو. هو عقل جو اڪابر، ڏاهپ سان سرشار، بي ڊپو، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن لاءِ ڇپر ڇانوءُ هو. هن پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز ۱۹۶۲ع کان بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪيو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو پوءِ ته الله پاڪ طرفان ڏنل خدا داد صلاحيتن جي ڪري شاهنواز جوڻيجو مملڪتي وزير ۽ سينيٽر جي عهدن تائين وڃي پهتو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ثقافت سياست ۽ ڪلچر جو هڪ نرالو ڪردار هو. پارلياماني سياستدان هوندي به هن هميشه سنڌ جي حقن جي نه صرف ڳالهه ڪئي پر جدوجهد پڻ ڪئي. هن پنهنجي ارڏي طبيعت ۽ سچائي جي ڪري زندگي جو گهڻو حصو جيل ۾ گذاريو. هو پهريون ڀيرو ۱۹۷۵ع ۾ ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ڊي پي آر تحت جيل ويو ۽ ۲ سالن تائين جيل ۾ رهيو. ضياءَ الحق جي دور ۾ شهيد ڀٽو مٿان شاهدي نه ڏيڻ ڪري هن کي حرن جي ڪيس ۾ ۴ سال جيل ڪاٽڻو پيو. ۱۹۸۱ع ۾ شاهنواز جوڻيجو مشهور جهاز هاءِ جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڏيڍ سال ۽ ڄام صادق پاران پ پ ڇڏي ساڻس گڏجڻ کان انڪار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي قتل ڪيس ۾ ڏيڍ سال جيل ڀوڳيائين. ڪالا باغ ڊيم خلاف رسول بخش پليجو جي سڏ تي ڀٽ شاهه ۾ احتجاج دوران گرفتار ٿي جيل ويو. هن ڀٽو دور کان وٺي مشرف دور تائين جيل ڪاٽيا پر ڪابه سوديبازي نه ڪئي نه ئي سندس حوصلا ڪمزور ٿيا. بقول سندس هڪ نوڪر جي ته صاحب جو بيگ هميشه تيار هوندو هو. جنهن ۾ ڪجهه وڳا ۽ ٻيو ٿورو گهڻو ضروري سامان پيل هوندو هو ۽ چوندو هو ته الائي سرڪار کي ڪيڏي مهل يادگيري اچي وڃي ۽ جيل ۾ گهرائي وٺي. ان لاءِ بندوبست اڳ ۾ ٿيل  هجي. پاڻ جيل ۾ به قيدين جا فيصلا ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو فيصلن جي امين طور مشهور هو ۽ سندس ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ جو حصو آهن. هن فيصلن جي شروعات ڳوٺ ۾ هڪ انبڙي چوري جي فيصلي کان ڪئي پوءِ ته راڄن جا فيصلا ڪيا. هن جا فيصلا سنڌ بلوچستان تائين مشهور هئا. ماڻهو کيس امين ٺاهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. سندس ڪيل فيصلن مان  ڪجهه اهم فيصلا جن ۾ جتوئي مهر  تڪرار، اڄڻ ڪليري تڪرار، مارفاڻي بروهي تڪرار يا مهر چاچڙ تڪرار جنهن ۾ هن ۱۰۰-۱۰۰ خونن جا فيصلا ڪري نه صرف ڌرين کي کير کنڊ ڪيو پر وڌيڪ جانين کي ضايع ٿيڻ کان پڻ بچايو.  هتي اسان وٽ اڪثر فيصلن ۾ ائين ٿيندو آهي ته ٻن ڌرين ۾ تڪرار کي نبيرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ ٻنهي ڌرين جا امين مقرر ڪندو آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪندو آهي پر شاهنواز جوڻيجو ٻنهي ڌرين جو پاڻ امين هوندو هو ۽ حق جو فيصلو ڪندو هو. سندس ڪيل  فيصلن کي ڪڏهن به ڪنهن چئلينج نه ڪيو. ڪيترائي ڀيرا ته هيٺين ڪورٽن لکت ۾ ڌرين جا فيصلا به وٽس موڪليا ۽ فيصلا ڪري هن ڪورٽن کي موڪليا.
شاهنواز جوڻيجو نه صرف فيصلن جو امين پر سنگت ۽ دوستي جو تمام پڪو هو. جنهن سان هڪ ڀيرو واسطو ٿيس ان سان توڙ نڀائيندو هو. پاڻ پ پ ۾ هوندي به سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڙي ورسي ۾ باقائدگي سان شرڪت ڪندو هو. مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تي پارٽي کي ناراض ڪري سندس جنازي ۾ شرڪت ڪيائين. شاهنواز جوڻيجو نه صرف کرو سياستدان، فيصلن جو امين، ثقافت جو شان هو پر پاڻ خفت جو به وڏو شوقين هو. کيس ڀلن گهوڙن پالڻ جو وڏو شوق هو. ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجن گهوڙن تي پاڻ سواري ڪندو هو. مرحوم جي ايتري راهي پوکي هئي جو پ پ طرفان نظرانداز ڪرڻ بعد هن پ پ اميدوارن سامهون پنهنجي وڏي پٽ روشن جوڻيجو کي ضلعي ناظم ۽ محمد خان جوڻيجو کي ايم اين اي چونڊرايو. نه صرف ايترو پر هن جو وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجي هڪ ويجهي دوست سيد حسن جميل جي فرمائش تي هڪ اردو ڳالهائيندڙ ملڪ امام الدين شوقين کي پ پ جي مضبوط اميدوار ۽ هاڻوڪي پ پ ضلع سانگهڙ جي صدر حاجي مختيار علي شورو سامهون کٽرائي ايم پي اي بڻايو ته ان وقت ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. مرحوم شاهنواز جوڻيجو غريبن سان هميشه پيار ڪندو هو ۽ غريبن لاءِ ڏاڍن آڏو ڍال جو ڪردار ادا ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وفات ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي اولاد لاءِ لکيل وصيت ۾ چيو ته غريب عوام منهنجو سرمايو آهي. امير جي ڀيٽ ۾ غريب وڌيڪ همدرد آهي. جيڪو مرڻ کان پوءِ به چار ڳوڙها ضرور ڳاڙيندو. جنهن جو واضع ثبوت سندس وفات تي ظاهر ٿيو ته سندس جنازي ۾ ايترا ماڻهو آيا جنهن جو ضلعي سانگهڙ جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. رستن تي نه صرف مرد پر عورتن کي به روئيندي ڏٺوسين.
شاهنواز جوڻيجو پنهنجي اولاد کي اها به وصيت ڪئي ته دوست ۽ راڄ توهان جو خزانو آهن ان کي نه وڃائجو. غريبن جي هميشه مدد ڪجو ۽ ڏاڍ اڳيان نه جھڪجو. شاهنواز جوڻيجو جنهن کي وفات ڪئي ۷ سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. جنهن جو ثبوت سندس هر ورسي تي هزارين ماڻهن جي شرڪت آهي. جيڪي ساڻس اڄ به محبت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ناچيز راقم القلم کيس ڪٿي به مرحوم ناهي لکيو.



شاهنواز خان جوڻيجو
سنڌ جو ماڊل وڏيرو
ميان اظهر مولائي
وڏن پيرن ۽ ميرن جي شاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو شاهي مان ماڻيندڙ خدا ترس مهمان نواز وڏو اوطاقي اوشاڪي پوشاڪي رئيس شاهنواز خان جوڻيجو سون هزارن ۾ لکن ۾ لاکيڻو ٿي گذريو آهي، پوري سنڌ اندر راڄوڻي برادري تڪرارن جا فيصلا نبيرڻ لاءِ جنهن به علائقي ۾ کيس مدعو ڪيو ويندو هو ته سندس فيصلن جي فتويٰ ڏينهن پهرن بدران چند ڪلاڪن ۾ ٻڌڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئا، ڌرين جون ڳالهيون، گواهن مشيرن جون بيان بازيون ٻڌڻ لاءِ شاهدن کي جدا جدا گهرائي ڳالهين جو ڪُلئهُ ڪرائڻ لاءِ دليلن ۽ ڪوڙن سچن ثبوتن جي کُڻن مان اهڙيون ڳالهيون ٽلي ڪڍبيون جيڪي فيصلي جي فتويٰ کي انصاف ۽ سچائي جي ميزان ۾ توري تڪي عدل جي ساهمي کي اهڙو سڌو ڪري بيهارينديون جو ٻڌڻ شرط ڌرين طرفان واهه واهه جي هوڪرن سان تاڙا وڄي ويندا ۽ تاڻيل ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وينديون، هو اپر سنڌ ۾ لوئر سنڌ ۾ وڏو مشهور معروف ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، پنهنجي اصولن تي قائم رهندو هو، سياسي شطرنج منافقاڻه پاليسين کي فوري طور تي واجهي وٺندو هو، پر پيرن ۽ وڏيرن جي طبقاتي سماج ۾ جنهن به سياسي پارٽي کي ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيو ته اتي به ساڳيا لاٽون ساڳيان چُگهه ڏسي حيران ٿي ويو، اهڙن خراب روين جي پرواهه نه ڪندي هو پوري سنڌ اندر برادري خوني تڪرارن جي ڀڙڪيل باهه کي اُجهائيندو ۽ وسائيندو رهيو، هو پوري سنڌ جي دوستن واقف ڪارن سان سک ۽ ڏک جي سڏ ملڻ شرط سڏ جو پير ڀرڻ پهچي ويندو هو، هڪ ڀيري شڪارپور ۾ ڪنهن دوست جي وفات واري خبر عبرت ۾ پڙهي پنهنجي ڳوٺان اوڏانهن وڃڻ لاءِ تڪڙي تياري ڪرڻ لڳو، ان موقعي تي هڪ دوست جيڪو پري کان ڪهي ساڻس ملڻ آيو هو، ان چيس چيس رئيس ايڏي تڪڙ ڇو پيا ڪيو جواب ڏنائين ته هڪ پرين پيارو گذاري ويو آهي. ان تي ڪو احسان ڪو نه ٿو ڪريان بلڪ پنهنجا ڪانڌي ٿو گڏ ڪريان ان لاءِ ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اسان کي ڪلهي ڪانڌي جي ضرورت پوندي، هو ماڻهن سان گڏ مال متاع سٺا سهڻا گهوڙا شوق جا تتر ۽ ڪڪڙ پالڻ جو وڏو شوقين هو، پنهنجي نوڪرن ۽ هارين سان سندس وڏو قربائتو ورتاءُ هو، (ان جهڙو ملوڪڙو ماڻهو) سنڌي پٽڪو سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي لباس زيب تن ڪرڻ بعد ڏاڍو سهڻو لڳندو هو، وڏين ڪچهرين ۽ محفلن جي زينت بڻجڻ لاءِ خداوند ڪريم کيس پيدا ڪيو، جيڪو ڳالهائڻ وقت هٿن جي چالن اکين جي اشارن چپن جي مسڪراهٽن ۽ سوچن وقت چهري جي خد خال سان اهڙو ته پرڪشش بڻائي سوين حاضرين کي سخت متاثر ڪندو هو جو دل ائين چوندي هئي ته خداوند ڪريم ههڙن امر پريم جي الوٽن سنڌ امڙ جي سهڻن پٽن کي قيامت تائين زندهه رکي، انسان ذات جي سچي دل سان خدمت ڪرڻ وارو شاهنواز خان اڄ به سنڌ جي تاريخ وارن ورقن تي زندهه روايت جو روپ ڌاري چڪو آهي، هڪڙا سدائين لکندا رهندا ۽ ٻيا سدائين پڙهندا رهندا.



شاهنواز خان جوڻيجو
غريبن جو يار
عزيز جوڻيجو بدينوي
اڄ ۱۴ جولاءِ اسان جي وڏڙي، دلير، غيرتمند، جرئت مند، وفادار، سچي، غريبن جي يار، هڏ ڏوکي، سنڌ جي  پارکو، ڏاهي، فيصلن جي امين ۽ سخي مرد شاهنواز خان جوڻيجو جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. اسان جي دلين جو ٺار بابا شاهنواز خان جوڻيجو سڄي سنڌ جي ماڻهن سان محبت ڪندو هو. هر ڪو ماڻهو اڃا تائين ايئن چوندو آهي ته وڏيرو مون کي ڀائيندو هو. تنهن ڪري آئون به ايئن چوندس ته مون کي تمام گهڻو پيار ڏيندو هو. اسان سال ۲۰۰۱ع ۾ بدين مان وفد جي صورت ۾ ملڻ لاءِ ڳوٺ سنجر جوڻيجو وياسين ته سٺي نموني مليو. تمام گهڻي عزت ڪيائين ۽ اهو چيائين ته توهان هيترا سارا جوڻيجا بدين ۾ آهيو پاڻ ۾ ڇو نٿا ڀائيچارو ۽ ٻڌي ڪريو پوءِ ته سچي پچي ان جستجو ۾ لڳي وياسين. ادا عبدالحميد، علي محمد، فاروق، عبدالشڪور، محمد جمن جوڻيجو، غلام قادر جوڻيجو ۽ مون (عبدالعزيز جوڻيجو) جوڻيجو ويلفيئر  ايسوسيئيشن ضلع بدين جو وجود آڻي. سال ۲۰۰۳ع ۾ رجسٽرڊ ڪرائي برادري جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيوسين ۽ پنهنجي برادري جي ٻڌي جو ثبوت ڪري ڏيکاريوسين. برادري شاهنواز خان جوڻيجي جي حڪم کي اکين تي رکيو. بدين جي برادري جي هر ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪيو پوءِ ڪڏهن محمد خان جوڻيجو، گل محمد عرف گل جوڻيجو، لال جان، شاهجهان مطلب ته شادي مرادي يا ڪٿي ڪو فيصلو هجي اتي ٽائيم جي پابندي سان جوڻيجو خاندان مان ڪو نه ڪو ضرور پهچي.  شاهنواز خان جوڻيجو گهوڙن جي شوق ۾ سانوڻ فقير جو ميلو هجي، سيد سمن سرڪار جو ميلو هجي. گل غيبي جو ميلو هجي يا کڻي لاکيڻي لطيف جو ميلو هجي. اتي گهوڙو ضرور ڊوڙائي ۽ پهريون نمبر کٽي. هي بهادر ۽ نيڪ انسان هر جمع ۽ آچر تي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ هر سومر تي شهدادپور ۽ اربع تي نوان هالا مخدوم صاحب جي بنگلي تي فيصلا ڪندو هو. جنهن روايت کي محمد خان جوڻيجو اڳوڻو ايم اين اي سندس فرزند جاري رکيو اچي. شال خدا وند کيس وڏي عمر، عزت، همت، حوصلو ڏي.
اسان بابا شاهنواز خان جي بدين ۾ تلهار تعلقي جي ڳوٺ محمد خان جوڻيجو ۾ هڪ وڏي دعوت رکي جنهن ۾ ضلع کان علاوه سنڌ جي معتبر ماڻهن به شرڪت ڪئي. اسان کيس برادري جي پڳ جي آڇ ڪئي پر پاڻ ٺڪرائي ڇڏيائين. پاڻ ماڻهو کي ڏسڻ سان سڃاڻي وٺندا هئا ته هي ڪير آهي ڪٿان آيو آهي ۽ اهو به سمجهي ويندا هئا ته ڪم ڪهڙو آهي. سچي پچي ته مون کي اهو اڃان به يقين نه ٿو اچي ته ڪو شاهنواز خان اسان کان وڇڙي ويو آهي. منهنجي آخري ملاقات ساڻس مائٽ الهڏنو جوڻيجو ۽ علي محمد جوڻيجو سان گڏ ٿي وڇوڙي کان هڪ مهينو اڳ ٿي. پاڻ رات جو ۲ وڳي تائين اسان سان ڪچهري ڪيائون. پوءِ به اسان زوري اجازت ورتي ته هاڻي توهان آرام ڪريو. شاهنواز خان جوڻيجو جون خدمتون سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. سندس پٽ روشن الدين الدين جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، علاؤالدين جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو سندس مشن کي جاري رکيو اچن.
سندس فرزند گل محمد (گل) جوڻيجو جيڪو سندس ٻانهن ٻيلي هوندو هو. سو پڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. گل  جي وڇوڙي پڻ اولاد توڙي ڀائرن، روشن الدين، محمد خان، شاهجهان، نور محمد ۽ ٻين کي جهوري ڇڏيو. دعا آهي ته شال الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. پوئين کي صبر جي توفيق ڏي. (آمين)



چاچي شاهنواز بابت ٻه اکر
دادا علي بخش
شاهنواز جي صورت ڏسڻ لاءِ ماڻهو مست هوندا هئا ۽ چوندا هئا ته هاڻي ٻيڙا پار ٿي ويندا، ڇو جو آسرا ۽ اُميدون اميدوار ۾ هونديون آهن، فيصلا اهڙا ڪندو هو جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون، جيئن پهاڪو ڏيندا آهن ته فلاڻي مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏيو، عدل ۽ انصاف جي ڪري پاڪستان ۾ هن چڱي مڃتا ماڻي، هن سنڌ کان علاوه ٻين صوبن ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو، فيصلن ڪرڻ جي هن کي ڏات به هئي، ته ڏانءُ به هو، اسان جي صوبي ۾ فيصلن ڪرڻ وارا به راڄ آهن پر ڦريل کي وهنوار وٺي ڏيڻ هنن جي وس ۾ نه هو، هو دوستن جي خط يا ٽيليفون جي اڳيان مجبور هئا ڇو جو چور چورن جا ڀائر هوندا آهن، شاهنواز ڪڏهن به ڪنهن وڏي ماڻهو جي سفارش، خط يا فون ڏي ڌيان نه ڏنو، فيصلو تڪي توري ڪندو هو، هڪ اهڙو فيصلو به ٿيو، جنهن ۾ ڏوهاري ڌر يا ائين کڻي چئجي ته هڪڙي ڌر جا ٻي ڌر ڏي پئسا هئا، سو فيصلي کانپوءِ جنهن ڌر ڏي پئسا رهجي ويا، تن کي پئسن جي تاريخ جو چيائين ته انهن ماڻهن چيو ته اسين فلاڻي کي پئسا پاڻهي ڏينداسون، ان تي وڏيري چيو ته آئون هنن غريبن کي هڪڙي کڏ مان ڪڍي ٻي کڏ ۾ هڻان اهڙو ڪم مون کان ڪو نه ٿيندو، ان ڪري پئسن جي تاريخ اوهان پاڻ مقرر ڪري پئسا هنن کي هٿ ۾ ڏيو هنن کي چڙ ته لڳي پر ڪڇي ڪونه سگهيا. ڇو جو اڳيان فيصلي ڪرڻ وارو شاهنواز نه پر هڪڙي حشمت هئي جنهن جو هن وٽ جيڪو روئيندو ايندو هو سو وري کلندو ويندو هو، ڪم ٿئي يا نه ٿئي ڪم قادر جي هٿ ۾ آهي، هر ماڻهو کي عزت ٿي کپي سو شاهنواز وٽان هر ماڻهو کي عزت ملندي هئي، شاهنواز گهڻ پاسائون ماڻهو هو، جانور ۽ گهوڙا هن جي ڳالهه سمجهندا هئا، ڪڪڙ به پکي آهي پر تتر هن جي ڳالهه سمجهندا هئا، گهوڙن جا شوقين ۽ خفت رکڻڻ وارا چئني صوبن کان پري کان گهوڙا ڪاهي هن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪندا هئا، منهنجو هن سان پراڻو ۽ وڏن وارو ڳانڍاپو قائم رهيو، شادي مرادي، مرڻي پرڻي به ملاقات جو موقعو ملندو هو، مون کي پيار جي نظر سان ڏسندو هو ڪڏهن ته رات به رهائي ڪچهري ڪندو هو، مون کي هن ۾ گر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، ان وقت شاهنواز وٽ مولا بخش جنهن کي پيار مان مولو ڪري چوندا هئا، ان کي سڏ ڪري منهنجي پارت ڪندو هو ته ڪامريڊ جو خيال رکبو هن کي پراون پنهنجو ڪرڻ جو نرالو ڍنگ هو، غريب توڙي امير هن کي پنهنجو دوست ڪري سمجهندو هو، اوچتو هن غريبن جي هڏ ڏوکي کي سڏ ٿيو، هن کي غريبن جيئري به موٽ ڏني ۽ وڃڻ کانپوءِ به، هن وقت تائين ڪو شاهنواز ته پيدا ڪو نه ٿي سگهيو آهي پر پوين کي به جس هجي ته منڊلي مچايو اچن.



شاهنواز خان جوڻيجو
سنڌ جو ناميارو وڏيرو - جولاءِ ۲۰۱۷ ورسي مناسبت سان ۱۲ ورسي
وزير علي عباسي شهدادپور
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
سنڌ ڌرتي ڪيترائي جوڌا جوان ڏاها ۽ پاڪيزه ڪرادر پيدا ڪيا، انهن مان وڏيرو شاهنواز جوڻيجو نمايان مڪان رکي ٿو. ۱۴ جولائي جو اهو ڪارو ڏينهن سنڌ واسين کان وسري نٿو وسري جو وڏيرو شاهنواز جوڻيجو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري مٽي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لا۽ سمهي رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ ۾ ضلعي سانگهڙ جي هڪ ڳوٺ سنجر خان جوڻيجي ۾ جنم ورتو. پاڻ اٺ درجا تعليم پرائي ننڍپڻ کان وٺي غريبن، مسڪينن جو مددگار رهيو.
ايوب جي دور ۾ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي پنهنجي سياسي ڪرئير جو آغاز ڪيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو علمي ادب، تاريخ، مذهبي تعليم جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ هڪ لائبريري قائم ڪيائين جتي ناميارا ڪتاب گڏ ڪيائين. پاڻ روزانو صبح سوير قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪندو هو. جنهن بعد گهوڙي سواري ڪري پنهنجو شوق پورو ڪندو هو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو پنهنجي شوق خاطر اعليٰ نسل جا گهوڙا  گڏ ڪري سنڌ جي اميرترين حلقن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو مخدوم طالب المولا سان تمام گهري ويجهڙائپ سبب مخدوم خاندان جو پيار ۽ شفقت سندس مٿان هميشه لاءِ جاري رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي بدترين شڪست ڏئي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. چاچا شاهنواز مملڪتي وزير هئڻ باوجود هر اٺين ڏينهن اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ اچي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي عوام جي مسئلن جي جاکوڙ لاءِ قوم پرست ڌرين سان گڏ هليو ۽ جيل پڻ ڪاٽيا. چاچا شاهنواز جوڻيجو، سائين جي ايم سيد سان دلي لڳاءُ رکندڙ ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن سان هميشه رابطي ۾ رهيو. مرحيات ڄام صادق علي جي دور حڪومت ۾ سياسي ماڻهو گوشهءِ-نشين ٿي ويا، يا پنهنجون وفاداريون مٽائي ڄام جا حامي رهيا. ڄام دور جي بربريت ظلم، سياسي انتقام جو ڀرپور مقابلو ڪندي ضلعي سانگهڙ جي پ پ پ جي اڳواڻن تي ثابت ڪيو ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو کي ڪير به فتح ڪري نه ٿو سگهي هو خود فاتح آهي. پ پ پ جا موقعا پرست مقامي اڳواڻن جو هميشه وڏيرو شاهنواز جوڻيجو کان ساڙ رهيو ۽ سازشن ذريعي وڏيري کي اڪيلو ڪري سوڀارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي مگر وڏيرو شاهنواز جوڻيجي پنهنج ڏاهپ، دليري ۽ عوامي خدمت سان انهن کي شڪست ڏني جو جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پيرپاڳاري سان اتحاد ڪري پنهنجي پٽ محمد خان جو ڻيجي کي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ۽ روشن الدين جوڻيجي کي ضلعي سانگهڙ جو ناظم چونڊرائي ضلعي سانگهڙ جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي ذڪر سان گڏ گل جوڻيجو جو ذڪر نه ڪجي ته اها بد نيتي ٿيندي مرحوم گل جوڻيجو ننڍپڻ کان وٺي شاهنواز جوڻيجي سان ڏک سک جي هر گهڙي ۾ گڏ رهيو. وڏيرو گل جوڻيجي جي ضلعي سانگهڙ جي تڪ تان پيرپاڳاري جي خليفي سان سياسي مقابلو ڪري ثابت ڪيو ته ضلعو سانگهڙ جوڻيجن کان سواءَ ڪير به کٽي نٿو سگهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي حر جماعت جي خليفن ۽ حرن جلسو ڪرڻ نه ڏنو، گولين جا مينهن وسائي ڇڏيا ۽ پ پ پ جيالن ۽ اڳواڻن کي خبردار ڪيو ته ضلعو سانگهڙ حر جماعت جو ضلعو آهي هتي ٻي ڪا به ڌر پير نه ٿئي ڄمائي سگهي. حر جماعت جي خليفن ۽ پوئلڳن کي وڏيري گل جوڻيجي سانگهڙ شهر ۾ ويهي للڪاري اتي پنهنجو عوام ۾ مقبوليت ماڻي ثابت ڪيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. افسوس جو وڏيري گل جوڻيجي سان سندس زندگي وفا نه ڪئي نه ته اڄ ضلعو سانگهڙ مڪمل طور تي جوڻيجن جو قلعو هجي ها. جڏهن وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جو المناق وڇوڙي بعد حاسدي ۽ فاسقين الل اعلان چوندا رهيا ته هاڻي ضلعي سانگهڙ جي مسڪين ماڻهن جو ڌر هميشه لاءِ بند ٿئي ويو هاڻي اهي ماڻهو اسان جي محتاجي ڪندا.
جس هجي وڏيرو شاهنواز جوڻيجي جي اولاد کي جن مڙس ٿئي روشن الدين جوڻيجي کي جوڻيجا خاندان جو وڏو بڻائي، حاسدين ۽ فاسقين سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو. روشن الدين جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، وڏيرو نورل جوڻيجو، چاچا مرتضي جوڻيجو شاهجهان جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو، عطاالله جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، جنيد اصغر جوڻيجو، علاوالدين جوڻيجو ۽ انيل گل جوڻيجو، سياسي سندرا ٻڌي، ضلعي سانگهڙ ۾ لهي ويا، سندن محنت ۽ جفاڪشي، عوامي خدمت سبب ضلعي سانگهڙ کي پ پ پ جو قلعو بڻائي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سميت پوري ضلعي ۾ حر جماعت جي تڏا ويڙه ڪري ڇڏي اڄ به ضلعي سانگهڙ ۾ عوامي جهنڊي کي بلند ڪيو اچن.


شاهنواز جوڻيجو

سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو - ورسيءَ جي مناسبت سان

نور سنڌي

سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجو جي وفات کي ڪيئي ورھيه گذري ويا آھن پر الائي ڇو اڃان تائين يقين نٿو اچي ته ڪو پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ ستل آهي. پاڻ اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، پر سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون، شاهنواز جوڻيجو ۾ جيڪي خوبيون هيون اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخصيت هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نياز مندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ کان ڏاڍو متاثر هو. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا مخدوم هائوس تي ضرور ويندو هو. بعد ۾ پاڻ مخدوم هائوس تي ٿيندڙ فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس فيصلا ڪرڻ جي انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو.

شاهنواز جوڻيجو مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه صرف سنڌ پر بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفاڻا ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا. پاڻ سنڌ جو غير روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀائيندو آيو، جنهن جي ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڪڪڙن جو خفت کان وٺي رڇ ڪتي جي ويڙهه ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو، اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا، هن پنهنجي عملن سان ڪئين ڀيرا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيسين هو زنده آهي، ايستائين پنهنجي دوستن، واسطيدار ماڻهن کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه ڏيندو، هڪ دفعي هن دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مون زندگي ۾ عشق جي حد تائين ٽن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان ۽ فدا حسين ڏيرو شامل آهن. هڪ دفعي فدا حسين ڏيرو جو شاهنواز جوڻيجو وٽ ذڪر نڪتو ته پاڻ سنجيده ٿيندي چيو ته فدا حسين ڏيرو منهنجو ٻچو آهي، منهنجو ۽ سندس ٺاهه ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، پر فدا حسين ڏيرو جو قد جيڪو منهنجي مخالفت ۾ بلند ٿيو آهي اهو مون سان ٺاهه بعد ننڍڙو ٿي ويندو، جيڪو آئون نٿو ڪرڻ چاهيان، شاهنواز جوڻيجو بابت هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن سندس پهرين شادي ٿي ته کيس ٻٽ جيڪا زناني گندي جي هوندي آهي، جيڪا گهوٽ کي پارائي ويندي آهي اها پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهي گنديون عورتن کي پارايون وينديون آهن. هن ان جاءِ تي اجرڪ پائڻ پسند ڪيو.

شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪلهي تي پيون، پاڻ جيترو دلير هو ايترو اصول پرست هو، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه سکيو هو. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙندا هئا، انهن جي تصور ۾ اها ڳالهه هئي ته هو ڏوهارين جي سرپرستي ڪري ٿو، پر اڳتي هلي جڏهن ۲۰۰۱ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جي ڪجهه معزز شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهڙائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ شهري ساڻس محبت ڪرڻ لڳا ۽ شهرين پاران کيس عوام دوست شخصيت، عوام جي بلاامتياز خدمت ڪرڻ جي اعتراف طور هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو. شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ ۱۹۶۲ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو، بعد ۾ جڏهن پ پ جو بنياد پيو ته پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۸۸ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو، پر ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو. ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق علي خان جي نگران وزيراعليٰ هجڻ دوران ٿيل عام چونڊن ۾ ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام معشوق علي خان جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو، ڄام معشوق علي خان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ ڄام صادق علي خان جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي پ پ پاران شاهنواز جوڻيجو کي مضبوط اميدوار محسوس ڪندي ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام عاشق علي خان جي سامهون بيهاريو ويو ۽ ان چونڊ ۾ به حڪمرانن سرڪاري مشينري استعمال ڪندي ڄام عاشق علي کي ڪامياب ڪرايو. ۱۹۹۳ع ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني ويئي، اتان کان پ پ پ ضلعي قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا، بعد ۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ شاهنواز کي ڏني ويئي. شاهنواز جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون، پارٽي ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل هئي، پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ ۶ سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس ۶ حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آڇون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪارروائين تي لهي آيو، کيس معاشي طور تباه ڪرڻ وارين ڪارروائين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه مڙس ماڻهو اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي، حالانڪه ڄام جي دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق علي جا جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ م شامل ٿي ويا. ڄام صادق جي وفات بعد هو وري پاڻ کي پ پ جا سياسي وارث محسوس ڪندي پ پ ۾ واپس آيا.

هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند ۱۴ جولاءِ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. مخدوم امين فهيم، روشن جوڻيجو سندس جسد خاڪي کي هڪ خوبصورت تابوت ۾ سنگاپور کان ايئربس ۾ ڪراچي ۽ ڪراچي کان خصوصي ايمبولينس ۾ جڏهن سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو ته هزارين ماڻهو اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا، ڪراچي کان سنجر جوڻيجو تائين رستي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ٻاهران سندس چاهيندڙن پاران مرحوم جو ايمبولينس تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ آخري سلامي ڏني. کيس اباڻي ساياتن جي قبرستان ۾ والد جي قبر ڀرسان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو.


 

شاهنواز جوڻيجو

سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو

نور سنڌي

چاچو شاھنواز جوڻيجو سنڌ جي سدا بھار شخصيت ھو. اھڙيون شخصيتون صدين کانپوءِ پيدا ٿينديون آھن. لاڏاڻي بعد وڏو خال پئدا ڪري وينديون آھن. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ڪڏھن ٿي ياد نه آھي پر جڏھن کان مخدوم ھائوس تي اچڻ وڃڻ وڌيو، مون پھريون دفعو کيس مخدوم ھائوس تي ڏٺو. ان بعد ساڻس دعا سلام ٿي، جيڪا نيازمنديءَ ۾ تبديل ٿي وئي. ساڻس ملاقاتون مخدوم ھائوس يا ڪنھن سياسي پروگرام ۾ ٿيندو ھو، ساڻس نيازمندي ۽ ھجت سدائين رھي. ڪافي دفعا سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ به وڃڻ ٿيندو ھو. مختلف اشوز تي ڪچھريون به ٿينديون ھيون. ۱۹۸۸ع ۾ آئون مخدوم امين فھيم جن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد ويو هوس، ان دور ۾ سائين مخدوم امين فھيم مواصلات جو وزير ۽ شاھنواز جوڻيجو مملڪتي وفاقي وزير ھو. امين سائين انھن ڏينھن ۾ مصروف ھئڻ ڪري تڪڙي ملاقات نه پئي ٿي، ان موقعي تي مون چاچا شاھنواز خان جوڻيجو سان ملاقات ڪئي، کيس خبرون چارون ٻڌايم. پاڻ معلوم ڪيو ته ڪٿي پيا رھو؟ مون چيو ھوٽل تي. پاڻ دل سان چيائين ته چاھيو ته جيستائين سائينءَ سان ملاقات ٿئي، مون وٽ اچي رھو. پاڻ وڏو فراخدل، مھمان نواز، غريبن جو ھمدرد ھو.

چاچو شاهنواز جوڻيجو کي عوام دوستي ۽ سنڌ جي ثقافت جو امين ھئڻ ڪري ڪلاسيڪل وڏيرو سڏيو ويندو هو. پاڻ عوام دوستي، فيصلن جي امين ھئڻ ڪري نه صرف سنڌ پر بلوچستان ۾ به وڏي مقبوليت ماڻي. شاهنواز جوڻيجو جي وفات بعد اڃان تائين يقين نه ٿو اچي ته ڪو پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيا آهن. سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو.

چاچو شاهنواز جوڻيجو عام زميندار هو، ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. ڪير چاچا شاهنواز جوڻيجو مان ڪيتريون به خاميون ڪڍي پر منجهس جيڪي خوبيون هيون، اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخصيت جو مالڪ هو.

چاچو شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا. هن پنهنجي عملن سان ڪئين ڀيرا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيسين هو زنده آهي، ايستائين پنهنجي دوستن، واسطيدار ماڻهن کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه ڏيندو. شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪُلهن تي پيون. پاڻ جيترو دلير هو، ايترو اصول پرست، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه سکيو هو.

شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان خائف هئا، پر اڳتي هلي جڏهن ۲۰۰۱ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جون ڪجهه معزز شخصيتون امام الدين شوقين، وهاب انصاري، حسن جميل، فريد طاهر ۽ ٻين شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهڙائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ شهري ساڻس محبت ڪرڻ لڳا ۽ شهرين پاران کيس عوام دوست شخصيت، عوام جي بلاامتياز خدمت ڪرڻ جي اعتراف طور هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو ويو.

چاچا شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ ۱۹۶۲ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلع ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪيو، بعد ۾ جڏهن پ پ جو بنياد پيو ته پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۸۸ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو، ليڪن ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو. ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق علي خان جي نگران وزيراعليٰ هئڻ دوران ٿيل عام چونڊن ۾ ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام معشوق علي خان جي سامهون قومي اسيمبلي سيٽ تي چونڊ وڙهيو. ڄام معشوق علي خان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ ڄام صادق علي خان جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي پ پ پاران شاهنواز جوڻيجو کي مضبوط ۽ دلير اميدوار محسوس ڪندي ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام عاشق علي خان جي سامهون بيهاريو ويو ۽ ان چونڊ ۾ به حڪمرانن ڏنڊي جي زور تي ڄام عاشق علي کي ڪامياب ڪرايو. ۱۹۹۳ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني ويئي، اتان کان پ پ پ ضلع قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا. بعد ۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ چاچا شاهنواز کي ڏني ويئي. شاهنواز جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون. پارٽيءَ ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل هئي. پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ ۶ سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس ۶ حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آفرون ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام دور ۾ انتقامي ڪاررواين تحت کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ ۽ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو. ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه، مڙس ماڻهو، اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽيءَ سان وفادار آهي.

شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خونن، قبائلي جهيڙن ڪاروڪاري ۽ ٻين تڪرارن جي نبيرن وارا فيصلا اهڙي خوبصورتي ۽ حڪمت عمليءَ سان ڪيا، جنهن کيس سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. شاهنواز جوڻيجو، پير صاحب پاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، بيگم نصرت ڀٽو، ڄام صادق علي خان جي ويجهو رهيو، جڏهن ته مشهور شخصيتن، خان ولي خان مرحوم، مير رسول بخش ٽالپر، خير بخش مري، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، شير باز خان مزاري، پروفيسر غفور، سائين جي ايم سيد، حفيظ پيرزادو، عبدالواحد آريسر، رفيع شفي ۽ ٻين سان به ويجهو رهيو. انهن مان تقريبن شخصيتون سندس جيل جا ساٿي رهيا. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند ۱۴ جولاءِ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽُٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. هر سال سندس ورسي وڏي ليول تي ملهائبي ھئي پر ٻن سالن کان ڪورونا وبا جي ڪري گذريل سال وانگر ھن سال به سندس ۱۶هين ورسي سادگيءَ سان ملھائي پئي وڃي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شاهنواز جوڻيجو

ڪلاسيڪل وڏيري جون ساروڻيون

چاچو شاھنواز جوڻيجو سنڌ جي سدا بھار شخصيت ھو اھڙيون شخصتون صدين کانپوءِ پيدا ٿينديون آھن ۽ لاڏاڻي بعد وڏو خال پئدا ڪري وينديون آھن. مون پھريون دفعو کيس مخدوم ھائوس تي ڏٺو ان بعد ساڻس دعا سلام ٿي جيڪا نيازمندي ۾ تبديل ٿي وئي. ڪافي دفعا سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ به وڃڻ ٿيندو ھو، مختلف اشوز تي ڪچھريون به ٿينديون ھيون. پاڻ وڏو فراغ دل مھمان نواز غريبن جو ھمدرد ھو. چاچو شاهنواز جوڻيجو سنڌ عوام دوستي سنڌ جي ثقافت جو امين ھئڻ ڪري ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه وڏيري طور مشهوري ماڻي.

چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو،

ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. ڪير چاچا شاهنواز جوڻيجو مان ڪيتريون به خاميون ڪڍي پر منجهس جيڪي خوبيون هيون اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن کان ڏاڍو متاثر هئا. سندس فيصلا ڪرڻ جي انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو.

هڪ دفعي هن دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مون زندگي ۾ عشق جي حد تائين ٽن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان ۽ فدا حسين ڏيرو شامل آهن. هڪ دفعي فدا حسين ڏيرو جو چاچو شاهنواز جوڻيجو وٽ ذڪر نڪتو ته پاڻ سنجيده ٿيندي چيو ته فدا حسين ڏيرو منهنجو ٻچو آهي، منهنجو ۽ سندس ٺاهه ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، پر فدا حسين ڏيرو جو قد جيڪو منهنجي مخالفت ۾ بلند ٿيو آهي اهو مون سان ٺاهه بعد ننڍڙو ٿي ويندو، جيڪو آئون نه ٿو ڪرڻ چاهيان. شاهنواز جوڻيجو بابت هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن سندس پهرين شادي ٿي ته هن ٻٽ ۾ اجرڪ پائڻ پسند ڪئي.

چاچو شاهنواز جوڻيجو ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪلهن تي پيون. پاڻ جيترو دلير هو ايترو اصول پرست پڻ، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه سکيو هو. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙندا هئا. پر اڳتي هلي جڏهن ۲۰۰۱ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جون ڪجهه معزز شخصيتون امام الدين شوقين، وهاب انصاري، حسن جميل، فريد طاهر ۽ ٻين شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهرائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو ويو. چاچا شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ ۱۹۶۲ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلع ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو،

۱۹۸۸ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو، ليڪن ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو.

۱۹۹۳ع ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني ويئي، اتان کان پ پ پ ضلع قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا، بعد۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ چاچا شاهنواز کي ڏني ويئي.

پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ ۶ سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس ۶ حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، انڪار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه مڙس ماڻهو اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي.

شاهنواز جوڻيجو جي تعليم ٽن درجن کان به گهٽ هئي، پر سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون پڙهي ويندو هو. کيس انگريزي جيل ۾ رفيع شفي ۽ رسول بخش پليجو سيکاري، کيس فارسي ٻولي تي به عبور حاصل هو، پاڻ تاريخي، نفسياتي ڪتاب دلچسپي سان پڙهندو هو، کيس لطيف سائين جا لاتعداد شعر ياد هوندا هئا. پاڻ لطيف سائين جي شعرن جي تشريح به اهڙي انداز ۾ ڪندو هو، جو ٻڌندڙ حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. شاهنواز جوڻيجو صبح سوير اٿندو هو، ورزش ڪندو هو، بعد ۾ گهوڙا ڊوڙائيندو هو ۽ زمين تي ويندو هو.

سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر دي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند ۱۴ جولاءِ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. سنڌ جو عوام اڄ به کيس ياد ڪندو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا