فقير عبدالغفور
آواز آلاپ جو راڻو - ورسيءَ
تي ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
يڪتارو
چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين
پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر
جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيندو هو.
فقير
عبدالغفور، صالح محمد لکڻ جي گهر حيدرآباد ۾ ۱۹۱۰ع ڌاري پيدا ٿيو. هو سنڌي پنج درجا پڙهيل هو. همراهه تکي طبيعت جو مالڪ هو.
راڳ جي شوق کيس اڳتي پڙهڻ نه ڏنو. هن ٻارهن سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيو. هو ان
عمر ۾ حيدرآباد ويجهو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي حاجيءَ سان ڳائڻ لڳو. ان لحاظ سان
حاجي ان جو استاد آهي. استاد حاجي به يڪتاري تي ڳائيندو هو. فقير عبدالغفور ڳائڻ
سان گڏ ٽانگو هلائي پيٽ پاليندو هو.
هو پاڪستان
ٺهڻ کان اڳ فقير نه پر جوان مڙس هو. هڪ بهادر ۽ مڙس ماڻهو جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو
هو. هو لٺ باٺي ۽ جهيڙي جهڳڙي ۾ تيز هو. هرڪو کانئس ڊڄندو هو. هن پنهنجي ان جوان مڙديءَ
کي غلط رخ ۾ نه استعمال ڪيو، بلڪه سماجي براين خلاف سندرو ٻڌائين، سندس ساٿين ۾
مرزا الطاف، مستري ممون ۽ نالي وارو شاعر مظفر حسين جوش شامل هئا. ان زماني ۾
حيدرآباد جي علائقي جا ڪجهه هندو مسلمانن کي تنگ ڪندا هئا، انهن جي داداگيري ختم ڪرڻ
۾ عبدالغفور اهم ڪردار ادا ڪيو. هو اهڙن جهيڙن ۾ هميشه سوڀارو ٿيندو هو.
سندس زندگيءَ
۾ فقيري ان وقت آئي جڏهن هو حضرت سچل سرمست جي طالب ۽ ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش
ڪوجهيءَ سان مليو. هو عبدالغفور کي سچل سائينءَ جي درگاهه تي وٺي ويو، اتي هن سچل
کي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ فقير بڻجي ويو. فقير عبدالغفور زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين
سچل رح جي درگاهه تي حاضري ڀريندو رهيو.
سچل جي
هڪ عرس تي راڳ جي راڻيءَ عابده پروين فقير عبدالغفور جي ڳايل گهڙولي ڳائي، جنهن تي
فقير صاحب کي ڪاوڙ لڳي ته ”مان جيئرو جاڳندو ويٺو آهيان، هاڻي کان ئي هن منهنجا ڳايل
ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا آهن.“ فقير عبدالغفور سچل سائين جي عقيدت ۾ گيڙوءَ رنگ جو لباس
پائڻ شروع ڪيو. سچل جو ڪلام سندس فقير ته ڳائيندا ئي هئا پر ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سڀ
کان اڳ فقير عبدالغفور ڳائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
جڏهن
آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن قائم
ٿي ته فقير صاحب اتي ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت پروگرام سڌو سنئون نشر ٿيندا هئا، رڪارڊنگ
جو سلسلو اڃا شروع نه ٿيو هو. ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾
لکي ٿو ته ”سن ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن
قائم ٿي ته فقير به ٿوري ئي وقت کان پوءِ اچي ڳائڻ لڳو، ان زماني ۾ جيئن ته فقير
ماچيس جي تار تي ڳائيندو هو، تنهن ڪري هن کي آسانيءَ سان پروگرام نه مليا. آواز جو
امتحان ۽ سرتار جا معيار تمام سخت هئا، ڪنهن کيس صلاح ڏني ته ”يڪتارو ۽ چَپَرَ کڻ“..
فقير جي دل ۾ اها ڳالهه اصل ويهي وئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ماچيس مان جند آجي ڪري، يڪتاري
۽ پر تي ڳائڻ لڳو ۽ پوءِ اهي شيون ڄڻ ته سندس ذات جو حصو بڻجي ويون.“
سنڌ جي
مختلف درگاهن تي ”سُنگ“ ۾ ڳائڻ وارو انداز تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ صدين کان
رائج آهي. سُنگ ۾ فقير هڪ ٽولي جي صورت ۾ گڏجي هڪ ڪلام ڳائيندا آهن. اهو ٽولو پنجن
ڏهن يا انهن کان وڌيڪ فنڪارن جو ٿي سگهي ٿو. اٽڪل هر فنڪار جي هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي
هوندا آهن. اهو فقيراڻو انداز آهي. ان ۾ ضروري ناهي ته ٻيا ساز به شامل هجن. جڏهن
ته جديد سُنگ ۾ ٻيا ساز به وڄايا وڃن ٿا. ان ٻڌڻ سان وجد طاري ٿي ويندو آهي. سُنگ
۾ گهڻي ڀاڱي صوفي بزرگن جو ڪلام ئي ڳايو وڃي ٿو. فقير گيڙو لباس پائيندا آهن. سُنگ
واري انداز کي اڳتي وڌائڻ ۾ فقير عبدالغفور جو وڏو هٿ آهي. فقير صاحب ان انداز جي
شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي ۲۱۸ هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ايڪيهين اپريل ۱۹۷۰ع کان ڪئي. فقير صاحب کي سنگ ۾ ممتاز مرزا صاحب ڳائرايو. ان کان پوءِ
درگاهن کانسواءِ عام محفلن ۾ به اهو انداز وڻڻ لڳو. سنڌي راڳ جو اهو انداز نه رڳو
پاڪستان ۾ بلڪه ٻاهرين دنيا ۾ به مقبول آهي. هتان اڪثر پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار انهن
فقيرن کي ڏيساور موڪليندي رهندي آهي.
فقير
عبدالغفور ان انداز جو ماهر ۽ اڳواڻي ڪندڙ هو. فقير عبدالغفور گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۽
سرائڪيءَ ۾ ڳائيندو هو. پر انهن ٻولين کانسواءِ اردو، پنجابي، فارسي ۽ گجراتيءَ ۾
به ڳايو اٿائين. هن شاهه رح، سچل رح، خواجه غلام فريد رح، بابا بُلي شاهه ۽ ٻين
صوفين جو ڪلام گهڻو ڳايو آهي. هن فلم مٺڙا شال ملن جا نغما به ڳايا. جنهن ۾ شيخ
اياز جو نغمو ””سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار“ تمام گهڻو مقبول ٿيو.
فقير
عبدالغفور آمريڪا، جپان، جرمنيءَ“ دبئيءَ وغيره ۾به فن جو مظاهرو ڪيو. هن جيڪي ڪافيون
ڳايون انهن کي ٻين فنڪارن به ڳائي مقبوليت ماڻي. هن جي ڌنن تي پوري پاڪستان ۾ ڳايو
وڃي ٿو. سندس مشهور ڳايل ڪجهه ڪلام هي آهن:
ماهي
يار دي گهوڙولي ڀردي هان (سچل رح)، جنهن دل پيتا عشق دا جام (سچل رح)، ننگڙا نماڻي
دا، جيوين تيوين پالڻا (سچل رح)، گهوم چرخڙا سانئيان دا تيڏي وٽڻ والي جيوي (شاهه
حسين)، ساڏي ويڙهي آيا ڪر يار صبح شام (بلي شاهه)، بار سوداگر لڏي گئي ني ساڏي دلڙي
بيراڳڻ ڪر گئي ني (خواجه فريد) چلوري سيان چرچا ويکين (فقير قادر بخش بيدل)، لال
موري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ.
فقير
عبدالغفور کي اڳتي آڻڻ ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري حميد آخوند جو به وڏو ڪردار
آهي. فقير صاحب کي شاهه، سچل ۽ قلندر ايوارڊ کان سواءِ پاڪستان سرڪار ۱۹۶۷ع ۾ امتيازي تمغي سان به نوازيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن يڪتاري ۽ چپڙيءَ
تي ڳائيندڙ کي ان اعزاز سان نوازيو ويو هو. فقير ٻه شاديون ڪيون، سندس اولاد ۾
سرور فقير به سندس رنگ ۾ ڳائي ٿو.
ذوالفقار
علي ڀٽو صاحب فقير کي گهڻو پسند ڪندو هو. ڀٽي صاحب کي راڻو ڏاڍو وڻندو هو. لاڙڪاڻي
۾ پاڪستان نيشنل سينٽر جي افتتاح کان پوءِ رات جو سوا ٻي وڳي ڀٽي صاحب المرتضيٰ
هائوس ۾ فقير عبدالغفور، بلاول بيلجيم ۽ مٺا خان زرداريءَ کي پنهنجي سيڪريٽريءَ
عبدالوحيد ڪٽپر معرفت گهرائي فقير کان پهريان ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“ ۽ پوءِ
راڻو ٻڌو.
فقير
عبدالغفور ٻاويهين جولاءِ ۱۹۸۶ع تي
لاڏاڻو ڪري ويو. کيس حيدرآباد ۾ سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري
ويجهو دفنايو ويو.
فقير عبدالغفور
سنڌ ڌرتيءَ جو الستي آواز سنڌڙيءَ تي سر
ڪير نه ڏيندو
ناصر قاضي
جڏهن حيدرآباد
شهر ۾ ٽانگو هلائيندڙ سچل سرمست جي هڪ طالب فقير، رات جي وڳڙي ۾، ويران روڊن تي، گھوڙي
جي واڳن کي پڪڙي، ان ئي گھوڙي جي ٽاپ ٽاپ جي رڌم تي اهو ساڳيو قومي گيت پنهنجي منهن
سان ڳائي دل وندرائي هوندي يا ساڳئي فقير پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين ميڙاڪن يا شاديءَ
مراديءَ جي پروگرامن ۾ يڪتارو ۽ چپڙي هٿن ۾ پڪڙي ڳائڻ سان گڏوگڏ فلم ’مٺڙا شال ملن‘
۾ سازن جي سنگت سان اهو ئي گيت ڳاتو هوندو ته پوري سنڌ مان داد جا درياهه ضرور جاري
ٿيا هوندا ۽ سموري سنڌ سميت پوري دنيا ان مهان ڪويءَ جي مهان سٽن کي آلاپيندڙ مهان
راڳيءَ کي فقير عبدالغفور جي نالي سان ياد ڪري ٿي. جي ها! اهوئي فقير عبدالغفور لکڻ
جنهن ڪڏهن ته دشمن جي آڏو سينو سپر ڪري، ارڏائي جو اظهار ڪندي اهوئي ايازي آواز آلاپيو
ته ’سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار...‘ ته ڪڏهن وري نهايت ئي نهٺائي،
نماڻائي ۽ عاجزيءَ سان پنهنجي مالڪ جي آڏو سيس نوائي چيو ته: ”مالڪ تو بهه تو در“
سنڌ جي هن
الستي ڪلاڪار فقير عبدالغفور ۱۹۱۰ع ڌاري حيدرآباد شهر ۾ صالح محمد لکڻ جي گھر ۾ جنم
ورتو. سندس والد کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو، جتي هن صرف پنج درجا تعليم
حاصل ڪئي. فقير عبدالغفور جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو،
انهن ڏينهن ۾ پنهنجي شوق جي پورائي خاطر لاشعوري طور تي هلندي هلندي ٽنڊي محمد خان
پهتو، جتي پنهنجي وقت جي عوامي ڳائڻي حاجيءَ سان ملاقات ٿيس، جنهن کيس ڳائڻ لاءِ همٿايو.
اهڙيءَ طرح فقير عبدالغفور عملي طور تي سنگيت جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو ۽ پنهنجي استاد
حاجيءَ جي سنگ ۾ ڳائڻ لڳو. ان حوالي سان فقير عبدالغفور جو راڳ جي فن ۾ استاد حاجي
ثابت ٿيو، جنهن کيس راڳ جي فني ڄاڻ سان گڏ کيس يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ جي به سکيا ڏني.
فقير عبدالغفور معاشي حوالي سان ٽانگو هلائي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو.
اڳتي هلي
فقير عبدالغفور، سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش ڪوجھيءَ جي صحبت
۾ آيو، جنهن سان گڏجي هو سچل سائينءَ جي درگاهه تي درازا شريف (راڻيپور) آيو ۽ اتي
پهچي فقير عبدالغفور سچل سائينءَ جو طالب ٿيو، ان کانپوءِ هو پنهنجي اندر جي عشق سان
سچل سائينءَ جو ڪلام ڳائيندو رهيو، کيس سچل سائين ۽ ان جي ڪلام سان بي انتها محبت ٿي
وئي. ان کانپوءِ فقير عبدالغفور پنهنجي عمر جي آخر تائين سچل سائينءَ جي درگاهه جو
مستقل پانڌيئڙو بڻجي ويو ۽ هميشه درگاهه تي اچي حاضر ٿيندو هو.
آگسٽ
1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو قيام عمل ۾ آيو ته ان وقت شروعاتي ڏينهن سبب
ريڊيو تي ريڪارڊنگ جي سهولت ميسر نه هوندي هئي، جنهنڪري ريڊيو تان سڌا سنوان پروگرام
نشر ڪيا ويندا هئا. فقير عبدالغفور جو شمار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انهن شروعاتي
ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن جو آواز ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنئون سڌو
نشر ٿيو.
سنڌ جي صوفياڻين
درگاهن تي سنگ جو رواج عام جام آهي، سنگ ان صوفياڻي رسم يا صوفياڻي ويراڳ جي ان قسم
کي چئبو آهي، جنهن ۾ ۵ کان ۱۰ يا ۱۵ تائين يا وري ان کان به وڌيڪ صوفي راڳي، گيڙوءَ
رتو ويس ڍڪي، ساز سروند هٿن ۾ کڻي رقص جي انداز ۾ صوفي ڪلام آلاپيندا آهن. فقير عبدالغفور
به سنڌ جي انهن صوفي ويراڳين ۾ شمار ٿيندو هو، جيڪي سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا وڄائيندا
آهن. فقير صاحب پاڻ ان سنگ جي سرواڻي ڪندڙ راڳي پڻ هو. سندس سنگ کي پهريون ڀيرو سرڪاري
سطح تي شاهه سائينءَ جي ۲۱۸ عرس جي موقعي تي اپريل ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ جي نامياري شخصيت ممتاز
مرزا متعارف ڪرايو، جتي کيس تمام گھڻي پذيرائي نصيب ٿي. فقير عبدالغفور کي اڳتي آڻڻ
۾ ثقافت کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند جو به اهم ڪردار رهيو آهي.
فقير صاحب
سنڌ جي ان سرمستي سنگ واري انداز کي نه صرف سنڌ، بلڪه سنڌ کان ٻاهر آمريڪا، جاپان،
جرمني، دبئي سميت دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرائي ڪافي مقبوليت ماڻي.
سندس آواز ۾ ڳايل مشهور ڪافين ۾: ’مالڪ توبهه تو در‘، ’اٿ نهين تي ڪٿ نهين اهو ڪون
پيا ٻوليندا‘، ’دلڙي ٿي ديواني، مار جادوگر جادو ڪيتوئي‘، ’ماهي يار دي گھڙولي ڀردي‘
۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن. جيئن ته اڳ ۾ به مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته فقير عبدالغفور
جي آواز ۾ فلم ’مٺڙا شال ملن‘ ۾ شيخ اياز جو لافاني قومي گيت ’سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه
ڏيندو‘ پڻ رڪارڊ ڪيو ويو.
فقير عبدالغفور،
پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پسند جو فنڪار پڻ هو. ايتريقدر
جو ڀٽي صاحب پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي جي افتتاح جي موقعي تي خاص دعوت ڏئي کيس گھرايو
۽ سندس آواز ۾ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ پهريائين ’سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو‘ ۽ پوءِ
’راڻو‘ ٻڌو. ساڳئي محفل ۾ فقير عبدالغفور سان گڏ نامياري بينجو نواز بلاول بيلجم ۽
نامياري گھڙا نواز مٺا خان زرداريءَ پڻ شهيد
ڀٽي جي خاص فرمائش تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
فقير عبدالغفور
کي سندس فن جي اعتراف ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ قلندر لعل شهباز ايوارڊ
کانسواءِ ۱۹۸۷ع ۾ حڪومتِ پاڪستان پاران ’تمغه امتياز‘ پڻ ڏنو ويو. واضح رهي ته فقير
عبدالغفور اهو پهريون سنڌي صوفي راڳي آهي، جنهن کي حڪومت پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو
ويو هجي.
ڌرتيءَ جي
هن سريلي امر ڪلاڪار فقير عبدالغفور ۲۲ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه
حيدرآباد شهر ۾ سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ڀرسان آهي.
فقير
عبدالغفور
الستي
آواز جو ڌڻي
رکيل
مورائي
سنڌ جي صوفي راڳين ۾
فقير عبدالغفور ۽ ڍول فقير جو هڪ نرالو انداز آهي، راڳ ڳائڻ ۾. گهٽ ۾ گهٽ اسان جا
موسيقيءَ جا ڄاڻو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه
آهي ته موسيقيءَ جا ڄاڻو، هنن روح سان راڳ ڳائيندڙ، ٻن فقيرن سان راڳ جي فني
باريڪين جي حوالي ۾ وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيڪا نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته فقير عبدالغفور
جو راڳ اهڙي سختيءَ کان الڳ آهي. يا چوڻ گهرجي ته صوفي راڳ جو هڪ پنهنجو رستو ۽
راهه آهي. اھو، فن جي ظاهري گهرجن کان وڌيڪ روح جي اڏام سان تعلق رکي ٿو. فقير
عبدالغفور جو ڳايل راڳ، روح جو راز آهي، جنهن کي فقط رند پروڙي سگهن ٿا. موسيقيءَ
جا ڄاڻو، هن سرمست ۽ الستي آواز جي مالڪ راڳيءَ سان، تنقيدي رويو رکندا ته پوءِ سندس ئي ڳايل مهدي سائين جي ڪافي ۾ انهن
لاءِ هيءُ جواب هوندو ته: مهدي عليءَ جي صورت، ڪين مڃيندو منڪر!
فقير عبدالغفور تي ۽
سندس الستي آواز ۾ ڳايل صوفي راڳ ۽ ان ۾ اوتيل سندس روح تي لکڻ لاءِ اندر جو اوجر
۽ روح جي پاڪائي ته گهرجي ئي گهرجي پر اها اندر جي سوجهه ٻوجهه به گهرجي، جيڪا
سرمستن جي اندر ۾ موجود رهي ٿي. هن منزل تي ڪتابي علم، پنهنجو ڪارج ادا ڪري نه
سگهندو. ڇاڪاڻ ته هيءُ اهڙو راڳي آهي، جنهن کي روحاني طور ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽
اها اهڙي محسوسات آهي، جنهن کي فقط اندر ۾ ئي اوري سگهجي ٿو. ان جو اظهار نه ٿو ڪري سگهجي. اهو به
اهڙيءَ طرح اظهار، جهڙيءَ طرح تڪ تور ڪجي ته اهو ممڪن نه ٿو بڻجي.
فقير عبدالغفور جي ڳايل
اڻ ڳڻين صوفي ڪافين ۽ ڪلامن ۾ سندس آواز جي هڪ اهڙي صدا آهي، جيڪا قدرت شايد هن
فقير کي ئي عطا ڪئي هئي. ان جو مثال سندس ڳايل سچل سائين جي مشهور گهڙولي آهي. اڄ
موسيقيءَ جا نقاد، مختلف صورتن ۾ ان کي ٻڌن ٿا، ان بابت ڳالهائين ٿا ۽ ان کي اڄ جي
جديد موسيقيءَ جي دائري ۾ به آندو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ اسان جي سنڌي راڳ جي نهايت اهم نالو،
عابده پروين، ان کي پنهنجي سريلي آواز ۽ سڀني موسيقيءَ جي فني باريڪين سان ڳايو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لاجواب ڳايو آهي. پر سچ اهو آهي ته ان ۾ فقير عبدالغفور وارو
روح، ان جي سادگي ۽ ان جو وجدان نه آهي. ٻيو
سڀ ڪجهه ڀلي هجي!
فقير عبدالغفور
حيدرآباد جهڙي هڪ اهم شهر ۾ ڄائو. حيدرآباد اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سنڌ جو علم ۽
ادب، موسيقي ۽ ٻيا فن پليا ۽ نپنا، وڌيا ۽ ويجهيا آهن. حوالي لاءِ پڙهڻ گهرجن، ممتاز
مرزا صاحب جا ٻه ڪتاب؛ ”سپيريان جي ڳالهڙي“ ۽ ”سدا سوئيٽا ڪاپڙي“.
فقير عبدالغفور اهڙي
دور ۾ اسريو آهي، جيڪو دور ريڊيو حيدرآباد جو سونهري دور ليکجي ٿو. سندس آس پاس،
نه رڳو صوفي راڳ جا ڳائيندڙ ججهي انداز ۾ ملن ٿا، پر استاد منظور علي خان، محمد
يوسف، سنگهار علي سليم ۽ وحيد علي جهڙا راڳي ملن ٿا. تنهن هوندي به فقير عبدالغفور جو انداز،
نرالو محسوس ٿئي ٿو. هن جو لهجو پنهنجو نجو آهي، جنهن تي ڪنهن به لهجي جي ڇانو محسوس نه ٿئي ٿي.
سندس ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ ڪلام، ريڊيو تي اڳتي هلي ٽيلي ويزن تي سنڌي ماڻهن ٻڌا. ان
کان سواءِ، سنڌ جي الڳ الڳ درگاهن تي، خاص طور ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ تي، هو ڳائيندو
رهندو هو. سندس ڳائڻ، سنڌي ماڻهن جي روح تي سڌو اثر ڪندو هو. اهڙو يقينًا آهي، پر
هڪ دور فقير عبدالغفور جو ٻيو به آهي، جيڪو هن کي هڪ نئين ۽ الڳ سڃاڻپ ڏئي ويو ۽
ان روپ سنڌ جي نئين نسل کي ايترو ته موهيو جو فقير عبدالغفور نئين نسل جو من پسند
راڳي بڻجي پيو. سندس اهو روپ هئو، سنڌ جي هڪ قومي راڳيءَ وارو. فقير عبدالغفور
جڏهن سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي مشهور وائي؛
سنڌڙيءَ
تي سير ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار .!
ڳائي ته سنڌ جو نئون
نسل جهومي اٿيو. سنڌ جا تعليمي ادارا، سندس فقيراڻي آواز سان گونجڻ لڳا. انهن
ادارن ۾ پڙهندڙ نوجوان، ان وائيءَ تي پتگن وانگر پچڻ لڳا ۽ فقير عبدالغفور سنڌ جي
آڪاس تي اڏڻ لڳو. اهو دور، سنڌ جي سياست جو عجيب دور هو. هڪ پاسي ڀٽي صاحب جي
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هئي، ٻئي پاسي قومي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي. اهڙي ماحول ۾،
اياز جي وائيءَ کي فقير عبدالغفور جو الستي ۽ پڙاڏو ڪندڙ آواز مليو ته سچ پچ جهوناڳڙهه
جُهرندي محسوس ٿيندو هو. ان ئي دور جو هڪ واقعو، ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان
نه وسرن“ ۾ لکيو آهي ته؛ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار
جي ٻئي ڏينهن تي المرتضيٰ هائوس ۾ جڏهن مهمان وڃي آرامي
ٿيا، ته سرمستيءُ جي موڊ ۾ آڌي رات جو ڀٽي صاحب فقير عبدالغفور کي سڏرائي چيو ته؛
”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! ٻڌاءِ!“ جڏهن
فقير ڳايو ته ڪيئي روح ريج ٿي ويا. فقير عبدالغفور اياز جي وائيءَ کي جنهن وجدان سان
ڳايو، اهو معجزو ته نه هئو پر ان جهڙو ئي ڪو عمل هو. ساڳي وائي جڏهن، فلم مٺڙا شال
ملن ۾ آندي وئي ته سينيمائن جا هال رقص گهر بڻجي ويا. جڏهن اهو ڪلام هلندو هو ته
ڪو ماڻهو ويهي نه سگهندو هو، سڀ نچڻ لڳندا هئا. جڏهن عبدالغفور وائي جي سٽ؛
”جهول
جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“
ڪڙڪيدار آلاپ ۾ اچاريندو
هو ته محسوس ٿيندو هو؛ اسين ڪنهن وڏي جنگ جي ميدان ۾ بيٺا آهيون ۽ فقير عبدالغفور
اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. فقير عبدالغفور جي آواز جي صدا ته اڳتي هلي پوري ٿي.
۱۹۸۳ع جي تحريڪ ۾ ڪيترا ئي ڪنڌ ڪريا، پر ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو
ڀرجهلو ڪو به ڪو نه ٿيو. فقير جو آواز رڻ ۾ رڃ بڻجي رهجي ويو. پر ڪروڙين روحن ۾ اڄ
به زنده آهي، جڏهن ته فقير صاحب پاڻ ٻاويهين جولاءِ ۱۹۸۶ع تي، پنهنجي لافاني
آواز سميت هن ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۾ سدائين لاءِ سمهي پيو ۽ بس!
فقير عبدالغفور
راڳي – ورسي جي حوالي
سان
خالدچانڊيو
سنڌ ۾ راڳين جو هڪ
وڏو حلقو انهن ”يڪتاري پوٽن“ فنڪارن جو آهي، جن يڪتاري تي پنهنجي منفرد انداز سان
وڏي مڃتا ماڻي آهي، فقير عبدالغفور به انهيءَ ڪڙم قبيلي جو نهايت ئي مقبول ترين راڳي
هو... يڪتارو ۽ چپڙي هٿ ۾ کڻي فقير عبدالغفور جڏهن ”آ“ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج
ڪيترن ئي هلندڙ قدمن جي چر پر کي به روڪي ڇڏيندي هئي، هُن جي آواز کي هروڀرو ڪنهن
لائوڊ اسپيڪر جي به ضرورت نه پوندي هئي. قد ڪاٺ ۾ ڊگهو هي فقير ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو
هو.
صالح محمد لکڻ جي ڀاڳوند
گهر، حيدرآباد ۾ ۱۹۱۰ع ڌاري راڳي فقير عبدالغفور پيدا ٿيو. هو سنڌي پنج درجا پڙهيل هو. تکي
طبيعت جو مالڪ هو، ويتر راڳ جي شوق کيس اڳتي پڙهڻ نه ڏنو. هن ٻارهن سالن جي عمر
کان ڳائڻ شروع ڪيو هو. انهيءَ عمر ۾ حيدرآباد ويجهو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي
حاجيءَ سان هُو گڏجي ڳائڻ لڳو. ان لحاظ سان اُهو راڳي ”حاجي“ سندس استاد هو، سندس
اهو استاد حاجي به يڪتاري تي راڳ ڳائيندو هو. ڳائڻ سان گڏ، فقير عبدالغفور ٽانگو
هلائي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو.
عبدالغفور اڃا
عبدالغفور هو، فقيري سندس حياتيءَ ۾ ان وقت آئي، جڏهن هو حضرت سچل سرمست جي طالب ۽
ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش ڪوجهيءَ سان مليو. هو عبدالغفور کي سچل سائينءَ جي
درگاهه تي وٺي آيو، اتي هن سچل کي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ فقير بڻجي ويو. فقير عبدالغفور
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سچل سرمست رح جي درگاهه تي حاضري ڀريندو رهيو ۽ سندس
عقيدت ۾ گيڙوءَ رنگي لباس پهريندو هو. سچل جو ڪلام سندس فقير ته ڳائيندا ئي هئا پر
ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ فقير عبدالغفور ڳائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
جڏهن آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير
عبدالغفور اتي ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت پروگرام سڌو سنئون نشر ٿيندا هئا، رڪارڊنگ جو
سلسلو پوءِ شروع ٿيو.
سنڌ جي مختلف
درگاهن تي ”سُنگ“ ۾ ڳائڻ واري روايت کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ صدين کان
رائج اها روايت اڄ تائين ڪيترين ئي صوفياڻي درگاهن تي جاري آهي. سُنگ واري انهيءَ
انداز کي هٿي ڏيارڻ ۾ فقير عبدالغفور جو به وڏو هٿ رهيو. فقير عبدالغفور سُنگ واري
انهيءَ انداز جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي ۲۱۸ هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ايڪيهين اپريل ۱۹۷۰ع کان ڪئي. کانئس سُنگ ۾ ممتاز مرزا ڳارايو.
سنڌي راڳين جو اهو انداز نه رڳو پاڪستان ۾ بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به مقبول آهي.
فقير عبدالغفور ان
انداز جو ماهر ۽ اڳواڻي ڪندڙ هو. فقير عبدالغفور گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڳائيندو
هو، پر انهن ٻولين کانسواءِ اردو، پنجابي، فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ به ڳايو اٿائين. ڀٽائي،
سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بُلي شاهه ۽ ٻين صوفين جو ڪلام گهڻو ڳايائين. فقير
عبدالغفور فلم مٺڙا شال ملن جا نغما به ڳايا.
فقير عبدالغفور
پنهنجي مُلڪ سميت آمريڪا، جپان، جرمني، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾به فن جو مظاهرو ڪيو. هن
جيڪي ڪافيون ڳايون انهن کي ٻين فنڪارن به ڳائي مقبوليت ماڻي. سندس ڌنون پوري پاڪستان
۾ ڳايون وڃن ٿيون.
سندس ڳايل مشهور ڪلامن
مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
ماهي يار دي گهوڙولي
ڀردي هان (سچل رح)، جنهن دل پيتا عشق دا جام (سچل رح)، ننگڙا نماڻي دا، جيوين
تيوين پالڻا (سچل رح)، گهوم چرخڙا سانئيان دا تيڏي وٽڻ والي جيوي (شاهه حسين)، ساڏي
ويڙهي آيا ڪر يار صبح شام (بلي شاهه)، بار سوداگر لڏي گئي ني ساڏي دلڙي بيراڳڻ ڪر
گئي ني (خواجه فريد) چلوري سيان چرچا ويکين (فقير قادر بخش بيدل)، لال موري پت
رکيو ڀلا جهولي لالڻ.
فقير عبدالغفور کي
مڃتا طور حڪومت پاڪستان پاران ۱۹۶۷ع ۾ تمغه امتياز سان نوازيو ويو، انهيءَ کان علاوه کيس
شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ قلندر ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ موصول ٿيا.
سندس اولاد مان
سرور فقير به ساڳي ئي رنگ ۾ ڳائي ٿو.
فقير عبدالغفور ٻاويهين
جولاءِ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري ويجهو ابدي
آرامي آهي.
فقير عبدالغفور
پنهنجي الستي آواز ۽ جداگانه انداز سبب سنڌ جي راڳين جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو،
سندس ڳايل لافاني ٻول عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندا رهندا.
No comments:
راءِ ڏيندا