; سنڌي شخصيتون: عبدالستار ايڌي

12 July, 2016

عبدالستار ايڌي

عبدالستار ايڌي
الوداع! الوداع
مهتاب اڪبر راشدي
”هم“ ٽي وي لاءِ عبدالستار ايڌيءَ جو انٽرويو ورتو هيم، آخر ۾ انٽرويو ختم ڪندي جڏهن هي اکر چيم ته؛ ”هن انٽرويو ذريعي مان ٽي وي ڏسڻ وارن کي ڏيکارڻ ٿي چاهيان ته ڏسو! فرشتا ههڙا ٿيندا آهن.“ تڏهن ايڌي صاحب هڪ لمحي لاءِ ششدر ٿي ويو. زبان ڏندن هيٺان ڏنائين. ڄڻ توبهه ڪندو هجي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇُلڪي پيا.


ڪمال شخص هو، اڄ هر ماڻهو تعزيتي پيغام ذريعي سندس نالي سان پنهنجو نالو ڳڻائي فخر محسوس پيو ڪري. وزير اعظم طرفان اعلان ڪيل ملڪ جو وڏو اعزاز به هن جي اڳيان ننڍڙو پيو لڳي. صدر پاڪستان به ڪنهن ڳڻپ ۾ ناهي. ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته اڄ ڄڻ ته سڄو پاڪستان يتيم ٿي ويو آهي. رضاڪارانه طور تي، هر هنڌ ماڻهن، سندس ايثال و صواب لاءِ قرآن خوانيون ۽ لنگر شروع ڪري ڏنا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾، عبدالستار ايڌي ئي اهڙو شخص آهي، جيڪو ڪا وڏي حڪومتي حيثيت نه رکڻ جي باوجود، اڄ سڀني جي توجهه جو مرڪز آهي. ماڻهن جي دلين ۾ وسندڙ هن شخص لاءِ پاڪستان جو جهنڊو جهُڪايو ويو آهي. ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم، جنهن ۾ ۳۵ هزار ماڻهن جي گنجائش آهي، سا جاءِ به ننڍي ٿي چڪي. ماڻهو دل سان، سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيا، اڄ پاڪستان، دنيا جي خبرن ۾، ڪنهن دهشت گردي، بم ڌماڪي ۽ انساني جانين جي زبان جي بجاءِ هڪ اهڙي شخص جي موت جي حوالي سان ذڪر هيٺ آهي، جيڪو جڏهن جيئرو هو ته زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو، رڳو انسانن جي خدمت ۾ گذاري ويو. سندس سفر آخرت ۾ فوجي دستن، گارڊ آف آنر ڏنو. هو پاڻ ته انسانن جو خادم هو، پر سندس جنازي ۾ وي آءِ پي ۽ وي وي آءِ پيز جي لاءِ، اسٽيڊيم ۾ نماز جنازه لاءِ رستا ۽ گيٽ متعين ڪيا ويا. فيصل ايڌي، ڀلي ته چوندو رهي ته عبدالستار ايڌيءَ کي وي آءِ پي پروٽوڪول نه ڏنو وڃي. پر اِهو اعزاز ته هن کي رب عطا ڪيو آهي. بلڪ اِهو ملڪ لاءِ اعزاز آهي ته هنن پنهنجي هن سُپوت کي وڏي شان ۽ مان سان الوداع چيو. ملڪ جي پنهنجي عزت به ان ۾ ئي هئي.
گجرات ۾ پيدا ٿيندڙ عبدالستار ايڌي، وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ڪپڙيءَ جي واپاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ننڍپڻ بلڪل ائين ئي گذريو، جيئن ڪنهن به ڳوٺ جي عام ٻار جو گذرندو آهي، ڏاند گاڏين تي چڙهڻ، پٽاٽا، ٽماٽا ۽ ٻيون ڀاڄيون کڻي ويندڙ گاڏين مان، ٽماٽا کڻي کائڻ ۽ هڪٻئي کي چُٽڻ ۽ ڏاند کاڏيءَ واري جي چهبڪ کائڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڀڄڻ. ننڍي هوندي سندس امڙ اسڪول موڪلڻ مهل سندس تِريءَ تي ٻه پايون رکي کيس چوندي هئي ته هڪ پائي تون پاڻ تي خرچ ڪر پر ٻي پائي ڪنهن ضرورت مند کي ڏئي ڇڏجانءِ، ننڍپڻ جون ساروڻيون سليندي ايڌي صاحب اِهو به ٻڌايو ته، ڪڏهن به پرائو حق نه کائجانءِ ماءُ جي هنج مان اهو سبق وٺندڙ عبدالستار ايڌي، پنهنجي ماءُ جي دُعائن سان ئي، انسانن جي دلين ۾ گهر ٺاهي ويو، انٽرويو ۾ اِهو به ٻڌايو هئاسين ته ننڍي هوندي، منهنجا دوست مون کي ”شيخ چلي“ چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته مان ننڍي هوندي کان ئي ڪجهه ڪرڻ جا خواب ڏسندو هئس، هو مون تي کلندا هئا، ۽ چوندا هئا ته تون شيخ چلي آهين، ان تي مون کيس کلي چيو هو ته ايڌي صاحب! شيخ چلي ته صرف پنهنجي لاءِ خواب ڏسندو هو، پر توهان ته پاڻ کي ڇڏي، باقي ٻين انسانن لاءِ خواب به ڏٺا ۽ انهن کي ساڀيان به ڪيو، اِهو ممڪن ڪيئن ٿيو.؟
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله تعاليٰ، ڪن ماڻهن کي ڪنهن وڏي ڪم لاءِ منتخب ڪندو آهي، پوءِ اهڙي شخص لاءِ نه ته اعليٰ تعليم يافته هئڻ ضرور هوندو آهي ۽ نه ئي فصيح و بليغ هئڻ، نه ئي پنهنجن جي سرپرستي، جڏهن هن حضرت موسيٰ عليه سلام کي نبوت عطا ڪئي ته زبان ۾ لُڪنت هئڻ باوجود هن رَبَ جو پيغام ماڻهن تائن پهچايو، حضرت يوسف عليه السلام کي پيءُ ۽ ماءُ جو وڇوڙو ڏنائين ته جواب ۾ پيغمبري به عطا فرمايائين، ۽ انت ڏسو ته جنهن کي پنهنجو محبوب چيائين اُهو محمد صه اُمي (اڻ پڙهيل) هيو، پر پهريون صرف جيڪو سندس واتان چورايو هويو اُهو هيو، ”اقراءَ“ يعني ”پڙهه“! رب جي انهن ئي حِڪمتن جو هڪ وڏو مثال ۲۰ ۽ ۲۱ صديءَ ۾ عبدالستار ايڌي به چئي سگهجي ٿو، جنهن انسان ذات جي خدمت جي جذبي تحت جنهن اداري جو بنياد وڌو ۽ جهڙو انتظامي ڍانچو تيار ڪيو، تنهن کي سکڻ لاءِ ته IBA (Institute of Business Administration) ۽ لاهور يونيورسٽيءَ آف مئنجمينٽ سائنسز (LUMS) ۽ TOBM (Institute of Business Management) جهڙن ادارن ۾ ڇهه اٺ سال پڙهائي ڪرڻي پوندي آهي، پر عبدالستار ايڌي ته پنهنجي ات ۾ ادارو هو، جنهن کي IBA، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏئي، پنهنجو پاڻ کي سُرخرو ڪيو.
عبدالستار ايڌيءَ کي هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ، سنڌ ڌرتيءَ تي اچڻ نصيب ٿيو، ۱۹۵۱ ۾ پنج هزار روپين جي ذاتي پئسن مان کارادر ۾ هڪ ڊسپينسري کولي، خدمت خلق، جو آغاز ڪيو، اڳتي هلي اُها عمارت خريد ڪري، ڪم کي اڃا اڳتي وڌايائين، پهرين ايمبولينس خريد ڪري، ان جو ڊرائيور به پاڻ ٿيو.
حڪومت کان نه ڪڏهن ڪا گرانٽ ورتائين ۽ نه ئي ڪنهن مدد جو طلبگار ٿيو، سندس چوڻ مطابق، هن کي عام پاڪستاني ماڻهن ۾ وڏو يقين ۽ اميد هئي، هن جتي ۽ جڏهن به جهول جهليو، عام ماڻهوءَ کيس مايوس نه ڪيو، لاهور جي ڪنهن رستي تي بيٺو ته صبح اٺين وڳي کان رات اٺين تائين پنجن کان ڇهه ڪروڙ سندس جهوليءَ ۾ پئجي ويندا هئا، اِهي انگ اکر ايڌي صاحب جي پنهنجي زباني آهن، جيڪي مون کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايائين، اڄ کان پنج سال اڳ ورتل انٽرويو ۾ ان وقت تائين هن جي ڏنل معلومات مطابق ايڌي فائونڊيشن وٽ ۱۷ سئو ايمبولينسز هيون، جيڪي اڄ ۲۰۰۰ کن آهن، ۱۷ يتيم خانا هلندڙ آهن، جنهن کي سندس ڌيءُ هلائيندي آهي، اٺ هزار ماڻهو مختلف ايڌي سينٽرز ۾ رهندڙ هئا، جن جي ٽن وقتن جي ماني جو انتظام هيو، ان کان علاوه نفسياتي مريضن جون رهائشگاهون، عورتن لاءِ دار الامان، بيمارن لاءِ شفاخانه، يتيم ٻارن لاءِ رهائش ۽ پڙهڻ جا انتظام، مرده خانه، قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ ڪئمپون، کاڌو پيتو هر شيءِ ضرورتمندن تائين پهچائڻ انهن سڀني ادارن کي هلائڻ لاءِ اڍائي کان ٽي اَرب روپيا، پاڪستان جا ماڻهو کيس مُهيا ڪري ڏين ٿا.
جهول جهلي پئسا ميڙڻ واري عمل لاءِ چيائين ته، ”مان ته فقير ماڻهو آهيان، جهول جهليندو آهيان“ پر عام ماڻهن کي اِهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته، پاڻ جهڙن انسانن جي مدد ڪرڻ ۾ حصو وٺن جنهن لاءِ سندن هڪ روپيو به وڏي اهميت رکي ٿو“ ڪنهن کي به اکيون پوري پئسو ڏيڻ لاءِ اڳلي ماڻهوءَ جي ديانت داريءَ تي ويساهه ضروري آهي، اِهو ويساهه عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ عملي طرح سان پنهنجي ڪم ڪار سان ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪيو، سڄي عمر ٻن مليشيا جي وڳن ۾ زندگي گذاريائين، پلاسٽڪ جي جُتي، سا به جڏهن ڇڳي ته موچيءَ کان ڳنڍرائي وري وري پاتائين، سندس صبح جو ناشتو ۽ هڪ ماني ۽ چانهن  جو ڪوپ، منجهند جو ٿورا چانور ۽ گوشت جو رس وارو ٻوڙ ۽ رات جو کير ۽ رَٻَ.
جنهن شخص جي هٿان ڪروڙين ۽ اربين روپيا خرچ ٿيندا هجن، تنهن کي مايا جو موهه ڇو نه ٿيو؟ اُهو، کارادر ۽ ميٺادر جي کُڏڙيءَ جهڙي گهر ۾ ڇو پيو رهيو؟ عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار جي پاسي ۾ ڪنهن سخي انسان طرفان تحفتا مليل هزارين گز واري عاليشان گهر ۾ ڇو نه رهيو؟ اُتي ته هن ننڍڙين يتيم ڇوڪرين لاءِ رهائش ۽ اسڪول جو انتظام ڪري کين سُکيو ڪري ڇڏيو هو، هن سَڀُ سُکَ ٻين لاءِ مهيا ڪيا پر پنهنجي لاءِ رڳو ٻين لاءِ سُک مُهيا ڪرڻ جو ذمو کنيائين.
منهنجي لاءِ اِها حيرت جي ڳالهه هئي جڏهن هن اِهو ٻڌايو ته هن ڪارل مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب، گجراتي زبان ۾ ترجمو ٿيل پڙهيا هئا، سوشلزم جي نظرئي کان متاثر هو ۽ اهو به چئي ڏنائين ته اسلام به ته اِهو ئي ٿو سيکاري، امام ابوذر غفاريءَ جي تعليمات مان به حوالا به ڏنائين ته ڪربلا جي معرڪو به هن لاءِ هڪ وڏو مثال هو، يزيد جهڙي زر جي پڄاري ۽ جاهه وحشم جي دلداده حق ۽ انصاف جي راهه تي هلڻ واري رسول جي ڏوهٽي حسين عليه السلام خلاف تلوار کنئي، حسين عليه جو سر قلم ٿيو، نيزي تي چاڙهيو ويو، پر اڄ تاريخ ۾ يزيد لعنت ۽ ملامت جي علامت بڻجي ويو ۽ حسين هر دل ۾ جيئرو آهي.
اِها خبر هوندي هئي ته کيس ڪهڙي ڳالهه جي منصوبا بندي ڪرڻي آهي، ۽ ان جا ڏور رس نتيجا ڪهڙا  حاصل ڪرڻا آهن، هن جو هر منصوبو پائيدار ۽ مستقبل کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو هو. معاشري جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ايڌي آخري سهارو هو، جي ايڌي ايمبولينسز، ايڌي، سرد خانه نه هجڻ ته لاش رستن تي رلندا رهن ها، وارثن جي اچڻ تائين، فوت ٿيل ۽ حادثن ۾ مارجي ويلن جي لاشن لاءِ ايڌي فائونڊيشن طرفان قائم ڪيل سرد خانه وڏي نعمت آهن.
ياد ٿو اچيم، اسان وٽ هڪ چوڪيدار هيو. ان جو هڪ ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ويو. هنن مسڪينن، اڻ پڙهيل ماڻهن کي دير سان خبر پئي. سالن کانپوءِ ۽ ڪنهن ڏس ڏنن ته ضرور ايڌيءَ وارن ان کي دفنايو هوندو. اتان پڇا ڪريو. مرَڻ واري جي ماءُ اسان جي گهر آئي. کيس پاڻ وٽ ٽڪايم. سيڪريٽري سوشل ويلفيئر هئس. پنهنجي آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کي فوٽو ڏيئي، ايڌي وارن جي سهراب ڳوٺ واري آفيس ڏانهن موڪليم. هڪ ٻن ڏينهن اندر، ايڌيءَ جي رڪارڊ مان، ان فوت ٿيل ماڻهوءَ جي تصوير سان ڀيٽي، قبر جي جاءِ ۽ نمبر هٿ اچي ويو. مواچ ڳوٺ ۾ ايڌيءَ جي قبرستان ۾ فوتيءَ جي امڙ وڃي، پٽ جي قبر کي اکين سان ڏٺو ۽ سندس دل کي صبر آيو. پوءِ هر سال جيستائين جيئري هئي، پٽ جي قبر تي ايندي رهي. ايڌي سروسز جو هڪ ٻيو تجربو ان مهل ٿيو، جڏهن سيڪريٽري تعليم هئڻ دؤران، اسان جو ايڊيشنل سيڪريٽري رسول بخش ڦلپوٽو عيد جون موڪلون گذاري پاڻ پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان ڪراچي ايندي، خيرپور ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو. زخمين جي حالت نازڪ هئي، خاص ڪري ڦلپوٽو صاحب پاڻ ۽ سندس گهرواري. مون کي آفيس ۾ خيرپور جي اسپتال مان ڊاڪٽر فون ڪري اِهو چيو ته جيڪڏهن ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪري سگهون ته بهتر، ور نه هتي ڳالهه اسان جي وس کان چڙهيل آهي. تڏهن به ايڌي ايئر ايمبولينس ئي اسان جي ڪم آئي ۽ ڦلپوٽو صاحب ۽ سندس گهرواريءَ کي ايئر لفٽ ڪري ڪراچي پهچايو ويو. سندس ٻار گهٽ زخمي هئا سي روڊر ذريعي ڪراچي پهتا. الله جي مهربانيءَ سان نه صرف سڀ ڄڻا محفوظ رهيا، بلڪ ايئر ايمبولينس ذريعي وقت تي ڪراچي پهچڻ سبب، ڦلپوٽو صاحب ۽ سندس گهرواريءَ کي ضروري طبي امداد به ملي وئي.
ايڌي صاحب جو هڪ خواب هي به هو ته هر ۵۰۰ ڪلوميٽرن کانپوءِ هڪ اسپتال تعمير ڪرائي پر سندس اِهو منصوبو عمل ۾ نه اچي سگهيو، انسانيت ۾ يقين رکڻ واري هن شخص لاءِ انسانيت ئي سندس مذهب هو، اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي، محنت ۽ وقت جي پابندي کي زندگيءَ جو جُز بڻايائين، زڪوات چور ۽ ٽيڪس چورن کان نفرت ڪندڙ مرڻ کانپوءِ پنهنجيون اکيون عطيو ڪري ويو، انٽرويو ۾ ايڌي صاحب ٻه انتهائي اهم ڳالهيون چيون، هڪ ته اِهو چيائين ته اسان وٽ هر گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي مسجد ٺهي پئي آهي، پر ڏسان ٿو ته منهنجي پاڙي ۾ جتي پنجويهه هزار ماڻهو رهن ٿا، نماز مهل ڏهن کان وڌيڪ ماڻهو به نه هوندا آهن، سياستدانن، اسيمبلين ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي ساد پر واضح انداز ۾ چيائين ته ”هي وڏا ماڻهو، امير، سرمايه دار ۽ جاگيردار اسيمبلين ۾ ويهي جمهوريت جا رڳو نعرا ٿا هڻن پر اِهي سڀ ڪوڙا ۽ رياڪار آهن، عام ماڻهوءَ جي بهتريءَ سان انهن کي ڪو سروڪار ناهي“.
پنجويهه سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرڻ وارو عبدالستار ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو، بيشڪ پاڪستان به پاڻ ملهايو، سڄو پاڪستان هن فقير صوفي منش جي سوڳ تي متحد آهي، چيف آف آرمي اسٽاف راحيل شريف سميت، اعليٰ حڪومتي شخصيتون سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيون، هي شخص پنهنجي مرڻ تي سڀني کي متحد ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ويو، عبدالستار ايڌيءَ جي لفظن سان ڪالم جي پڄاڻي ڪنديس:
”پاڪستان جا ماڻهو، سخي ۽ عظيم آهن، هو ڏيڻ وارن مان آهن، حڪومت چاهي ته پاڪستان ٻه هڪ فلاحي رياست بڻجي سگهي ٿو“
الوداع! عبدالستار ايڌي، الوداع

عبدالستار ايڌي
پنهنجو وارو وڄائي ويو
ڊاڪٽر مرلي ڌر
عبدالستار ايڌي - نماڻو، سادگي پسند، قناعت پسند، عظيم انسان، تاريخ ۸ جولاءِ جي رات جو ۱۱ وڳي اسان کان موڪلائي ويو، هوُ گذريل ۱۰ سالن کان بڪين جي عارضي ۾ مبتلا هُيو. شگر ۽ بلڊ پريشر گڏجي سندس وڏو نقصان ڪيو، مون ايڌي جو نالو اُن وقت ٻڌو جڏهن هُن صدر ۾ اُهي لاش جيڪي ٻيو ڪو سنڀالڻ ۽ کڻڻ وارو ڪو به نه هو هُن پنهنجي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي کڻي پهچايا هُيا، اُهو ڏينهن ۽ اڄ تائين ايڌي هر اُن جڳهه تي نظر آيو جتي مخلوق مشڪل ۾ هئي، پوءِ زلزلو هجي يا سيلاب، روڊ حادثو هجي يا موت، ايڌي پنهنجي ايمبولينس سميت اتي موجود ڏٺو ويو. پهرين ايمبولينس هميشه ايڌي جي نظر آئي،
سادگي ۾ گذارڻ وارو ايڌي جنهن هڪ دفعو چيو ته هُو ماني ناشتي ۾ هميشه پاروٿي کائيندو آهي، هو هميشه هڪ ئي لباس يعني شلوار ۽ قميص ۾ نظر آيو، ايس آءِ يو ٽي ۾ گذريل ۱۰ سالن کان مان اُن کي ڏسندو رهيس هوُ ڪڏهن به ڪنهن اٽالي سان گڏ نه آيو نه ڪڏهن وري اِهو محسوس ڪرايائين ته هوُ ايڏو وڏو ماڻهو آهي. هميشه خاموشي سان آيو، چڪاس ڪرائي خاموشي سان هليو ويو، گذريل ۳ سالن کان ڊائلسس تي هُيو ۽ ڊائلسس به هُن ڪڏهن به الڳ ڪمري ۾ نه ڪرائي، سڀني مريضن سان گڏ ڊائلسس ڪرائڻ پسند ڪئي، ڊائلسس هفتي ۾ ۳ دفعا ڪرائڻ بدران ٻه دفعا ڪرائيندو هُيو ڇاڪاڻ ته هُن کي اِهو وقت ڏُکي انسانيت کي ڏيڻو هوندو هُيو، ڪڏهن ڪڏهن خير جي ڪمن ۾ مشغول هجڻ ڪري هُو ڊائلسس تي نه ايندو هُيو اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي اُن کي گهران پاڻ وڃي وٺي ايندو هُيو. ڇاڪاڻ ته اديب رضوي ڊائلسس جي اهميت سمجهندي کين مڃرائي وٺي ايندو هو. بيماري جي هوندي به هُو ڦيٿا ڪُرسي تي ويهي ماڻهن کان چندو وٺندو رهيو، هن کي ايس آءِ يو ٽي پاران گردن جي پيوند ڪاري لاءِ ٻاهر ملڪ عِلاج ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن نه مڃي.
هوُ هميشه عوام جو هڏ ڏوکي رهيو ۽ پنهنجي ذميداري کان هڪ منٽ به غافل نه رهيو، هُن هميشه پنهنجي ادارن تي ئي اعتماد ڪيو اسان جي سياسي دامن، آفيسرن وانگر نه جو پنهنجو علاج هميشه ملڪ کان ٻاهر ڪرائن، ۷۰ سالن ۾ اسان جي حڪمرانن هڪ اهڙي اسپتال به ناهي ٺاهي جنهن ۾ هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. نتيجي ۾ هو پنهنجي علاج تي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏين ٿا. ايڌي صاحب پنهنجو علاج پنهنجي مُلڪ ۾ ئي ڪرائڻ چاهيو ۽ ان جو ايس آءِ يو ٽي تي اعتماد هُيو، ڪجهه عُمر ۽ ٻيو بيماري ٻنهي کيس جهوري وڌو هُيو، کاڌو هونئن به سادو ئي کائيندو هُيو، ويتر کاڌي جي مقدار اڃا به گهٽجي وڃي ته ماڻهو جي قوتِ مدافعت اڃا به ڪمزور ٿي ٿي وڃي،
ايڌي جو ميٺادر ۾ ڏاڍو سادو ۽ ننڍڙو گهر هيو هو چاهي ها ته بنگلي ۾ رهي سگهي پيو پر هُن اِئين نه ڪيو، ۵ جولاءِ تي ايڌي طبعيت جي خرابي ڪري آءِ سي يو ۾ داخل  ٿيو، اٺين جولاءِ تي ايڌي صاحب جي طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي ساهه جي سوڙهه ٿيڻ لڳي، دل به ڪمزور ٿيڻ لڳي، ايڌي صاحب کي هٿرادو ساهه کڻڻ جي مشين ”وينٽي ليٽر“ تي لڳايو ويو، دل ۽ بلڊ پريشر کي ٺيڪ رکڻ لاءِ دوائون شروع ڪيون ويون، ايڌي جو پورو خاندان ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي رهنمائي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم صبح کان رات تائين موجود رهي،
مون کي ايڌي جو هڪ انٽرويو ٿو ياد اچي جنهن ۾ هُن چيو ته هوُ ”داس ڪيپيٽل“ پڙهيل آهي ۽ اُن کان ئي متاثر ٿي هُن انسانن جي ڀلائي وارو ٻيڙو کنيو، هوُ آخر تائين  اُن رستي تي هلندو رهيو ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان تِر جيترو به نه هٽيو، هُن پنهنجون اکيون عطيو ڪرڻ جي جيڪا وصيت ڪئي هئي، خاندان اُن کي به پورو ڪيو ۽ ايڌي جي نماڻي  اکين سان هاڻ ٻه معصوم ٻيهر دُنيا کي ڏسڻ جي قابل ٿيندا، روشن ٿيندا، سو ايڌي پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ امر ٿي ويو.

عبدالستار ايڌي
فقير منش
نادر علي ابڙو
بيماري کان ويڙهاند ڪندي ڪندي نيٺ غريبن، يتيمن جو يار، فقير منش درويش انسان دوست، جڳ مشهور سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي ۹۲ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس لاڏاڻي واري خبر انتهائي دل جھوريندڙ هئي، هڪ وقت تائين پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيل هي فقير صفت انسان ۲۰۱۳ کان ڊائيلاسز تي هو ۽ بيماري سندن کي هڪ پل لاءِ به سک سان ساهه نه کڻڻ ڏنو پر هي بيماري جي بستري تي به پنهنجي ڪم ساڻ نڀائو ڪندو رهيو سندن جي عيادت ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ پرڏيهه مان سياسي سماجي توڙي ٻيا حلقا ايندا رهيا جيڪي سندن جي وڏي ڄمار لاءِ دعا ڏيندي سندن خدمتن کي مڃتا پيش ڪندا هئا پر هي فقير صفت انسان سڀني لاءِ دعاگو رهندو هو هن جي نظر ۾ انسانيت ئي سڀڪجهھ هئي.
هو انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، عبدالستار ايڌي اهو انسان هو جنهن مرڻ کان اڳ ئي ۲۵ سال پهريان پنهنجي قبر تيار ڪرائي ڇڏي هئي، ان پنهنجون اکيون وصعيت ڪري عطئي طور ڏيڻ سميت پنهنجي عضوا به ضرورتمندن کي ڏيڻ جو چيو آهي، عبدالستار ايڌي آخر لمحن تائين زندگي جي هن سفر ۾ انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو آخري وقت تي مرڻ کان پهريان سندن کي ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي هو مسلسل ۱۰ سالن کان وٺي گڙدن جي تڪليف سبب بيمار رهيو ۽ سندن جو هر ۳ ڏينهن تي ڊائيلاسز ٿيندو هو، هو بي سهارن ماڻهن جو سهارو هو، روڊن تي ويهي انهن لاءِ خيراتون وٺندو هو، ڏڪاريل لکين ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رڳو پناهه ڏيندو هو بلڪه انهن جو کاڌ خوراڪ، علاج ۽ روزگار جو به بندوبست ڪندو هو، ايڌي گم  ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي گهروارن سان ملائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ بس سروس پڻ هلائي جنهن ذريعي سوين گم ٿيل ٻارن کي پنهنجي والدين تائين پهچايو.
۱۹۲۸ع ۾ گجرات جي علائقي بانٽوا ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ايڌي جو خاندان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان لڏي آيو، عبدالستار ايڌي ان وقت ننڍي عمر جو هو، هن ڪراچي ۾ پورهيو شروع ڪيو هول سيل جي مارڪيٽ ۾ ڪميشن ايجنٽ طور ڪم ڪندو رهيو، جڏهن ته ڪيترن ئي دڪانن تي مزدوري به ڪئي، ايڌي ۱۱ سالن جي عمر ۾ پنهنجي معذور ماءُ کي سهارو ڏنو، هوءِ جسماني طور معذور هجڻ سان گڏ ذهني طور به معذور هئي، ايڌي پنهنجو سڄو وقت ماءُ جي خدمت ۾ گذاريندو هو، ماءُ جي وفات بعد  هن کي اهو خيال آيو ته دنيا ۾ اهڙي قسم جا لکين ماڻهو آهن، جن جي پرگهور لهڻ وارو ڪير به نه آهي، ان ڪري هن جي ذهن ۾ سماجي ادارو قائم ڪرڻ جو خيال آيو.
هن ڪراچي ۾ شرعاتي طور ننڍي ڊسپينسري شروع ڪئي، جنهن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو، ان کانپوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اداري کي وڌائڻ شروع ڪيو، ايڌي جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس ايڌي سان ۱۹۶۵ع ۾ شادي ڪرڻ بعد هن کي انساني خدمت لاءِ هڪ ساٿي ملي ويو، ٻنهي گڏجي ايڌي فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي آفيس ميٺار در واري علائقي ۾ قائم ڪئي وئي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ سماجي خدمت جو پهريون ساک وارو ادارو هلڻ سروع ٿيو جنهن وقت اهو ادارو قائم ٿيو، ان وقت چندي مان ۵ هزار رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، ايڌي فائونڊيشن جا ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ لاوارث ۽ لاپتا ٿيل ٻارڙن لاءِ ادارو، سڄي ملڪ ۾ ايمبولينس سروس، يتيم ۽ بي سهارا  ماڻهن کي سنڀالڻ جو ادارو، ڪراچي ۾ لاوارث فوتي ماڻهن جو قبرستان، گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ جو ادارو، معذور جانورن جي هاسٽل، بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ دسترخوان، لاوارث لاشن کي دفنائڻ جو ادارو ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا شامل آهن، عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي نه رڳو ٻين سماجي خدمتن ۾ مصروف رهيا پر ان سان گڏ بي سهارا ۽ لاوارث نياڻين جي شآدي به ڪرائي، ايڌي طرفان نياڻين جي شادي ڪرائڻ دوران ڏاج پڻ ڏنو وڃي ٿو.
هن وقت ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه بلقيس ايڌي آهي، جيڪا ويم گهر ۽ عورتن جي ڀلائي وارا ادارا هلائي ٿي، ايڌي فائونڊيشن وٽ ۲۰ هزار کان وڌيڪ ننڍي عمر جا ٻارڙا ۽ ۵۰ هزار جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار ڪفالت هيٺ آهن، ايڌي فائونڊيشن ۴۰ هزار کان وڌيڪ نياڻين کي نرسنگ جي تعليم ڏياري انهن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو آهي، ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي، جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، آفريڪا ۽ يو اي اِي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايڌي فائونڊيشن جو ڪم هلي رهيو آهي. ۲۰ هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون آهن.
ايڌي طرفان ڪجهھ سال پهرين اعلان ڪيو ويو ته تازن ڄاول ٻارڙن کي گند ڪچري ۽ رستن تي اڇلائي موت جي حوالي ڪرڻ بدران ايڌي جي پينگهي ۾ رکيو وڃي، ڪوبه سوال نه پڇيو ويندو، اهڙي طرح اهو سلسلو شروع ٿيو، ايڌي فائونڊيشنل موجب هيل تائين اهڙن اٽڪل ۲۰ هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون ويون آهن، انهن ٻارڙن جي نه رڳوو سٺي پرورش ڪئي وڃي ٿي پر تعليم به ڏياري وڃي ٿي، اهڙن ٻارن جي والدين جي خاني ۾ پيءُ جو نالو عبدالستار ايڌي ۽ ماءُ جو نالو بلقيس ايڌي لکيو وڃي ٿو، انهن ٻارن کي پڙهائي لکائي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو وڃي ٿو، ملڪ جي سمورن ايڌي مرڪزن ٻاهران جھولا موجود آهن، اتي ڪيترائي غريب ۽ مسڪين والدين به اچن ٿا ۽ پنهنجا ٻار ايڌي حوالي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻارن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، ڪيترائي ماڻهو غربت سبب ٻار سنڀالڻ لاءِ ايڌي کي ڏين ٿا، انهن کان ڪوبه سوال نٿو ڪيو وڃي ۽ ٻارن کي ايڌي هوم ۾ رکيو وڃي ٿو. مهيني ۾ وڇڙيل ٻارڙن کي والدين سان ملائڻ لاءِ هلايل بس ذريعي ۲۲ ٻارڙن کي والدين سان ملايو ويو. عبدالستار ايڌي کي زندگي ۾ تمام وڏا ايوارڊ مليا جن ۾ رامون ميگسيسي ايوارڊ، ۱۸۹۹ع ۾ لينن امن ايوارڊ، ۱۹۹۳ع ۾ پائو،ل هيسر فيلو ايوارڊ، ۱۹۹۸ع آمريڪا ۾ زلزلي متاثرن لاءِ سماجي ڪم ڪرڻ تي اڳوڻي سويت يونين کان امن ايوارڊ، يو اي اِي کان ۲۰۰۵ع ۾ رضا ڪاراڻي طبي ڪوششن تي همدان ايوارڊ، ۲۰۰۰ع ۾ انٽرنيشنل بيلزان پرائيز، ۲۰۰۱ع ۾ ڀارت طرفان امن ۽ سلامتي ايوارڊ، ۲۰۰۴ع ۾ امن ايوارڊ ممبئي، ۲۰۰۵ع ۾ امن ايوارڊ حيدرآباد دکن، ۲۰۰۷ع ۾ گانڌي امن ايوارڊ، ۲۰۰۸ع ۾ ڏکڻ ڪوريا امن ايوارڊ، ۲۰۰۶ع ۾ آءِ بي اي ڪراچي مان ڊاڪٽريت جي اعزازي ڊگري، ۲۰۰۹ع ۾ يونيسڪو من جيت سنگهه ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان بهترين سماج سڌارڪ جو ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ صدارتي ايوارڊ نشان امتياز، ۱۹۹۲ع ۾ پاڪستان سوڪ ايوارڊ، پاڪ آرمي طرفان اعزازي شيلڊ، ايڇ آر سي پي طرفان هيمن رائيٽس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز مليا، عبدالستار ايڌي کي امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو ويو، جنهن لاءِ پٽيشن تي ۳۰ هزار ماڻهن صحيحون ڪيون.
عبدالستار ايڌي کي پرڏيهه ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي تمام گهڻو ڀوگڻو پيو ۽ سندن کي ۱۹۸۰ جي شروع ۾ لبنا ۾ داخل ٿيڻ دوران کيس لبناني فورسز گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ۲۰۰۶ع ۾ کيس ٽورنٽو ڪئناڊا جي ائيرپورٽ تي ۱۶ ڪلاڪن لاءِ حراست ۾ رکيو ويو، جنوري ۲۰۰۸ع ۾ کيس آمريڪا جي جان ايف ڪئنيڊي ايئرپورٽ نيو يارڪ ۾ آمريڪي اميگريشن عملدارن اٽڪل ۸ ڪلاڪن تائين جاچ هيٺ رکيو، هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ ٻيا دستاويز به تحويل ۾ ورتا ويا، ان کانسواءِ هن ٻيون به ڪيتريون ئي تڪليفون ڀوڳيون. بنيادي طور تي پاڻ سادگي پسند هو. هن هميشه ۲ کان وڌيڪ وڳيا سبرائي نه رکيا، جتي به سادي پائيندو هو، گهڻي قدر پنڌ هلندو هو پر آخر ڏهاڙن ۾ علالت سبب ايڌي ايمبولينس ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ سفر ڪندو، هو وهنجڻ لاءِ پاڻي به تمام گهٽ استعمال ڪندو هو، هن ايڌي فائونڊيشن کان ڪڏهن به پگهار نه ورتي، ڪراچي ۾ ايڌي ڪلينڪ جي مٿان ٺهيل ۲ ڪمرن واري گهر ۾ سڄي عمر گذاري، هن سموريون خوشيون ۽ عيد جا ڏهاڙا به سماجي خدمتن ڪندي گذاريا، ملازمن موجب هو اڪثر عيدون ايڌي فائونڊيشن ۾ يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن سان گڏ ملهايون هو تمام سادو کائيندو هو.
پاڻ بنيادي طور تي جھموريت پسند هو جھموريت واري نظام هيٺ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو، سيٺين جي سخت مخالفت باوجود بلدياتي چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، ۱۹۶۴ع صدارتي چونڊن ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي ڪراچي جي کارادر واري تڪ تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تان چونڊون وڙهيون پر پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي مقابلي ۾ هارائي ويو، چونڊن ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ عبدالستار ايڌي ٻيهر ڪڏهن به سڌي ريت چونڊن ۾ حصو نه ورتو.
عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي سان گڏ ملڪي تاريخ جو سماجي بهبود جي محور تي چمڪندڙ ستارو هميشه لاءِ شانت ٿي ويو آهي سندن جي خدمتن کي ڪڏهن به وسارڻ باوجود به وساري نه سگهبو ۽ هميشه سندن جون خدمتون پاڪستاني عوام کي ياد رهنديون الله پاڪ شل پوئينرن کي  صبر ۽ ايڌي صاحب کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.

عبدالستار ايڌي
کيس خراج ڪيئن پيش ڪجي؟
زرار پيرزادو
اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ برابر فرشتا ۽ پيغمبر نه ڏٺا پر ها فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙا ماڻهو ضرور ڏٺا ۽ اهڙن فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙن ماڻهن مان هڪ عبدالستار ايڌي به هو.
اسان فرشتن ۽ پيغمبرن جون جيڪي به فضيلتون ٻڌيون آهن سي سموريون فضيلتون اسان عبدالستار ايڌيءَ ۾ ڏٺيون ۽ ايڌيءَ پنهنجي روپ ۾ اهو ويساهه پختو ڪيو ته واقعي به هن ڌرتي تي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا هوندا ۽ پيدا ٿي سگهن ٿا.
عبدالستار ايڌي رڳو پنهنجي ذات ۾ ادارو نه هو پر هن ”ايڌي فائونڊيشن“ جي نالي ۾ ادارو ٺاهي ثابت ڪيو ته هو ”ذات“ کان وڌيڪ اجتماعيت“ ۾ ويساهه رکندو هو.
عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي مرڪز آڏو پينگها رکي عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجا ڏوهه لڪائڻ لاءِ نون ڄميل ٻارن کي ڍيرن ۽ نالن تي نه اڇلايو پر اسانجن مرڪزن آڏو رکيل پينگهن ۾ رکي وڃو ۽ پوءِ انهن پينگهن ۾ رکيل ٻارن کي وارثي ڏنائين، پيءُ جي نالي طور پنهنجو نالو ۽ والده جي نالي ۾ پنهنجي گهرواري بلقيس ايڌيءَ جو نالو ڏنائين.
حقوق العباد ڇا ٿيندو آهي، الله جي ماڻهن کي ڪيئن تعظيم ڏبي آهي، ڏک ۽ تڪليف ۾ ڪيئن ساڻن پير کڻبو آهي، بي سهارن ۽ غريب غربي جو ڪيئن پرجهلو بڻيو آهي. فنا جو فڪر ڇا آهي، نفس کي ڪيئن ماربو آهي، پنهنجي ذات کي ڪيئن قربان ڪبو آهي، تنهن سبق جو نالو آهي عبدالستار ايڌي.
اِهو آهي عبدالستار ايڌي جنهن کي حسن مجتبيٰ ”پاڪستان جو فادر ٽريسا“ ٿو ڪوٺي سو واقعي به مظلومن، بي پهچ ۽ يتيم ٻارن جو ابو هو ۽ بقول مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ته پاڪستان هن عظيم انسان کان پوءِ يتيم ٿي ويو آهي.
سبق ته ڪير به لکي ۽ پڙهائي سگهي ٿو، پر ڪير پنهنجي عمل ۾ سراپا سبق هجي يا سبق جهڙو ٿي ڏيکاري، سو ڪارنامو فرشتن ۽ پيغمبرن جهڙو عبدالستار ايڌي ئي ڏيکاري سگهي ٿو.
عبدالستار ايڌي صاحب کي نه جيئري ڪنهن مڃتا ۽ پروٽوڪول جي گهرج هُئي ۽ نه مرڻ پڄاڻان، هُن کي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ خراج پيش ڪري سگهجي ٿو ته سو اِهو ئي آهي ته هن رياست کي ”فلاحي عوامي رياست“ بڻائجي.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته عبدالستار ايڌيءَ کي جيئن ته رياست مان اهڙي اُميد نه هُئي تنهن ڪري هُن ايڌي فائونڊيشن نالي پنهنجي هڪ فلاحي ۽ عوامي رياست ٺاهي به ڏيکاري ته هلائي به ڏيکاري.

عبدالستار ايڌي
انسانيت جي عظيم علمبردار ۽ سندس وڇوڙو
الطاف پيرزادو
عبدالستار ايڌي پهرين جنوري ۱۹۲۸ع تي ڀارتي رياست گجرات جي وسندي بانٽوا ۾ ڄائو. يارهن سالن جو مَسَ هو ته سندس امڙ شديد بيمار ٿي پئي، جنهن جي ڪري ماءُ جي سار سنڀال ۽ تيماداريءَ جي سموري ذميواري مٿس اچي وئي. چون ٿا ته هن ننڍڙي عمر ۾ امڙ جي خدمت جي جيڪا ذميواري نڀائي، تنهن منجهس انسانيت جي خدمت جو اهڙو ته جذبو جاڳايو جو هو پوين پساهن تائين بس ”انسان ذات“ جي خدمت جو عَلمُ هٿن ۾ کنيو جيئرو رهيو، هونئن به اهو جيئڻ ڪهڙو جيئڻ، جيڪو فقط پنهنجي ذات ۽ پنهنجي مٽن مائٽن لاءِ هجي. اصل جيئڻ ته چئبو ئي ان کي آهي، جڏهن ٻين لاءِ جيئجي، پنهنجي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏجي، اهڙن ماڻهن جي خدمت ۾ زندگي گذارجي جن سان ڀلي ته ڪو سنڱ نه هجي، ڀلي ته ڪو رشتو نه هجي، پر انسانيت جي جذبي جي ڪري انهن جو ئي مِٽُ ٿي وڃجي، جيڪي بيواهه هجن، يتيم هجن، لاوارث هجن ۽ سماج کين پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري هجي. سو ايڌي صاحب به معراج تي پهچڻ لاءِ“ محبوب تائين رَسڻ لاءِ اهڙي پنڌ پيو، جنهن پنڌ تي اڄ جي لالچ ۽ حرص واري دور ۾ ورلي ئي ڪو اُسهيو هجي.
عبدالستار ايڌي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان هجرت ڪري سنڌ آيو ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي قديم وسندي ميٺا دو ۾ اچي ديرا ڄمايائين. سندس والد جيتوڻيڪ ڪپڙي جو سوداگر هيو ۽ ايڌي صاحب به وقتي طور سندس ٻانهن ٻيلي رهيو پر ”او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“ وانگر هن جي ان سوداگريءَ سان نه پئي ۽ هن سنڌ لڏي اچڻ جي فقط چئن سالن کانپوءِ يعني ۱۹۵۱ع ۾ هڪ مقامي ڊاڪٽر جي تعاون سان ميٺادر ۾ هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، ان ڊسپينسريءَ جي قيام جو مقصد به بي پهچ ۽ غريب مريضن جو علاجُ ڪرڻ هو، ايڌي صاحب چون ٿا ته رات جو گهر وڃڻ بدران ڊسپينسريءَ اڳيان بينچ تي ئي سمهي پوندو هو ته متان ڪو مريض اچي، کيس ڊسپينسري بند ملي ۽ سندس علاج ٿي نه سگهي. انسانيت جي انهيءَ جذبي تحت ئي هن اڳتي هلي ۱۹۵۷ع ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنيادُ وڌو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو فلاحي ادارو ثابت ٿيو. ايڌي فائونڊيشن تحت ايڌي ايمبولنس سروس شروع ڪئي وئي، جيڪا دنيا جي وڏ ۾ وڏي ايمبولنس سروس ثابت ٿي. هن پنهنجي فلاحي ڪم جو اهرو ته نيٽ ورڪ جوڙيو جو بيواهن لاءِ، لاوارث ٻارن لاءِ، يتيمن لاءِ ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ، لاوارث لاشن جي مالڪي ڪري، انهن کي وهنجاري، سهنجاري خوشبودار بڻائي، پنهنجي هٿن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ ڄڻ ته ريت بڻائي ڇڏيائين، انهيءَ روايت عبدالستار ايڌيءَ کي سمورن عهدن ۽ پروٽوڪولن کان اُتم بڻائي ڇڏيو.
هو ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ جهولي پاڻ ٺاهڻ، پنهنجا اثاثا وڌائڻ، پنهنجي خاندان کي ڪنهن منزل تي رسائڻ لاءِ نه جهليندو هو پر هو اها خيرات حقيقي معنيٰ ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ اسعتمال ڪندو هو. اهو بلڪل درست آهي ته عبدالستار ايڌي نه ته سنڌ ڄائو هو، نه ئي وري ڌرتي ڌڻي، پر ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته هن جيڪي ڪم ڪيو، انسانن جي جيڪا خدمت ڪئي، سان اڄ ڏينهن تائين ڌرتي ڌڻي ڪنهن سرنديءَ واري ته ٺهيو پر ڪنهن حڪمران کان به نه پُڳي آهي، عبدالستار ايڌي سرحدن جي خولَ ۾ بند هئڻ تي يقين نه رکندو هو، هو ته سڄي عالم جي خوشحالي ۽ چڱائيءَ ۾ يقين رکندو هو، تنهن ڪري فلسطين هجي، يا نيپال، بوسنيا هجي يا ڪو ٻيو علائقو، جتي به ڪا آفت آئي، ڪنهن انساني الميي جنم ورتو، عبدالستار ايڌي اتي وڃي پهچندو هو ۽ جيڪي به وسيلا ميسر هوندا هئس انهن آهر اتي جي ماڻهن جي خدمت ڪندو هو.
جيڪڏهن ڪو ٻار گم ٿي ويندو هو ته ان کي پناهه ايڌي ڏيندو هو، جيڪڏهن ڪا عورت بي گهر ٿيندي هئي ته ان جو سهارو عبدالستار ايڌي هوندو هو، جيڪڏهن ڪا ڪنواري ماءُ پنهنجي ڪيل ڏوهه جي سزا، پنهنجي ئي ڪُکِ مان ڄڻيل ٻار کي گند جي ڍير تي اڇلائي ڏيندي هئي ته ان کي ڪُتن ۽ ٻين جانورن جو کاڄُ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پينگهو ايڌي ڏيندو هو ۽ ان يتيم ٻارُ کي نانءُ به ايڌي صاحب ئي ڏيندو هو.
هو جيئن هٿين خالي آيو، تيئن ئي هليو ويو، نه ته ڪنهن کي ڦرڻ جو الزام نه لُٽڻ جو، هو سڄي ڄمار چنڊ جي چانڊاڻ جهڙو چٽو انسان رهيو. عبدالستار ايڌيءَ پنهنجي عملن جي ذريعي ثابت ڪيو ته ارادو هجي ته هٿين خالي ماڻهو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪو هن ڪري به ڏيکاريو، هو نه ته بااثر هو، نه ئي واپاري ۽ نه ئي امير، هو عوام کان گهري عوام تي خرچ ڪرڻ وارو انسان هو، سندس اهڙي ڪردار ئي کيس دنيا ۾ لازوال ۽ بي مثال بڻائي ڇڏيو.
هڪ طرف عبدالستار ايڌي آهي، سندس مشن، عمل ۽ ڪردار ۽ ٻئي پاسي اسان جي ملڪ جا وس وارا جن وٽ اختيار، وسيلا سڀ ڪجهه آهي پر اهو سڀ ڪجهه هوندي به هو انسانيت جي خدمت کان عاري آهن، هنن اهڙو ڪو هڪڙو ادارو به نه بڻايو آهي جهڙو ايڌيءَ ٺاهيو. ايڌي ميٺا در کان جنهن عمل جي شروعات ڪئي، سو نيٽ ورڪ ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ته قائم ٿيو، ويندي پرڏيهه تائين به وڃي پهتو.
عبدالستار ايڌيءَ ۸ جولاءِ تي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن مان اسان کان وڇڙي ويو آهي، سندس مشن کي جاري رکڻ، جيئرو رکڻ لاءِ هڪ ته جيڪي سرنديءَ وارا ۽ هوند وارا آهن، تن کي ايڌي صاحب جي پير تي هلڻ گهرجي، ٻيو ته حڪمرانن کي به سليفي ڪلچر يا آڱر ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل کان هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو. ملڪ کي ۽ سنڌ کي ٺاهڻو آهي ته عبدالستار ايڌي، گمبٽ ۾ طبي اداري کي عروج تي پهچائيندڙ ڊاڪٽر ڀٽي ۽ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي مثال کي سامهون رکڻو پوندو. عبدالستار ايڌيءَ کي مڪمل سرڪاري اعزاز، شانَ ۽ شوڪت سان هن دنيا مان رخصت ڪيو ويو، هو ان ڪري به سُرخرو ٿي هُن پار ڏانهن هليو ويو، جو هُن هِن جهان ۾ جيڪي ڪجهه به ڪيو سو چڱو ئي ڪيو، تنهن ڪري چڱي جو نتيجو به چڱو ئي نڪرندو آهي. ايڌي صاحب جيڪي ادارا جوڙي ۽ عوامي خدمت جا جيڪي بنياد رکي ويو آهي سي جيئن ته حق هلال جي پورهئي مان پيل جڙيل ۽ پَيل آهن. تنهن ڪري انهن کي ڪو لهر لوڏو اچڻ جو ڪو امڪان ڪونهي، سندس وئي پڄاڻان، سندس پونئيرن، خاص ڪري سندس بيواهه ۽ پٽ تي وڏيون ذميواريون اچي ويون آهن، هو جيئن ته عوامي خدمت واري ڪم ۾ سندس ساٿي پئي رهيا آهن، تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو ايڌي صاحب کانپوءِ به ان جو مشن بنا ڪنهن رنڊ روڪ ۽ جهول جي جاري رکندا.
ايڌي صاحب جيئري ته يتيمن، بيواهن ۽ بي سهارن کي سهارو ڏنو ۽ مُئي پڄاڻان به عطيي ۾ ڏنل پنهنجي اکين ذريعي ٻن انسانن کي نور ڏئي ويو آهي، تنهن ڪري هو مُئي پڄاڻان به جيئرو رهندو. ايڌي صاحب کي نه رڳو سنڌ، پر سڄو ملڪ ۽ سڄي دنيا هميشه ياد رکندي.

عبدالستار ايڌيءَ جو لاڏاڻو
مظهر خاصخيلي
انهن ۲۰ هزار معصوم ٻارڙن کان هن وقت ڪير پڇي، جن کي اهي والدين لاوارث سمجھي ان ايڌي جي لڳايل پينگھن ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا، جن ۾ ڪيتريون معصوم نياڻيون آهن. انهن سمورن ان وقت جڏهن ٻڌو هوندو ته هنن کي پيءُ وارو پيار ۽ نالو ڏيندڙ اهو عبدالستار ايڌي هن دنيا مان هليو ويو آهي. ان وقت هنن جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي. اها ڳالهه هتي چند لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان. اهو درد اهي معصوم گلن جهڙو چهرو رکندڙ ٻارڙا سمجھي سگھن ٿا. ڇو جو اڃا هو هن دنيا ۾ پيدا مس ٿيا ته انهن کي سندن انهن والدين ماءُ ۽ پيءُ اکيون کولڻ کان پهريان، لاوارث سمجھي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڦٽو ڪيو ڄڻ هو هنن جا مٽ ۽ مائٽ ئي نه هجن. ان حوالي سان سڄي ملڪ مان هزارين اهڙن والدين پنهنجي اولاد کي ان ايڌي جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن انهن والدين کان واعدو ڪيو ته هو انهن جي باري ۾ ڪنهن کي به ڪجھه نه ٻڌائيندو ته هيءَ ڇوڪري يا وري ڇوڪرو هن وٽ ڪير ڇڏي ويو آهي. عبدالستار ايڌي، پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. محبتي انسان لکين بي سهارن جو سهارو، يتيمن جو وارث ۽ ڏکايلن انسانن لاءِ مسيحا رهيو. هن هميشه انسانيت جي خدمت تي زور ڏنو. هن لکين يتيم بي سهارا ماڻهن لاءِ روڊن تي ويهي خيرات به ورتي. هن سماج جي ڌڪاريل لکين انسانن کي پاڻ وٽ نه رڳي پناهه ڏني پر انهن جي کاڌخوراڪ، علاج ۽ روزگار جو باعزت طريقي سان بندوبست پڻ ڪيو. ايڌي، گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي گھروارن سان ملائڻ جي لاءِ هڪ بس سروس سڄي ملڪ ۾ شروع ڪئي. جنهن سان سوين گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي والدين سان ملايو. هن عظيم انسان جو جنم، گجرات جي علائقي بانٽوا هندستان ۾ ۱۹۲۸ ۾ ٿيو. عبدالستار ايڌي جو خاندان، هندستان کان سنڌ ۾ ۱۹۴۷ ۾ لڏي آيو. ان وقت عبدالستار ايڌي تمام ننڍي عمر جو هو. هن ڪراچي جي شهر اندر مزدوريءَ سان گڏ پورهيو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ هول سيل جي مارڪيٽ ۾ ڪميشن ايجنٽ طور تي ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي عمر جو ڪيترو حصو مختلف دڪانن تي مزدوري پڻ ڪندو رهيو. هن ۱۱ سالن جي عمر ۾ پنهنجي معذور ماءُ کي سهارو ڏنو جيڪا جسماني معذور هجڻ سان گڏ ذهني طور به معذور بڻيل هئي. ايڌي پنهنجو سڄو وقت پنهنجي امڙ جي خدمت ۾ گذاريندو هو. ماءُ جي وفات کان پوءِ هن کي اهو خيال آيو ته هن جي ماءُ جيان سڄي دنيا ۾ لکين اهڙا معذور آهن جن جو ڪير به نه آهي ڇو نه انهن جو هو سهارو بڻجي. اهڙو ڪم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، ان لاءِ سندس ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته هو اهڙا ادارا جوڙائيندو جيڪي انهن جي مدد ڪندا ۽ هن اهڙي ڪم ڪرڻ جي شروعات، هڪ ننڍڙي ڊسپيسنري کولي ڪئي. جنهن ۾ ايندڙ مريضن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. ان کانپوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اداري کي وڌائڻ شروع ڪري ڏنو.
ايڌي جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس ايڌي سان ۱۹۶۵ ۾ شادي ڪئي. ان کان پوءِ کيس وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي لاءِ هڪ ساٿي ملي ويو. ٻنهي گڏجي ايڌي فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي پهرين آفيس ميٺادر واري علائقي ۾ قائم ڪئي وئي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ هڪ سٺي ساک رکندڙ سماجي خدمت جو پهريون ادارو هلڻ شروع ٿي ويو. جنهن وقت اهو ادارو قائم ٿيو، ان وقت چندي مان ۵ هزار رپيه گڏ ٿيا هئا. بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ايڌي فائونڊيشن جا ڪيترا ئي ادارا سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ لاوارث عورتن لاءِ ادارو، لاوارث بزرگن جي لاءِ ادارو، لاوارث ۽ لاپتا ٿيل ٻارڙن جي لاءِ ادارو، سڄي ملڪ اندر ايمبولنس سروس، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن کي سنڀالڻ جو ادارو، ڪراچي ۾ لاوارث فوتي دفن ڪرڻ وارو ادارو ۽ قبرستان، گم ٿي ويل ماڻهن کي ڳولڻ وارو ادارو، بيمار ٿيل جانورن جو علاج ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل اسپتال ۽ معذور جانورن جي هاسٽل وارو ادارو، بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ دسترخوان، بي وارث ۽ لاوارث بڻيل لاشن کي دفن ڪرڻ واري اداري سميت ٻيا ڪيترا ئي ادارا شامل آهن. هن وقت ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه بلقيس ايڌي آهي جيڪا ويم گھر سان گڏ عورتن جي ٻين ڀلائي وارن ادارن کي هلائي ٿي. هن اداري پاران هزارين اهڙين نيا ڻين جون شاديو ن ڪرايو ويون آهن ۽ انهن کي ڏاج به هن اداري پاران ڏنو ويندو آهي. ايڌي فائونڊيشن وٽ هن وقت به ۲۰ هزار کان وڌيڪ ننڍي عمر جا ٻارڙا ۽ ۵۰ هزار کان مٿي ٻارڙا ڪفالت هيٺ آهن. ايڌي فائونڊيشن ۴۰ هزار کان مٿي نياڻين کي نرسنگ جي تعليم ڏياري، انهن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو آهي. عبدالستار ايڌي پنهنجي سموري زندي سادگي سان گذاري ڇڏي. هن زندگي ۾ ۲ وڳن کان مٿي پنهنجي لاءِ ڪپڙا نه رکيا ۽ تمام سادو کائيندو هو. اڄ جڏهن هڪ اهڙو سٺو انسان جنهن وٽ هر مذهب کان انسان مٿي هوندو هو، هن ڪڏهن به ڪنهن کان مذهب ذات نسل جي باري ۾ نه پڇيو. اهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ انهن کي پوءِ موت ماري ناهي سگھندو. اڄ جنهن ڀلوڙ انسان اسان کان جسماني طور تي جدائي ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به نٿو وساري سگھجي. اوهان ۽ اسان کان ڀلي اهو عبدالستار ايڌي وسري وڃي پر انهن هزارين پنهنجن پاران اڇلايلن کان اهو ايڌي ڪٿي وسرندو جن کي هن پيءُ جو پيار به ڏنو ۽ ماءُ جي گود به. ڀلي ڪير ڪنهن جي لاءِ ڀلو هجي، ڪير ڪنهن جي لاءِ. سچ ته وري به اهو آهي ته جنهن وٽ انسانيت جي درد کي سمجھڻ واري دل ۽ ان سان گڏ اک آهي، اهو انسان هن دنيان ۾ اچڻ جو پنهنجو مقصد سمجھي ويو هوندو. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ قانون هجي ته انهن سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل جي پويان بيهاري ڇڏي جن پنهنجي جنسي عياشي جي خاطر اهڙن ٻارن کي جنم وٺرايو ۽ ان کان پوءِ کين ائين روڊ رستن تي يا وري عبدالستار ايڌي پاران لڳرايل پينگھن ۾ وجھي ڦٽو ڪري هليا ويا جن کي اهو ايڌي سهارو ڏيڻ جي لاءِ موجود هو جيڪو اڄ جسماني طور تي هميشه جي لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو آهي.

ايڌي صاحب سان ملو
زيب سنڌي
”آٰءٌ پنهنجي ميٺادر آفيس ٻاهران فٽ پاٿ تي ويٺس. ساڳئي جاءِ تي، جت چاليهه سال اڳ پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي سامان جي هَڙَ رکي ويٺو هئس... هاڻ وانگر تڏهن به مسجد جي مينارن مان الله اڪبر، الله اڪبر واري پڪار چوڌاري پکڙي هئي ۽ ان کان پوءِ زندگيءَ جا رنگ جاڳڻ لڳا هئا ۽ ڏينهن ظاهر ٿيڻ لڳو هو.“ اهي عبدالستار ايڌي صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جي يارهين باب جون ابتدائي سٽون آهن. ايڌي صاحب، ڪروڙين ماڻهن کي ته اداس ڪري ويو آهي، پر اها فوٽ پاٿ ۽ اهي سمورا رستا به اداس آهن، جن تي ويهي هو غريبن، مسڪينن ۽ معصومن لاءِ جهولي ڦهلائي خيرات گهرڻ ۾ به هٻڪ محسوس نه ڪندو هو.
هن دنيا ۾ هر ماڻهو فقط هڪڙو ئي ڀيرو اچي ٿو، ڪنهن کي به ست جنم نٿا ملن. جيڪي ماڻهو فقط پنهنجي لاءِ جيئن ٿا، اهي مرڻ کان پوءِ وسري وڃن ٿا. جيڪي ماڻهو ٻين لاءِ جيئن ٿا، اهي ياد رکيا وڃن ٿا. دنيا ۾ اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي مرڻ کان پوءِ نه فقط ياد رکيا وڃن ٿا، پر اهي دلين ۾ زندهه به رهن. بظاهر ته ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو باب پڄاڻيءَ تي پهتو، پر ڪير چوندو ته ايڌي صاحب مري ويو آهي!؟ جيسين ايڌي صاحب جون نيڪيون زندهه آهن، تيسين هو مري نٿو سگهي.
 اسان انهن لکين غريبن، مسڪينن، ۽ يتيمن جي صورت ۾ به ايڌي صاحب سان ملي سگهون ٿا، جن سڀني جو هو سڀ ڪجهه هو ته، ساڳئي وقت ايڌي صاحب سان سندس آتم ڪٿا ۾ به ملي سگهون ٿا. بيشڪ ته اها آتم ڪٿا هن پنهنجي هٿ سان ويهي ڪونه لکي هئي، جو انسانيت جي هن حقيقي خدمتگار وٽ ايترو وقت ئي نه هو، جو هو ويهي پنهنجي لاءِ سوچي ۽ ڪجهه لکي. سندس اها آتم ڪٿا Edhi:A Mirror To The Blind لکي ائين وئي ته محترمه تهمينا درانيءَ مختلف وقتن تي ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو احوال رڪارڊ ڪيو ۽ پوءِ چاليهن ڪلاڪن جي رڪارڊنگ کي هن ڪاغذ تي اتاريو ۽ ڪتابي صورت ڏني. انهيءَ آتم ڪٿا جو اسلم خواجا سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو. اها آتم ڪٿا پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته، ايڌي صاحب جي اندر ۾ هڪ رحمدل ۽ باغي انسان موجود هو، جنهن پنهنجي وقت ۾ سيٺين جي رائج ڪيل سسٽم کي چئلينج به ڪيو هو. انهيءَ حوالي سان ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو، ”۱۹۴۸ع ۾ هڪ اخباري اشتهار وسيلي ميٺا در ۾ هڪ خيراتي اداري قائم ٿيڻ جي خبر پئي. پنهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ڪو ڍنگ جو ڪم محسوس ڪندي جوش وچان وڃي اتي رضاڪار ٿيس. جڏهن چڱن مڙسن رجسٽريشن لاءِ اَٺن ماڻهن جي منظوري ڏني ته مان انهن ماڻهن ۾ سڀ کان ننڍو هئس، وڏي ڄمار وارن ماڻهن کي رڳو ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. جڏهن برادريءَ وارن بابا کان پڇيو ته انهيءَ ڪم لاءِ تون ڇا ٿو ڏئين ته بابا مون ڏانهن اشارو ڪري چيو، مون انهيءَ ڪم لاءِ رقم کان به وڌيڪ توهان کي هڪ انسان ڏنو آهي، توهان هن جو ڪم ڏسجو!“
انهيءَ ڊسپينسريءَ ۾ فقط ايڌي صاحب جي ذات ڀائي بانٽوا ميمڻ کي ته مفت علاج جون سهولتون ڏنيون ويون، پر ٻين ذاتين سان تعلق رکندڙ غريب ماڻهن کي مفت علاج لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ ڊگهن مرحلن منجهان گذرڻو ٿي پيو، جيڪا ڳالهه دل ۾ انسانيت جو درد رکندڙ نوجوان عبدالستار ايڌيءَ کي پسند نه هئي. ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي ته نوجوان ايڌي خاموش نه رهي سگهيو ۽ هن چئي ڏنو، ”هن گڏجاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڇو ته ڪم عمل سان ٿيندو آهي، ڳالهين سان ڪجهه ناهي ٿيندو!“ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن نوجوان ايڌيءَ کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو نوجوان ايڌي انسانيت جي درد سبب خاموش ڪيئن ٿي رهي سگهيو. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڊسپينسريءَ جي مالي مدد ڪندڙ سيٺين هڪ خيراتي پروگرام ڪرايو ته نوجوان ايڌي اتي پهچي ويو. ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته؛ ”با اثر ماڻهن جي تقريرن ۽ هڪ ٻئي کي ساراهڻ واري مشق پوري ٿيڻ ۽ زندهه باد  جي نعرن کان پوءِ مان حاضرين منجهان پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺس ۽ ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ اجازت گهريم. مان هڪ گمنام شخص هئس. غير اهم هوندي به شاهوڪارن ۽ بااثر ماڻهن اڳيان ڳالهائڻ لاءِ زور ڀرڻ جي ردعمل طور هجوم ۾ بيچيني پکڙجي وئي. وڏن صاحبن جا ايجنٽ پنهنجي جاين تان اٿي رڙيون ڪرڻ لڳا ته تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو، ويهي رهه، نه ته توکي ٽنگو ٽالي ڪري ٻاهر اڇلي اينداسين. اتي موجود ماڻهن منجهان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته، ڳالهائڻ ڏيوس، ٻڌو ته چوي ڇاٿو! ڪجهه ماڻهن ٽهڪ ڏنا ته ڪجهه ماڻهن مون کي دڙڪا ڏنا. منهنجي اڳيان اهي ماڻهو ويٺل هئا، جن کي قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ اهم سڏيو هو. ٿڌو ساهه کڻي کين خيراتي ڪمن بابت پنهنجا خيال ٻڌائي، سندن طريقي کي رد ڪندي چيم ته توهان بيواهن ۽ يتيمن آڏو ڪجهه سِڪا اڇلائي کين سدائين لاءِ اپاهج ٿا بڻايو، پر سندن مستقل بحاليءَ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪيو. توهان چاهيو ٿا ته، حالتن جا ماريل اهي ماڻهو هر مهيني توهان جي اڳيان گيسيون ڪندا رهن. توهان پنهنجي امداد عيوض سندن اکين ۾ احسانمنديءَ جا تِرورا ڏسڻ جا بکيا آهيو. سلائي مشينون ۽ پراڻا ڪپڙا ڏيڻ وارن پروگرامن تي وڏا خرچ ڪري شهرت حاصل ڪرڻ ٿا چاهيو. وري پئسا خرچ ڪري اهي خبرون ۽ تقريرون اخبارن ۾ ٿا ڇپرايو ته جيئن، جن ماڻهن توهان جا ٺٺ ٺانگر پروگرامن ۾ ناهن ڏٺا، انهن کي اخبارن وسيلي خبر پئجي سگهي. انهيءَ طريقي سان عزت نٿي ماڻي سگهجي. اهو عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ناهي. اهو نه خدا واسطي آهي نه ان جي مخلوق لاءِ. اهو عمل فقط پنهنجي شهرت وڌائڻ جو ذريعو آهي.“ اهو چوڻ کان پوءِ ايڌي صاحب ٻڌائي ٿو ته، ”جوتن، ڪرسين ۽ لٺين جو وسڪارو شروع ٿي ويو... هو منهنجي توهين ڪري رهيا هئا، منهنجي اسٽيج تان لهڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا. اسٽيج تان لهي مون پنهنجي بانٽوا جي نوجوان دوستن ڏانهن حمايت لاءِ نهاريو پر هنن نظرون ڦيرائي ڇڏيون... جيئن ته مان سيٺين جي ڪم جو نه هئس، ان ڪري مون کي اتان هليو وڃڻ ۽ وري ڪڏهن به دسپينسريءَ تي نه اچڻ جو حڪم ڏنو ويو.“
نوجوان ايڌي شهرت جي بکين سيٺين جي محفل مان ته هليو ويو، پر هو انهن سيٺين لاءِ بغاوت جو عملي نمونو ۽ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. اهو چئلينج اڳتي هلي هڪ مشن بڻجي ويو. اهڙو مشن، جيڪو انسانيت جي درد جو درمان ٿي پيو. انسانيت جي خدمت جي نالي تي اخبارن ۾ فوٽو ڇپرائڻ جهڙي سستي شهرت جا بکيا اهي سيٺيون ته مري کپي ويا ۽ اڄ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير به ناهي، پر اهو غريب شخص عبدالستار ايڌي، جنهن پان جي مانڊڻي هلائڻ کان وٺي ڪپڙي جي دڪان تي نوڪري ڪرڻ، ۽ کير کپائڻ کان وٺي اخباري هاڪر وارا پورهيا به ڪيا هئا، انهيءَ جو نه فقط نالو سدا سلامت رهندو، پر هو لکين انسانن جي دلين ۾ به سدائين زندهه رهندو. هن جي ياد گلاب جي گلن جيان سدائين مهڪندي رهندي، ڇاڪاڻ ته نه فقط فڪر پر انسانيت جو موت به ڪڏهن نٿو ٿئي. توهان اڄ به ايڌي صاحب سان ملڻ چاهيو ته ڪنهن اهڙي نادار انسان جي دل ۾ جهاتي پائي ڏسو، جنهن جون اذيتون ايڌي صاحب جي وسيلي ختم ٿيون هجن. ڪنهن اهڙي پوڙهي عورت جي چهري  جي گـُهنجن ۾ به ايڌي صاحب نظر اچي ويندو، جنهن کي سندس پُٽَ ۽ نُنهن ايڌي سينٽر ۾ اڇلائي ويا هجن. ڪنهن اهڙي انسان جي زخمن جي نشانن ۾ به ايڌي نظر اچي ويندو، جنهن کي هن رستي تان کڻي سندس زخمن تي پها رکيا هوندا. ايڌي صاحب جو نوراني چهرو توهان کي انهيءَ معصوم ٻار جي مُرڪ ۾ به نظر ايندو، جنهن کي سندس ماءُ بدناميءَ جي خوف سبب ايڌي سينٽر ٻاهران رکيل جُهولي ۾ وجهي وئي هوندي... ۽ ها، جيڪڏهن توهان وٽ درد وندي دل موجود آهي ۽ توهان ڪنهن مسڪين جي مدد ڪري سگهو ٿا ته، ايڌي صاحب جو عڪس توهان کي انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ به نظر اچي ويندو، ڀل ته انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ ايڌي صاحب جو اهو عڪس توهان جي شڪل صورت جهڙو ئي ڇو نه هجي!

تون پنهنجي رب کان راضي- هو تو کان راضي
محمود شام
”اي اطمينان پائيندڙ روح،
پنهنجي رب ڏانهن واپس هل،
تون ان کان راضي- هو تو کان راضي،
تون منهنجي ممتاز ماڻهن ۾ داخل ٿي وڃن،
منهنجي بهشت ۾ داخل ٿي وڃن.“
سورت الفجر- پاره ۳۰
بهشت جا دروازا کلي رهيا آهن، فرشتا استقبال جي لاءِ موجود آهن. ان کان وڌيڪ اطمينان حاصل ڪندڙ روح ڪهڙو ٿي سگهي ٿي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو الله تعاليٰ جي نائب يعني حضرتِ انسان جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيو. جيڪو الله تعاليٰ جي مهرباني، ڪرم، رحم ۽ رحمت جي صفتن جو مجسم پيڪر هو. جيڪو انسان جي پيدائش کان موت تائين ان جو خيال رکندو آهي. جيڪو هن دنيا ۾ ايندڙ هر زندگي کي پنهنجي ذميداري سمجهندو آهي. لاوارث ٻارن کي به پناهه ڏيندو هو، لاوارث لاشن کي به عزت ۽ احترام سان سپرد خاڪ ڪندو هو. پهرين امانت طور تي، پوءِ جڏهن وارث ملي وڃن ته ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو.
هن انسان کي انسان سمجهي، ان جي سلامتي جي ڳڻتي هئي. اهو نه ڏٺو ته اهو مسلمان آهي يا غير مسلم، پاڪستاني آهي يا غير ملڪي، پنجابي آهي يا سنڌي، پختون آهي يا سرائيڪي، بلوچي آهي يا ڪشميري، گلگتي آهي يا اردو ڳالهائيندڙ يا ٻي ڪنهن ٻولي وارو. جيڪو صرف اهو ڏسندو هو ته هو الله تعاليٰ جي مخلوق آهي.
هن جو آغوش صرف انسان جي لاءِ نه هو، صرف حيوان جي لاءِ نه هو، هو ته جانورن جي خدمت به انهيءَ خلوص ۽ عقيدت سان ڪندو هو. ان جي زخمن تي به مرهم اهڙي طرح رکندو هو. هو اسان سڀني جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري رهيو هو. هو اسان سڀني جي غفلتن جي تلافي ڪري رهيو هو. هو حڪمران نه هو، پر هو سڀ فرض سرانجام ڏيندو هو، جيڪا حڪومتي سربراهن جي ذميداري آهي، هو بلدياتي ادارو نه هو پر هو سڀ فرض نڀائي رهيو هو، جيڪو ميونسپل ڪميٽين سان منسوب آهي. هو اسان مان هو پر هُن ۾ ڪا خامي نه هئي، جنهن جا اسان حقدار هوندا آهيون. هو اسان مان هو، پر هو سراپا خير هو. سراپا درد هو.
۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي کان پهرين پاڪستان ريڊ ڪراس جي ايمبولينسن جو انتظار ڪندو هو. ڪراچي جي بسم الله بلڊنگ ڪِرڻ وقت اهو فرشتو سامهون آيو هو، پوءِ ته هن جو درد وکرندو رهيو، سڀ کان وڏي شهر ۾ ڪهڙي طرح ايمبولينسن ۽ رضاڪارن جو هڪ دائرو ڦهلجندو رهيو.
آسمان جي اک ڏسندي رهي ته هن مملڪتِ خداداد ۾ جتي ظالمن جابرن جو تسلط آهي، جتي شقي القب جاگيردار آهن، فرعونيت جا پيروڪار سردار آهن، جتي رعايا جو خون پيئندڙ حڪمران آهي، جتي ڪڏهن باوردي آمر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي ويندا آهن، جتي ڪڏهن چونڊيل آمر وڏي مينڊيٽ سان گڏ اسان جي قسمت جو فيصلو ڪندا آهن، جتي ڪڏهن چونڊيل آمر مذهب جي نالي تي انسانن کي ورهائيندو ويندو آهي، جتي فرقن جي حوالي سان الله جي پيارن جو خون وهايو ويندو آهي، جتي واپاري، صنعتڪار خريدارن جا کيسا ڪٽيندا آهن، جتي ڊاڪٽر اسٽريچر تي مريضن جي ساهن جي قيمت وصول ڪندا آهن، جتي ماڻهو حادثن ۾ شديد زخمي ٿيلن کي تڙپندي ڇڏي هليا ويندا آهن. جتي ڪڏهن مذهب جي نالي تي باهه ۽ پاڻي جي راند کيڏي ويندي آهي، جتي مختلف مسلڪ هجڻ تي مسيحائن کي تيغ ڪيو ويندو آهي. جتي خاموش اڪثريت آواز بلند ڪرڻ سان ڊڄندي آهي، هن جو نالو سلامتي جي علامت بڻجي ويو آهي. جتي باهه لڳندي هئي، خون وهندو هو، لاش ڪرندا هئا، اُتي هن جون ايمبولينس گاڏيون ئي پهچي وينديون هيون، هُن درد مند جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪنڊ ڪڙڇ کان دردمند نوجوان بزرگ هن قافلي جو حصو بڻجندا رهيا.
هن مملڪت جي ماڻهن جي فطرت ۾ جيڪو به نيڪي جو عنصر هو، اهو ان عظيم شخص جي اداري جي ڪري معاشري جي خدمت جو سبب بڻجي ويو. پئسي وارا پنهنجي مغفرت جي لاءِ هن کي ڪروڙين رپيا ڏيڻ لڳا، پنهنجون وڏيون وڏيون عمارتون هن جي نالي ڪري ڇڏيون. سڄي زندگي پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي پنهنجي جگر جو خون ڏيندڙ ماءُ پيءُ کي جڏهن پٿر دل اولاد بار سمجهڻ لڳو ته هن پنهنجا دروازا انهن لاءِ کولي ڇڏيا. پڙهيل لکيل هستيون پنهنجي پوڙهائپ هتي اطمينان سان گذارڻ لڳا، انهن جو احترام ڪيو ويندو هو، انهن کي آرام ۽ اطمينان سان گڏ کاڌو به کارايو ويندو هو.
غريبن ۽ نادارن جي بک مٽائڻ جي لاءِ دسترخوان به وسيع ٿيندا رهيا، پاڪستان ۾ ئي نه پر پاڪستان کان ٻاهر به هو انسانيت جي تحفظ جي لاءِ پهچڻ لڳو، حڪومتن هن کي بغير ويزا پنهنجي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ ڏنو. دنيا حيران ٿيندي هئي ته غافلن، منافقن، ظالمن، فريبين، خود غرضن ۽ هر روح کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، هڪ ڏينهن سڀني کي وڃڻو آهي، پر جڏهن عبدالستار ايڌي جهڙا انسان سفرِ آخرت کانپوءِ پنهنجي خالقِ حقيقي جي حضور ۾ پيش ٿيندو آهي ته آواز ايندو آهي: ”اي اطمينان پائيندڙ روح پنهنجي رب ڏانهن واپس هل، تو هن کان راضي- هو تو کان راضي، تون منهنجي ممتاز ماڻهن ۾ داخل ٿي وڃ، منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ..“


ايڌيءَ جي ايمانداري
سبتيون ڳالهيون
ثريا ڪپري-آمريڪا
گذريل ڏيڍ مهيني ۾ ڪجهه ماڻهو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، جن تي لکڻ وقت ماڻهو سوچ ۾ پئجي ويندو آهي ته هن جبل جيڏي ڊگهي شخصيت تي ڇا لکجي؟ ۳ جون ۲۰۱۶ع تي محمد علي دنيا کي الوداع چيو ته هاڻ ۸ جولاءِ تي عبدالستار ايڌي دنيا مٽائي ويو. جيڪي ماڻهو صرف پاڪستان جي حالتن کان واقف آهن، انهن کي حيرت ٿي سگهي ٿي ته محمد علي ۽ عبدالستار ايڌي هڪ جهڙي ئي عادتن جا مالڪ هئا، ٻنهي کي دنيا ۾ رائج اڻ برابري واري نظام خلاف ويڙهه ڪرڻ جي صلاحيت هئي. محمد علي کي پئسا سندس باڪسنگ ۽ شهرت جي ڪري مليا پر ايڌي صاحب پنهنجي ايمانداري جي ڪري هڪ اهڙي ملڪ جي ماڻهن کي Lord Macaulay جي ڏنل تعليم (جيڪا غريب سان گڏ ويهڻ کي ناپسند ڪرڻ سيکاريندي آهي، انهن کي هر ڪنهن محفل ۾ شامل نه ڪرڻ، انهن کي بي وقوف ٺاهي انهن جا پئسا ڦٻائڻ جا نت نوان طريقا سيکاريندي آهن) جي ابتڙ انهن ماڻهن جون عادتون مٽائي غريبن جي مدد  ڪرڻ  تي راضي ڪيو ۽ هڪ بي ايماني تي ٻڌل ملڪ اندر ايمانداري سان ادارا جوڙڻ جو مثال قائم ڪيو، اها ايمانداري جيڪا مسلمانن جي سڃاڻپ هئي ۽ ان تي هاڻي خود مسلمان حيران آهن! آهي نه عجيب ڳالھه، يعني هنن کي ياد ئي ناهي رهيو ته هندوستان ۽ سنڌ جون حالتون ڪهڙيون هيون ۽ يورپ ڪيترو ڪنگلو ۽ بي ايمان هيو.
اڳ سڄي دنيا جا مسلمان ائين ئي ايماندار هئا، جهڙا سنڌ جا ماڻهو آهن ۽ جهڙو ايڌي صاحب هيو ۽ ان ڪري ئي هندوستان دنيا جو امير ترين ملڪ هيو ۽ گورن جا ملڪ گندگي جو ڍير هيا جتي غريبن جو استحصال ڪيو ويندو هو، بيواهن جا حق کاڌا ويندا هيا ۽ پئسن جي ونڊ بي ايماني سان ڪيو ويندو هئو. پر Lord Macaulay کي ديسين جا پئسا ڦري، هندوستان کي ڪنگلو ڪري ۽ ديسين کي غلام ٺاهڻ لاءِ بي ايمانن جو ٽولو کپندو هيو، جيڪو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به انگريزي غلامي ۾ رڌل هجي ۽ ملڪ کي قرضي ۽ اپاهج ڪري رکي سو ان ڪري هن فارسيءَ بدران انگريزي آڻي، سمورو نصاب مٽائي ڇڏيو ۽ جيڪي به شهر هندوستان ۾ سهڻا سهڻا اڏيل هيا، انهن کي گهڻي ڀاڱي سنڌ جي حيدرآباد واري قلعي وانگر ڊاهي پٽ ڪيو ته ايندڙ نسل کي اهو ٻڌائجي ته توهان ته ڪجھه به نه ٿا ٺاهي سگهو، سڀ ڪجھه اسان توهان کي سيکاريو آهي. نتيجي ۾ هندوستاني ۽ سنڌي غريب ٿي ويا ۽ ڪنگلا انگريز رئيس ٿي اڀريا!
هن وقت جيڪي اسٽبلشمينٽ ۾ ويٺل آهن، اهي انهيءَ سوچ جا پيروڪار آهن ته ايڌي جهڙا “اڻ پڙهيل” ماڻهو ته هنن جا غلام آهن، اصل شيءِ ته انگريزن جي ٽئڪنالاجي آهي، جيڪا روز نيون ايجادون ڪندا رهن ٿا. اها ٽئڪنالاجي انگريزن ايجاد ڪئي ئي ناهي پر چوري ڪئي آهي پر پاڻ ان بحث ۾ في الحال نه ٿا وڃون. ايڌي صاحب جو جنم بانٽوا جي پتڪڙي علائقي ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جهونا ڳڙھه رياست جو حصو هو، جتي ڪنهن وقت ۾ بي نظير ڀٽو صاحبه جو ڏاڏو سر شاهنواز ڀٽو وزير اعظم رهي چڪو هيو. ان بانٽوا مان ايڌي صاحب سنڌ جي عاليشان طور اڏيل راڄڌاني واري شهر ڪراچي ڏانهن هجرت ڪري آيو،  جتي هندوستان جي بهار صوبي جا ماڻهو به گهڻي تعداد ۾ لڏي آيا. سنڌ ڌرتي هر ڪنهن کي خوش آمديد چيو ڇو ته سنڌ ڌرتي اسلام ۽ صوفي سوچ جو مرڪز آهي، جتي ٻولي، نسل، رنگ ۽ پئسي جي حساب سان سلوڪ ڪرڻ ۽ بي ايماني کي گناهه ڪبيره سمجهيو ويندو آهي ۽ ايڌي صاحب ان جذبي کي مان ڏنو.
اهو ان ڪري هو ته کيس سندس ماءُ طرفان اها ئي تربيت ڏني وئي، جيڪا هڪ سچي مسلمان ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏيندي آهي. سندس ماءَ کيس ٻه آنا ڏئي اهو چوندي هئي ته هڪ آنو تنهنجو ۽ ٻيو آنو ڪنهن ٻئي کي ڏجانءِ، مطلب ته ايڌي صاحب کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو ئي نه ويو. هو فقط ايمانداري سکيو. مان ذاتي طور اهو ڄاڻان ٿي ته ٻار کي پالڻ جو طريقو ئي ان کي انسان ٺاهيندو آهي، امريڪا جون ڊگريون کيس انسان نٿيون بڻائين. منهنجي ناني حاجي سوڀي ڪپري هڪ ولي الله گهراڻي ۾ اک کولي، جتي کيس سندس ماءُ بنا وضوءَ جي کير نه ڏيندي هئي. سو اهو ٻار اڳتي هلي پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر هڪ پرهيزگار، سڄي رات عبادت ڪرڻ وارو ڪامل انسان ٿيو، جنهن کي ساري اسين گورن جي تعليم وارا صرف ڳوڙها ڳاڙي سگهون ٿا ته ڪاش اسين گورن جي ملڪ جون ڊگريون وٺڻ تي پئسا خرچڻ بدران کانئس ڪجھه علم سکون ها ڇو ته امريڪي ڊگرين سان اسين سندس عظمت تي پهچي نٿا سگهون. سندس زندگي لطيف جي هن بيت وانگر هئي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته،
الف گڏي ميم سيِن، جَني وڌو پيٽ،
ڏاتار ۽ منگتو، ٻئي مٺايون ميٽ،
ڏاتار مُٺ هيٺ، مٺ مٿانهين منڱڻي.
محنت جو ثمر ضرور ملندو آهي. جيڪو ماڻهو سڄي رات خدا جي عبادت ڪري ٿو ته ولايت جون اعليٰ منزلون ماڻي ٿو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايڌي صاحب وانگر انسانن جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو ته ان کي جيئري ئي ان جو ثمر ملي ٿو. اڄ پاڪستان جي وڏن شهرن جا ماڻهو ايڌي صاحب جي ايمانداري تي حيران آهن، ڇو ته هنن جي تربيت اهڙي طريقي سان ٿي رهي آهي، جو هنن کي اها ڳالھه عجيب لڳي رهي آهي، پر اها ئي اها واٽ آهي، جنهن تي هلي هڪ عزت ماڻي ٿو، پاڪستان جا اعليٰ عهديدار جڏهن امريڪا اچن ٿا ته هنن کي امريڪي حقارت سان ڏسن ٿا، حالانڪ هو انگريزي اسڪولن ۾ پڙهيل آهن، سندن عورتون گورن جي نقل ڪندي ابو جهل جي زماني جا مختصر ڪپڙا پائي اهو سمجهن ٿيون ته گورا هنن جي عزت ڪندا، پر هنن کي جلد ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته اها هنن جي ڀل آهي، پر اهي ساڳيا امريڪي يا يورپي حڪمران ۽ ڪامورا ايڌي صاحب کي حقارت سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن. ايڌي صاحب هن وقت سنڌ جي راڄڌاني جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ستل آهي، پر اسان کي اهو چئي ويو آهي ته محنت، ايمانداري، وقت جي پابندي ڪيو ته ملڪ کي نه ڪو لهر، نه ڪو لوڏو. ڇو ته هي دنيا فاني آهي ۽ آخر ۾ صرف هر ڪنهن جي ڳالھه وڃي رهندي آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.


عظيم تر ايڌي
مرلي ڌر
ايڌي عظيم هيو، هاڻ هو عظيم تر ٿي ويو آهي. پنهنجون اکيون عطيو ڪري ويو. ايڌي پنهنجا سمورا عضوا عطيو ڪيا هيا. هن ايس آءِ يو ٽي ۾ موت کان پوءِ پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو وچن ڪيو هيو. بدقسمتي سان هن جا ٻيا عضوا عطيو نه ٿي سگهيا. ايڌي وٽ موت کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڏيڻ لاءِ هيو، اُهي فقط اکيون هيون، جيڪي هو موت کان پوءِ به ڏئي ويو. اها آهي ڪنهن ماڻهو جي مهانتا. ايڌي مهان هيو. ان زندگيءَ ۾ هزارين لکين ماڻهن کي پنهنجو وقت، خدمتون ۽ زندگي ڏني. موت کان پوءِ به ٻن ماڻهن کي روشني ڏنائين. هاڻ به ايڌي اوهان کي ڏسي ٿو. ايڌي انهن ٻن اکين سان، هن دنيا کي ڏسندو رهندو. اوهان کي ڏسندو رهندو.
عبدالستار ايڌي ايس آءِ يو ٽي ۾ ۱۰ سال ايندو رهيو. انتهائي سادگي، ماٺيڻو، قناعت پسند ۽ خدمتگار. ايڌي ڪڏهن به خاص ورتاءُ جو متلاشي نه رهيو. ڊاڪٽر اديب رضوي هن جي عزت ڪندو هيو ۽ هو اديب رضوي جي عزت ڪندو هيو ۽ هو اديب رضوي جي ڳالهه رکندو هيو. هڪ دفعي هو ڊائلاسس ڪرائڻ لاءِ نه آيو. ڊاڪٽر اديب رضويءَ ان کي فون ڪيو ته ان جي ڊائلاسس تمام ضروري آهي. پوءِ به اچڻ نه پئي چاهيائين. بقول ان جي پٽ فيصل ايڌي جي ته ايڌي صاحب ڪڏهن ڪڏهن ضد به ڪندو آهي ۽ جڏهن ضد ڪندو آهي ته پوءِ هو ڪنهن جي به نه ٻڌندو آهي. اديب صاحب کي پاڻ ان جي گهر اچڻو پيو. جيڪو همراهه ڊاڪٽر اديب رضوي سان گڏ ان جي گهر ويو. ان ٻڌايو ته ايڌي صاحب جو گهر انتهائي سادو ۽  بغير ڪنهن لوازمات جي هيو. تنهن ڏينهن هڪ ٽي وي چينل تي ٻڌم ته هڪ دفعو هن تجزيه نگار کان پڇيو ته مون مان تو کي ڌپ ته ڪو نه ٿي اچي؟
همراهه پڇيو ته هو ائين ڇا لاءِ ٿو پڇي ته ايڌي صاحب وراڻيو ته جسم تي پهريل ڪپڙن جو جوڙو گذريل هڪ مهيني کان پهريو اٿم تنهن ڪري هو پڇي ٿو. اهو هيو ايڌي. خدمت اهو ئي ڪري سگهندو، جيڪو پاڻ کي وساريندو، پنهنجي سک کي وساريندو. ايڌيءَ پاڻ کي وساريو، پنهنجي آرام ۽ سک کي وساريو. تڏهن ان ايڌي چورايو.
هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ ۱۳ لک ماڻهو اکين جي روشنائي کان محروم آهن. انهن کي روشنائي کپي. انهن کي اکيون کپن. ۱۵۰ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هر سال بڪين، جگر، دل، لبلبو جي مستقل بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا. انهن کي دل، جگر ۽ بڪيون کپن. اهي ڪير ڏيندو؟ ايڌي جي رستي تي هلڻ وارا، اڳتي اچن. فقط ايڌي جي واهه واهه ڪرڻ سان ڪجهه نه ورندو. ايڌي جي رستي تي هلڻ سان، هر ايڌيءَ کي مان ڏئي سگهبو.
ايڌي عظيم مان عظيم تر ٿي ويو. هن ٻن ماڻهن کي دنيا ٻيهر ڏسڻ جي قابل بڻايو. ايڌي، ايمبولينس تي ايندو هيو. خاموشيءَ سان انتظار گاهه ۾ ويهندو هيو. ڪنهن خاص ورتاءَ جي خواهش ڪڏهن نه ڪيائين. جڏهن ڊائلاسس شروع ٿي ته پاڻ چئي ڪري پنهنجي ڊائلاسس ان ئي جڳهه تي ڪرايائين جتي ٻين سڀني جي ڊائلاسس ٿيندي هئي. هڪ دفعو هن چيو ته مان وڏن ماڻهن وٽ چندو وٺڻ ناهيان ويندو. مون کي جڏهن به پئسن جي ضرورت هوندي آهي ته مان رستي تي ڪشتو جهلي بيهندو آهيان ۽ ماڻهو پاڻ مون کي پئسا ڏئي ويندا آهن. ايڌي گهٽ ڳالهائيندو هيو. هن ڪڏهن پنهنجي شان ۾ پروگرام نه ڪرايا. ڪڏهن ڪو اشتهار نه ڇپرايو. ايڌي انسانيت جو علمبردار هيو ۽ هميشه رهيو. شال ايڌي جون اکيون هميشه چڱو ڏسن.


عبدالستار ايڌي
انسان ذات جو بي لوث خدمتگار
ابراهيم لاشاري
جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته؛ ”چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري. هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زندهه رهي ٿو.“ اهڙيءَ ريت ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ع تي عظيم ڪردار جو مالڪ عبدالستار ايڌي هي سونهن ڀريو سنسار ڇڏي هميشه لاءِ پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري وڇڙي ويو. پر پاڻ هاڻ هميشه امر  ڪردار واري حيثيت سان ياد ايندو رهندو، هن دنيا منجهه ڪيترائي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي. عبدالستار ايڌي سال ۱۹۲۸ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي! هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو، عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس مٿان فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي. ايڌي صاحب کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو. سندس والد  عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو پر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس، سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس. هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس.
هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن، غريبن، ۽ ذهني اپاهج انسانن سان بيحد همدردي هوندي هئي. يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو پر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو، ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي ۵ رپيا پگهار تي مزدور ٿي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن ۱۵ سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي، عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هو بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظريي کان واقف ٿيو، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءُ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهه هزار ميمڻن سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا، هن سال ۱۹۵۱ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي. شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو. سندس خيال هو ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان. سال ۱۹۵۷ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون، اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستار ايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي.
ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر (ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين، انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌائين، ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو. بي بي سي جي رپوٽ موجب سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۸ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت اٽڪل ۶۰۰ کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجهه ڪلينڪون، ميٽرنٽي هوم، پاڳل خانا، پناهه گاهون، ۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن.
ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فراهم ڪندو رهي ٿو، هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا، افغانستان، عراق، چيچنيا، سوڊان، ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي.
۱۶آگسٽ ۲۰۰۶ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ايران، آمريڪا، شام، اسرائيل، ڀارت، بنگلاديش، برطانيا، سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي کي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي. سال ۱۹۹۷ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو ان کان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستار ايڌي سياست پڻ ڪئي سال ۱۹۶۴ ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو پر ۱۹۷۰ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي کيس شڪست ملي، عبدالستار ايڌي ۱۹۶۵ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اها آڇ قبول ڪري سال ۱۹۶۶ع اپريل جي ۱۹ تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو، ايڌي کي سال ۱۹۸۸ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا، ڪوريا، ڀارت، يواي آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا. سنڌ حڪومت سال ۱۹۸۹ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيهه ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتارين ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو، انسان ذات جو وڏو خدمت گار، امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هن عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس  هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو، انسانيت جو هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، سال ۲۰۱۳ع کان ايس آءِ يو ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو پر صحت سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي ۸۸ سال ۶ مهينا ۷ ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسانن ۽ سڄي دنيا کان ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي، ڪبري ايڌي، زينت ايڌي، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهون سوڳوار ڇڏي ويو. سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نماز جنازا ادا ڪرڻ بعد وصيعت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته هن عظيم انسان ۲۵ سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيعت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ ئي دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو پر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون. اڄ ۸ جولاءِ ۲۰۱۸ع تي سندس ٻي ورسي ملهائي ويندي.



عبدالستار ايڌي

انسان ذات جو بي لوث خدمتگار

ابراهيم لاشاري

جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته “چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري؛ هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو انهي جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زنده رهي ٿو. هن دنيا منجھ ڪيترا ئي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي. عبدالستار ايڌي سال ۱۹۲۸ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙھ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي! هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو، عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي. سندس کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو. سندس والد عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو مڱر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس، سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس. هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس. هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن، غريبن، ۽ ذهني اپاهجن انسانن سان بيهد همدردي هوندي هئي. يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو مڱر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو، ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي ۵ روپيه پگهار تي مزدور ٿي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن ۱۵ سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي، عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هن بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظري کان واقف ٿيو، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءَ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيھ هزار ميمڻ سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا، هن سال ۱۹۵۱ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو سندس خيال. ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان، سال ۱۹۵۷ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون، اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستارايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي، ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر ( ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين، انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌهائين، ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو. بي بي سي جي رپوٽ موجب سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۸ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت تقريبا ۶۰۰ کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجھ ڪلينڪون، ميٽرنٽي هوم، پاڳل خانا، پناهگاهون، ۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فرامي ڪندو رهي ٿو، هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا، افغانستان، عراق، چيچنيا، سوڊان، ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي. ۱۶آگسٽ ۲۰۰۶ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ايران، آمريڪا، شام، اسرائيل، ڀارت، بنگلاديش، برطانيه، سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي جي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي. سال ۱۹۹۷ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو انکان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستارايڌي سياست پڻ ڪئي سال ۱۹۶۴ ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو مڱر ۱۹۷۰ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي شڪست ملي، عبدالستار ايڌي ۱۹۶۵ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اهيا آڇ قبول ڪري سال ۱۹۶۶ع اپريل جي ۱۹ تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيھ پرڏيھ ۾ ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو، ايڌي کي سال ۱۹۸۸ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا، ڪوريا، ڀارت، يو_اي_آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا. سنڌ حڪومت سال ۱۹۸۹ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيھ ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتاريون ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو، انسان ذات جو وڏو خمتدگار، امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هي عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو، انسانيت جي هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، سال ۲۰۱۳ع کان ايس، آءِ، يو، ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو مگر صحت ساٿ ڇڏي ڏنو، يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي ۸۸ سال ۶ مهينا ۷ ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسان ۽ سڄي دنيا کان ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راھ رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي، ڪبري ايڌي، زينت ايڌي، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهن سوڳوار ڇڏي ويو. سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نمازي جنازه ادا ڪرڻ بعد وصيت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته هن عظيم انسان ۲۵ سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو مڱر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون. اڄ ۸ جولاءِ ۲۰۱۷ تي سندس پهرين ورسي ملهائي ويندي.


 

عبدالستار ايڌي صاحب

ملڪ جو ٽرينڊ سيٽر خادم

رياض احمد آگرو

برطانيا جو برصغير ڇڏڻ کانپوءِ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا، هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان، ٻنهي ملڪن آزاديءَ کانپوءِ الڳ الڳ ترجيحات مقرر ڪيون، ان وقت سوشلسٽ نظريو دنيا کي متاثر ڪري رهيو هو، هندستان جي جنگِ آزادي وڙهندڙ پارٽي ڪانگريس جا ڪيترائي اڳواڻ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جا هئا، جن ۾ ان جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو پڻ شامل آهي، سندس ڌيءُ ڏانهن جيل مان لکيل خط (جن ۾ هن تاريخ تي تجزيو ڪيو آهي) ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن، هڪ خط چنگيز خان متعلق لکي ٿو ته ”مان شايد ضرورت کان وڌيڪ تفصيل سان چنگيز خان جو احوال لکي ڇڏيو، پر مان ڇا ڪريان، ان شخص لاءِ مون کي ڪشش آهي، ڇا اها تعجب جي ڳالهه نه آهي ته هڪ خانه بدوش قوم جي جاگيرداري نظام جو هڪ خونخوار ۽ ظالم جنگجو سردار مون جهڙي هڪ مسڪين شخص کي وڻي، جيڪو امن، آتشي ۽ عدم تشدد جو حامي آهي، جيڪو شهر جو رهندڙ آهي ۽ جنهن کي جاگيرداريءَ لاءِ سخت نفرت آهي.“ هن فقري مان نهروءَ جو لاڙو معلوم ٿي سگهي ٿو، هندستان ۾ آزاديءَ کانپوءِ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪري خانگي زمين رکڻ جي حد سترهن ايڪڙ مقرر ڪئي ويئي، بچيل زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي ويئي، جنهن سان معاشي انصاف کي هٿي ملي.

 

 

پر اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ رهيو، ملڪ جي بانيءَ جو بدقسمتيءَ سان حياتيءَ ساٿ نه ڏنو، جو هو پنهنجي (Vision) مطابق نئين ملڪ جي راهن جو تعين ڪري. سندس جانشين ان بصيرت کان عاري هئا، جنهن تحت هن ملڪ حاصل ڪيو هو، اهڙو اظهار هن پنهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيو هو ته ”منهنجي کيسي ۾ سڀ کوٽا سڪا آهن“. هُنن جيڪو رستو اختيار ڪيو، اهو ملڪ کي منزل کان پري ڪندو ويو . سنڌ ۾ وري بي زمين هارين ۽ غريب ماڻهن کي هندن طرفان ڇڏيل زمينن مان ڪجهه کي نه مليو، نه صرف اها زمين پر جيڪا مسلمانن جي هندن وٽ گروي رکيل هئي سا پڻ هندستان کان آيل مهاجرن کي ڪليمن ۾ ڏني ويئي، ويجهڙائي ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي ڊپارٽمينٽ (Political Dynamics of  Sindh) نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ ان وقت ڪليمن ۾ ڏنل زرعي زمينن جا سمورا تفصيل ڏنل آهن، جن جو تعداد ۲۵ لک ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ڪجهه ئي وقت اندر محسوس ٿيڻ لڳو ته هي ملڪ جاگيردارن، ملڪن، ٽوانن، سردارن، نوابن ۽ خان بهادرن لاءِ ٺهيو آهي، هتي غريبن کي ڪي گهڻا موقعا ميسر ڪونه هوندا. گذريل لڳ ڀڳ ستر سالن جي تاريخ ته ان ڳالهه جي شاهد آهي.

مٿئين پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن، جن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي، انهن لاءِ ڪنهن فلاحي ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه ضرورت هوندي ۽ انهيءَ پس منظر ۾ ئي عبدالستار ايڌي کي سمجهڻ گهرجي. عبدالستار ايڌي خدمت ۽ سادگيءَ ۾ مهاتما گانڌي، علامه عنايت الله مشرقي، باچا خان واري سلسلي جي ڪڙي آهي، باچا خان لاءِ مشهور آهي ته هن ڪنهن چندي مهم دوران بوٽ پالش ڪيا هئا. ايڌي صاحب دمت جي ڪمن ۾ گانڌيءَ سان مشابهت رکي ٿو. هتي الميو اهو آهي ته گفتار جا غازي عام جام ملندا، جيڪي زباني حد تائين محدود هوندا، پر ايڌيءَ ۱۹۵۰ع ۾ ڊسپينسريءَ جي سطح کان ڪراچيءَ ۾ خدمت جي ڪم جو آغاز ڪيو. شروعات ۾ کيس گهڻا وسيلا نه هئا، پر هن ننڍي سطح کان عملي ڪم ڪيو، قدرت سندس مدد ڪندي ويئي، ماڻهن کي جڏهن هن جي سچائي نظر آئي ته انهن سندس دل کولي مدد ڪئي، ائين سندس فلاح جو دائرو وڌندو ويو. ۱۹۶۵ع تائين هن ايمبولنس سروس پڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ جنگ جا زخمي پڻ کنيا ويا. عجيب ڳالهه آهي ته جنهن خطي سان سندس تعلق آهي يعني هندستان جو علائقو گجرات، ان سڄي برصغير وڏا وڏا عملي ماڻهو پيدا ڪيا، جن جي موجوده دور جي تاريخ تي ڇاپ آهي، مثال طور مهاتما گاندي، محمد علي جناح (قائداعظم جي پيدائش ته سنڌ ۾ ٿي پر سندس والد جو تعلق به گجرات سان هو) ۽ ايڌي صاحب به ۱۹۲۸ع ۾ گجرات ۾ پيدا ٿيو هو.

ايڌي صاحب جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس نالي سان مولانا جو نالو ڳنڍڻ صحيح نه آهي، البته هو سوشلسٽ فلسفي کان متاثر هو، اها ڳالهه ڪيتري حد تائين صحيح آهي سو چئي نه ٿو سگجي پر هو پڪو صوفي ضرور هو. هن صرف ٻن درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. عشق جي شادي به ڪئي ۽ ان لاءِ تلقين ڪندو هو ته پيار جي شادي ڪريو، ڇوته اها ڏاج جي لعنت کان پاڪ آهي، چون ٿا ته هن کي سماجي ڪمن جو جذبو پنهنجي فالج زده ماءُ جي خدمت دوران آيو، جڏهن ان جي وفات ٿي ته ان وقت هن جي عمر اڻويهه سال هئي. حبيب جالب جي هڪ گيت ”چهري نهين سماج ڪو بدلو، لٽيرون ڪي راج ڪو بدلو“ گيت پڻ کيس متاثر ڪيو. هن گيت سندس اندر ويٺل خادم کي اهڙو جاڳايو جو هو وري نه سُتو، اڄڪلهه پنجاب جو وزيراعلى به پاڻ کي خادم اعلى سڏائي ٿو، هن کي مخدوم اعلى چئي سگهجي ٿو. ايڌيءَ سان ڪو به غريب يا ضرورتمند ڪنهن نا انصافيءَ يا ڪم ڪار لاءِ چوندو هو ته هو کيس تلقين ڪندو هو ته ”حاجي صاحب نجام بدلو“ جب تڪ ”نجام“ تبديل نهين هوتا، غريب ڪي حڪومت قائم نهين هوگي، مسائل حل نهين هونگي.“ پر ايڌي صاحب کي شايد اندازو نه هو ته هن سرزمين ۾ اهي جزا ئي گهٽ آهن جيڪي نظام کي بدلائن، هتان جو حڪمران طبقو جنهن جو تعلق ڪنهن سان به هجي ڪم ساڳيا هوندا. حڪومتي وسيلا پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ، جمهوريت هجي يا ٻي ڪا حڪومت. اشرافيا جو ساڳيو ٽولو هر دفعي ويس مٽائي اچي ٿو.

ايڌيءَ سان ويجهڙائيءَ سان ڪم ڪندڙ سندس ساٿين جو چوڻ آهي ته هو جڏهن ڪم ڪندو هو ته ڪنهن روبوٽ وانگر لڳندو هو، پوءِ اهو ڪم پنهنجي ڪنهن سينٽر جي سرد خانن ۾ رکيل لاشن کي نالن جي بجاءِ نمبرن سان چوڻ، مردن توڙي نون ڄاول ٻارن کي غسل ڏيڻ، غريبن کي کاڌو کارائڻ هي سڀ ڪم هو غير جذباتي انداز ۾ ڪندو هو، پر جڏهن کيس ڪير ويجهڙائيءَ کان ڏسندو هو ته هو صوفي ۽ معصوم ٻار واري طبيعت رکڻ وارو زنده دل انسان هو. سندس ضرورتون محدود هونديون هيون، سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو، ٻن وڳن تائين ڪپڙا رکيا. هن مليل چندي کي ڪڏهن به پنهنجي ذات تي استعمال نه ڪيو. هو سنڌي به ڳالهائيندو هو ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ ايڌي مرڪز کوليا، يتيم ٻارڙن لاءِ ايڌي گهرکوليا، انهن گهرن ۾ رهندڙ ٻارڙا کيس نانا سڏيندا هئا. هن نه صرف پاڪستان ۾ فلاحي ڪم ڪيا، پر جڏهن هيٽيءَ ۾ سيلاب ۽ آمريڪا ۾ قطرينا طوفان آيو ته هن اتي وڃي به ڦاٿل ۽ ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهڙن موقعن تي آمريڪا اچڻ دوران ايئر پورٽ تي سندس حليي جي ڪري تفصيلي جاچ پڙتال ڪرائي يا پاسپورٽ رکي ڇڏيندا هئا، پر اهڙيون ننڍڙيون رڪاوٽون ايڌيءَ کي ڪٿي ٿيون روڪين. پاڪستان ۾ ڪهڙيون به حالتون رهيون، ايڌي سروس ۽ ايمبولنس هر صورت ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو.

پاڪستان ۾ ڪو به ڪم ڪرڻ توڙي جو اهو فلاحي يا خير جو ئي ڇو نه هجي، اهو ڪرڻ سولو نه آهي، ڇوته هي ملڪ ٻهروپين سان ڀريل آهي، سڀني سياسي جماعتن (قومي يا نسلي) جا سربراهه، پاڻ کي سڀ کان وڏو غريب ۽ انسان دوست چورائڻ ۽ زباني حد تائين ان جي پرچار ڪندا رهندا آهن. حالانڪه سندن ذاتي دولت جا راز سئٽزرلينڊ، لنڊن ۽ دبئي ۾ کلي رهيا آهن. ايڌيءَ جي جڏهن مقبوليت وڌي ۽ سندس ڪم نمايان نظر اچڻ لڳو ته ڪراچيءَ جي هڪ جماعت به اهڙو ادارو ٺاهيو،  جيڪو به فلاحي ڪم ڪرڻ جو ڏيک ڏيندو يا ٿورا گهڻا ڪندو آهي، سندن نظر سنڌ جي شهرن خاص طور ڪراچيءَ مان فطرو، زڪوات ۽ عيد الاضحى لاءِ قربانيءَ جي جانورن جي کلن تي هئي جا رقم پڻ  ڀتي وانگر اوڳاڙي ٿيڻ لڳي. سندن خواهش ۽ ڪوشش رهي ته شهر ۾ ڪو به ٻيو ادارو اهو ڪم نه ڪري، ان ڪري عبدالستار ايڌيءَ کي پڻ شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، ميرپورخاص ۾ سندس هڪ ساٿي جي يرغمال ٿيڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجو سمورو فلاحي ڪم بند ڪري انڊيا ۾ شروع ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جي ان وقت جي وزيراعلى ڄام صادق علي هن وٽ هلي ويو ۽ منٿ ڪئي ته هو وطن نه ڇڏي. ٻيو دفعو ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت هٽائڻ کانپوءِ به کيس دٻاءُ وڌو ويو ته هو ان سيٽ اپ جي حمايت ڪري پر هو لنڊن هليو ويو، جتي پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، پر هر مخالفت هوندي هن پنهنجو مشن نه صرف جاري رکيو، پر ان جو دائرو وڌائيندو ويو. ايڌيءَ جي ايمبولنس ۽ ايئر ايمبولنس سروس اميرن توڙي غريبن جا لاش بنا فرق سندس اباڻن علائقن تائين پهچايا، پوءِ اهو ڄام صادق جو هجي يا مرتضى ڀٽو جو يا وري ڪنهن عام ماڻهوءَ جو.

موجوده دور ۾ نوان خيال ۽ لاڙا مغرب کان ايندا رهن ٿا، باقي دنيا انهن جي تقليد ڪري ٿي، مثال طور تي بل گيٽ مائڪرو سافٽ ٽيڪنالاجيءَ جو بنياد رکيو، ان سان مواصلات جو جديد نظام ممڪن ٿي سگهيو، مارڪ زوڪر برگ، پنهنجي يونيورسٽيءَ ۾ دوستن جو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ فيس بُڪ ٺاهيو، جيڪو اڳتي هلي سوشل ميڊيا جو اهم ٿنڀو ثابت ٿيو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ سماجي ڪم جو (Trend Setter) ايڌي صاحب آهي. ان جي تقليد ۾ به ٻيا ڪيترائي ادارا ٺهيا، پر ايڌيءَ جي ايمبولنس ۾ هندوءَ جو لاش ته عيسائيءَ جو لاش يا مريض بنا ڪنهن تفريق جي کنيو ويندو هو. سندس ايجنڊا صرف انسانيت هئي، هن پنهنجي ذات جي نفي ڪري انسان دوستيءَ جي ڪم کي ترجيح ڏني. آخر ۾ ملندڙ دولت جي انبارن هوندي سادي زندگي گذاري. کيس سڀ کان وڏو خراج عقيدت اهو ٿي سگهي ٿو ته سندس مشن ائين ئي هلي جيئن هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هلايو.


 

هيڻن جو ايڌي

ڪلال

اڳئين هفتي مولانا عبدالستار ايڌي وفات ڪري ويو، اهو جيڪو پاڻ کي ڪڏهن مولانا ڪو نه سڏائيندو هو. (هونئن به اسلامي تاريخ يا مسلمانن جي تاريخ ۾ علمائي حق ۽ علمائي سُو جو تصور صدين کان هلندو پيو اچي ۽ اڄڪلهه جي سالن ۾ ملڪ جي حالت ڏسي، جيڪو سدائين ويلي وقت آهر مقتل گاهه پيو بڻايو ويندو آهي ۽ ايڌي صاحب کي سوچي اهو تصور ويتر چٽو بڻجي اڳيان اچيو وڃي.)

اسان ڏٺو، دنيا ڏٺو ته مرحوم کي پروٽوڪول يا سرڪاري اعزاز سان غسل ڏياريو ويو، ڪفنايو ويو ته دفنايو به ويو. سندس جنازي جي نماز پڻ سرڪاري سطح تي پڙهائي وئي. سندس جنازي جي ايڏي وڏي پروٽوڪول کي وري اسان جي ”قومي“ ميڊيا ويتر وڌيڪ سرڪاري بڻائي ڇڏيو، جنهن اسان جهڙن اٻوجهن ۽ حساب ڪتاب جي ڪچن کي اهو ياد ڏياريو ته ملڪ جي باني قائداعظم جي جنازي جهڙو ئي پروٽوڪول مرحوم ايڌيءَ کي به ڏنو. جيتوڻيڪ قائداعظم کي سندس زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ سرڪار سڳوري مڪمل طور تي پروٽوڪول کان بي نياز/ آجو ڪري ڇڏيو هو.

مرحوم عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي کي مليل اعزاز کي ڏسي اها چوڻي ياد اچيو وڃي، جيڪا اسان سڀني جي ٻڌل هوندي ته، ”ڪاميابيءَ جا سَوَ پيءَ هوندا آهن يا پيدا ٿي پوندا آهن.“ انهيءَ کي هاڃو چئجي، ٻچاپڙائي چئجي، شهرت جي بک چئجي يا هر چڱي ڳالهه تي دعويٰ ڌرڻ ۽ هر فائديمند منظرنامي کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ جي ڏاڍ مڙسي چئجي جو اهو شخص جيڪو سڄي ڄمار اڻ هوند وارن، نڌڻڪن، بي واهين ۽ لٿڙيل ۽ لتاڙيل ماڻهن جو هڏ ڏوکي ۽ انهن جو پنهنجو ٿي رهيو، جن لاءِ هو سڄي عمر جيئندو رهيو، انهن سڀني کي حفاظت، سلامتي، اعزاز جو ڀوت بڇائي اوڏو اچڻ ئي ڪونه ڏنو ويو. (ميڊيا ۾ ته اهو به آيو آهي ته پهرين ته سندس پٽ فيصل ايڌي کي به پيءُ جي ميت کان ڇڊو ڪري بيهاريو ويو هو.)

سو منهنجا سائين پاڻ جهڙن کي ته اعتراض ڪرڻ، پيشاني گهنجائڻ جو نه ڪو حق آهي نه ئي پاڻ ۾ دم پر لقاءَ اهو ڏسڻ ۾ آيو ته جنهن ۾ جيترو زور آهي، سگهه آهي اهو ئي هن ملڪ ۾ هر چڱائيءَ جو دعويدار هجڻ جو حقدار آهي. هونئن به هن ملڪ جي ميڊيا جا پنجاهه کن چئنل ۽ سون هزارن جي انگ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جن ڌرين جي ثنا خواني ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ربط النسان هجن ته پاڻ کي ڇو ته ساڙ وٺي!

۽ انهن به ٻڌائي ڇڏيو بلڪه بار بار ٻڌائيندا ۽ ٻڌرائيندا رهندا آيا آهن ته سڀ گڻ اسان ۾ آهن، عقل کان وٺي بهادري تائين، حب الوطني کان وٺي سکي زندگي جيئڻ جو حق رکڻ واري ڳالهه فقط اسان ۾ آ، اسان جي آ، ائين عبدالستار ايڌي به اسان جو آ!

مڙئي ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي پئي اچي.

ايڌي صاحب جي آخري ڏينهن ۾ پاڻ ڏٺو ته اهو ڪهڙو هو جنهن جو هن ملڪ ۾ ڳڻپ ۾ اچڻ جوڳو نالو هجي يا جيڪو پاڻ پنهنجو نالو ڳڻائڻ لاءِ اتاولو رهندو هجي سو کانئس طبيعت پڇڻ جو بهانو ڪري ساڻس فوٽو سيشن واري موقعي جو فائدو نه ورتو هجي!؟ اهي به ويا جن سدائين وڏي عيد تي کانئس اضحيٰ جون کلون ڦريون هونديون. اهي به ويا جيڪي سڄي ڄمار سندس سادي رهڻي ڪهڻي ۽ کاڌي پيتي ۽ ڏيک ويک کان بي نياز طبيعت تي ٺٺوليون ڪيون هونديون! اهي به پهتا جيڪي هن ملڪ جي عام زندگيءَ کان واقف ئي ڪو نه آهن، جن کي ٻڌڻ ۾ فقط اهو آيو هوندو ته ”ايڌي صاحب ڪو چڱو ماڻهو آهي. چڱائي جا ڪم پيو ڪري، اربها روپين مان پائي ميري ڪونه ڪري. اهو شخص جيڪو وڏي واڪي چوندو هو ته ڪير نيڪ نيتي سان کانئس پائي پائي جو ليکو چوکو پڇي سگهي ٿو. اهي به سندس طبيعت پڇڻ ويا جن هٿن ۾ اربين کربين آيا هوندا، پر جن اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن ڪنهن کي ليکي چوکي جو ٻڌايو نه ئي ڪنهن کي ان جو حقدار سمجهيو، جيڪي هر مروج پرک جي اصولن کان مبرا آهن.

ها البت انهن مان ڪو به کيس پڇڻ ڪونه ويو، جن کي اها ڳالهه ڪندي گگهي پئجي ويندي آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ان بيمار پوڙهيءَ کي به پڇڻ لاءِ ويا هئا جيڪا روز مٿائن ٻُهر اڇلائيندي هئي ۽ ان جي پيروي جي دعويٰ ڪندي ڪندي نه سندن ڳياڙي ٿي ٿڪجي نه ته سندن ڄڀ ٿي تارونءَ سان لڳي! بهرحال هن ملڪ ۾ ائين هلندو آيو آهي ۽ ائين ئي پيو هلندو!

سو مون چوڻ پئي چاهيو ته ڪيئن نه مختلف ماڻهن کي عبدالستار ايڌي جهان ڇڏي اسان جي آڏو آندو ۽ سندن پت وائکي ڪئي آهي.

هن ملڪ ۾ سماجي خدمت جي ڏس ۾ هڪ ٻئي وڏي جو ذڪر بي عمل نه ٿيندو، اهو هو مرحوم اختر حميد خان، جنهن ”اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ“ شروع ڪيو هو. اڄڪلهه جڏهن NGO’s وارن تي اهي الزام لڳندا پيا اچن ته اهي يا سندن منصوبا مالي بدديانتي جو شڪار ٿا بڻجن ۽ مختلف ڊونرز کان ملندڙ ڪروڙين روپين جي رقمن ۾ گهوٻيون ٿا هڻن تڏهن سندس چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڊونرز نوٽن جا ٻورا ڀري سندس پويان پيا هلندا هئا پر ان ڪڏهن اهڙي مدد قبول ڪا نه ڪئي.

اها ئي ساڳي طبيعت ايڌي صاحب جي پڻ سڄي ڄمار رهي. ان پڻ ڪڏهن ڪنهن کان بيجا مدد ڪا نه گهري بلڪه بارها ”وڏن“ جي آڇيل مدد توڙي رقم کي رد ڪيو هوندو. هن ڪڏهن به ڪنهن سماجي يا سياسي طور تي بدعنوان شخص جو روپيو قبولي سندس ”آخرت سنوارڻ“ واري ”نيڪ عمل“ ۾ ٻانهن ٻيلي بنجڻ وارو ڪڌو ڪم ڪو نه ڪيو. هو سڄي عمر دکي انسانيت جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ بي واهين ۽ سماج جي هيٺئين طبقي مان ملڻ واري سهائتا کي اوليت ڏيندو هو.

اها ڳالهه عام طور تي ٻڌائي ٿي وڃي ته هو سوشلسٽ خيالن جو هو. اها ڳالهه اسان ان شخص کان ٻڌي جيڪو ساڻس انهن ڏينهن افغانستان جي سفر تي گڏ ويل هو. جڏهن ان اڀاڳي ڌرتيءَ تي آمريڪا جا بمبار ”ڪارپيٽ بمباري“ ڪندا هئا ۽ ايڌي صاحب اتي ان ئي پنهنجي ڪم جي سرانجامي لاءِ ويل هو، يعني ته ڦٽيلن جي مرهم پٽي ۽ دوا دارون ڪرڻ ۽ قتل ٿيلن کي ڌرتيءَ حوالي ڪرڻ. هاڻي ته ان ڳالهه جي تصديق سندس فرزند به ڪري ٿو.

جيئن مون شروعات ۾ لکيو آهي ته ”ڪاميابيءَ جا سئو پيءُ هوندا آهن.“ ائين ڪنهن يار ته اهو به لکيو ته ”مرحوم کيس اهو به ٻڌايو ته پاڻ اسٽالن کان به متاثر هو. آءٌ ان دوست جي سچائيءَ تي شڪ ڪو نه ٿو آڻيان پر ان ڳالهه ۾ حيرت جو پهلو اهو آهي ته عبدالستار ايڌي سادگي جو آدرش نما پتلو ۽ نهٺائيءَ جو نمونو هو ۽ اسٽالن ته وڏي جاهه و جلال سان جيئرو رهيو ۽ هيبت جو اهڃاڻ هو!

مولانا ايڌيءَ جي جهان ڇڏڻ کانپوءِ سندس باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. اهو به ظاهر ٿيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي بنهه ڏاڍا آهن، هر هڪ کان، قانون کان، انصاف، انهن به کانئس فرمائشون ڪيون! تڏهن اهو سوچي ساهه لُڪيءَ ۾ اچي ٿو وڃي ته هن ملڪ ۾ سماجي ۽ خير جو ڪم ڪرڻ لاءِ به طاقتورن جي آنڪي ڀريو! نه ته هتي الزام هڻڻ هونئن ئي ڏاڍو سولو آهي، خاص ڪري بي واهين تي ۽ خاص ڪري سگهن پاران.

ڪيڏو ته جيئڻ ڏکيو آهي!


 

ڪوهيارو ڪيچ ويو

شوڪت لوهار

"Every man’s life ends in the same way,

It’s only the details of how he lived,

And how he died that distinguishes,

One man from another."

(Ernest hemming way)

”هر ماڻهوءَ جي حياتي هِڪ جهڙي طرح پوري ٿئي ٿي، اِهي جيون جا تفصيل ۽ تجربا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته هُن ڪهڙي ريت زندگي گذاري، صِرف اِهي گهاريل گهڙيون ئي هڪ ماڻهو جي زندگاني کي ٻئي کان ممتاز ڪن ٿيون.“

مٿين ڳالهه جڳ مشهور آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جي آهي، جنهن جيون بابت ڪيڏو نه خوبصورت نقشو پيش ڪيو آهي جو ماڻهو ماڻهو کان ڪيئن مختلف ٿئي ٿو. هر ساهه واري شيءِ جو اختمام اچڻو آهي. اِهي زندگي جون گهاريل گهڙيون آهن، جيڪي هِڪ ماڻهو جي زندگي کي ٻئي جي زندگي کان جدا ڪن ٿيون.

اِنسان جي زندگي جي شروعات به روئڻ کان ۽ اختتام به روئڻ کان، وچ وارو عرصو، ڀڄ ڊُڪ، ڇڪ ڇڪان، وٺ وٺان وارو، نيٺ خبر اها پوندي جو موت جو پروانو اچي پهچندو. زندگي جا ڪئين رنگ روپ آهن، زندگي ڪنهن ڏور سحرا ۾ گهاريل ڪنهن پل جو نانءُ به ٿي سگهي ٿي. زندگي ڪنهن اڇوت کان زندگي ۾ پهريون ڀيرو گهريل پاڻي جو گلاس به ٿي سگهي ٿي، زندگي بندوق جي نالي ۾ ٺاهيل پکي جو نال به ٿي سگهي ٿي.

زندگي ڪنهن ٻهروپئي جي ڪردار ۾ تحليل اهو وجود به ٿي سگهي ٿي، جنهن جون انيڪ معنائون آهن، زندگي ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ به آهي، زندگي جا ڪئين روپ ٿين ٿا، اصل مسئلو ان کي اهڙي نموني گذارڻ آهي جو ماڻهو ان کي ياد رکن.

هِن وقت هي انسان هِڪ اهڙي بدترين وحشي دؤر مان گذري رهيو آهي، جتي ان کي جهنگ جي درندن بجاءِ ٻن ٽنگن واري مِرون مثل ماڻهو نالي مخلوق کان ئي خطرو آهي. روزانو ماڻهو پنهنجن لاشن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي پنهنجو پاڻ کي ڳولهي رهيو آهي. انسانيت کي بچائيندڙ ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ وارا ڪروڙين ۾ آهن.

غالب چواڻي ته:

ابن مريم هُوا ڪري ڪوئي،

ميري درد ڪي دوا ڪري ڪوئي.

درد جي دوا ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي، هر ماڻهو درد ڏيڻ ته ڄاڻي ٿو، پر درد ونڊڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. اسان مان ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سينو تاڻي اِهو چون ته ها آئون آهيان انسانيت جو مسيحا، آئون آهيان جيڪو ماڻهو جي درد کي ميڙي پنهنجي سيني ۾ وجهي سگهان ٿو. شايد ڪو به نه!

انسانيت هاڻي يتيم ٿي وئي آهي، هر ساهه ساڻو آهي، موجوده دؤر ۾ ڪنهن يتيم ٻار جي مٿي تي هٿ ڦيري ان کي اجهو ڏيڻ وارو يار هتان ڪوچ ڪري ويو آهي. اِهو ڪوهيارو ڪيچ هليو ويو آهي، جيڪو يتيمن جو يار ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ هِن ڪربلا جهڙي مصنوعي مهذب دؤر جو حقيقي مُحسن عبدالستار ايڌي اسان ۾ نه رهيو آهي. هُو گهڻو عرصو بيمار رهڻ جي ڪري پنهنجي هم خيال اديب رضوي جي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ هو ته کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس روح جو پکيئڙو هميشه لاءِ پرواز ڪري ويو.

عبدالستار پنهنجي اندر ۾ دربدر انسانن لاءِ ٿر جي گهاٽي ڇانوَ هو، درد مارين لاءِ ملير جي ٿڌڙي هوا هو. هُو اڄ سڄي انسانيت کي سوڳوار ڪري مالڪ حقيقي وٽ وڃي پهتو آهي. عبدالستار ايڌي گهڻي عرصي کان عليل هو، کيس هڪ ٻن روڳن ان کي هيڻو ڪري وڌو هو. هُن جا ٻئي گڙدا فيل ٿي چڪا هئا ۽ ۲۰۱۳ع کان هُو ڊائلاسز تي هلي رهيو هو. هن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي، جنهن کي هُن رد ڪري هن ڏيهه ۾ ئي علاج ڪرائڻ تي اسرار ڪيو هو.

هي فقير منش انسان جيڪو سدائين پهراڻ ۽ سادي جُتي پيرن ۾ پائي پيو هلندو هو، هُن ڪڏهن به شاهاڻي زندگي کي ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو، هن ۹۲ سال ڄمار ماڻي، عبدالستار ايڌي اصل گجرات (هندوستان) سان تعلق رکندڙ هو ۽ ورهاڱي دوران پاڪستان آيو. هڪڙي ننڍڙي گهر کي ڊسپينسري ۽ هڪ گاڏي کي ايمبولينس بڻايائين، سندس اصل انقلاب سندس امڙ جي لاڏاڻي کانپوءِ آيو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هُو ۽ سندس جيون ساٿياڻي بلقيس ايڌي سدائين سفر ۾ رهيا ۽ انسانيت جي ڏک ۽ درد لاءِ مرهم ثابت ٿيندا رهيا.

عبدالستار ايڌي کي ڪئين ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ به مليا ۽ سندس نالو نوبل انعام لاءِ پڻ تجويز ٿيو، پر ايڌي صاحب جو اصل انعام هن واڳون جهڙي وقت ۾ ڏکي انسانيت جي ڪيل اِها خدمت آهي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس رکندڙ هي انسانيت جو مسيحا اڄ اسان ۾ موجود نه رهيو آهي. هن ملڪ ۾ موجود ايڌي سينٽرن ٻاهران پينگها رکرائي انهن معصوم گلن کي پڻ بچائي ورتو، جيڪي ڪاري رات جي پٺيان جنم وٺندڙ هئا ۽ انهن جي والدين جي خاني ۾ بابا عبدالستار ايڌي ۽ ماءُ جي خاني ۾ بلقيس ايڌي جو نالو درج ڪيو ويو. ايڏي جرئت اسان وٽ ڪٿي آهي؟ اسان وٽ ته اڃا تائين ”ڪانءُ حلال آهي يا حرام، فرشتا مائي آهن يا مرد، هندو ۽ مسلمان هِڪ ٿانءُ ۾ کائي سگهن ٿا يا نه“ جهڙا سوال روزانو ٽي وي شوز ۾ ڪيا وڃن ٿا، اُتي لاشن جي رکوالي ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي ڇا؟ اسان وٽ هونئن ته عوام نالي مخلوق پوري طرح لاوارث آهي، جو ان جو ڌڻي اڃا تائين ڄائو ئي ناهي. بنا مفاد جي ته اسين ڪنهن کي مئسيج به ڪونه ڪندا آهيون، اُتي لاوارث لاشن جي رکوالي ڪرڻ، واقعي ڪمال جو ڪم آهي. عبدالستار ايڌي بغير ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، فرقي ۽ لساني فرق جي انسانيت جي مدد ڪئي. هُو جيتري تائين جيئرو هُو، تيتري تائين به ڏکوئيلن لاءِ نم جو وڻ هو ۽ جي هو هي فاني جهان ڇڏي ويو، تڏهن به هن فقير ماڻهو جي سادگي ۽ انسان دوستي کي سلام هجي جو هن پنهنجي تن تي پاتل پهراڻ کي ئي ڪفن طور چونڊيو ۽ پنهنجي سڀني عضون کي عطئي طور پيش ڪيو، جن مان سندس اکيون عطئي ۾ حاصل ڪيون ويون آهن. درد جي آوي ۾ دکندڙ جديد دؤر جي هِن آدم لاءِ هُو هڪ وڏو آسرو هو. اڄ جتي اسان جي حڪمرانن کي نڇ به اڇي ٿي ته هُو لنڊن ۽ آمريڪا علاج لاءِ وڃن ٿا، اُتي علاج جي آفر کي رد ڪرڻ واقعي ايڌي صاحب جو ئي ڪردار ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ انسانيت سان پيار ڪندڙ Philanthropist ماڻهو تمام گهٽ آهن، بلڪ اسين هڙ ئي انسان دشمن Misanthropist آهيون، اُتي هي هِڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جيڪڏهن ماڻهن کان مدد لاءِ جهول جهلي ته صرف ۽ صرف ڀٽڪندڙ انسانيت کي اجهو ڏيڻ لاءِ.

روزانو کوڙ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي درد ته ڏئي ويندا آهن پر ڪوبه دوا ڏيڻ وارو ڪونه آهي. موجوده وقت ۾ جتي اسان جو ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، اتي اهڙي ماڻهو جو رحلت فرمائڻ يقينن وڏو نقصان آهي. حڪومت کي گهرجي ته سندس نالي پٺيان ڏکوئيلن انسانن کي سنڀالڻ لاءِ ڪو وڏو ادارو جوڙائي. عبدالستار ايڌي صاحب جي زندگي هِڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو دربدر انسانن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي. اسان سڀني کي سندن ڪيل ڪم ۽ گذاريل زندگي جي پيروي ڪرڻ گهرجي.


 

خدمت خلق

ڊاڪٽر فهميده حسين

”ايڌي، ايڌي، ايڌي“ چور به پيا چون ته مور به پيا چون، رشوت خور، حرام خور، ڳنڍي ڇوڙ، يتيمن جو مال هڙپ ڪندڙ، زڪوات، خيرات جي نالي ۾ ماڻهن کان رقمون وٺي جاوا ڪندڙ، سڀني کي ايڌيءَ سان اوچتو پيار جاڳي پيو آهي ۽ جنهن خدمت خلق جي ڪري ايڌيءَ سماج ۾ ايڏي عزت ماڻي آهي، انهيءَ جي نالي ۾ سياستدان، مولوي ۽ ڪي اين جي اوز الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪاروبار ٿا ڪن جن جي ڪا حد ڪو حساب ڪونهي. خود اسان پنهنجي هنن گناهگار اکين سان اهڙا اهڙا واقعا ڏٺا آهن جو اهڙن ماڻهن جي ڪري چڱن ماڻهن تان به جهڙوڪر اعتبار کڄيو وڃي. اهڙا ڪي واقعا ذهن تي تري آيا آهن جيڪي اوهان سان شيئر ڪريان ٿي.

ستر جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ ۾ زبردست ٻوڏ آئي هئي ۽ مختلف تنطيمن کانسواءِ انفرادي طور به ماڻهن امداد ڪٺي ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گهيريل ڳوٺن يا ڪيمپن ۾ بي يارو مددگار مسڪين ڳوٺاڻن جي سهائتا پئي ڪئي. تن ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي جنهن جي طرفان هڪ ”سيلاب فنڊ“ به قائم ڪيو ويو هو. جن ماڻهن انهيءَ ۾ حصو پئي ورتو انهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪ وڏو ٽولو به هو، انهن ۾ ڇوڪرن جي سرواڻي مرحوم يوسف جکراڻيءَ پئي ڪئي ۽ ڇوڪرين جي سرواڻي منهنجي ڀيڻ انيس پئي ڪئي. اهي ٽوليون ٺاهي گهر گهر وڃي ماڻهن کان پئسا، سيڌو سامان، ٻارن لاءِ بسڪيٽ، کير جا دٻا ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان، عورتن ۽ مردن جا ڪپڙا، هنڌ بسترا، ٿانوَ ٿپا وغيره گڏ ڪري شام جو اسان جي گاڏي کاتي واري گهر (هاڻي سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ) جي اڱڻ ۾ اچي رکندا هئا، جتي شام جو وري ٻيون ٽوليون انهن جي پيڪنگ ڪري، پيڪيٽ ٺاهي صبح جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏيڻ وينديون هيون. اهڙيءَ طرح جيڪي پئسا ملندا هئا انهن جو به حساب ڪري امانت طور مون وٽ رکندا هئا.

تڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولد ڪيمپس ۾ ليڪچرار هئس ۽ منهنجا ڪي شاگرد به ان ڪم ۾ شامل هئا. ارادو اهو هو ته انهن پئسن جو سيلاب فنڊ جي نالي ۾ بينڪ ڊرافٽ ٺهرائي ڀٽي صاحب کي پيش ڪجي جنهن جو هڪ جلسو حيدرآباد ۾ ٿيڻو هو. هتي اهو واضح ڪندي هلان ته ان ڪم ۾ قوم پرست شاگرد تنظيم ۽ سپاف جا ڪارڪن توڙي انفرادي حيثيت ۾ شاگرد شاگردياڻيون گڏ هوندا هئا، سڀني جو مقصد هڪڙو ئي هو سنڌ جي ڏکويل ماڻهن جي سهائتا ۽ سچ ته اهو آهي ته ماڻهن به دل کولي چندا ڏنا ۽ ٻيو سامان ڏنو جنهن سان اسان جي گهر جو اڱڻ روز ڀرجي ويندو هو ۽ روز صبح جو اهو ورهائبو هو. هفتي کن ۾ چندي جي رقم به چڱي خاصي جمع ٿي وئي، تڏهن اهو طئي ڪيو ويو ته صبح جو ان جو بينڪ ڊرافٽ ٺهرائجي.

ان ميٽنگ دوران هڪ ڇوڪريءَ اوچتو ڦاٽ کاڌو ۽ چيائين؛ ”ڀلا سڀ پئسا ڏئي ڇڏيندئو ڇا؟ اسين جو هيترن ڏينهن کان خوار ٿيا آهيون، اسان جو به ته حصو ڪڍو.“ اسان جا ته واڄٽ وڄي ويا، وائڙن وانگر هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين. وري چوڻ لڳي ”مهيني کن ۾ منهنجي شادي آهي وڌيڪ نه ته به هڪڙي منڊيءَ جيترا ته پئسا ڏيو، ايترو ته حق آهي منهنجو.“ سندس مطالبي مڃڻ کان انڪار تي صفا مڇرجي پئي ۽ گار گند ڪرڻ لڳي، گهر اسان جو هو جنهن ۾ هوءَ مهمان هئي، اسان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ تيز کان تيز ٿيندي وئي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳي. نيٺ مرحوم يوسف جکراڻيءَ دڙڪو ڏنس ته ”مائي ماٺ ڪر ۽ نڪر هتان نه ته...“ مس مس هن مان جان ڇٽي، پوءِ اهي پئسا بينڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ انيس مرحوم ڀٽي صاحب کي جلسي دوران اسٽيج تي وڃي ڏنا. ان ڇوڪريءَ جي شادي ٿي ۽ هوءَ ڪراچيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳي. ڪجهه وقت کانپوءِ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ لڳي ۽ مشهور ٿيڻ کان پوءِ هاڻي سنڌ جي غريبن جي ”خدمت خلق“ ڪرڻ لاءِ پنهنجي اين جي او کولي اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ملندي آهي ته اک کڻي نهاري به ڪا نه سگهندي آهي ۽ اکيون چورائي هلي ويندي آهي. دل ته چوي ٿي ته سندس نالو به لکان پر هن عمل ۾ ڏهٽن پوٽن ۽ سندس مداحن ۾ اجايو خوار ٿيندي سو ڍڪي ڀلي آهي. سمجهڻ وارا هونءَ ئي سمجهي ويندا. بهرحال تازو مرحوم ايڌيءَ بابت سندس تاثرات به ٽي ويءَ تي نشر ٿيا ته ماضيءَ جو سمورو منظر اکين اڳيان اچي ويم.

وري هڪ ٻيو واقعو ٻڌايانوَ، چند سال اڳ هڪ خاتون سرڪاري عملدار جي گهر دعوت ۾ وڃڻ ٿيو. مانِيءَ کان پوءِ آئون باٿ روم لاءِ ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته لائونج ۾ هڪ پاسي کير جا دٻا، منرل واٽر جون بوتلون، ڪمبل ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان بنڊلن جي صورت ۾ رکيل هو ۽ انهن تي ”سيلاب زدگان“ جو ٺپو لڳل هو، جيڪو ڪنهن غير ملڪي تنظيم طرفان عطيي طور حڪومت جي اداري کي مليل هو. هن کي ڪو اوچتو خيال آيو سو اها منهنجي پٺيان هلي آئي. مون کيس ڏٺو ته پڇيومانس ته ”هي سامان ٻوڏ متاثرن کي ڪو نه پهچائي سگهيا ڇا؟“ ته چوڻ لڳي، اسان کي جيڪو سامان مليو ان مان اڌو اڌ وزير ۽ سيڪريٽريءَ کي گهر پهچائڻو پيو تڏهن مون به سوچيو ته آخر اسان کي به ته پنهنجو رڌڻو هلائڻو آهي، ان مان ٿورو اسان کنيو ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پوندي. ان ڪري مون به پنهنجو حصو کنيو ته پنهنجي اسٽاف کي به ڏنم“. ”يا بي حيائي تيرا آسرا“ نڪ جي ڏاڍائي ان کي چئبو آهي. دينا داستي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي. آئون سمجهندي هئس ته اهڙا ڪڌا ڪم عورتون ڪو نه ڪنديون آهن پر حيرت اها اٿم ته اها عملدار ته عورت هئي پر سندس وزير صاحبه به عورت هئي جيڪا ”خدمت خلق“ جي حوالي سان مشهوريءَ سبب وزير بڻائي وئي هئي. اهي عورتون جيڪي غريبن ۽ مستحقن لاءِ مليل خيرات مان به نه ٽريون، سي پنهنجي اولاد جي ڪهڙي تربيت ڪنديون!!

اهو به شڪر آهي جو اڃا سنڌ ۾ نيڪ ۽ دردمند دليون رکندڙ ماڻهن جو ڏڪار ڪو نه پيو آهي ۽ سرنديءَ وارن سان گڏ غريب ماڻهو به ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا، ان جو مثال به مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.

۲۰۱۰ع واري مها ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻا ماڻهو دربدر ٿيا ۽ شهرن ۾ کين ڪيمپن ۾ ترسايو ويو. تڏهن آئون لينگويج اٿارٽيءَ ۾ هئس. ان جي عمارت کان ٿورو پوئتي وحدت ڪالونيءَ جي هڪ اسڪول ۾ لڳايل ڪيمپ ۾ ڪيترا ئي ٻوڏ ستايل ڪٽنب اچي ويٺا هئا. هڪ ڏينهن اوڏانهن ويس ته ڏٺم ته ٽيهارو کن ٻار ڇهن کان ٻارنهن سالن جي عمرين جا، اجايو پئي رُليا ۽ امداد ۾ ايندڙ مانيءَ تي وڙهيا، مون کي هڪڙو خيال آيو ته ڇو نه انهن ٻارن کي هٿيڪو ڪجي ۽ سندن وقت سجايو ڪجي، سو پنهنجي آفيس اچي محترم تاج جويي سان صلاح ڪيم ۽ سنڌي ڪلاسن لاءِ مخصوص هال ۾ انهن ٻارن کي پڙهائڻ جو بندوبست ڪرڻ جو سوچيوسين، جنهن دوران کين منجهند جي ماني به کارائجي ايئن اسان اتي ٻارن کي آڻي گڏ ڪيو. اٿارٽيءَ ۾ جن آفيسرن وٽ گاڏيون هيون انهن ٻارن کي صبح جو کڻڻ ۽ واپس ڇڏڻ جو ذمو کنيو، مون سندن مانيءَ جي بندوبست لاءِ روز هڪڙي ديڳ ڏيڻي ڪئي ۽ چيوسين ته اها ماني پلاسٽڪ جي دٻن ۾ وجهي واپس وڃڻ مهل ٻارن کي ڏجي ته جيئن پويان رهيل ننڍا ٻار به کائي سگهن، پر يقين ڪريو ته چند ڏينهن ۾ جيئن ماڻهن کي خبر پوندي وئي، رضاڪاراڻي طور امداد لاءِ ماڻهو پاڻ ايندا رهيا، ٻن استادن خوشيءَ سان اچي روز ڪلاس ورتا. کين درسي ڪتابن سان گڏ آکاڻين جا ڪتاب پڙهي ٻڌايا ويا يا پڙهڻ لاءِ ڏنا ويا. اٿارٽيءَ جي ملازمن پنهنجي طرفان بسڪيٽن جا پڙا، ٽافيون ۽ چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون پئي ٻارن ۾ روز ورهايون. ڪيترن اديبن، منجهند جي مانيءَ لاءِ ديڳيون ڏيڻيون ڪيون، باقي اسان پاڻ پئي پورت ڪئي. اهو ڪلاس مهيني کان مٿي هليو. اتفاق سان اهو رمضان شريف جو مهينو هو، جنهن جي آخر ۾ عيد جي لاءِ ڪيترا ئي اسڪولن ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻارن لاءِ سوکڙيون، چوڙيون ۽ رانديڪا وغيره وٺي آيا ۽ ساڻن رانديون کيڏيائون. اسان سڀني گڏجي انهن کي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏنا. ان مهل معصوم ٻارن جي چهرن تي آيل خوشيءَ جا تاثر ۽ انمول مرڪ ڏسي دل گدگد پئي ٿي. انسان کي انسان جي مدد ڪرڻ سان جيڪا دلي تسڪين ٿي ملي ان جو ڪو جواب ڪونهي. پر اسان جي اها خوشي ڪن سائينءَ جي سنوارين کي ڪا نه وڻي ۽ اها تنقيد ڪئي وئي ته ”اٿارٽيءَ جو اهو ڪم ته ڪونهي جو ان جا وسيلا ايئن غير متعلق ڪمن ۽ سرگرمين ۾ خرچ ڪجن“. کين ڪهڙي خبر ته اهي ادارا سنڌي قوم لاءِ ئي ٺهيا آهن، معصوم ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ غير متعلق ڪم هو يا نه، پر اها ڳالهه يقيني هئي ته اٿارٽيءَ جي آفيس جو ڪار-وهنوار متاثر ڪو نه ٿيو، ان جو هڪ رپيو به خرچ ڪو نه ٿيو، بس صرف هڪڙو ڪمرو ۽ ان ۾ رکيل ڪرسيون استعمال ٿيون. سنڌي قوم جي ڏتڙيل ٻچڙن کي ڪجهه وقت لاءِ نفسياتي ۽ ذهني آسودگي ڏيڻ کي جرم سمجهڻ وارا ڇا ڄاڻن ته ”خدمت خلق“ ڇا ٿيندي آهي ۽ قوم جو درد ڇا هوندو آهي؟ انهن تنقيد ڪرڻ وارن مان هڪ صاحب جو ايڌي صاحب جي باري ۾ لکيل خراج تحسين فيس بڪ تي پوسٽ ٿيل آهي جنهن ۾ هن انسانيت جي خدمت ڪرڻ سبب ايڌي صاحب کي عظمت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن. جيڪو ماڻهو هڪ ننڍڙي نيڪي نه سڃاڻي سگهي، ان جي پوسٽ کي آئون ته صرف ڏيکاءُ ٿي سمجهان.

مرحوم ايڌيءَ کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا ڏيڻ وڌيڪ اهم آهي جو اهي دل جي سچائيءَ جو ثبوت هوندا، ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ ئي هن لاءِ صحيح خراج تحسين هوندو!! ٺلهيون دعوائون ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ بدران پنهنجن ماڻهن جي وارثي ڪرڻ ئي سچ پچ ته ”خدمت خلق“ آهي، جيڪا ايڌي صاحب عملي طور ڪري ڏيکاري ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويو.


 

ايڌي

جنھن کي سنڌ جي مڃتا

عبدالخالق جوڻيجو

عبدالستار ايڌي هاڻي اسان سان ناهي رهيو. هي عظيم انسان دنيا ته ڇڏي ويو پر پنهنجي عظمت جا نه مٽجندڙ نشان هميشه لاءِ ڇڏي ويو جيڪي هر هنڌ، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا. هن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ۾ گذاري ۽ خدمت به اهڙي جو ان کي عبادت جي درجي تائين پهچائي ڇڏيائين.

هن جي مٿان نه رڳو هن ملڪ پر سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو مڃتا، عزت، احترام، پيار ۽ پاٻوهه جا گل ڇٽي رهيا آهن. بطور هڪ سنڌي قومپرست جي مان کيس عظيم شاهه لطيف جي هنن حڪمت ڀريل لفظن ذريعي خراج پيش ڪريان ٿو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“.

سنڌ ۾ سماجي ڪم ۽ ڏتڙيلن جي خدمت ڪرڻ جي هڪ ڊگهي ۽ شاندار روايت موجود رهي آهي جيڪا رڳو انسانن تائين به محدود ڪانه هئي پر پکين ۽ جانورن تائين پهتل هئي ۽ جنهن جا چمڪندڙ نشان شڪارپور کان ڪراچيءَ تائين پکڙيل آهن. پر افسوس ته ورهاڱي سان اهو سڀ ڪجهه ذري گهٽ ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ آيو عبدالستار ايڌي جنهن نه رڳو انهن عظيم روايتن کي وري جياريو پر انهن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچايو. جديد ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل دنيا جي سهوليتن جو فائدو وٺندي ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي هن پنهنجي خدمت واري ڪم کي ڪراچيءَ کان سڄي سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي مختلف کنڊن تائين وڌايو.

هن جي ڪم جي حد ۽ پيار جو دائرو ڪنهن هڪ خطي، برادري، ذات، فرقي يا مذهب جي پابندين کان آجو هئو. سندس ئي لفظ آهن ته ”انسانيت جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي“. هو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ انسان دوست، بين الاقواميت پسند ۽ سوشلسٽ هئو. هو پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو علمبردار هئو. اهي ئي سنڌ جي اٺ هزار ساله تهذيب جا بنيادي جزا آهن ۽ پوءِ يڪو صوفين جي هن ڌرتيءَ جو اهوئي پيغام رهيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايڌي صاحب ان پيغام جي عملي شڪل هئو. ان لاءِ اسان سندس سدائين ٿورائتا رهنداسين.

سنڌ جي ڌرتي شادابي، خوشحالي، نهٺائي ۽ سخاوت وارين پنهنجي خاصيتن ڪري دنيا جي مختلف حصن کان ماڻهن جي هتي اچڻ جو سبب بڻبي رهي آهي. انهن ٻاهرين ماڻهن کي ٻن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي جيڪي قبضي، بالادستي ۽ ڦرلٽ جي ارادي سان آيا. انهن سان سنڌي ماڻهن زندگي موت جون چوٽون کاڌيون آهن ۽ آخر تائين مزاحمت ڪئي آهي. ٻيا اهي جيڪي ايمانداري، وفاداري ۽ سچائيءَ جا جذبا کڻي آيا ۽ جن جو مقصد پيار، امن، ڀائيچاري، خوشحالي ۽ انسانيت جي خدمت وارن آدرشن جي آبياري ڪرڻ هئو. اهي هن ڌرتيءَ جي رهواسين جا هيرا بڻجي ويا ۽ هميشه انهن جي عزت، احترام ۽ تعظيم جا حقدار رهيا. ان قسم جي انسانن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جي.ايم.سيد، هوش محمد شيدي، مسڪين جهان خان کوسو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري جا نالا اچي وڃن ٿا. عبدالستار ايڌي ان لسٽ ۾ تازو اضافو آهي.

عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي مظلوم، محڪوم ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪئي ۽ پاڻ کي نادار، نراس، محتاج ۽ مسڪين ماڻهن جي صفن ۾ بيهاريو. هو انهن جي وچ ۾ رهيو، انهن کي پسند ڪندو هئو ۽ انهن سان پيار ڪندو هئو ۽ انهن جي ئي وچ ۾ مرڻ جو خواهشمند هئو. هن انهن امير ۽ بالادست طبقي وارن سان ڪڏهن ڪو واسطو نه رکيو جن جو پاڪستان جي رياست ۽ سماج تي قبضو آهي. هن جابرن کان نه ڪڏهن ڪجهه گهريو ۽ نه ورتو. ۽ نه ئي انهن کي سندس ڪم سان ڪا دلچسپي رهي جيستائين هو جيئرو هئو. جيئن ئي سندس وفات ٿي انهن ٽولن بنا دير جي سندس شخصيت تي قبضو ڪري ورتو. جن ماڻهن سندس زندگيءَ ۾ هن جي روح کي رنجايو انهن موت کان پوءِ سندس جسم کي هائجيڪ ڪري ورتو. انهن پڪو بندوبست ڪيو ته جيئن سندس آخري وصيت به پوري نه ٿئي ته ”سندس جنازي خاطر روڊ بند نه ڪيا وڃن“. اصل ۾ انهن کي خوف هئو ته ڪٿي هي انسان دوست ۽ سوشلسٽ فقير مسڪين ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي ميڙاڪن جو مرڪز نه بڻجي وڃي ڇاڪاڻ ته انهن ڄاتو ٿئي ته جيڪڏهن مسڪين، مظلوم ۽ محڪوم متحد ٿي ويا ته سندن مانڊاڻ انهن جي اتحاد جي سٽ سهي ڪونه سگهندو.


 

عبدالستار ايڌي

هڪ حقيقي وڏو ماڻهو

عمران تاجواني

۱۹۲۸ع ۾ انڊيا گجرات جي هڪ ميمڻ خاندان ۾ هڪ ڇوڪرو ڄائو جنهن جو نالو عبدالستار رکيو ويو. عبدالستار کي ننڍپڻ ۾ ئي، سندس ماءُ سيکاريو هو ته؛ ”غريبن جي مدد ڪريو. اٻوجهه ۽ لاچارن جي ڪم اچو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ کپي.“ اهو سبق عبدالستار کي هميشه هميشه جي لاءِ ياد ٿي ويو. ورهاڱي کان اڳ، پهرين عبدالستار جو خاندان، انڊيا گجرات مان هجرت ڪري پاڪستان ۾ اچي وسيو. عبدالستار جو تعلق، ميمڻ ڪميونٽي سان هو. هن ڪميونٽيءَ واپار ۾ وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن. جوانيءَ ۾ هر ماڻهو جا ڪجهه خواب هوندا آهن. دولت، نوڪري، گاڏي، عشق، محبت ۽ ٻيا گهڻا مشغلا ۽ خواهشون. پر عبدالستار هڪ الڳ قسم جو نوجوان هو، جنهن جا خواب ۽ منزل؛ دولت، گاڏي، دنياوي لذتون نه هيون. عبدالستار جنهن رستي جي چونڊ ڪئي، اهو رستو هو خدمت جو- انسانيت جي خدمت جو؛ اٻوجهه مسڪينن ۽ لاچارن جي خدمت جو. وسائل جي اڻهوند عبدالستار جي جذبه خدمت جي جنون ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه آندي. هن نيڪ ڪم جي شروعات ڪندي، عبدالستار سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو پنهنجي پاڻ تي يقين ۽ ”الله مدد ڪندو“ واري ايمان ساڻ عبدالستار سڀ کان پهرين، هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جنهن ۾ غريب لاچارن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ، عبدالستار هڪ پراڻي وين خريد ڪئي، جنهن جو نالو غريب ماڻهو جي وين رکيو ويو ۽ هو ان ۾ ويهي غريب بيمار ماڻهن کي اسپتال کان گهر ۽ گهر کان اسپتال پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو هو. ڏسندي ڏسندي عبدالستار جو نالو هر زبان تي اچڻ لڳو. هن بي مثال ڪم جي شروعات جو پهريون قدم عبدالستار پاڻ کنيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ عبدالستار ڪڏهن مڙي پويان نه ڏٺو ۽ پاڻهي پاڻهي رستو ٺهندو ويو.

عبدالستار ايڌي کي ماڻهن چندو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ عبدالستار مالي طور تي مضبوط ٿيندو رهيو ۽ عبدالستار جي ڊسپينسري تمام منظم نموني سان ڪم شروع ڪيو. سڀ کان پهرين عبدالستار پنهنجي ڊسپينسري ۾ گهربل نرسنگ اسٽاف ۽ ٻيو اسٽاف ڀرتي ڪيو ۽ هاڻي اها جڳهه هئي جتي ان جي ملاقات بلقيس سان ٿي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان کي ٻه خوشيون مليون، هڪڙو پاڪستان آزاد ٿيو ۽ ٻيو بلقيس پيدا ٿي. بلقيس ايڌي فائونڊيشن ۾ تمام دل و جان سان ڪم ڪيو. ۱۹۶۶ع ۾ بلقيس ۽ عبدالستار جي شادي ٿي وئي. عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، ڏينهن رات ڪم ڪندي رهي ۽ آهستي آهستي عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، هڪ شهر کان ٻئي شهر، ٽئين شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجڻ لڳي. ائين عبدالستار ايڌي سڄي ملڪ ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. ۱۹۷۳ع ۾ ڪراچيءَ اندر هڪ پراڻي بلڊنگ ڪري پئي. ان حادثي جي امدادي ڪمن جي لاءِ، سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار پهتا، جنهن جي اڳواڻي ايڌي صاحب پاڻ ڪري رهيا هئا. اتان اهو سلسلو باقاعدي شروع ٿي ويو ۽ جڏهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو حادثو يا دهشتگردي ٿئي يا ڪا قدرتي آفت سان ڪو به جاني يا مالي نقصان ٿيندو هو ته ان جي امدادي ڪم ڪارن لاءِ سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار حرڪت ۾ ايندا هئا ۽ رياست جون ذميواريون ايڌي فائونڊيشن سرانجام ڏيڻ لڳي.

ايڌي ويلفيئر آرگنائيزيشن، اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئر ايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اھا دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي. اڄ ايڌي فائونڊيشن، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب ويلفيئر آرگنائيزيشن طور سڃاتي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ انھيءَ کي ڪروڙين روپيا چندي جي صورت ۾ ملن ٿا. ايڌيءَ جي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل، صرف ۸ شاخون غريب ۽ لاچار ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه هڪ اکين جي استپال، هڪ ڪينسر اسپتال، ٻه بلڊ بئنڪ پڻ ڪراچيءَ ۾ ايڌي فائونڊيشن جي زير نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه، ايڌي فائونڊيشن جي نگرانيءَ ۾ هڪ ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو غريب لاچار ماڻهن کي مفت قانوني سهولتون مهيا ڪري ٿو ۽ اھو ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ، ڪيترن ئي غريب بيگناهه قيدين کي وڪيلن جي سهولت پڻ ڏئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي بيگناهه قيدي آزاد ٿيو وڃن. بلقيس ايڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪيل ”اپنا گهر“ پڻ، ڪراچيءَ جي غريب لاچار ماڻهن جي لاءِ، ڪاڙهي جي لُڪ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس ڏياريندڙ، انتهائي قابلِ تعريف ۽ قابلِ ذڪر آهي. هن اپنا گهر ۾ ۲۰۰۰۰ هزار کان وڌيڪ ٻار پلجن پيا، جن جي ٽن وقتن جي ماني، علم ۽ هنر جي ذميداري پڻ ايڌي فائونڊيشن جي ذمي آهي. هڪ ملين کان وڌيڪ غريب ٻارن جي ڊليوري پڻ ”اپنا گهر“ ۾ مفت ڪرائي ويندي آهي. ڇا اڄ ڪا ماءُ عبدالستار جي ماءُ وانگر، پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري ٿي؟ ڇا اڄ ڪو نوجوان عبدالستار واري رستي جي چونڊ ڪندو؟ هڪ حقيقي وڏو ماڻهو، عبدالستار پاڪستانين ۾ موجود وڏن ماڻهن ۾، سڀ کان وڏو ماڻهو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا