علڻ فقير
ورسيءَ تي ڀيٽا - ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، تڏهن ملنداسين
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي مٽي هميشه مها راڳين کي جنم
ڏنو آهي جن پنهنجي مخصوص آلاپ ۽ سُر ذريعي ماڻهن کي موهت ڪيو آهي ۽ جهومايو آهي. اڄوڪو
ڏينهن ۴ جولاء به
سنڌ جي هڪ اهڙي درويش راڳي علڻ فقير جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي
جهومايو آهي.
شاهه لطيف جي ڪلام کي مخصوص آلاپ
۾ ڳائيندي ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي ڊريس اجرڪ جو پٽڪو ۽ هٿ ۾ دنبورو
کڻي ڳائيندڙ علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ سنڌ
جي موجوده ضلعي ڄام شورو جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمري ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جا
ننڍپڻ وارا ڏينهن مانجهند ۾ گذاريائين. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار قبيلي سان هو ۽
سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ مڱڻهار هو. سندس وڏا پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي ۾ برادرين جي شادين
۾ دهل وڄائيندا هئا.
علڻ فقير به پنهنجي وڏڙن جي پيروي
ڪئي پر هن کي لطيف سرڪار تي وڃڻ ۽ اتي راڳ ٻڌڻ جو شوق هوندو هو ۽ ايئن علڻ فقير ڀٽائيء
جي درٻار تي پهتو. علڻ فقير پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته ڀٽائيء جي درٻار تي هڪ
پينو فقير هوندو هو جنهن جي صدا ۾ هڪ عجيب ڪيفيت هوندي هئي، مان شام جو سير سفر ڪري
سڌو ان فقير وٽ ايندو هوس ۽ کيس ان آلاپ جو عرض ڪندو هوس، اهو فقير جڏهن ”الا.....“
جي سين هڻندو هو ته مونتي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ۽ مان پنهنجي پونجي ان فقير
جي حوالي ڪندو هوس. علڻ فقير ان “الا” جي آلاپ کي اهڙو ته ڳايو جو دنيا دنگ رهجي وئي.
علڻ فقير جو نرالو لباس به گهڻو
مشهور هوندو هو. هٿ ۾ لٺ، مٿي تي اجرڪ جو وڏي طُري وارو پٽڪو، وڏا وار، ڳچيء ۾ مڙڪن
وارا ڳانا سچ ته سندس سڃاڻ هئا. علڻ فقير لطيف سرڪار جي سُر ڪيڏارو ۽ سامونڊي سان گڏ
رسالي جي ٻين سُرن کي پنهنجي آلاپ ۾ ڳائي گهڻي مشهوري ماڻي. ان کانسواء هن سچل سرمست
۽ سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن جي شاعري پڻ سريلي، صوفياڻي ۽ فقيراڻي انداز ۾ ڳائي آهي. جڏهن
جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير شيخ اياز جي وائي ”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل الو
ميان“ ڳائيندا هئا ته ماڻهن
کي پاڻ سان گڏ جهومائيندا هئا سندن اهو ڪلام اڄ به اوتروئي مشهور ۽ مقبول آهي. علڻ
فقير جي محمد علي شهڪيءَ سان گڏ ”هما هما ڪر ڀيا“ ۾ جوڙيء کي تمام گهڻي مڃتا ملي. سندس
مشهور ڪلامن ۾ هيٺين ڪلامن گهڻي مشهوري ماڻي.
ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل،
جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، مينهون ڙي ميهار تنهنجو ٻيلي ۾، عشق اسان وٽ آرائين
جيئن آيو جهول ڀري، ڇيريان ڪهڙي ڇم ڇم لائي، ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا، ڪانگل عجيبن
کي، مون ۾ تون موجود، پاڻ تو پيدا ڪيو جهڙا انمول ڪلام ڳايا آهن.
علڻ فقير پاڪستان جي سفير جي حيثيت
۾ ثقافتي وفدن سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري سنڌ جي ثقافت ۽ راڳ کي اجاگر ڪيو.
سندس جرمنيءَ جو هڪ واقعو جيڪو هن پاڻ ٻڌايو ته هڪ پروگرام ۾ اڪثريت گورن جي هئي جڏهن
اسٽيج تان لطيف سائين جي سُر سامونڊي مان هڪ وائي پيش ڪئي ۽ جڏهن اها وائي ڳائي اسٽيج
تان هيٺ لٿم ته ڪنهن به تاڙي ڪانه وڄائي، مونکي گهڻي مايوسي ٿي ۽ جڏهن مان فنڪارن واري
ڪمري ۾ پهتس ته مسلسل تاڙيون وڄنديون رهنديون ۽ خبر پئي ته ٻڌندڙ سُر ۽ راڳ جي آلاپ
۾ گم هئا ۽ کين اها خبر ئي ڪانه پئي ته ڪڏهن وائي پوري ٿي ۽ علڻ اسٽيج تان لهي ويو،
جڏهن اسٽيج سيڪريٽري مائيڪ هٿ ۾ کنئي ۽ ماڻهو ٽٻيء مان ٻاهر نڪتا ته خوب تاڙيون وڄائيندا
رهيا. علڻ فقير جي طبيعت فقيري واري هئي ۽ هميشه اسٽيج تي اچي ماڻهن کي خوش ڪندو هو.
ڪڏهن خميسي خان جي الغوزي تي ته ڪڏهن عابده پروين جي هو جمالو تي اسٽيج تي اچي خوب
جهمر هڻندو هو.
علڻ فقير سنڌيء سان گڏ اردو ۾ پڻ
ڳايو. سندس فن جي مڃتا عيوض کيس ۱۹۸۰ع ۾ صدارتي
ايوارڊ براءِ حُسن ڪارڪردگي، ۱۹۸۷ع ۾ شهباز
ايوارڊ ۽ ۱۹۹۲ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ
پڻ ڏنو ويو. علڻ فقير ۴ جولاء ۲۰۰۰ع تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
علڻ فقير
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها
گل تڏهن ملنداسين
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ کي قدرت واري کان
اهو به شرف حاصل آهي ته صدين کان وٺي ڪيترن ئي عظيم انسانن، اهل علم، اديبن،
شاعرن، فنڪارن، ولين، بزرگن، درويشن کي وقت به وقت پنهنجي هنج ۾ پيدا ڪيو آهي، اهڙن
فنڪارن جي موتين مالها ڏانهن نظر ڪبي ته سر ۽ سنگيت جي مالها منجهان هڪ هيرو علڻ
فقير فنڪار جي نالي سان نظر ايندو، علڻ فقير سال ۱۹۳۲ع ڌاري ڌمالي فقير مڱڻهار دهلاريءَ جي گهر جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي دادو
ضلعي جي تاريخي ڳوٺ آمري منجهه پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، سندس امڙ جو نالو
بانو خاتون هو سندس ڇٺيءَ جو نالو والد صاحب (ٽونئر) رکيو هو. ڇو جو اهو نالو سندس
پياري ڏاڏي جو نالو هوندو هو. سنڌي سماج اندر عورت پنهنجي ور (مڙس) جو نالو کڻڻ
عيب سمجهندي آهي، تنهن ڪري سندس ڏاڏي کي پنهنجي مڙس جو نالو کڻڻ ڏکيو پئي لڳو. ان ڪري
هن پنهنجي پوٽي جو نالو (علي ڏنو) رکيو.
جنهن مان ڦري وري (علي بخش) ٿيو. سندس ڏاڏي کيس پيار ۽ سڪ، لاڏ منجهان (علڻ) چوڻ لڳي.
جيڪو بعد ۾ هميشه لاءِ علڻ فقير سڏجڻ لڳو. سندس والد پنهنجي ابي ڏاڏي واري ڪرت ڪري يعني دهل وڄائي پنهنجو پيٽ پاليندو هو. سندس ننڍي
هوندي ئي امڙ ۽ ڏاڏي هي جهان ڇڏي ويون هيون. هن جي والد ڌمالي فقير وري ٻي شادي ڪئي.
علڻ فقير جا ناناڻا لڪي جا رهاڪو هوندا هئا، جتي سندس والد کيس پڙهڻ لاءِ ڇڏيو مگر
هن جي پڙهڻ سان ايتري دل نه لڳي ان زماني ۾ دادو ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ريلون هلندويو هيون.
علڻ فقير انهن ۾ ماڻهن کي ڀوڳن چرچن واري شاعري ۽ ڳالهيون ٻڌائي پئسا ڪمائيندو هو
۽ ان زماني ۾ وري پاڻ کي (علڻ آزاد) جي نالي سان سڏائيندو هو. جيئن ته ڳائڻ وڄائڻ
سندس ابي ڏاڏي جي ڪرت (پيشو) هو. تنهن ڪري هن بچپن ۾ دهل وڄائڻ سکيو ۽ دهل وڄائي
نچندو هو. تر جي ڳوٺن ميلن ملاکڙن کان علاوه پنهنجي سڄي ضلعي دادو جي پيرن فقيرن
جي ميلن ملاکڙن تي دهل جا مختلف آواز ڪڍي ماڻهن جي دلين کي جهومائڻ تي مجبور ڪندو
هو.
علڻ فقير راڳ جي شروعات هڪ ڏنڊي
۾ گهنگرو ٻڌي ڪئي، تنهن بعد علڻ فقير اسٽيج ۽ ميلن تي مزاحيه اداڪاري جي فن سان
سلهاڙجي ويو. جتي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو پيو ڪندو هو . هڪ ڏينهن سنڌ جي مشهور ڀوڳائي محمد بخش کيس
صلاح ڏني ته هن فن کي ختم ڪري، پوءِ واقع ٿيو به ائين علڻ فقير ڀوڳائي واري فن کي
الوداع ڪري ڇڏيو. پوءِ سنجيده طور باقاعده طور ڳائڻ جي فن ۾ محو ٿي ويو. هن ڳائڻ
جي سکيا مولچند مهراج مانجهند واري کان ۽ زوار قربان علي لنجواڻي کان ورتي هئي. علڻ
فقير کي قدرت واري اهڙي ته مٺڙي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو جو سندس آواز منجهه غضب
جي اداسي ۽ ميٺاج ۽ سحر سمايل هو، هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي وائي کي جديد
رنگ ۽ انداز ۾ عام ماڻهن ۾ معتارف ڪرايو. اهو علڻ فقير ڀوڳائي پوءِ اڳتي هلي (شاهه
جي وائي) جو اڳواڻ سڏجڻ لڳو .هن جڏهن پنهنجي دنبوري کي آڱرين سان ڇيڙي پنهنجي گلي منجهان
الو ميان ۽ الله هو الله هو جي سرن جا آلاپ ڪڍندو هو ته سندس پرستارن جي جسم
منجهان سيئاٽون نڪرڻ شروع ڪنديون هيون.هن شاهه سائين جي بيت وائي کي پنهنجي نرالي
انداز سان نه رڳو سنڌ منجهه پر سڄي دنيا منجهه معتارف ڪرايو. علڻ فقير گهڻو ڪري ڪاري
رنگ جو لباس پهريندو هو، ليڪن مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏو لاجواب (طري) سان پڻ ٻڌندو
هو .هٿ منجهه دنبورو کڻي ان تي چوٽ هڻي ڳائيندو هو، سندس لباس ٻين سڀني فنڪارن کان
نمايان هوندو هو، سندس لباس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس لباس ٺيٺ سنڌي قسم جو هوندو
هو، جنهن ۾ مٿي سان ٻڌل اجرڪ هميشه ڏسڻ وٽان هوندو هو، سندس لباس سنڌي ثقافت سان
سر شار پري کان نظر ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن علڻ فقير جوڳين واري ٽوپي به پائيندو هو.
هن شيخ اياز جي وائي (ٽڙي پوندا ٽارئين ،جڏهن ڳاڙها گل) هڪ نرالي انداز سان ڳائي
مشهوري ماڻي، علڻ فقير اسٽيج جو بادشاهه ڳائڻو هوندو هو، جڏهن به اٿي جهمر هڻندو
هو ته ويٺل ماڻهو سندس اٿي ساٿ ۽ داد پڻ ڏيندا هئا . شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي
جو وائيس چانسلر ٿيو هو ته هن علڻ فقير کي يونيورسٽي منجهه ۸ گريڊ جي (آرٽسٽ آف دي ڪئمپس) جي نوڪري سان نوازيو هو . مگر ڪم وري پٽيوالي
جو ورتو ويندو هوس .سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪڏهن سنڌالاجي، ڪڏهن فائين آرٽس، ۽ ڪڏهن وري
رجسٽرار جي آفيس ۾ ڪم پيو ڪندو هو سندس ان زماني سنڌ جي گورنر ڪمال اظفر گريڊ به وڌايو
هو.
علڻ فقير کي ريڊيو پاڪستان تي
معتارف ڪرائڻ جو سهرو ماياناز براڊڪاسٽر مرحوم ممتاز مرزا صاحب ڏي وڃي ٿو. ممتاز
مرزا، علڻ فقير کي سال ۱۹۶۱ع ڌاري
ريڊيو تي ان زماني ۾ وٺي آيو هو. جڏهن هو
سنڌي پروگرام (ساڻيهه جا سينگار) ۽ عوامي مقبول پروگرام (ڪچهري) ڪندو هو، علڻ فقير
جيڪو پهريو ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايو هو تنهن جا ٻول هئا (آئون مارن لاءِ
ماندي، مارو مون لاءِ ماندا) ريڊيو کان علاوه علڻ فقير ٽي وي تي به خوب ڳايو ٽيليويزن پاڪستان تي کيس ان
زماني ۾ عبدالڪريم بلوچ صا حب وٺي وڃي اتي پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو ، جيڪو علڻ فقير ڳايو هو. سو هو (نانگا ننڊ نه ڪن، لوچين لاءِ پرين جي) تنهن کانسواءِ ٽيليويزن تي
(ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي) خوب ۽ بار بار پڻ ڳايو
هو .علڻ فقير جي مقبوليت صرف سنڌي ڪلام نه هئا، بلڪه هو سنڌي کان علاوه سرائڪي،
اردو، پنجابي زبانن ۾ پڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو هو. سندس لباس، ڳائڻ، هلڻ
نج سنڌي ثقافت جو نمونو سمجهو ويندو هو.
علڻ فقير نه صرف ريڊيو، ٽي وي،
اسٽيج کانسواءِ هن سنڌي فلم (طوفان) منجهه نغما پڻ ڳايا ان کان علاوه هن پنهنجي زماني جي عظيم فنڪارن
سان گڏجي هڪ هڪ دو گانو پڻ ڳايو جنهن ۾
جيجي زرينه بلوچ، ماسٽر محمد يوسف، سهراب فقير، امينه، زيب النساءِ، ۽ محمد علي شهڪي
سان سر ۽ ساز ۾ ساٿ نڀايو هو، محمدعلي شهڪي سان گڏ ڳايل گيت (الله الله کر بهيا،
هما هما کر بهيا) جهر جنهگ مشهور ٿيو .هر سال علڻ فقير ۱۴ آگسٽ ۽ ۲۳ مارچ قومي ڏينهن تي پاڪستان جي
گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريبن منجهه سنڌ فلوٽ تي پنهنجي فن جو مظاهرو
نرالي انداز ۽ لاجواب نموني سان پڻ ڪندو هو، علڻ فقير سر سنگيت جي فن ۾ رڳو پنهنجي
ملڪ ۾ مشهوري نه ماڻي هئي، مگر اوترو هو پرڏيهه ۾ به مقبول هو. سونهاري سنڌ جي هن
عظيم فنڪار کي ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ جيڪا شهرت عزت ملي سا ڪنهن ٻئي لوڪ فنڪار جي
حصي منجهه اڃا تائين نه اچي سگهي آهي، هن لوڪ فنڪار جن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو شاندار
نموني سان مظاهرو ڪيو تن منجهه آمريڪا، جرمني، منيلا، روس، ترڪي، انگلينڊ، جپان،
سينگارپور، دبئي، اٽلي، بيلجيم وغيره ۾ هن فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو.
علڻ فقير کي سر سنگيت جي فني
خدمتن عيوض ڪيترن ئي انعامن، اعزازن سان نوازيو ويو. جن منجهه سال ۱۹۸۷ع پاڪستان سرڪار پاران مليل صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ان کان علاوه لطيف
ايوارڊ سال (۱۹۹۲ ۽ ۱۹۹۶) پي ٽي وي ايوارڊ سال (۱۹۸۷ ۽ ۱۹۹۷) شهباز ايوارڊ سال (۱۹۹۶)
گورنر سنڌ (اچيومنٽ ايوارڊ سال ۱۹۹۱) سنڌ
فنڪار ايوارڊ سال ۱۹۹۷ شهيد فاضل راهو ايوارڊ سان گڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ سان به نوازيو ويو،
هن لوڪ فنڪار جي شادي به عجيب قصو هو علڻ فقير شادي لاءِ پنهنجي مامي کان نياڻي جو
سڱ گهريو هو، مگر سندس مامي فنڪار هجڻ جي ناتي هن کي پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏيڻ کان
انڪار ڪيو، هي الله لوڪ فنڪار سترهن ارڙهن سال شادي لاءِ بيتاب هو مگر نيٺ ڀاڳ جاڳي
پيس سنڌ جي عظيم براڊڪاسٽر ممتاز مرزا جي ڪوششن سان وڃي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
سندس اولاد منجهه (ٻه) نياڻيون فرزانا ۽ سوهانا جڏهن تي (ٽي) پٽ جنهن ۾ فيروز علڻ،
محترم فهيم علڻ ۽ وسيم علڻ شامل آهن، سندس پيءُ جي ڪرت سر ۽ سنگيت سان هڪ پٽ فهيم
علڻ سلهاڙيل آهي .
عمر جي پڇاڙي وقت ۾ فالج حملو ڪري
هن لوڪ فنڪار جي جسم کي نپوڙي بيماري جي بستري تي سمهاري ڇڏيو، جنهن سبب سر سنگيت
جا سڀ ساز بند ڪري هي لوڪ فنڪار علڻ فقير ۶۸ سال ۶ مهينن جي عمر ۾اڱاري ڏينهن
اسان کان هميشه لاءِ ۴
جولاءِ ۲۰۰۰ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي
۾ لاڏاڻو ڪري سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هيترو وقت گذري وڃڻ باوجود
سندس ڪلام ۽ فن کي اڄ به ساراهيو ۽ ياد ڪيو پيو وڃي. سندس مزار ڄامشوري جي ڪالوني
۾ واقع آهي. سندس ياد ۾ اڄ ۴
جولاءِ ۲۰۱۷ع تي سترهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
علڻ فقير
سنڌ جو منفرد لوڪ فنڪار
ناصر مقصود گل
بنيادي طور تي فنونِ
لطيفه جي مڙني شعبن منجھان راڳ سان منهنجو عشق آهي، جنهن سان ننڍپڻ کان وٺي لئون لاتل
آهي. جيتوڻيڪ ادب سان اُنس مون کي پنهنجي وڏڙن پاران ورثي ۾ مليو آهي، پر سُرن سان
سنگت به ٻالجتيءَ کان اٿم. هتي آءُ اهو ذڪر ان ڪري ٿو ڪريان ۽ منهنجي لاءِ اها فخر
جي ڳالهه آهي ته منهنجي زندگيءَ جي شايد باضابطه پهرين اسٽيج پرفارمنس سنڌ ڌرتيءَ جي
البيلي الستي ڪلاڪار علڻ فقير سان گڏ ٿي هئي. اهو ۱۹۸۷ع جو زمانو هو، جڏهن
علڻ اسان جي شهر رتيديري ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ منعقد ٿيل هڪ وڏي جلسي ۾ آيو هو،
جتي منهنجو والد صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاڙو شاعر قاضي مقصود گل مونکي وٺي ويو هو. تڏهن منهنجي عمر
فقط ڇهه سال هئي، پر موسيقيءَ سان عشق جو عالم اهو هو ته مونکي نه فقط علڻ جو انداز
وڻندو هو، پر علڻ فقير جا ڳايل ڪجهه ڪلام مونکي بر زبان ياد هوندا هئا. اها منهنجي
علڻ فقير سان پهرين ملاقات هئي ۽ نه صرف اها ملاقات ٿي هئي، بلڪه ان پروگرام ۾ مون
۽ علڻ فقير سندس ڳايل لطيف سائين جي مشهور وائيءَ ’جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون‘ گڏجي
ڳايو هو. اهو ڪلام اصل ۾ علڻ فقير ۽ محمد علي شهڪيءَ جو دوگانو هو، جنهن ۾ ٽي وي پيشڪار،
سائره ڪاظميءَ، ڪافي ڪلام واري گائيڪيءَ ۽ پاپ موسيقيءَ جو سهڻو امتزاج ڏيکاريو هو
۽ اهو ڪلام ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ پي ٽي ويءَ جي مشهور اسمن ۾ شمار ٿيندو هو.
ذڪر ڪيل جلسي ۾ علڻ فقير پنهنجو سنڌيءَ وارو حصو ڳايو هو ۽ مون محمد علي شهڪيءَ وارو
اردو حصو ’تيري عشق مين جو ڀي ڊوب گيا...‘ ڳايو هو. اهڙيءَ طرح منهنجي ٻالڪپڻ جي پهرين
باقاعدي اسٽيج پرفارمنس ان يگاني ڳائڻي، علڻ فقير سان هجڻ جي ڪري يادگار بڻجي وئي.
محفل ۾ علڻ فقير پنهنجو سنڌي وارو حصو ڳايو ۽ مون مدح.
سنڌ جي هن سريلي راڳيءَ جو تعلق سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي
جي شهر آمريءَ (اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) جي هڪ مڱڻهار گھراڻي سان هو،
سندس وڏن جو ڳائڻ وڄائڻ سان ايامن کان واسطو
هو. هن آمريءَ ۾ پنهنجي وقت جي مشهور دهلاريءَ ۽ ڍولڪ نواز ڌمالي فقير جي گھر ۾ ۱۹۳۲ع ڌاري جنم ورتو، چيو
وڃي ٿو ته سندس والد ڌمالي فقير، امر ڪلاڪار، ڀڳت ڪنوررام سان ڍولڪ تي سنگت ڪندو هو.
علڻ فقير جي ڇٺيءَ تي مٿس ڏاڏي مرحوم جو نالو ’ٽونئر خان‘ رکيو ويو،
پر علڻ فقير جي ڄم وارن ڏينهن ۾ سندس ڏاڏي زندهه هئي، جنهن نئين ڄاول ٻار تي
ڪنهن مرحوم جو نالو رکڻ مناسب نه سمجھيو ۽ مٿس ’عليءَ ڏنو‘ نالو رکيو، جنهنڪري سندس
ڏاڏي ۽ ٻيا گھر وارا کيس پيار مان ’علڻ‘ ڪري سڏڻ لڳا.
علڻ فقير جو ننڍپڻ ڏاڍو المناڪ گذريو، ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ ۾ ئي
سندس ماءُ ۽ ڏاڏي گذاري ويون ۽ سندس پيءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي. علڻ فقير جا ناناڻا لڪي
شاهه صدر ۾ رهندا هئا، انڪري هن ڪڏهن پنهنجي گھر ۾ ته ڪڏهن ناناڻن وٽ رهي، پنهنجو ننڍپڻ
گذاريو. ناليوارو مصور ۽ شاعر ظفر ڪاظمي سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو. علڻ فقير پنهنجي ننڍپڻ
۾ ئي اسڪول وڃڻ بجاءِ دادو کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي مزاحيه
شاعري ۽ چرچا ٻڌائي پنهنجو پيٽ پالڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته انهن ڀوڳن چرچن جي موٽ ۾ مسافر خوش
ٿي کيس پئسا ڏيندا هئا. هڪ دفعي ريل گاڏيءَ ۾ سندس پرفارمنس دؤران ڪنهن مسافر کانئس
نالو پڇيو ته هن کيس پنهنجو نالو ’علڻ‘ ٻڌايو ته موٽ ۾ ان مسافر کيس ’علڻ آزاد‘ ڪري
پڪاريو، جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي ان ئي نالي سان سڏائڻ شروع ڪيو.
علڻ فقير انهن ئي ڏينهن ۾ ڀٽائي سرڪار جي درگاهه تي به ڪثرت
سان حاضريون ڀرڻ شروع ڪيون ۽ ايئن هو ڀٽ ڌڻيءَ جو مستقل پانڌيئڙو بڻجي ويو. اتي وڃي
هُو شاهه سائينءَ جي راڳ مان بيحد مسرور ٿيندو هو. کيس شاهه جي درگاهه تي شاهه سائينءَ
جي هڪ راڳيءَ ’ساجن فقير‘ (جيڪو اکين کان نابين هو) جي آواز ۽ انداز بيحد موهيو، ايتري
قدر جو علڻ فقير جڏهن به درگاهه تي ويندو هو ته ساجن فقير کي ڳولهي ڦولهي کانئس شاهه
جو راڳ ٻڌندو هو ۽ وٽس جيترا به پئسا موجود هوندا هئا، سي سڀ ڪڍي ساجن فقير کي ڏئي
ڇڏيندو هو. علڻ، شاهه جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ توجھه سان ٻڌندي اهي بيت ۽ وايون ياد
ڪيا، جيڪي هو ريل گاڏين ۾ پنهنجي پيش ڪيل لطيفن ۽ مزاحيه شاعريءَ سان شامل ڪري ٻڌائڻ
لڳو. ڀٽائيءَ جِي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ سبب سندس راڳ سان رغبت وڌڻ لڳي ۽ هو
به درگاهه جي فقيرن سان آهستي آهستي راڳ آلاپڻ لڳو. سندس اها رغبت اڳتي هلي عشق جي
درجي تي پهچي وئي. هڪ ڀيري درگاهه تي ٿيندڙ سماع دوران سندس روحاني رمز کي شاههً جي
راڳائيءَ سيد غلام علي شاهه پرکي ورتو ۽ کيس سڏ ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريائين. پوءِ
کيس شاهه جي درگاهه جو کير پيئاري، صلواة، سُر، بيت ۽ وائيءَ جي آلاپن جي بنيادي سمجھاڻي
ڏنائين. اهڙيءَ ريت علڻ فقير باضابطه طور تي شاهه جي راڳ جو پهريون سبق سکيو. ان کانپوءِ
هن شاهه سائينءَ جي راڳ جي باقاعده سکيا لاءِ سيد غلام علي شاهه کان ڳانو ٻڌرايو، ان
سان گڏوگڏ هن شاهه جي راڳ جي ڪجھه سکيا فقير ربنواز، قربان علي لنجواڻيءَ ۽ ٻين فقيرن کان به حاصل ڪئي.
علڻ فقير، ڀٽائي جي راڳ ۽ خاص طور تي وائيءَ کي ايترو ته گهرائيءَ سان پروڙيو، جو ڏيهه
توڙي پرڏيهه ۾ شاهه جي وائي ۽ شاهه سائين جو ايجاد ڪيل الهامي ساز تنبورو سندس سڃاڻپ
بڻجي ويا.
اها ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته ۱۹۶۱ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ مخدوم طالب المولى جي ڪوششن سان بسنٽ هال حيدرآباد ۾ ’ڪل سنڌ مزاحيا ڪانفرنس‘
منعقد ٿي هئي. جيئن ته علڻ فقير ان دؤر ۾ هڪ مزاحيه فنڪار طور سڃاپبو هو، تنهنڪري ان
ڪانفرنس ۾ علڻ فقير پڻ پنهنجي مزاحيه فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ آيو هو. ان وقت سندس ملاقات
سنڌ جي هاڪاري علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيت ممتاز مرزا سان ٿي، جيڪو اتي علڻ جي فن مان
متاثر ٿيو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايائين. ريڊيو تي علڻ سڀ کان پهريان
پروگرام ’ساڻيهه جا سينگار‘ ۾ ’آءُ مارن لاءِ ماندي، مارو مون لئه ماندا...‘ وائي ڳائي.
ان وقت علڻ جي عمر ۲۸ ورهه هئي. جڏهن ته ٽي ويءَ تي علڻ کي پروڊيوسر عبدالڪريم
بلوچ متعارف ڪرايو.
ممتاز مرزا صاحب ۽ پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کانسواءِ علڻ
فقير جي شهرت ۾ چئن اهم شخصيتن عبدالحميد آخوند، ظفر ڪاظمي، منصور ويراڳيءَ ۽ غلام
حسين شيخ جو به وڏو ڪردار رهيو، جن جي رهنمائيءَ، سهڪار ۽ ساٿ سان علڻ فقير نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾، پر دنيا
۾ نانءُ ڪمايو. هن سعودي عرب، بنگلاديش ۽ ڏکڻ
آفريڪا کانسواءِ دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
علڻ فقير کي سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ
ڪارڪردگي ٻه ڀيرا ۱۹۹۲ع ۽ ۱۹۹۶ع ۾، لطيف ايوارڊ ٻه ڀيرا ۱۹۸۷ع ۽ ۱۹۹۷ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن
جو ايوارڊ، شهباز ايوارڊ ۱۹۹۶ع، مصري شاهه ايوارڊ، گورنر سنڌ
ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ مليا. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته
هن، شاههً جي متعارف ڪرايل ساز دنبوري کي بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرايو ۽ دنبورو
توڙي علڻ پوريءَ دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ويا.
علڻ جي ڳايل مقبول ڪلامن ۾ ’جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون‘
(شاهه)، ’يار ويکو رنگ لايا هي‘، ’ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل‘ (شيخ اياز)، ’پاڻ
تو پيدا ڪيو‘، ’ٻولي منهنجِي ٻانڀڻياڻي...‘ (شاهه)، ’تن ۾ الا... من ۾ الا...‘ (سچل)
۽ ٻيا ڪيئي ڪلام شامل آهن.
علڻ فقير ريڊيي، ٽي وي ۽ اسٽيج کانسواءِ سنڌي فلمن لاءِ پڻ
ڳايو. کيس سرڪاري سطح تي شاهه سائين، حضرت سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر جي عر س مبارڪ
جي موقعن تي به دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو، جڏهن ته هر سال ۲۳ مارچ تي جناح ايونيو
اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪ فوج جي پريڊ جي سلاميءَ جي موقعي تي علاقائي ثقافتي فلوٽس
واري سلسلي ۾ سنڌ واري فلوٽ تي علڻ فقير جي موجودگي لازمي سمجھي ويندي هئي. سندس فن
توڙي فقيري طبيعت جو قدر ڪندي کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ شيخ اياز پنهنجي وائيس چانسيلريءَ
وارن ڏينهن ۾Artist
of the campus طور ڀرتي ڪيو، جنهن بعد سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪمال
اظفر سندس گريڊ ۾ واڌارو ڪيو.
سنڌ ڌرتيءَ جي هن منفرد ۽ يگاني راڳيءَ جو لاڏاڻو ۰۴ جولاءِ ۲۰۰۰ع تي ٿيو، سندس آخري
آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڪالونيءَ ۾ آهي.
علڻ فقير
عظيم لوڪ راڳي - ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين
ڪمال ڄامڙو
علڻ فقير، پنهنجي آواز ۽ انداز سبب، نه رڳو پاڪستان
۾ پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به مقبول هو. هو ڪانچ قميص ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو يا
گهنگهرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندو هو ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جا من موهي ڇڏيندو هو.
هو جڏهن نچڻ لڳندو هو ته پنڊال وارا به ساڻس گڏ نچندا هئا. هن کي اسٽيج تي ڳائڻ جي
ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هو Stage craft کان چڱيءَ
ريت واقف هو.
علڻ فقير پهريان ڪو ڳائڻو نه هو. هو هڪ مزاحيه
اداڪار ٻين لفظن ۾ مسخرو هو. هو ان سان گڏ دهل ۽ شرناءِ تي نچندو به هو. هوريان هوريان
شادين ۾ لوڪ گيت ڳائڻ/ دُهل وڄائڻ لڳو. هو شروع شروع ۾ دادوءَ کان حيدرآباد يا ڪوٽڙيءَ
وغيره جي وچ هلندڙ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي لطيفا ۽ شاهه جا بيت ٻڌائي پيٽ گذر
ڪندو هو. ان زماني ۾ هو پينٽ ۽ شرٽ پائي گهمندو هو. تڏهن ڳوٺن ۾ پينٽ ۽ شرٽ جو رواج
نه هو. ماڻهو سندس اهو لباس ڏسي کلندا هئا. ان وقت علڻ پاڻ کي ”علڻ آزاد چڪر وارو“
سڏائيندو هو. هو سنڌ ۾ شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ مختلف درگاهن تي پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪرڻ ويندو هو. اهڙي ريت حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾
مقبول ٿي ويو.
علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ جمعي ڏينهن پنجين شعبان تي ضلعي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ آمريءَ ۾ ڄائو.
هن جي پيءُ جو نالو ڌمالي فقير مڱڻهار هو. جيڪو مشهور دهلاري هو. علڻ فقير جو خاندان
دهل ۽ شرناءِ وڄائڻ کانسواءِ ڳائيندو به هو. ان ريت علڻ کي ڳائڻ وڄائڻ ورثي ۾ مليو.
علڻ جو اصل نالو ٽونئرُ فقير (يعني گُل) هو. جيڪو اصل ۾ سندس ڏاڏي جو نالو هو. جڏهن
علڻ فقير ڄائو ته سندس ڏاڏي زندهه هئي. جيئن ته هن جي مڙس جو نالو ٽونئر هو تنهن ڪري
پوٽي کي ان نالي سان سڏڻ مناسب نه هو. تنهن ڪري هن پنهنجي پوٽي جو نالو ٽونئر مان مٽائي
علي ڏنو، پوءِ علي بخش ۽ آخر ۾ علڻ رکيو. هونءَ به اسان وٽ علي ڏني يا علي بخش کي پيار
۾ علڻ يا بخشڻ يا ڏنل به سڏيندا آهن. علڻ پاڻ سان گڏ ڪشتو ۽ ڏنڊو به رکندو هو. ڏنڊي
۾ گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا. وڏن مڻين وارو ڪنٺو به پائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن جوڳين فقيرن
واري هڪ مخصوص ٽوپي به پائيندو هو. اها ٽوپي رليءَ وانگر مختلف رنگين اڳڙين يا ڪپڙي
جي ٽڪرين مان ٺهيل ٿئي ٿي.
علڻ فقير کي فني دنيا ۾ اڀارڻ وارن ۾ سنڌ جي
چئن علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن جو وڏو هٿ هو. انهن ۾ ممتاز مرزا صاحب، غلام حسين شيخ
صاحب، ظفر ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي صاحب شامل آهن. ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي صاحب
سندس ڳوٺائي هئا، جڏهن ته ممتاز مرزا ۽ شيخ غلام حسين حيدرآباد ۾ رهندا هئا.
ممتاز مرزا صاحب علڻ فقير کي حيدرآباد ريڊيي
تي وٺي آيو ۽ شيخ صاحب ان کي چمڪايو. مرزا صاحب علڻ کي ٽي ويءَ تي به موڪليو، جتي عبدالڪريم
بلوچ کيس متعارف ڪرايو.
ممتاز مرزا صاحب سان علڻ جي پهرين ملاقات چوڏهين
آڪٽوبر ۱۹۶۱ع ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪل سنڌ
مزاحيا ڪانفرنس ۾ ٿي. اها ڪانفرنس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي
ڪوششن سان ٿي. ان ڪانفرنس ۾ علڻ فقير به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيو هو. ان کان پوءِ
ريڊيو پاڪستان جي نالي واري پروڊيوسر مرحوم شيخ ابراهيم جي شاديءَ ۾ ممتاز مرزا صاحب
علڻ کي نچندي ڏٺو. پوءِ ڀالوا ڳوٺ ٿر ۾ ٿيندڙ مارئيءَ جي ميلي ۾ مرزا صاحب، علڻ کي
شاهه جا بيت ڳائيندي ٻڌو. ان کان پوءِ مرزا صاحب کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو.
علڻ ريڊيو، ٽي ويءَ ۽ اسٽيج کانسواءِ فلم لاءِ
به ڳايو. هن سنڌي فلم طوفان جا نغما ڳايا. شاهه، سچل ۽ قلندر جي سالياني ميلي تي به
ڳائيندو هو. هن سنڌي، اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳايو. شاهه جي درگاهه تي ته روزانو يا هفتيوار
ڳائيندو رهندو هو. هو ۱۴هين آگسٽ ۽ ۲۳ هين مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريبن ۾ سنڌ جي فلوٽ تي پنهنجي
فن جو مظاهرو ڪندو هو.
علڻ ترڪيءَ، انگلينڊ، آمريڪا، جرمنيءَ، جپان،
سنگاپور، دبئيءَ، منيلا، بيلجيم، اٽليءَ ۽ روس وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو.
علڻ فقير کي فني خدمتن جي مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ
به ڏنا ويا، جن ۾ پاڪستان سرڪار جو سهڻي ڪارگذاريءَ جو تمغو، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل
سرمست ايوارڊ ۽ قلندر لعل شهباز ايوارڊ وغيره شامل آهن.
علڻ فقير چوٿين جولاءِ ۲۰۰۰ع تي الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو.
علڻ فقير
وفا رضا
علڻ فقير جي ڳائڻ جو انداز نرالو هو. علڻ فقير
کي مون سڀ کان پهرين تڏهن ڏٺو هو جڏهن آئون پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هئس. هڪ ڏينهن
موڪل مهل آئون جڏهن اسڪول کان گهر پئي ويس ته مون هن کي ٽنڊوآدم شهر ۾ هڪ دوڪان تي
ويٺل ڏٺو، کيس اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هو ۽ پوءِ مون ڊوڙي وڃي کيس هٿ ڏنو هو، ائين ئي وقت
گذرڻ سان گڏ منهنجون سنڌ جي هن مٺڙي راڳي سان کوڙ ملاقاتون ٿيون. مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
جي جاگرافي ۽ فائن آرٽس شعبي جي ڇٻر تي ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي
هو ڪانڀ ٻڌي پنهنجي مخصوص انداز ۾ جڏهن شاهه جي وائي جهونگاريندو هو ته واهه واهه ٿي
ويندي هئي. اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي اسٽيج تي جڏهن هو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو ته سڄو
پنڊال علڻ سان گڏ جهومڻ لڳندو هو. علڻ پنهنجي آواز جيان مٺڙو ماڻهو به هو.
ڳوٺ آمري ۾ ۱۹۳۲ع ۾ جنم وٺندڙ علڻ فقير جو اصلي نالو علي بخش هو، چون ٿا ته هُو شروعاتي
ڏينهن ۾ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ ڳائيندو هو ۽ کيس ريڊيو ۽ ٽي وي تي ممتاز مرزا متعارف ڪرايو.
اڄ علڻ سان گهاريل ساروڻين مان اُهو سفر به ياد
پوي ٿو جيڪو اسان گڏجي ڄامشوري کان نوابشاهه تائين ڪيو هو، انهن ڏينهن ۾ مهراڻ انجنيئرنگ
ڪاليج نوابشاهه ۾ ڪو فنڪشن هو، جنهن جي دعوت لاءِ ڪجهه دوست سنڌ يونيورسٽي آيا ۽ پوءِ
اسان گڏجي علڻ جي رهائشگاهه تي وياسين، جتي هن سنڌ جي روايتن موجب اسان جي کيڪار ڪئي
۽ مون کي چيائين ته نوابشاهه هلبو پر تون به مون سان گڏ هوندين.
مون هائوڪار ڪئي، فنڪشن واري ڏينهن آئون هاسٽل
مان سڌو علڻ وٽ پهتس، جتي هُو اڳ ئي سنبريو ويٺو هو. اسان ٻئي ڄڻا سنڌ يونيورسٽي جي
ماروي هاسٽل وٽان ڪراچي کان ايندڙ بس ۾ سوار ٿي پٺاڻ ڪالوني پڳاسين، بس هر ڪنهن جي
اِها خواهش هئي ته جيڪر هُو ساڻن گڏ سفر ڪري. ائين ئي ڪجهه منٽن ۾ اسان پٺاڻ ڪالونيءَ
جي بس اسٽاپ تي پهتاسين، جتان اسان کي نوابشاهه لاءِ سواري ملڻي هئي، ويگن جي روانگيءَ
۾ اڃان ڪجهه وقت هو، جنهن تي اسان ويهي رهياسين هوٽل تي چانهه پيئڻ. چانهه اڃان ڪوپن
۾ ئي هئي ته ڪنڊيڪٽر هوٽل تي اچي پڳو ۽ علڻ فقير کي چيائين سائين هلو ويگن تيار آهي.
خير سان اسان جو نوابشاهه ڏانهن سفر شروع ٿيو، حيدرآباد مان ٻاهر نڪرندي ئي اسان جي
وين بيهي رهي، سبب اِهو هو جو ٽريفڪ پوليس وارا گاڏين جا ڪاغذ جانچي رهيا هئا، وين
جي بيهندي ئي ڊرائيور سان گڏ علڻ فقير اِهو چوندي هيٺ لٿو ته هل ته انهن ڪاغذ چيڪ ڪندڙ
همراهن کي ڏسون، اسان جيئن ئي ٽريفڪ پوليس وارن جي ويجهو پهتاسين ته هنن علڻ کي ڏسي
کيس ويهڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي علڻ کين چيو بابا هينئر ويهڻ جو وقت ڪونهي، اسان جي منزل
اڳتي آهي ۽ پوءِ هن کلندي چيو ڪاغذ آهن تڏهن ته ڊرائيور ويگن هلائي پيو، جنهن تي ٽريفڪ
وارن نه رڳو اسان واري ويگن پر ٻين گاڏين جي ڊرائيورن کي به چيو ته هلو بابا.
ائين اسان جي ويگن مٽياري، بائوديرو، سيکاٽ،
کنڊو، ڀٽ شاهه، هالا، نيوسعيدآباد ۽ سڪرنڊ کان ٿيندي اچي نوابشاهه پهتي، ان وچ ۾ جڏهن
اسان لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۽ سرور نوح جي نگري هالا وٽ پهتاسين ته علڻ فقير دعا لاءِ
هٿ کنيا ۽ اهڙي ئي دعا هن سڪرنڊ جي ڀرسان به گذري گهري ۽ چيائين هتي به سنڌ جون عظيم
هستيون دفن ٿيل آهن. سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ علڻ فقير جڏهن شاهه لطيف جي شاعري
ڳائيندو هو ته سانت ڇانئجي ويندي هئي.
علڻ فقير جيڪو جيتوڻيڪ جسماني طور اڄ اسان وٽ
موجود ناهي پر سندس ڳايل گيت، وايون ۽ ڪلام هن مهل به جهرجهنگ مشهور آهن، اِهو ئي ڪارڻ
آهي جو ريڊيو تي پروگرام ڪندي جڏهن ڪو واقفڪار يا ٻڌندڙ ملندو آهي ته هُو ڪچهري ڪندي
اِهو ضرور چوندو آهي ته بس ڪنهن مهل علڻ فقير جو آواز ضرور ٻڌرايو. علڻ ٻاهرين ملڪن
۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. سنڌي، سرائيڪي توڙي اردوءَ
۾ ڳائيندڙ علڻ فقير جڏهن لاکيڻي لطيف جو سر سامونڊي ڳائيندو هو ته وهه واهه ٿي ويندي
هئي. ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين هن شاعريءَ جي چونڊ به واهه جا ڪئي.
علڻ فقير ۽ جيجي زرينا بلوچ شيخ اياز جو گيت
”ٽڙي ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“ ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آهي. ۴ جولاءِ ۲۰۰۰ع تي اسان کان جسماني
طور وڇڙي ويل علڻ فقير کي سنڌ واسي ڪٿي ٿا وساري سگهن، سندس محبتون، ڳائڻ جو انداز،
هلڻ، گهمڻ ۽ اسٽيج تي جهمريون هڻڻ سدائين ياد رهنديون. پڇاڙي ۾ رڳو اِهو ته علڻ فقير
جي آواز ۾ ڳايل ڪلامن مان جيڪڏهن اوهان کي ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي ناهيان خان کٽيائي“
۽ ”صبح ملندم سومرا وٺي جون واڌايون“ ڪلام هٿ اچي وڃن ته ٻڌي ڏسجو ته علڻ فقير انهن
ڪلامن کي به ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان ڳايو آهي.
علڻ فقير
سنڌ جو الستي آواز
فقير محمد سنڌي
دنيا ئي ته آهي جتي وفا جا راڳ ڳايا
ويندا آهن، روشن ضمير انسانن جو ڪم هر ايندڙ جيو لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ان
لاءِ انساني اخلاق جي اعلى قدرن ۽ خاص طرح عشق ۽ محبت جي نازڪ ناتن کي پنھنجي پياري
ٻوليءَ ۾ پنھنجي ماحول جي مثالن سان دلپذير نموني ۾ بيان ڪندا ويا آهن. اهو ان لاءِ
ته انسان جو ضمير مٽيءَ يعني خاڪ سان آهي، اگر عاجزي ۽ خاڪساري نه ٿو ڪري ته ان ۾
انسانيت نه ٿي اچي. اهڙو ئي فقير منش انسان سنڌ جو الستي آواز علڻ فقير جنھن سدائين
پنھنجي ثقافتي انداز ۾ راڳ کي اهميت ڏني جو سندس سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو مثالي راڳ ورلي
ملي سگهندو.
علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ جمع جي ڏينھن شعبان جي ۵ تاريخ تي مڱڻھارن جي گهر ۾ آمري ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد ڌمالي فقير
پنھنجي پيءُ جو ٽونئر نالو رکيس، پر علڻ فقير جيئن پنھنجي زندگي ۾ سير سفر ڪيو
تيئن ئي ان جي نالي به تمام گهڻا سفر ڪيا. پنھنجي ڏاڏيءَ نالو رکيس عليءَ ڏنو جنھن
مان ڦري ٿيو علي بخش پر ڏاڏيءَ کي اڃا مزو ڪونه آيس سو لاڏ مان علڻ چون شروع ڪيائينس.
۵ سالن
جي عمر ۾ علڻ فقير مس پھتو ته امڙ هيءُ فاني جھان ڇڏي ويس وري جنھن جي ڇپر ڇانوَ ۾
آيو سندس ڏاڏي هئي، اها به ٿوري عرصي ۾ راهه رباني ورتي. مٿان وري علن فقير جي
پيءُ ٻئي شادي ڪئي ته علڻ فقير جو ٻالڪپڻ لڪيءَ ۾ گذريو، ڇو ته اتي سندس ناناڻا هئا.
علڻ فقير ايترن حادثن کان پوءِ ڄڻ تعليم پرائي نه سگهيو، پنھنجي ابي ڏاڏي جي ڪرت
سان لڳي ويو. جيئن ئي جوان ٿيو ته شادين مرادين ۾ دهل وڄائڻ شروع ڪيائين، اها ئي علڻ
فقير جي فني شروعات هئي.
علڻ فقير کي پنھنجي ننڍپڻ جي
هستين تي تمام گهڻو ناز هو، جنھن ۾ سنڌ جو مشھور چترڪار ۽ آرٽسٽ ظفر ڪاظمي جيڪو علڻ
فقير جو دين جو ڀاءُ به هو، يعين ظفر ڪاظميءَ علڻ فقير جي امڙ جو ٿڃ پيتو هو. ٻيو
علن فقيرجي ننڍپڻ جو دوست مشھور شاعر منصور ويراڳي جنھن سان آمريءَ ۽ لڪيءَ ۾ گڏ گهمندي
ڦرندي گذريو. علڻ فقير کي پنھنجي راڄ ڀاڳ ۾ ڳائڻ وڄائن ۾ مزو ڪونه آيو جنھن ڪري هڪ
نئون رستو اختيار ڪريائين، جنھن ۾ هن مسخري باز جو روپ اختيار ڪيو ۽ پاڻ تي نالو
رکيائين ”علڻ آزاد“ هڪڙي پراڻي هندستاني فلم جي ڪنھن گاني مان هڪڙو ڊگهو شعر جوڙي ان
تي نالو رکيائين ”علڻ آزاد ڪا چڪر“ جيڪو ڪجهه هن ريت هو.
”سڄي دنيا پيسي جي ڦيري ۽ ڦند ۾
ڦاٿل آهي،
ڪو مانيءَ پويان،
ڪو ونيءَ پويان،
ڪو پيسي پويان،
ته ڪو وري پرينءَ پويان.
ڪو ڏک ۾ روئڻھارڪو
ڪو ڍاول ته ڪو بکيو.“
پوءِ سڄو شعر مڪمل ڪري ڏاڍا ٺينگ
ٽپا ڏئي مسخري وجهي ماڻهو کلائي پوءِ آخر ۾ چوندو هو، ”بس هڪڙو آزاد آهي جيڪو دنيا
جي مڙني جهنجهٽن کان آزاد آهي. ”هائو ادا ڏيو ڪو علڻ آزاد کي، خدا جي ڏني مان ڪو ٽڪو
آنو، فقير جو هٿ نه موٽايو، ڏيندا ته دعائون ڪندس نه ڏيندؤ ته اوهان کي دل ۾ پٽيندس،
فقير جي پِٽَ نه کڻو هڙ خلاصي ڪريو.“ پوءِ ريل جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ علڻ جي مسخريءَ
مسافرن کي موهي وڌو. ايئن ئي علڻ فقير ڪافي عرصو ان مشغلي سان هليو. علڻ فقير زماني
جا ٻيا ڪم ڪار ڇڏي جڏهن راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو ته علن فقير ٿي ويو، ڪنھن ڏاهي سچ
چيو آهي ته” انسان سراسر پنھنجي ماحول جي پيداوار آهي، ماضيءَ مستقبل اهڙيءَ طرح مليل
آهن، جيئن پاڻيءَ جي قطري پويان قطرو.
راڳ جي دنيا ۾ علڻ فقير جو اچڻ سڄي
زندگيءَ جو ڪڇالو ڪڏي اچي راڳ جي ديوي جو پاسو مليس. ان ڀاڳ واري ديويءَ جا سڀ جلترنگ
هئا ممتاز مرزا وٽ، علڻ فقير جي پھرين ملاقات ممتاز مرزا سان بسنت حال م ڪُل سنڌ
مزاحيه ڪانفرنس جيڪا ۱۴-آڪٽوبر
۱۹۶۱ع تي علڻ فقير ماهر مسخري باز
طور شرڪت ڪئي. زندگيءَ جو سفر روان هو ته، ملير جي ملڪ ڀالوا ۾، جتي مارويءَ جو ميلو
لڳندو آهي، اُتي علڻ فقير ۽ حاجي مير محمد ميلي جو حصو هوندا هئا، ميلو جيئن ختم ٿيو ته
ممتاز مرزا، مير محمد بخش ميلي جو حصو هوندا هئا، ميلو جيئن ختم ٿيو، ممتاز مرزا،
مير محمد بخش کي چيو ته تو وٽ هڪ راڳي آهي، مان ان کي ڳارائيندس. ايئن ئي ممتاز
مرزا ريڊيو جي دنيا ۾ علڻ فقيرکي متعارف ڪرايو.
زندگيءَ ۾ هر بند دروازي پٺيان
هڪ مھربند راز آ، جنھن تي ست ست مھرون لڳل آهن، پر ان راز کي ڪي مرد مانجهي ئي
حاصل ڪري سگهندا آهن جن هميشه پاڻ کي فتح ڪيو آهي، علن فقير فن جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ
سان گڏ اردو ۽ سرائڪي ۾ ڪلام پيش ڪيا. ريڊيو جي دنيا ۾ پھريون ”آئون مارن لئه ماندي،
مارون مون لئه ماندا، طور پيش ڪيو. ٽيلي ويزن تي عبدالڪريم بلوچ جي ڪوشش سان هن جي
فن کي داد مليو. علڻ جي من ۾ سدائين شاهه لطيف جي وائي ”ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي، الا
وو، وو ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي الا“ آلاپيندو
رهندو هو. فن جو قدربه ڪنھن ڪنھن مھان
انسان ۾ ٿئي ٿو، جيئن سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز، علڻ فقير کي سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري
ڏني. فن ڪٿي به بک ناهي مرندو پوءِ چاهي ان وٽ تعليم جي ڊگري هجي چاهي نه هجي. علڻ فقير جي دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻپ هئي، ان لاءِ ڪافي
ملڪن م پنھنجي فن کي متعارف ڪرايائين جو ايترو ڪم هڪ تعليم يافته به نٿو ڪري سگهي.
محنت جو ڦل انسان کي پنھنجي زندگيءَ
۾ ضرور ملندو آهي، علڻ فقير راڳ جي ابتدا ڏنڊي ۾ گهنگهر ٻڌي ڪئي. راڳ هن کي تمام وڏي
منزل تي اچي رسايو، جنھن ۾ هن کي ملڪ جو وڏو ايوارڊ ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ان کان
پوءِ لطيف ايوارڊ، ۱۹۹۲-۱۹۹۱ع، مصري فقيرشاهه ايوارڊ ۱۹۹۶ع، ۱۹۹۷ع، استاد فيروز گل (بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ۱۹۹۷ع)، پي.ٽي.وي ايوارڊ ۱۹۹۷-۱۹۸۷ع، شھباز قلندر ايوارڊ ۱۹۹۶ع، گورنر
سنڌ (اچيومينٽ ايوارڊ ۱۹۹۱ع، سنڌ
فنڪار ايوارڊ ۱۹۹۷ع، شاهه اويس ڪرني ايوارڊ ۱۹۹۸ع، شھيد فاضل راهو ايوارڊ فن جي بدولت
پنھنجي نالي ڪيا. فقير منش انسان علڻ فقير، شاهه لطيف سان گڏ ڪجهه ٻين شاعرن کي ڳايو
۽ ڪافي فنڪارن سان گڏ ڳائڻ کي به اهميت ڏيندو هو. جيڪي ڪلام هن ڳايا آهن اُهي ته الائي
ڪيترا آهن، پر جيڪي مون کي ياد پون ٿا ۽ زماني جا مشھور ڪلام آهن. انهن ۾ شاهه لطيف
سرفھرست آهي: ”آهينم ڳالهڙيون يا الله“، ” آيل ڪريان ڪيئن“ زيب النساء سان گڏ، ساڳيو
ڪلام زرينه بلوچ، زيب النساء ۽ انجم آرا
سان گڏ). ” اکيون مينگهه ملھار“، ٻاروچا ٻاجهه گهڻي“، ”جادو جلائي ويم جيءَ ۾“، ”جيڪي
ميھار ميھار ڪن ڙي اديون“، ”منھنجو جيءُ
جيارو جن“، ”مون ۾ تون موجود“، ”ويندي آئون هوتن وٽ، زرينه بلوچ سان ڳايل اٿس.
”هُما هُما ڪر ڀيا“ اردو ۾، محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا“ سچل سرمست جو ڪلام، اڃ واڌايان
ني وي ميان، مھدي شاهه جو ڪلام، عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو، ٽڙي پوندا ٽارئين، زرينه
بلوچ سان گڏ. ”هئه هئه منھنجي چولڙي“ اهي شيخ اياز جا مشھور ڪلام آهن.”رم جهم رم جهم
برسي بادل آيا“ ظفر ڪاظمي. ”وس پنھنجي ۾ ناهيان“ دادن فقير جو ڪلام. اتني بڙي جيون
ساگر ۾، جميل الدين عالي جو ڪلام- انهن کان علاوه به علن فقير جن شاعرن جي شاعريءَ
کي پنھنجي آواز جو روپ ڏنو انهن ۾ افضل سولنگي، حاجي خانڻ، سائل آزاد ۽ ان سان گڏ علن
فقير جو پنھنجو ڪلام پنھنجي آواز ۾ ”مون کي ڏاڍو پسند آهي، جنھن جا ٻول آهن، ”وهه
واهه جو شاهه ڀٽائي آ، جنھن جو ملڪ سڄو مٽائي آ“، ان کان علاوه علڻ فقير لوڪ گيت
به ڳايا آهن، فلم طوفان ۾ ”جڳ ڏکن سکن جو ميلو آ، هن ميلي ۾ ڪو اڪيلو آ“. اهڙي طرح
ڪافي ٻين شاعرن کي به امرتا بخشي هئائين.
علڻ فقير اڪثر ڪارو لباس
پائيندو هو، پر مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏي طُري سان ٻڌندوهو. آخري عمر ۾ مٿس فالج
جو حملو ٿي پيو جنھن سبب ۴ جولاءِ ۲۰۰۰ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي
۾ گذاري ويو. سندس وصيت مطابق کيس ڄامشورو ۾ سندس گهر جي اڱن ۾ دفن ڪيو ويو.
هن مھان راڳي کي اڪبر جسڪاڻي جي
هنن سٽن سان ڀيٽا ته :
”ڪي ماڻهو
اندر جا ڏاڍا ڪومل هوندا آهن.
ٻين کي کلائي کلائي،
لڙڪ اکين مان لاڙيندا آهن.
سندن من ۾،
اٿاهه درد سمايل هوندو آهي
پر!
ڪنھن کي لکا به نه ڏيندا آهن.
ايئن ٻين کي کلائيندي کلائيندي
غمن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا آهن
پوءِ فقط انهن جون،
يادون رھجي وينديون آھن.
علڻ فقير
سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ
ابراهيم لاشاري
سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ فنڪار علڻ فقير
سال ۱۹۳۲ع ڌاري ڌمالي فقير مڱڻهار دهلاري
جي گهر جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺ آمري ۾پيدا ٿيو. سندس والد
پنهنجي ابي ڏاڏي واري ڪرت ڪري يعني دهل وڄائي پنهنجو پيٽ پاليندو هو. جئين تي ڳائڻ
وڄائڻ سندس ابي ڏاڏي جي ڪرت (پيشو) هو. تنهن ڪري هو ننڍپڻ ۾ دهل وڄائڻ سکيو ۽ دهل
وڄائي نچندو هو. تر جي ڳوٺن ميلن ملاکڙن کان علاوه پنهنجي سڄي ضلعي دادو جي پيرن فقيرن
جي ميلن ملاکڙن تي دهل جي وڄت سان ماڻهن جي دلين کي جهومائڻ تي مجبور ڪندو هو. علڻ
فقير راڳ جي شروعات هن هڪ ڏنڊي ۾ گهنگرو ٻڌي ڪئي تنهن بعد علڻ فقير اسٽيج ۽ ميلن تي
مزاحيا اداڪاري جي فن سان سلهاڙجي ويو. جتي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو پيو ڪندو هو. هڪ
ڏينهن سنڌ جي مشهور مسخري محمد بخش کيس صلاح ڏني ته هن فن کي ختم ڪري، پوءِ واقعي ٿيو
به ائين علڻ فقير مسخري واري فن کي الوداع ڪري ڇڏيو. پوءِ سنجيده ٿي باقاعده طور ڳائڻ
جي فن ۾ محو ٿي ويو. هن ڳائڻ جي سکيا مولچند مهراج مانجهند واري کان ۽ زوار قربان
علي لنجواڻي کان ورتي هئي. علڻ فقير کي قدرت واري اهڙي ته مٺڙي ۽ مڌر آواز سان نوازيو
هو جو سندس آواز منجهه غصب جي اداسي ۽ ميٺاج ۽ سحر سمايل هو هن حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رح جي وائي کي جديد رنگ ۽ انداز ۾ عام ماڻهن ۾ معتارف ڪرايو. اهو علڻ فقير
پوءِ اڳتي هلي (شاهه جي وائي) جو اڳواڻ سڏجڻ لڳو.
هن شاهه سائين جي بيت وائي کي پنهنجي
نرالي انداز سان نه رڳو سنڌ منجهه پر سڄي دنيا منجهه معتارف ڪرايو. علڻ فقير عام
طور ڪاري رنگ جو لباس پهريندو هو، ليڪن مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏو لاجواب (طري)
سان پڻ ٻڌندو هو. هٿ منجهه دنبورو کڻي ان تي چوٽ هڻي ڳائيندو هو سندس لباس ٻين سڀني
فنڪارن کان نمايان هوندو هو سندس لباس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس لباس ٺيٺ سنڌي قسم
جو هوندو هو، جنهن ۾ مٿي سان ٻڌل اجرڪ هميشه ڏسڻ وٽان هوندو هو سندس لباس سنڌي
ثقافت سان سر شار پري کان نظر ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن علڻ فقير جوڳين واري ٽوپي به پائيندو
هو. هن شيخ اياز جي وائي (ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل) هڪ نرالي انداز سان ڳائي
مشهوري ماڻي علڻ فقير اسٽيج جو بادشاهه ڳائڻو هوندو هو، جڏهن به اٿي جهمر هڻندو هو
ته ويٺل ماڻهو سندس اٿي ساٿ ۽ داد پڻ ڏيندا هئا. علڻ فقير کي ريڊيو پاڪستان تي
معتارف ڪرڻ جو سهرو ماياناز براڊڪاسٽر مرحوم ممتاز مرزا صاحب ڏي وڃي ٿو، ممتاز مرزا
علڻ فقير کي سال ۱۹۶۱ع ڌاري ريڊيو تي ان زماني ۾ وٺي
آيو هو. جڏهن هو سنڌي پروگرام (ساڻيهه جا سينگار) ۽ عوامي مقبول پروگرام (ڪچهري) ڪندو
هو علڻ فقير جيڪو پهريو ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايو هو تنهن جا ٻول هئا (آئون
مارن لاءِ ماندي، مارو مون لاءِ ماندا) ريڊيو کان علاوه علڻ فقير ٽي ويءَ تي به
خوب ڳايو. ٽيليويزن پاڪستان تي کيس، ان زماني ۾ عبدالڪريم بلوچ صاحب وٺي وڃي
پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو، جيڪو علڻ فقير ڳايو هو.
علڻ فقير جي مقبوليت صرف سنڌي ڪلام
نه هئا بلڪ سنڌيءَ کان علاوه، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي زبانن ۾ پڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي
ڇڏيندو هو. سندس لباس، ڳائڻ ۽ هلڻ، نج سنڌي ثقافت جو نمونو سمجهو ويندو هو. علڻ فقير
ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج کانسواءِ سنڌي فلم (طوفان) منجهه نغما پڻ ڳايا. هي لوڪ فنڪار
علڻ فقير ۶۸ سال ۶ مهنيا جي عمر ۾اڱاري ڏينهن ۴ جولاءِ
۲۰۰۰ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي
۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا