; سنڌي شخصيتون: بدر ابڙو

10 July, 2016

بدر ابڙو

بدر ابڙو

رکيل مورائي



لڳي ٿو هاڻ هُن مڪمل ويراڳ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن به تقريب، جيڪا سچ پچ نج ادبي تقريب هوندي آهي، ان ۾ به شريڪ نه ٿيندو آهي، جتي سندس ڳالهائڻ جي گهرج هوندي آهي، اتي به هو گهٽ ئي ايندو آهي، سندس نه اچڻ سبب سندس جڳهه تي جيڪو ڳالهائڻ وارو هوندو آهي، اهو اديب، تخليقڪار، تنقيد نگار، تحقيقڪار نه هوندو آهي، پر انهن گهڙين ۾ هو پاڻ اهو سڀ ڪجهه هجڻ جو ڏيک ڏيندو آهي.


هو هاڻ نه ايندو آهي ۽ سدائين ادب جو اهو الميو رهيو آهي ته جن کي لکڻ گهرجي، انهن جي نه لکڻ سبب نه لکندڙ اڻ ڄاڻ لکڻ لکندا آهن، جتي اديبن کي ڳالهائڻ گهرجي، اتي ادبي جلسن جو وهنوار هلائڻ وارا ڳالهائيندا آهن، جن ڪرسين تي عالمن ۽ اڪابرن کي ويهڻ گهرجي، انهن ڪرسين تي احمقن جو انگ ويٺل هوندو آهي جن کي آخري ڪرسين تي ويهڻ گهرجي اهي اڳين ڪرسين تي ويٺل هوندا آهن ۽ جن کي اهم ڪرسين تي ويٺل هجڻ گهرجي، اهي آخري ڪرسين تي ويٺل هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو مناسب موٽ نه ڏيندا آهن تڏهن سندن آبرودار ڪرسيون، نامناسب شخص اچي والاريندا آهن.

جيتوڻيڪ سنجيده تقريبن جي اڄ غير سنجيدگيءَ نالي ۾ ايترو وائڙو ڪري ڇڏيو آهي، جو سوچيندڙ شخص اٻاڻڪو ٿي ويو آهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هُن جي تقريبن ۾ نه اچڻ جو سبب اهو به هجي. پر سچ اهو آهي ته جتي هن کي ضرور هجڻ گهرجي اتي هو هليو اچي، ايئن هن جي به اٻاڻڪائي ختم ٿيندي ۽ انهن جي اٻاڻڪائي به ختم ٿيندي جيڪي هن سان پيار ڪن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڪيفيتون عالمن اڪابرن ۽ تخليقڪارن تي اينديون آهن، پر اهي سدائين لاءِ نه هونديون آهن. جنهن جا مثال اسان وٽ مها ڪوي شيخ اياز ۽ سونار بنگلا جي سانوري ڪري ٽئگور جا آهن، پر نيٺ آخر انهن کي محسوس ٿيو ته اسين انهن جي سامهون به هجڻ گهرجون، جن لاءِ اسين لکون ٿا.

سو هن کي به ڪڏهن ڪڏهن اسان جي سامهون هجڻ گهرجي. ڇالاءِ ته هو اسان لاءِ لکي ٿو، اسان هن کي پڙهون ته ٿا پر هن کي ڏسڻ به چاهيون ٿا. گهڻو وقت کيس نه ڏسنداسين ته سندس چهرو اسان جي اکين مان ڌنڌلائجي ويندو. ان کان اڳ سندس چهرو ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن فورم تان دوستن جي وچ ۾. ڇاڪاڻ ته اسين دوست کيس ڏسڻ  چاهيون ساڻس ملڻ جي گرم جوشي به محسوس ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو پنهنجو شخصي سنياس کي ترڪ ڪري.

ڊگهي قطار آهي نوجوانن جي جيڪا کيس ڏسڻ چاهي ٿي، جن جمال ابڙي صاحب کي ڏسڻ جي سَڌ سانڍي هئي پر کيس ڏسي نه سگهيا هُئا، اهي به کيس ڏسي خوشي ماڻڻ چاهن ٿا. ايترو ڊگهو سنياس اٻاڻڪو ڪندڙ آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سندس سنياس ختم ٿيڻ جو ڏينهن آهي، پڪ سان هو پنهنجي جنم ڏينهن تي پنهنجي سنياس جو ورت ٽوڙيندو ۽ وري پنهنجي ودستن جي ٻکن ۾ هوندو.

کيس سندس جنم ڏينهن تي گهڻيون مبارڪون، جيڪو ڏينهن پڪ سان هڪ سنياس ورتل شخص طور نه ملائيندو، پر پنهنجي ڀائرن، ڀينرن، گهر وارن ۽ عزيزن سان گڏ ملهائيندو ۽ اسين سڀ دوست دلي طور ساڻس گڏ هونداسين. اڄ جو ڏينهن اسان جي دوست بدر ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي.


 

بدر ابڙو

محقق، ليکڪ، صحافي، آرڪيالاجسٽ ۽ لغت نويس

برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش ۱۹ ڊسمبر ۱۹۵۳ تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪيائين ۽ انٽر کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب ۱۹۷۳ع کان مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان آغاز ڪندي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو رهيو. ان دور ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، مشتاق باگاڻي، بيدل مسرور، هدايت بلوچ ۽ ٻيا دوست سنگت ۾ سرگرم هئا، تاج بلوچ، شمشير الحيدري، بدر قريشي ۽ تاجل بيوس سندس سينيئر ساٿي هئا.

۱۹۸۰ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو “ڄام ساقي ڪيس” جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. ان بعد هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. ۱۹۸۵ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ۱۹۹۰ع ۾ روزاني “پڪار” سکر جو ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ “پڪار” ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته اتي به سندس ايڊيٽر هو. ۱۹۹۳ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن “روح رهاڻ” جاري ڪئي، جنهن جا نوَ (۹) پرچا اچي سگهيا. ۱۹۹۷ع ۾ پاڻ “برسات” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت تائين بدر ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ “تنقيد نگاري” (۱۹۸۵ع)، “رني ڪوٽ” (۱۹۸۹)، “هنگلاج ۽ لاهوت” (تحقيق: ۱۹۹۲ع ۾)، “رياست جهنگل جي آکاڻي” (ڪهاڻيون: ۱۹۹۲)، “جيل جي ڊائري” (۱۹۹۴)، “سنڌوءَ جو سفر” (۱۹۹۴)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) ۱۹۹۶، “رني ڪوٽ” (اردوءَ ۾: ۱۹۹۷ع)، “ماڻهو” (۱۹۹۸)، “سنڌ جو شاهه” (۲۰۰۰ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ “کيرٿر جو سفر” جا پنج جلد، “ڪوهستان جو سفر”، “سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي”، “منڇر گاج دنيا” “ڪُتي جي قبر ڏانهن” ۽ “سيوهڻ جي تاريخ” شامل آهن. ان کان سواءِ هن موضوع وار انسائيڪلوپيڊيا لاءِ به اهم معلومات تي مبني ڪتاب تيار ڪيا آهن، جن مان تازو “سنڌ جي جهنگلي جيوت” بابت ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان (۲۰۰۹ع) ۾شايع ٿيو آهي، ان کان سواءِ هن اداري پاران ڇپجندڙ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي عنوان سان تيار ٿيندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي پهرئين جلد جي تياريءَ ۾ به سندس اهم ڪردار آهي. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “خواب ۽ خيال” (شاعري) ۽ صوفياڻي فلسفي تي ٻڌل تحريرن جو مجموعو “پيهي جان پاڻ ۾” شامل آهن. بدر ابڙي مختلف اخبارن ۾ ڪيترائي سلسليوار ڪالم، ايڊيٽوريل ۽ مضمون به لکيا، جن ۾ “هيءَ سين” جي سري هيٺ هلال پاڪستان ۾ “زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر” (هلال پاڪستان). “سنڌ باد” (هلال پاڪستان) “وتايو فقير سوچي ٿو”، (برسات)، “آئينو”. (سنڌ، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾). دلچسپي جي ڳالهه ته هن هڪ درجن کن فرضي نالن سان پڻ ڪالم لکيا، جن ۾ ڪڏهن “شهباز لطيف” ڪڏهن “مترش”، “احسان الله”، “بشير عباسي”، “آديسي”، “تمر لاهوتي” ۽ ’سنڌ باد‘ جهڙا نالا استعمال ڪيا. کيس مڃتا طور APNS اوارڊ ۱۹۸۷ع ۾ مليو. آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس ڪيائين جنهن سال هن کي سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ٿي. ۱۹۸۶ع ۾ بدر ابڙي شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيو. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم پهلو مهم جوئي پڻ آهي. هن ۱۹۸۹ع ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچيءَ تائين ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سڄو کيرٿر ڏسڻ کان پوءِ ڪتابَ لکيائين.

بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، جتي پروجيڪٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اهم انگلش سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو اٿس. بدر ابڙو تحقيق ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان)


 

بدر ابڙو

سائين کي جنم ڏينهن مبارڪ

انور ابڙو

چڱن خاصن سالن کانپوءِ سائين بدر ابڙي صاحب جن سان روبرو ملاقات ٿي، تنهن کي به پنج مهينا گذري ويا آهن. ضياءُ الدين اسپتال، يونيورسٽيز اينڊ بورڊس جي آفيس ۽ ثقافت کاتي جي آفيس جي ويجهو قائم انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي آفيس ۾، هن، هڪ اهڙي شخص وٽ حاضر ٿيو هئس، جنهن جي احترام کي مون پنهنجي روح ۾ هروقت اوچو رکيو آهي.

ملاقات ۾ ساڳيو ئي باوقار.... وڏو مانُ ڏيئي مليو. جيتوڻيڪ آفيسن ۾ ڪچهريون ناهن ٿينديون، بس ڪم جون ڳالهيون ٿينديون آهن، ۽ پوءِ موڪلائبو آهي، تڏهن ئي ته بدر صاحب جن به، جڏهن ۱۹۹۴ع ۾ يوسف شاهين صاحب جي اخبار “برسات” ۾ ڪم ڪندا هئا ته پنهنجي ڪرسيءَ جي پويان ڀت تي، هڪ ڪاغذ تي لکي چنبڙائي ڇڏيو هئائون ته،”مان هِتي ڇو ويٺو آهيان.” (اها ڳالهه مون اڳ ۾ به سندن هڪ پروفائيل ۾ لکي آهي)، جنهن جي معنيٰ ٿي ته،”مان هِتي ڪچهرين لاءِ نه، پر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ويٺو آهيان، جنهن جي پگهار ٿي ملي.” بعد ۾ ان بابت پڇڻ تي ٻڌايو هئائون ته،”جڏهن سائين عبدالرحمان نقاش صاحب سيو دي چلڊرين فنڊ پاران مٺيءَ ۾ مقرر هو ته، اُتي هن پنهنجي آفيس ۾ اهو لکي لڳائي ڇڏيو هو.”

سو جڏهن آفيس واري ڪم ڏانهن اهڙي ذميواريءَ وارو رويو هجي ته، اُتي ته ايندڙ ماڻهو به، گهٽ ويهڻ چاهيندو، پر مان جڏهن به بدر صاحب جن سان مليو آهيان، تڏهن مون پاڻ به سندن ڪم جو احساس ڪندي کانئن گهڻو وقت ناهي ورتو، پر هن جي پنهنجي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ڪي پل ساڻس گڏ ويهي حال احوال ڪريون....الائي ڪهڙو رشتو آهي اهو؟

هن ڀيري به پنهنجي ڪرسي ڇڏي اچي صوفا سيٽ تي ويٺو ۽ حال احوال ڪرڻ لڳو.... عمر ۾ ته وڏو، پر تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ۾ به تمام تمام وڏو هوندي به ننڍن کي عزت ڏيندڙُ ۽ ڪچهريءَ ۾ بي تڪلف ٿي ڳالهائيندڙ بدر ابڙي صاحب سان مان جڏهن به ملندو آهيان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته گهٽ ڳالهائجي، ضرورت مطابق ڳالهائجي ۽ بس کيس ٻُڌجي... بدر صاحب جن جيترو ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ ڀل اسان کي ٻه ٽي عمريون ملن، پوءِ به هن جيترو ۽ هن جهڙو ڪم نه ڪري سگهنداسين.

..... سبب؟

سبب اهو ته اهڙي دل، دماغ، فن ۽ عشق اسان وٽ هوندو ئي ڪونه، جيڪو اهڙا پنڌَ ڪرائي، جيڪي رڳو خطرن سان ڀرپور آهن.... جبل، رڻ پٽ، ٿر، صحرائون، غارَ، غُڦائون، ويرانا، درياهه، ڪچا، پڪا، ڪاڇا، ڪوهستان، اهي سڀ عشق کانسواءِ ته رڳو نٿا ڳولجن ۽ نه ئي اُتان تاريخي حقيقتن جي “مُٺ مُٺ ڪري ميڙجي ٿي.”.. . مٿان وري انهن تي تحقيقي ڪم لاءِ مددي مطالعو... اسان کان ڪٿي ٿو ايترو ڪم ۽ محنت پُڄي... اسان جا پيرَ ته ايتري ۽ اهڙي پنڌَ جا هيراڪ ئي ناهن... ۽ اسان جو دماغ ڪٿي ٿو اهڙو بارُ کڻي سگهي. سو ماڻهوءَ کان وٺي ٺڪرن ڀترن ۽ پٿرن سان اهڙو عشق ڪير ڪري سگهندو؟ ممڪن آهي ڪير ڪري سگهي، پر اهو ڪنهن به صورت ۾ اهڙو نه هوندو، جهڙو بدر صاحب جن ڪيو آهي.

هڪ ڀيري انور پيرزادي صاحب ٻڌايو هئو ته،”مون بدر صاحب کان پڇيو ته، ٻڌاءِ ڪتاب ڪيئن لکجي؟‘، جنهن تي بدر صاحب چيو، ’سولو آهي، بس پاڻ کي ڪرسيءَ سان ٻڌي ويهه.‘“ سو بدر صاحب نه رڳو پاڻ کي ڪرسيءَ سان ٻڌي ويهي ايڏا اهم ۽ معياري ڪتاب اسان کي ڏنا آهن، پر هن ته جهرجهنگ به جهاڳيو آهي، جبلن پهاڙن تي به چڙهيو آهي، اُتي جي زندگي به ڏٺي آهي، قديم دور جون پهاڙن تي چِٽيل پينٽنگس به ڏٺيون آهن، قلعن، ڪوٽن تي به ويو آهي، رني ڪوٽ کي به ماپيو آهي، سنڌو ءَ جو سفر به ڪيو آهي، ڪوهستان به گهميو آهي ۽ ٿر تڏهن کان وٺي ڏٺو آهي، جڏهن کان اُتي اڃا ڇڪڙا هلندا هئا. هن ته “ماڻهو” جي تاريخ به لکي آهي ته سنڌي ٻولي، ۽ سنڌ ۾ موجود جانورن، ٻوٽن، سنڌو ڊيلٽا، ڊڪشنرين، انسائڪلوپيڊيا ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي به ڪم ڪيو آهي. ڪهاڻيون ته ڪير هِن جون پڙهي!! شاعريءَ جو ته مَٽُ ته اڃا ڀريو پيو اٿس. خبر ناهي ان جو ڍڪڻ ڪڏهن لاهيندو؟

ايترو زرخيز ۽ تخليقي دماغ!! پر دل صوفيءَ واري....صاف ۽ اُجري!!... ان عظيم شخص سنڌ جي ويرانن ۾ پيار جو پنڌ ۽ پورهيو ڪري اڄ ۶۷ سال اچي پورا ڪيا آهن، سو: 

سائين، اڄ اوهان جو جنم ڏينهن آهي، سچ پچ ته دل سان تمام گهڻيون مبارڪون قبول پون.

(انور ابڙو-جي فيسبڪ وال تان کنيل/ رکيل ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)


 

بدر ابڙو

ساڻس ملاقات

امر پيرزادو

بدر ابڙو صاحب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آھي. کيس جڏھن ڪنهن ادبي پروگرام يا ميلي جي دعوت ڏيندا آھيون ته چوندو آھي مان مائيڪ کان پري ڀڄندو آھيان سو مون سان اچي روبرو ڪچهري ڪيو ته خوشي ٿيندي. تازو اسان انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان انور پيرزادي جي ڪتاب ڀٽائي جو ٻيو ايڊيشن، زرار جي ڪالمن ۽ زيد جي شاعري جا ڪتاب ڇپرايا ته اهي بدر صاحب کي ڏيڻ جي بهاني سان ملاقات رٿي سي. ويجهڙ سنڌ جو ناليوارو اديب محمد علي پٺاڻ به لاڙڪاڻي مان بدلي ڪرائي ڪراچي ۾ رهيل آھي سو ان کي به صلاح ڪئي سي ته اهو به خوشي مان ساڻ هليو.

بدر صاحب جو ڊرائنگ روم ڏسي لڳو ڄڻ واقعي ڪنهن آرٽسٽ ۽ ليکڪ جو گهر آھي جتي سڀئي ڀتيون ڪتابن جي رنگن سان ڀريل هيون، شوپيسن ۾ رڳو قديم فاصل، جبل جا پٿر، مجسما هئا، ڀٽائي صاحب جو ٺاهيل بدر صاحب جو مشھور مجسمو ۽ تازو فقيري آرٽسٽ کان ان کي اپگريڊ ڪرائڻ وارو مجسمو به موجود هيو، فقيري جو ئي ٺاهيل سائين جمال ابڙي جي جواني وارو مجسمو به اتي حيران ڪندو رهيو ڄڻ سائين جمال به اتي ئي ويٺو هجي. ڊرائنگ روم ۾ دنيا جا اسڪالر ڪتابن مان  نهاري رهيا هئا ان اسڪالر کي جيڪو ڳالهائيندو گهٽ لکندو وڌيڪ آھي جنهن جون تقريرون گهٽ ڪتاب وڌيڪ آھن جيڪو ڪتاب لکڻ جي عبادت ۾ مصروف رهندو آھي،   جنهن جي لاء هي حياتي ٿوري ۽ سنڌ جو رهيل ڪم تمام گهڻو آھي جنهن جو جسم جبل جهڙو سخت ناهي پر جبل جو پنڌ هو اڄ به ڪرڻ چاهي ٿو. بدر صاحب سان ڪچهري جي شروعات ٿي ته هن انور پيرزادي سميت سنڌ جي سياست،  ادب ۽ تاريخ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هي شخص هن وقت  تاريخ جي هڪ لائبريري ٿي ويو آھي جنهن کي پڙھڻ، ويهي ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ  جي ضرورت آھي.

اسان جي ڪچهري بدر صاحب جي غير رسمي انٽرويو جو روپ وٺندي وئي. محمد علي، زرار، زيد ۽ منهنجا سوال هئا ۽ بدر صاحب جو جواب هئا.

سوال: اڄڪلهه جي سياست ۽ اڄڪلهه جي نوجوانن جي سياسي موقف کي ڪيئن ٿا ڏسو

بدر صاحب چيو: ادا اڄ جي سياست ته سڄي انارڪي  آھي، ڪجهه به ڪونهي. اسان جي نوجوانن کي پنهنجا پير پختا ڪرڻ گهرجن. توهان اهڙا بڻجو جو حالتون ڪهڙيون به هجن پر اوهان جي اهميت پنهنجي جاء تي قائم هجي تڏھن ئي توهان زندهه رهي سگهندئو. دشمن سان ڪڏھن به اهڙي پچ تي وڙھڻ نه گهرجي جنهن ۾ توهان هارائي وڃو. هارائڻو ئي آھي ته پوء وڙھجي ڇو. دشمن سان سدائين ان جي نه پر پنهنجي پچ تي وڙھو، دشمن جي پچ هٿيار آھي پر اسان جي پچ علم جي آھي. اسان پنهنجو علم وڌايون. شھرن ۾ اچي روزگار ڪيون، ڪراچي کي پنهنجو ڪيون، هن وقت سنڌين جو تعداد ڪراچي ۾ وڌيو آھي پر پوء به مان سمجهان ٿو ته ويهه سيڪڙو هوندو.

سوال: سائين ڇا پو ڳوٺن کي ڇڏي ڏجي ان جي ترقي جو ڇا ٿيندو

جواب: ادا سڀ ته شھرن ۾ اچي به نه سگهندا ڪجهه ماڻهو اچن پير پختا ڪن ۽پوء پنهنجي ڳوٺ کي به ترقي ڏيارن.

سوال: اڳي اديب هڪ ٻئي کي قبول ڪندا هئا همعصر به هڪٻئي کي مان ڏيندا هئا پر هاڻي هي جيڪو پوسٽ ماڊرنزم جو دور آھي ان ۾ هر ڪو پاڻ کي ياپنهنجي حلقي کي ئي وڏي ڳالهه ٿو سمجهي، ڪيرڪنهن کي نه ٿو قبولي ان ڪري دور جي نمائندگي ڪير ڪري رهيا آھن ڪا خبر نه ٿي پوي، اوهان جو ڇا خيال آھي

جواب: ادا پوسٽ ماڊرنزم جي اوهان ڳالهه ڪئي ۽ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪجهه آھي ئي ڪو نه واري ڳالهه آھي، معني گذري ويل کي قبول ناهي ڪرڻو ان ڪري ڪير ڪنهن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ئي ناهي، جيئن چوندا آھن ته ڪلي ئي نڪري وئي آھي سو ڪجهه ڄڻ بچيو ئي ناهي.

سوال: توهان جي ڪڏھن اها خواھش ٿي ته توهان جا ٻار اوهان جهڙا اديب صحافي آرٽسٽ يا تحقيق ڪندڙ بڻجن.

جواب، مان سمجهندو آھيان ته منهنجو اهو فرض آھي ته ٻارن کي هڪ ڀيرو هر ڳالهه ٻڌايان،ڏيکاريان ته هي شي هي فڪر هي شعبو هيئن ٿيندو آھي پوء اڳتي سندن مرضي ته اهي دلچسپي وٺن ٿا يا نه، مان زبردستي جو قائل ناهيان.

سوال: انور پيرزادي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو

جواب: انور کي سنڌ جي هر شي سان عشق هو، ڀٽائي جي رسالي جي روشني ۾ هو سنڌ کي ڏسندو هيو. انور جيئن ته مارڪسزم ۽ ڀٽائي ٻنهي کي سمجهندڙ هيو ان ڪري هو ٻنهي کي آساني سان ڀيٽي سگهندو هيو. انور کي آخر ۾ مان چوندو هيس ته تون مڃين يا نه پر تنهنجي اندر هڪ صوفي به آھي تنهن ڪري تون ڀٽائي جي مزار تي هر هر اچين ٿو، انور سختي سان چوندو هيو مان مذھبي ناهيان. انور ۾ ڳالهائڻ جو ڏانء قدرت طرفان مليو هو، هن جي ڪچهري ۾ ڳوٺاڻي پسمنظر واري پنهنجائپ ملندي هئي. زبير جي موت انور کي اندران ڀڃي ڇڏيو هو.زبير کان پوء هو جلدي هليو ويو.

سوال: اڄڪلهه ڇا پيا ڪيو

جواب: نوڪري کان پوءِ گهڻو وقت آتم ڪٿا کي ٿو ڏيان. اسي سيڪڙو لکي چڪو آھيان، اها آتم ڪٿا ڪاوش دنيا ۾ ڇپجي پئي. شروع ۾ محمد علي پٺاڻ ٻه سو سوال لکي ڏنا هئا مون چيو انهن جو جواب لکڻ کان بهتر آھي ته آتم ڪٿا لکان سو اهو سلسلو شروع ٿي ويو.

سوال: هاڻي سفرن تي ويندا آھيو

جواب، هاڻي پنڌ گهڻو نه ٿو ڪري سگهان باقي جيڪڏھن ڪا جيپ ڪنهن سائيٽ تائين کڻي ٿي وڃي ته اها ڏسي ايندو آھيان.

بدر صاحب کي انور پيرزادي ۽ اڪيڊمي جا ٻيا ڪتاب ڏناسي ۽ بدر صاحب جمال ابڙي جي آتم ڪٿا، منڇر گورک گاج دنيا ۽ سنڌ جو شاهه ڪتاب اسان کي به ڏنا، ايئن هڪ يادگار شام گڏ گذاري سي ۽ تصويرن ۾ اهي منظر محفوظ ڪياسي.

No comments:

راءِ ڏيندا