نارائڻ شيام
هجي جا کاڻ خوبين جي
وينا شرنگي
پهتاسين
ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي
ها، ڏس
ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.
(شيام)
سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي
وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو،
ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي
شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ
جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو
سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو
آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي
ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي
رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته
: هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ
گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا
حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام
سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت
جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي،
تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم
۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.
پنکڙيون (رباعيون ۽ روپ مايا کنڊ
ڪاويه (۲) رنگ رتي لهر (۳) روشن ڇانورو) (۴) ماڪ ڀنا
رابيل (۵) واريءَ ڀريو پلاند (۶) آڇيندي لڄ مران (۷) مهڪي
ويل صبح (۸) ڏات ۽ حيات (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو)
شيام کي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ”آڇيندي لڄ مران“ تي انعام سان نوازيو ويو، ساهتيه
اڪادميءَ طرفان شيام تي مونو گراف شايع ڪرايو، آهي.
شيام – غزل، دوها، سورٺا، قطعه،
رباعيون، هائڪو (تصويرون، گيت، سانيٽ، آزاد نظم کنڊ ڪاويه کي سونو چوڌريءَ ڪجهه ڦير
ڦار سان منچ تي آندو آهي، جنهن ناٽيه روپانتر کي جبلپر ۾ سڀا جي پروگرام ۾ ڏسڻ وٽان
موقعو مليو.
لطيف فن ۾ موسيقيءَ کي اهم درجو
آهي، شاعري ۽ موسيقي ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، جا شاعري دلين ۾ ديرو ٿي ڄمائي،
وليم ورڊس ورٿ موجب.
Poetry is the first and last of all the knowledge, it is as immortal as
the heart William words worth
شاعري اها شئي آهي جيڪا جٽادار آهي،
شيام پنهنجي شاعريءَ ذريعي زنده آهي، سندس شاعري Immortal آهي.
فن ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن تي نظرثاني
ڪرڻ سان دهليءَ جي هن صدا حيات شاعر جا انيڪ پهلو اکين آڏو اُڀري اچن ٿا، شيام قد ڪاٺ
جو پورو پنو يا ائين کڻي چئجي ته ڏٻرو، پر تخليقي شعور سان ڀرپور، ڏات هن تي مهربان
رهي، سندس آواز جو مڌم لهجو، نرم (سافٽ) جڏهن به هن سان ملاقات ٿي مون کيس ڪڏهن به
هاءِ پچ تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، پهنجائپ وارو رويو، مٿي جا وار بلڪل ڇڍا اکين ۾ روشني،
انهيءَ جي باوجود اڃان روشني ڏٺي اڃان روشني ڏٺي-جي ڌڻيءَ در پراٿنا جا روشني، جو نور
سندس تخليقي سرمائي مان ڇلڪي ٿو، آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾ مون
کيس ستر واري ڏهاڪي کان ڏٺ. سندس ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ سان ته باقاعدي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا
ملاقات ٿيندي هئي، پر نارائڻ شيام سان مهيني ٻن کانپوءِ ملاقات ٿيندي هئي، ادبي گلشن
پروگرام لاءِ شعرو شاعري رڪارڊ ڪرائڻ ايندا هئا، سندن رڪارڊنگ ڪڏهن مان، ڪڏهن پروگرام
آفيسر ڪندا هئا، ڪڏهن ممبئي، جئپور، ڀڄ يا احمد آباد جي آڪاشواڻي مرڪزن طرفان، سندن
شاعري رڪارڊ ڪرائڻ جو خط ايندو هو، براڊڪاسنگ
هائوس جي سيڪنڊ فلور تي اسان جو ڪمرو هوندو هو، ڪڏهن لفٽ هلندي هئي ڪڏهن نه،
اسان هيٺ لهي ته ويندا هئاسين پر گهڙي گهڙي چڙهڻ کان ڪنارو ڪندا هئاسين. جو چڱي خاصي
پريڊ ٿيندي هئي، اسان رڪارڊنگ جو ٽائيم گهڻو ڪري منجهند جو رکندا هئاسين، جو لنچ ۾
اسٽڊيو خالي ملندا هئا، موبائيل فون جي سهوليت به ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري فون ٺپ
ئي رهندا هئا، اهڙيءَ حالت ۾ نارائڻ شيام ڏاڪڻيون چڙهي مٿي يونٽ ۾ ايندا هئا، سندن
چهري تي مٺي مرڪ ۽ چپن ۾ ٻه اکر ڳالهائي حال احوال وٺندا، سندس شخصيت جو هڪ رنگ اهو
به شڪوه شڪايت نه ڪرڻ هن جا ڪيترائي غزل ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا، حسين وادين ۾ کوئجي
ويندا هئاسين، چپ نه چريا اک ڳالهايو پئي مون انهيءَ مرڪ لاءِ واجهايو پئي، چپ نه چريا...
يا نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي نگهائن ادائن اشارن جي ٻولي، نارائڻ شيام آل انڊيو
جي سنڌي سروس باقاعدي ٻڌندا هئا، تن ڏينهن پروگرام جي رسپشن به سٺي هوندي هئي ۽ آواز
ڪليئر ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڳالهه جي ڄاڻ سندن شاعريءَ مان معلوم ٿي.
ريڊيو سان وابسته قطعه ۾ فرمائي
ٿو.
دوست تنهنجو ڪلام رات ٻڌم
اوچتو آيو دهلي ريڊيو تان
سچ ته هر شعر ٿئي ڇهيو دل کي
پر چوان واهه واهه ڪنهن لاءِ (شيام
)
ريڊيو سان ئي وابسته پنهنجي ٻئي
قطعه ۾ فرمائي ٿو :
ڪنهنجو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾
آيو آواز بنسريءَ جو پئي
تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا
شيام ريڊيو مگر تو ٻڌو پئي! (شيام)
هٿ ۾ گيتا هوندي بينسريءَ جي مڌر
تان ۾ پاڻ کي مگن پائي ٿو، هن جو سنگيت سان روح جو رشتو رهيو، ماڻڻ لاءِ به سچائي،
پرکڻ واري اک، شوق ۽ ذوق گهرجي!
شيام ايترو قداور ۽ عظيم شاعر هو،
سچ پچ ان وقت اهو احساس نه ٿيو جو شيام ڪڏهن به ان طرح جو احساس نه ڏياريو، عام رواجي
شخصيت جيان سندن ننڊي چاهي وڏي سان وهنوار هڪجهڙو هوندو هو، جڏهن نارائڻ شيام جي شاعري
هاڻي پڙهون ٿا يا فنڪارن جي آواز ۾ سندس گيت ٻڌو ٿا، تڏهن احساس ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏات
۽ انهن جو ڏانو مان سندن حيات دوران رهنمائي
حاصل ڪريون ها، شيام پاڻ فرمائي ٿو، شيام کي شعرن منجهان سمجهي سگهيس.
گر چه مون سمجهي نه هن جي شاعري!
(شيام)
سندس شاعري سمجهڻ جي دعوا ڪري اسان
ته ڇڏيو، ان کي سمجهڻ چڱن ڀلن جي وس کان ٻاهر آهي، پر ان جي ٻوليءَ جي سُنهن، ردم
۽ حسن کي ماڻي اندر ملهر ڊوڙي وڇي ٿي، ڪنهن به شاعر جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو هن جي
لکيل شعرن مان، هر ماڻهو کي لڳي ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عڪس آهي، اهو ئي سبب آهي
جو هر فنڪار ۽ هر اديب شيام جي شاعريءَ کي پئي ڪوٽ ڪيو آهي.
شيام فرمايو آهي، شاعري محسوسات
جو سريلو اظهار آهي، شاعري جذبات جي طوفان کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ جو نالو آهي، جذبات کي
لفظن ۾ قابو ڪرڻ سولو ناهي، مگر شاعر جيڪو تخليقي لفظن جو استعمال ڄاڻي ٿو، اڻ ٿيڻيءَ
کي ٿيڻي ڪري ڏيکاري ٿو.
شيام جي شاعري، جهرڻي جي ڪل ڪل جيان
ڪڏهن اڇلون کائيندي، ڪڏهن البيلي نار جيان نچندي ٽپندي حسين وادين مان لگهندي، فضائن
کي خوشبوءَ سان معطر ڪندي، هند سنڌ پهتي، ۱۹۶۸ع ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي شيام ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ منهنجي سنڌ جي سفرنامي پکا
۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا رليز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ متعلق گهڻو ڪجهه چيو پر مون کي
سندس هڪ سٽ اڄ به هانو ۾ هري ٿي، ورهاڱي اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو، پنهنجي جنم ڀوميءَ
کي ساريندي چنڊ کان سوال ڪري ٿو:
روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي
ڇڏي
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ به آهي سنڌ
۾؟
سنڌ جو نقشو عنوان تحت نظم ۾ جذبن
جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو:
سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي بس،
هريا هانو ۾ گذريل ڏينهن،
ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ،
جيئن وسي سانوڻ جو مينهن! (شيام)
ترائيل ۾ هو چوي ٿو:
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين
کان
سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي سنڌ هُتي
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن
سان
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي سگهي سنڌين کان!
اڳتي ترائيل ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻ ماڻهن
جي پوي صاف سندن ٻوٽيءَ مان
شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ
اتي سنڌ کي
پوني ۾ نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪومل
۽ مان هئاسين، جتي موهن ڪلپنا گني سامتاڻي سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيو، شيام مونکي
ٻانهه کان جهلي باهر وٺي آيو ۽ گهر جي بزرگ
جيان ڇٽ بڻجي حفاظت ڪئي، سندس شخصيت جو اخلاقي قدرن وارو اهو پهلو ان وقت نظر آيو،
ڪا به ساهتيه تي يا ادبي ميڙاڪي جي گفتگو شخصي دائري کان باهر نڪري ادبي تاريخ بڻجي
ٿي، اڄ هتي ادبي بيٺڪ ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه آهي اها اڳتي هلي ادبي تاريخ جو حصو بڻبي،
خود سدا حيات شاعر شخصي آزمودن تي راءِ ظاهر ڪندي چوي ٿو:
پنهنجي قسمت، تقدير سان مقابلو،
پيار ماڻن جهڙن شخصي آزمودن جي تهن ۾ جيترو اونهو پيهي ڏسون ٿا اوترو جدا جدا ديسن،
الڳ الڳ دورن جي ماڻهن جي ساڳين آزمودن ۾ ڪيڏي نه ويجهڙائي ۽ موافقت نظر ٿي اچي، جيترو
گهڻو شخصي اوترو گهڻو ڪائناتي (شيام)
شيام ته خوبين جي کاڻ هو، پر تعريف
کان ڪوهين ڏور ها، پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ لاءِ فرمائين ٿا،
هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان
بنهه آجي
نه پنهنجي زندگيءَ اهڙي، نه پنهنجي
شاعري اهڙي
دادا دلگير ڏات ۽ حيات جي مهاڳ
۾ لکيو آهي، شيام جي شاعريءَ جي واقفيت سڳن آهوجا جي روشن ڇانورو جي مهاڳ مان ملي ٿي،
اڳتي فرمائين ٿا، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي پهرين تجرباتي شاعري آهي جنهن م خيال توڙي گهاڙيٽي
جي نواڻ آهي، آزاد نظم، گيت، سانيٽ جا ڪامياب تجربا آهن، ٻولي صاف سٿري ۽ سرل آهي،
شبدن ۾ رواني ۽ ردم آهي، دادا دلگير، شيام ۽ اياز جي دوستي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، سر
نارائڻ شيام – نالي اياز جو مجموعو ڪونج پبليڪشن طرفان ڇپيو ۽ روپ مايا – کنڊ ڪاويه
۽ شاعريءَ متعلق لکن ٿا، اُن ۾ جماليات جا جهرڻا پاتا وڃن ٿا.
شيام هڪ هند فرمايو آهي :پڙهندڙ،
جڏهن شاعر سان تخيل جي راهه ۾ هم قدم ٿيندو تڏهن ئي شعر جو جمالياتي لطف ماڻي سگهندو،
هونءَ به اهڙو ڪهڙو نئون سچ آهي، جو شاعر اظهاري ٿو؟ سڀڪجهه اڳي ئي چيل، ڏٺل ٻڌل آهي،
صرف سندس اظهار جو انداز ئي نيارو آهي، جنهن راهه تان ان سچ تي پهتو آهي، ان سفر جو
ئي لطف ته پڙهندڙ کي وٺڻو آهي شاعر جو پيرو کڻي.
۲۲ جولاءِ ۲۰۰۸ع تي دهلي سنڌي اڪادميءَ هڪ شام
– نارائڻ شيام جي ناءَ ڪئي هئي، ڪماني آڊيٽريم ۾ ٻن مخملي آوازن پدم شري شانتي هيرانند
۽ گهنشام واسواڻيءَ سنگيت سان ان شام کي سنواري دهلي جي حاضرين جي دل جيتي شيام جي
نالي ملهايل شام هڪ نئون رنگ، نئين خوشبو ۽ مسرت جون گهڙيون کڻي آئي، پدم شري شانتي
هيرانند غزل پيش ڪري حاضرين جو خوب داد حاصل ڪيو، اک نه تارن ۾ ٻڏي...... زندگي جي
راهه تي ڊوڙي... حسن کي ضد نه هو .... نه ئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي ..... پنهنجي
مخصوص انداز واري گايڪيءَ سان محفل کي رنگت بخشي، تاڙين جي گڙ گڙاهٽ ۽ لبن تي واهه!
واهه!! رهي، هن سنهري شام جي رنگين سلسلي کي نوجوان ڳائيندڙ فنڪار گهنشام واسواڻيءَ
سينگاريو، جنهن سنگيت جي سلسلي ۾ حسين نظارم، ڪائنات ، زندگي جو سچايون ۽ شاعر جي باڪمال
شاعري کي پنهنجي آواز جي هيٺ مٿاهين لئه ۽
تال جي سنگم سان پر نور ڪري ڇڏيو، هن چيو : سٺا شاعر نيگيٽو نه ٿيندا آهن شيام جي شاعري
جو عروج ۽ ڪماليت جو راز اهو ئي آهي جيئن ڪهڙي دنيا مٺي جي ڳالهه ڪريون، مرڪندڙ زندگيءَ
جي ڳالهه ڪريون.... ان موقعي تي نارائڻ شيام جو فرزند ناگواڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀڳوانداس
ناگواڻيءَ به موجود هئا.
مون لاءِ هيءَ شام ان لحاظ کان به
يادگار هئي، جو نارائڻ شيام جڏهن حيات هئا، تڏهن شاعر نارائڻ شيام جي اجازت سان، شام
سان هڪ شام، سنوارڻ جو شرف حاصل ٿيو ان تاريخي موقعي تي ڊاڪٽر هرومل سدرنگاڻي، لڇمڻ
ڪومل ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون، جا نه صرف مون لاءِ پر سنڌي جاتيءَ لاءِ به بي بها
سرمايو آهي، جنهن جي يادگار ويڊيو رڪارڊنگ موجود، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڏات
۽ حيات جي مُهاڳ ۾ فرمائي ٿو، شيام جي شاعري احساسن جي شاعري آهي شبد چتر ان جي جان
آهن، شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي.
چاندني رات ۽ اڪيلائي، ننڊ نيڻن
۾ هاءِ شرمائي
گهنشام واسواڻي ۽ سُلکشڻا پنڊت هيءُ
ڊيوٽ طور فلم هل ته ڀڄي هلون لاءِ ڳاتو آهي، دهلي سنڌي اڪادميءَ طرفان منعقد ڪيل هن
ادبي بيٺڪ ۾ سدا حيات شاعر شيام جي شاعريءَ جي سفر ۾ اوهانکي همسفر بڻائيندي الوداع
ڪنديس...
شعر تو سان رهاڻيون ڪندا قرب مان
مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين
آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي
شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين!
سندس شعر ذريعي اظهار وقت جي وڇوٽيءَ
جي باوجود نت نئون آهي، مستقبل ۾ به ساڳ پيو جلوو پائيندو.
نارائڻ شيام
رکيل مورائي
ڏھ جنوري ان شاعر جو شاعريءَ جي آڪاس تان الهي
وڃڻ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي ٻاهرين غريبيءَ سان سنڌي شعر کي اهڙي اميري بخشي جيڪا
سنڌ سان ۽ سنڌي شاعريءَ سان سدائين ساڻ رهِڻي آهي ۽ جيڪا ڪڏهن به گهٽجڻي نه آهي. هُن
پنهنجي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو هُئو ته:
چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون ان تي آس جون،
هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي.
سنڌي شاعراڻي ادب جو اهو وڏو سچُ آهي ته هُن
جي دل، فقير جي گودڙي نه هئي. هُن جي دل اها باک ڄڻيندڙ دل هُئي، جنهن پنهنجي تخليق
سان هند ۽ سنڌ کي روشن ڪيو. هن ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي شعري ۽ ادب کي روشن ڪيو ۽ جڏهن
ورهاڱي جو وَڍُ کائي هو هند پهتو ته اتي هُن اهائي روشني ڪئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ
جي غير معمولي نقاد ۽ شاعر سُڳن آهوجا، هڪ دور جي روشني ڪوٺيو آهي. ۽ هن جي ڏنل اها
روشني اڄ به جرڪي رهي آهي ۽ شاعريءَ جي سفر تي هر اُسهڻ واري نوجوان جي راهه روشن ڪري
رهي آهي. هُن جو نالو نارايڻ شيام هُئو.
نارايڻ شام پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن
تي، سا هتي پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو
۽ ورهاڱي کانپوءِ، هُن عالم جي لاجواب شهر، دهليءَ ۾ وڃي اجهو اڏيو. جتي آخري ڏينهن
تائين هو شاعراڻي روشنيءَ جي لاٽ روشن رکيون آيو. اها لاٽ ڏهين جنوريءَ اوڻيهه سؤ اڻانوي
تائين ٻرندي رهي ۽ نيٺ قدرت جي هڪ ڊگهي ڦوڪ سان اجهامي وئي.
نارائڻ شيام جي ڏنل روشني اها روشني آهي، جنهن
جون پاڙون سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهري فيروز ۾ کتل آهن، جنهن لاءِ نارائڻ شيام
سدائين چنڊ کي ڏسي اظهاريندو هئو ته:
روئيندي روئيندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي
ڇڏي،
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾.
اها به عجيب ڳالهه آهي، ته نارائڻ شيام جو اظهار
اهڙو نرم ۽ سيتل آهي، جهڙي چنڊ جي چانڊوڪي. هُن جي شاعري پرهه جي باک جهڙي وڻندڙ ۽
روح کي راحت ڏيندڙ آهي. سندس شاعراڻو ۽ اندر جو آواز هن شعر مان ڄاڻي سگهجي ٿو:
رات ايئن ها سيج تي، وکريل تنهنجا وار.
ڄڻ شاعر جي ذهن تي، رابط بنا اشعار.
شاعر جي ذهن جي بيربطگي ۽ کليل وارن جي جي بيربطگي
سونهن جا بيمثال اهڃاڻ آهي. جيڪي، نارائڻ شيام جي شعر ۾ نه رڳو پڙهي سگهڻ جهڙا آهن،
پر اهي احساس اکين سان ڏسڻ جهڙا ۽ روح سان ماڻڻ جهڙا آهن. ايئن نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ
جي ڪن کِڻن کي ماڻڻ جو احساس جاڳايو آهي، پنهنجي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾.
نارائڻ شيام سنڌي شعر ۾ جيڪو کِڻن کي تصويري
سونهن ڏئي اظهاريو آهي، ان جو مثال جيڪڏهن ڪو ملندو ته اهو پڪ ئي پڪ وري به نارائڻ
شيام ئي هوندو.
نارائڻ شيام، سنڌي شاعريءَ کي درجن کن ڪتاب ڏنا.
جن جا سِرا/ نالا به سندس طبيعت وانگر نهايت نفيس ۽ معصوم آهن. هو بنيادي طور بيحد
معصوم شخص هُئو، سدائين مرڪندڙ ۽ بنهه ٿورو ڳالهائيندڙ، دوستن سان بيحد پيار ڪندڙ
۽ خود پيار ڪرڻ جهڙو شاعر جيڪو ڏهين جنوريءَ تي دهليءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. پر اهو نه
وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ جيڪا ادبي پل جڙيل آهي، انهيءَ جو هڪ مضبوط ٿنڀو
اياز آهي ۽ ٻيو مضبوط ٿنڀو نارائڻ شيام آهي. باقي ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ ٿو اچي.
ها! نارائڻ شيام هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ جڙيل پل تان
پاڻ ڪڏهن به سفر ڪري سنڌ اچي نه سگهيو ۽ اهو ڏک هو دل ۾ سانڍي اسان کان جدا ٿي ويو.
پر آخري گهڙيءَ تائين هڪ وشال ديس ۾ کيس اهو احساس ڏکوئيندو رهيو ته:
الا ايئن نه ٿئي جو، ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
نارائڻ شيام
سنڌ ۽ هند جو شاعر ۽ سندس شاعري
گل مورو
سنڌي ٻوليءَ
جي هن سدا بهار شاعر نارائڻ شيام جولاءِ جي جهولن واري مهيني ۾ ساهتي پرڳڻي جي
قديمي ڳوٺڙي کاهي قاسم نوشهروفيروز ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ جي آڳنڌ تي ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ اک کولي، اڄ به سنڌ توڙي
هند ۾ ڏات ڏڻي ان راءِ تي مطفق آهن ته شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو سنڌي ٻوليءَ
جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، اهو نارائڻ شيام هو اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته شاهه لطيف
کان پوءِ ڌرتيءَ جي فڪر جا شاعر سنڌ ۾ اياز، هند ۾ شيام، ۽ بنگال ۾ رابندر ناٿ ٽئگور
هيا. جن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا ماڪ ڦڙا، پريت جون پنکڙيون، ڏات ۽ حيات جا روشن ڏيئا
نظر اچن ٿا. هنن ڏات ڌڻين جو خواب آزادي، سوراج جو پنو، ۽ ڌرتيءَ جي خوشي ئي هو.
تڏهن
ته نارائڻ، ڀٽائي جي ڀونءِ تي لطيف جو ٻيجل بڻجي چوندو هيو.
آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ آءٌ ڳايان ٿو جنتا جو راڳ
نارائڻ
شيام
نارائڻ
لاءِ جنتا، لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جا وارث هيا. جن جي خوشحالي ۽ شادابيءَ لاءِ ٻيجل
ٻڻجي ٻاڪاريندو رهيو. سنڌ جي سڄڻن کي سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ممتا
جي ٻولي تي ٿيندڙ وارتائن جي نشاندهي ڪندي شاعراڻي انداز ۾ آگاهه ڪيو.
الا
ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي.
ته هي
سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
نارائڻ
آڌي رات جا گدڙ ٻاگهل جي ٻوليءَ تي ضرور وار ڪندا ائين ئي ٿيو. ورهاڱي جي بي رحم لڪيرن
کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جي واڳن ڀٽائي جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش
ڪئي ته اياز ڪارونجهر جي ڪوهيارن کي هيئن ڪوڪاريندو رهيو.
سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنچل لوڏ.
هوڙيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان.
اياز
جڏهن
اُلهاس ننگر جي آڳنڌ تي اياز جي اها ڪوڪ نارائڻ جي ڪن تي پئي ته کيس آٿت ڏيندي
چوندو رهيو:
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي سنڌ هُتي،
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان،
ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف ٻوليءَ مان،
شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي، جتي، سنڌ اُتي،
نارائڻ
شيام
جڏهن
نارائڻ جي جندڙي مُڏي ڀريندي ڀُرڻ لڳي، سنڌڙي تي وار ٿيڻ لڳا، جهريل جيءَ ۾ باهه
جا اُلا ٻرڻ لڳا، جڏهن به سنڌوءَ جي سڄڻ جو ڪو سنيهو کيس مليو. پنهنجا پور پريت جي
پنن تي لکي هيئن اوريندو رهيو.
اهي
سُورن جون سوين صورتون پنهجي ساهه ۾ سانڍي پنهنجي قدرتي ماتاکي ياد ڪندو رهيو. ڇو
ته ورهاڱي هن اندر ۾ وڍي وجهي ڇڏيا هئا.
اسان
جي هن ٻهڳڻي شاعر دوهي، بيت، وائي، نظم، آزاد نظم کان وٺي گيت، غزل تقريبن شاعري
جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هو دوهي ۾ چوي ٿو:
جاڳ جاڳ مومل مٺي، جاڳ سهاڳڻ جاڳ.
موٽي وڃي مينڌرو، پٺي نه ڏئي ڀاڳ.
نارائڻ
شيام
نارائڻ
شيام ورهاڱي کان پوءِ هيءُ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو
رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هينئن ڪيو آهي.
الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين.
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
شيام
نارائڻ
شيام ڀٽائيءَ جي فڪر جو به ڄاڻو هو، ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ سونهاري سان
پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪيو:
اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کپي ويون،
موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي،
(۲)
ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ نڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.
سنڌ جي
هن ساهتي پرڳڻي کي اهو فخر به ڪرڻ گهرجي. ته نوشهروفيروز جي ادبي تاريخ لاءِ اهو
اعزاز به آهي جو هن ڀاڳ ڀريي خطي جي ڳوٺڙي کاهي قاسم سنڌ ۽ هند جي سدا حيات شاعر
نارائڻ شيام کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ آخري گهڙيءَ
تائين. جهيڙويندو رهيو. هي وطن جو ويساهه سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ساهه ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ ۽ هند کان ساهتيءَ جو
سپوت وڇڙي ويو.
نارائڻ شيام
وطن ورڻ ته ڇا جنھن کي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي
رکيل
مورائي
اڄ جڏهن سچ پچ سنڌي
شاعريءَ جو وڏو حصو مقام ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن اسان جو اهو فخر اڌ رهجي وڃي ٿو
ته سنڌ شاعريءَ جي معاملي ۾ خوشحال آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي وري پنهنجي ماضيءَ
ڏي ڏسڻو ٿو پوي ۽ ايئن وري هڪ نئون فخر ٿئي ٿو ته سنڌ وٽ شاعريءَ جي صورت ۾ ڪجهه
آهي ضرور. وقتي طور جيڪڏهن ڪا تخليقي طور گهٽتائي آئي آهي ته ان جو ازالو وقت ڪري
وٺندو. اهو اطمينان سرهائي بخشي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جي گهڻن
ئي فخر جوڳن حوالن مان هڪ حوالو سنڌ جي ساهتي پرڳڻي مان جنم وٺندڙ نارائڻ شيام
آهي. جيتوڻيڪ ايئن چوندي به اسان سنڌ وارن کي فخر ٿئي ٿو ۽ خود ساهتي پرڳڻي کي به
فخر ٿئي ٿو ته هند ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جا گهڻي ڀاڱي اهم نالا ساهتي پرڳڻي سان
تعلق رکن ٿا. مثال طور؛ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ارجن سڪايل ۽ لڇمڻ ڪومل.
ادب جي ٻين شاخن ۾ اڻ ڳڻيا نالا
ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکن ٿا. پر انهن ۾ اهم حوالو سنڌ لاءِ فخر جوڳو اهو آهي ته نارائڻ
شيام سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، لڇمڻ ڪومل ڪٿي لکيو آهي ته ”سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايشين رائٽرس
ڪانفرنس دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي مشاعري جي صدارت پابلو نرودا ڪري رهيو هو،
جڏهن نارائڻ شيام پنهنجو ’روپ مايا‘ جي نالي سان نظم پڙهيو ۽ ان جو ترجمو پابلو
نرودا ٻڌو ته ڪرسيءَ تان اٿي مائيڪ تي چيائين ته ڪنهن اڻ سڃاتل ٻوليءَ ۾ ههڙي
شاعري ٿي رهي آهي؟“
ايئن نارائڻ شيام تي
اسان سنڌي شاعري جي حوالي سان جيترو فخر ڪريون اهو گهٽ آهي. هو سنڌي شاعريءَ کي
اهڙي نفاست ۽ نزاڪت ڏيندڙ شاعر آهي، جنهن جو مٽ وري ڪوبه شاعر نه ٿي سگهيو آهي. هن
جي شاعري جي نزاڪت ۽ نفاست ڏسي ۽ پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي شاعري سورنهن ئي
سينگار ڪري، پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جو درشن ڪرائي رهي آهي.
سندس شعر سندس نالي
سان ئي سڃاپي ٿو. مثال طور هن سنڌ کان پري رهي، جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ هاڻ اسان جي
نه رهي آهي ته هن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيءَ ترائيل لکيو، جيڪو سرحدن جي ٻنهي پاسي
ڏاڍو پڙهيو ويو ۽ شايد سنڌي ڪڏهن به هن شعر کي نه وساري سگهن:
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي،
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان،
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان
ڄاڻ ماڻهن جي پوءِ صاف سندن ٻوليءَ مان،
شيامَ ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اُتي،
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي.
سنڌي ٻوليءَ جو
سدابهار شاعر نارايڻ شيام جنهن سنڌ کان پري رهي تبديل ٿيل حالتن کان مايوس ٿي هيءُ
شعر به لکيو ۽ رنو هو ته:
الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي
ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ
شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر
مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ
جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو.
نارايڻ شيام ورهاڱي
کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن
جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي:
الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛
ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي
هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو
بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين
نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن.
مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام
تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي
شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا.
آئون ته هوند ايئن چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب
”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت
وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي
سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن
هيٺيان آهن:
1.
ماڪ
ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع،
(هري دلگير سان گڏ)،
2.
پنکڙيون،
(شاعري) ۱۹۵۵ع،
3.
رنگ
رتي لهر، (شاعري) ۱۹۵۶ع،
4.
روشن
ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع،
5.
ماڪ
ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع،
6.
واريءَ
ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع،
7.
آڇيندي
لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع،
8.
مهڪي
ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع،
9.
نه
سورنگ، نه سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع،
10.
بوند،
لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع،
11.
ڏات
۽ حيات-۱
(شاعري) ۱۹۸۸ع،
12.
ڏات
۽ حيات-۲ (شاعري)
۱۹۹۸ع.
اڄ سندس جنم ڏينهن تي سنڌ کيس ياد ڪري رهي آهي، هو سُرڳ ۾ به سنڌ جي
ان گرم جوشيءَ کي محسوس ڪندو هوندو ۽ اسان جون نيڪ خواهشون قبول ڪندو اهڙي پڪ آهي.
نارايڻ شيام
تنهنجو قدر
اڳتي ئي هلي ٿيندو
رکيل
مورائي
شاعريءَ ۾ نارايڻ
شيام جو پنهنجو مقام آهي، جيڪو ڪنهن به تعريف توڻي تنقيد جو محتاج هاڻ نه رهيو
آهي. هند ۾ نارايڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جون ٻه اهڙيو ڌارائون آهن،
جيڪي لڳاتار گڏوگڏ هلنديون ته رهن ٿيون پرن ملن نٿيون. اياز گرجندڙ آواز آهي ۽
نارايڻ شيام بلڪل ڌيمو آواز!
هو نوشهري ضلعي جي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ڪي سال نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ پو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، ورهاڱي وقت
ڪيترن سنڌين سان گڏ سندس خاندان به جلاوطن ٿي هند پهتو. هن دهليءَ ۾ آکيرو جوڙيو ۽
آخر تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو، دهلي جيڪو غالب شهر به آهي، اهو چوڻ ٺيڪ رهندو ته
اردوءَ ۾ جيڪا غالب جي حيثيت آهي، اهڙي ڀلي نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ نه ماڻي سگھيو
هجي پر غالب ۽ شيام شاعريءَ ۾ جيڪا
سانتيڪي لهر اُڀري ٿي اها ڪيترن ئي گرجندڙ آوازن کي دٻائي ڇڏي ٿي يا ٻوڙي وڃي ٿي.
اڄ تائين سنڌ ۾
نارايڻ شيام جي شاعري ته لڳ ڀڳ سموري ڇپجي وئي آهي پر مٿس جيترو لکڻ گھربو هئو
ايترو نه لکيو ويو آهي. ائين ڪري اسان پنهنجي هڪ وڏي شاعر جو مرتبو نه سڃاڻن جو
گناهه ڪيو آهي. پر هند جي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ شيام جو مرتبو گهڻو اوچو رکيو ويو
آهي. جنهن جو هو حقدار آهي.
منهنجي ڄمڻ کان هڪ
سال پوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ممبئي مان نڪرندڙ هند ۽ سنڌجي ادب کي ڳنڍيندڙ رسالي
”ڪونج“ پاران نارايڻ شيام تي هڪ خاص نمبر
شايع ڪيو هئو، ۽ کيس اهڙي مڃتا ڏني وئي، جنهن جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ نٿو
ملي. ان کانپوءِ سهڻي رسالي شخصيت نمبر ڪڍيا ۽ هند توڻي سنڌ جي ادب کي ڳنڍڻ ۾ اهڙو
ئي ڪردار ادا ڪيو، جهڙو ڪونج.
اڄ نه ڪا ڪو هري
موٽواڻي رهيو آهي، نه طارق اشرف رهيو آهي ۽ نه ئي نارايڻ شيام. ها! البت نارايڻ
شيام جو هڪ چاهيندڙ ۽ ساڳئي وقت دلي دوست به هري همٿائي جيئرو آهي، هو اجمير ۾
رهندڙ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي، سندس هڪ ناول ”اُساٽ“
تازو ئي سنڌ ۾ شايع ٿيو آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آهي.
اجنتا پبليڪيشن، هري
همٿاڻي صاحب جي آهي. هن اداري کي اهو اعزاز
حاصل آهي ته نارايڻ شام جا اڪثر ڪتاب هن اداري پاران ئي ڇپيا ويا آهن. آخر
۾ سندس سموري شاعري گڏي ٻن جلدن ۾ به هن ئي اداري ڇپي آهي. جنهن جو نالو آهي ”ڏات
۽ حيات“. هري همٿاڻي جو نارايڻ شيام سان عجيب موههُ رهيو آهي.
تازو ئي هري همٿاڻي
صاحب! هند ۾ نارايڻ شيام بابت هڪ ضخيم ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شخصيت ۽
شاعري نارايڻ شيام“ هند ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر
نارايڻ شيام تي هيءُ ڪتاب هري همٿاڻي صاحب جي عشق جو ڪرشمو ئي چئي سگھجي ٿو.
جڏهن هند ۾ پڙهندڙ عدم موجود آهي، سنڌي لکندڙن
منجھن ٿورا وڃي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو ڪتاب، نارايڻ شيام
بابت ڇپائڻ عشق ئي آهي. جتي هڪ سئو صفحن جو ڪتاب به نه پڙهيو وڃي، پڙهندڙ اهي آهن،
جيڪي لکندڙ به آهن، اتي نارايڻ شيام کي ائين ياد ڪرڻ سچ پچ سنڌي ٻوليءَ لاءِ. هند
۾ نارايڻ شيام جي هن شعر وانگر ئي معاملو آهي.
چون ٿا شيام! تنهنجو
قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو
ته سچ سنڌيءَ جي لئه
زنده رهڻ جي هيءَ دعا آهي.
۽ هيءُ ڪتاب
هڪ دعا مثل ئي آهي.
هن ڪتاب ۾ ”ڪونج“ جو
شايع ٿيل سڄو پرچو جيئن جو تيئن ڏنل آهي. شيام جي جن به ڪتابن تي ٻين عالمن، اديبن
۽ شاعرن جا مهاڳ لکيل آهن، اهي سڀ مهاڳ ڏنا ويا آهن. الڳ الڳ وقتن تي هند جي اديبن
جيڪو شيام بابت لکيو آهي، اهو به شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهم ڳالهه ته نارايڻ شيام جي
ڪن چونڊ لکڻين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪجھه سندس يادگيرين تي ٻڌل آهن ۽ ڪتاب
۾ اهم حصو اُهو آهي. جنهن ۾ شيام جا پنهنجا لکيل خط ڏنل آهن. خط ٻن حصن ۾ آهن،
هڪڙا اُهي، جيڪي ڪونج ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي شيام اسيءَ واري
ڏهاڪي ۾ دوستن ۽ اديبن کي لکيا آهن.
جتي شيام ۽ سندس
شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ سُڳن آهو جا جو جڳ مشهور ”روشن ڇانورو“ ڪتاب جو مهاڳ مدد
ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءُ جو سندس ڪتاب ”بوند، لهرون، سمنڊ“جو مهاڳ سندس
شاعريءَ جي وياکيا ٿو ڪري، اتي سندس شخصيت جي باريڪين، طبيعت جي نفاستن، نظرين،
شاعريءَ ڏانهن سندس روين کي اهي خط ظاهر ڪن ٿا، جيڪي هُن ڪن دوستن ڏي لکيا آهن. پڪ
سان هيءُ اهڙا خط آهن، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب نه لکيا ويا هئا، جيئن ”جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي “ ۾ آيل اياز صاحب جا خط، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب ئي لکيا ويا هئا.
يا ٻين ڪيترن اديبن جا ادب بابت خط. جيڪي ڇاپڻ لاءِ لکيا ويا آهن.
شيام جا هيءَ خط
جيئن ته ذاتي حوالي ۾ ادبي احوال آهن، ان ڪري هاڻ اهي خط ڇپجڻ وقت، ڪتاب جي مرتب
جي اها مجبوري ٿي پئي آهي ته هُو انهن جا ڪي حصا ايڊٽ ڪري، ڇاپي کان الڳ ڪري ۽
ائين خطن ۾ آيل ڪن اديبن، شاعرن، ۽ عالمن جا نالا پڻ خطن مان ڪاٽي. برابر اها
اُنهن شخصيتن جي مريادا جي گُھرج هوندي، پر ان مان جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو هيءَ ته
انهن خطن جي اصليت متاثر ٿي آهي. جڏهن شيام اهي خط لکيا هوندا ته پنهنجي ذميواريءَ
سان لکيا هوندا ۽ هاڻ جڏهن شيام نه رهيو آهي ته اهي خط ايڊٽ ڪرڻ نه کپندا هئا.
بهرحال هنن خطن مان شيام جي ڏات ۽ حيات آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿي. هونءَ ته ڪنهن
شخصيت کي سمورو سمجھڻ لاءِ سوين ڪتاب به گھٽ آهن
”شخصيت ۽ شاعري
نارائڻ شيام“ هند ۾ ڪنهن به شخصيت تي نڪتل ڪنهن به ڪتاب کان اهم ڪتاب آهي. سبب اهو
آهي ته نارايڻ شيام، هند ۾ رهندڙ ڪنهن به شاعر کان وڌيڪ اهم آهي. ان ڪري هُو سڀني
کان وڌيڪ سرحد جي ٻنهي پاسي مڃتا لهڻي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سمورو اڀياس ۽ ان
جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ الڳ وقت گھرجي ۽ پڪ سان هن هڪ اڀياسي ڪتاب تي، هڪ کان وڌيڪ اڀياس
لکڻ گھرجن. جيڪي لکيا ويندا، اهڙي اميد آهي. پر هن ڪتاب ۾ شيام بابت جن لکيو آهي،
اها خود اهڙي فهرست آهي، جيڪا ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ ڄاڻائڻ اعزاز کان گھٽ نه
آهي. اها فهرست هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، فتح چند وسواڻي، شيخ اياز، سڳن آهوجا،
ڊاڪٽر تنوير عباسي، هري دلگير، هريش واسواڻي، گوورڌن محبوباڻي، واسديو نرمل، ارجن
حاسد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، هري همٿاڻي، ڍولڻ راهي، ٻين نالن تي ٻڌل آهي.
هن سموري محنت پويان
اسان جي ناليواري ڪهاڻيڪار هري همٿاڻي صاحب جي محنت کان وڌيڪ محبت شامل آهي. گڏوگڏ
هن ڪتاب سهيڙڻ وقت ساڻس ٻانهن ٻيلي،
اسانجو پيارو شاعر ڍولڻ راهي پڻ رهيو آهي. ان جو ذڪر نه ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. پڪ
سان ڍولڻ راهيءَ وٽ به شيام لاءِ هڪ خاص احترام آهي. جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
ڪتاب اجمير مان اجنتا پبليڪيشن ڇپايو آهي، سنڌ ۾ هيءُ ڪتاب ضرور ڇپجڻ گھرجي. ائين
اسان نارايڻ شيام کي هڪ ڀيٽا ڏينداسين. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيءُ
ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي. جنهن جو مٽ سنڌ ۾ گهٽ ملندو. هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو مهاڳ
سنڌي ٻولي جي ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو آهي.
نارايڻ شيام
نئين سنڌي شاعريءَ جو جنم
رکيل مورائي
سنڌي شاعراڻي ادب ۾
جڏهن به نارايڻ شيام جو ذڪر ايندو ته سنڌ جي مٽيءَ جي ان حصي کي فخر ٿيندو، جنهن کي
ساهتي پرڳڻو ڪوٺجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو ساهتڪ رُچيءَ سان ڀرپور ان پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ
کاهي قاسم ۾ پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي گوڪلداس ناگواڻي جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ
ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. ٻي طرح نارايڻ شيام سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نالو آهي جنهن
تي سنڌي شاعري سدائين فخر ڪندي، نارايڻ شيام سنڌ کان جدا ٿي هند جهڙي وڏي ديس ۾ آخر
۾ دهليءَ جهڙي عاليشان شهر ۾ ٿانيڪو ٿيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين دهليءَ ۾ رهيو. هو شيخ
اياز، تنوير عباسي ۽ هري دلگير جو ھمعصر شاعر هو، پر هو شاعريءَ ۾ بنهه نرالو اسلوب
رکندڙ شاعر هئو. نارايڻ شيام وٽ چنڊ جي نرم ۽ ٿڌي چانڊوڪيءَ جهڙا احساس آهن. سندس شاعراڻي
ٻولي، سندس مزاج جيان نهايت نفيس ۽ شرميلي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ ائين نفيس
۽ معصوم آهن. هو پنهنجي مزاج ۾ هن تصوير جهڙو هئو.
ساز رکيل ڀت ساڻ،
بند اکيون چپ ڳائڻو،
راڳن ساڻ رهاڻ.
نارايڻ شام کي اهو اعزاز
حاصل هئو، جو هن جپاني صنف هائيڪو کي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ آندو، جنهن کي هن تصوير
جو نالو ڏنو ۽ پنهنجن تصويرن ۾ شيام جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سندس نالي سان سڃاتو
ويندو. سندس هڪ تصوير آهي.
ماءُ ڏنس پئي مار،
پوءِ به چنبڙي ماءُ کي،
ٻار ڪڍيا پئي پار.
نارايڻ شيام زندگيءَ
جي ڪيترن ئي اهڙن ننڍڙن کڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي جيڪي هونئن شايد نظر نه اچڻ
جهڙا آهن. هن جي شاعراڻي نظر ڏاڍي تيز هئي. هن جنهن به صنف تي لکيو، ان ۾ هڪ نئين تازگي
آندي، ممڪن آهي ته انگريزيءَ جو سانيٽ پڻ پهريون ڀيرو سنڌي ويس ۾ نارايڻ شيام ئي آندو
هجي، جنهن جي هڪ سلسلي کي هن ”روپ مايا“ جي نالي سان آندو، هيءُ ڊگهو سانيٽ جو فارم
۾ آندل نظم خود نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو هڪ واڌو ساراهڻ جوڳو ڪم آهي. پر ان ۾ جيڪا
تازگي نارايڻ شيام آندي آهي، اها کانئس اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندي، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ
جي صنف سورٺي کي نارايڻ شيام جيڪا تازگي ڏني اها سندس هن سورٺي مان ڏسي سگهجي ٿي.
چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون اُن تي آس جون،
هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي.
نارايڻ شيام جي شاعري
پڙهڻ ساڻ ئي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نفيس تازگيءَ جو احساس اچي وڃي ٿو، جيڪو فقط کيس وٽ ئي
آهي، ساڳئي وقت هڪ ٻي قديم صنف دوهو آهي، جنهن تان ڀٽائي سائينءَ پڻ اثر ورتو آهي،
سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني شاعرن دوهو لکيو آهي، پر نارايڻ شيام جي دوهي ۾ هڪ ئي وقت پوپٽ جي
پرن جهڙي رنگين تازگي آهي، ٻئي طرف گلاب جي پنکڙين جهڙو نفيس احساس ۽ تازگيءَ ڀريو
هڳاءُ.
رات ائين ها سيج تي رکريل تنهنجا وار،
ڄڻ شاعر جي ذهن تي ربط بنا اشعار.
شيام وٽ نه رڳو احساس
جي نفيس اڻت آهي، پر هن وٽ ٻولي به نفيس آهي، جنهن ڪري هن جي شاعريءَ جو لهجو، منڇر
جي ماٺي پاڻيءَ جيان نرم آهي، سندس اظهار نهايت چٽو، سادو بنا ڪنهن ابهام جي، پر اهو
نهايت گهرو، سوچ ڏانهن وٺي ويندڙ ۽ پوءِ خاموش ڪرائي ڇڏيندڙ، سندس شاعريءَ ۾ واڪو نه
آهي، نرم آهه آهي. ۽ ڪمال اهو آهي ته هن جي آهه ۾ جيڪا احساس جي شدت آهي، اها رڳو سندس
ئي نصيب ۾ آيل آهي، هو سنڌ ڇڏي هند ويو، زندگيءَ جي انيڪ پيڙائن مان گذريو، هڪ موڙ
تي کيس احساس ٿيو ته سندس سوچڻ ويچارڻ ۽ لکڻ سڀ ڪجهه اجايو آهي ۽ هن ذري گهٽ لکڻ ڇڏي
ڏنو هئو. ان موڙ تي سندس بيمثال ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي نامياري نقاد ۽ شاعر سڳن آهوجا
جو سندس ڪتاب تي اڄ تائين ڪنهن به سنڌي شاعراڻي ڪتاب تي نه لکيل، مهاڳ لکي کيس اهو
احساس ڏياريو ته تون اهڙو شاعر آهين، جنهن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين روشني ڏني آهي.
هڪ نئون اسلوب ڏنو آهي، هڪ نئون احساس عطا ڪيو آهي، هڪ نئين ٻولي ڏني آهي. ان مهاڳ مٿس اهڙو اثر ڪيو جو هو نئين قوت سان اڏامڻ
لڳو ۽ پوءِ هن جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سڀ سنڌي شاعراڻي ادب جو فخر جوڳو سرمايو
آهي. هند ۾ رهندڙ سڀني کيس کان پوءِ ايندڙ شاعرن سندس اثر قبوليو آهي، بلڪل ائين جيئن
سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبوليو ويو آهي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هڪ دور کي
ٻن نالن سان تاريخ ۾ ياد ڪري سگهبو، سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ساڳئي وقت
هڪ روشني پنهنجي سامهون ٻيءَ روشنيءَ کي ٽربيوٽ ڏيندي لکيو هئو،
هيءُ سنگرام
سامهون آ نارايڻ شيام.
...............................
۽ ورهاڱي جي درد کي اڌ صدي
ڀوڳندي نارايڻ شيام جيڪو لکيو اهو سڀ هاڻ هند توڻي سنڌ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي،
ورهاڱي بابت سرحد جي ٻنهي پاسي نثر توڻي نظم ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. پر وطن جي سار کي
جيئن نارايڻ شيام لکيو آهي ان جو مثال نٿو ملي.
روئندي روئندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي،
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟.
ڌرتي جو وڇوڙو، دوستن
جي جدائي، ٻوليءَ جي دوري، اندر جي اڪيلائي، اهي سڀ اهڙا احساس آهن، جيڪي شخص کي اندران
اندران ڀوري ڇڏين ٿا، اندر جا اهي ڏک انسان کي ۽ خاص ڪري، حساس تخليقڪار کي، ڏاڍي تڪليف
ڏين ٿا، شيام هند وڃي اها تڪليف ڏٺي ۽ ڀوڳي. هن هڪ ڀيرو ئي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش
ڪئي پر هو سنڌ کي ڏسي نه سگهيو ۽ هڪ وڏي آهه سندس دل مان نڪتي جنهن شاعراڻو اهڙو روپ
ورتو، جهڙو روپ نثر جي هزارين صنفن ۾ شخصي طور مون کي نظر نه آيو آهي، اهو آهي:
الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
۽ ائين هو وطن سنڌ کي ڏسڻ لاءِ وجهائيندي ڏهين جنوري ۱۹۸۹ع تي دهليءَ ۾ گذاري ويو. ورهيه پوءِ سندس وڏي نياڻيءَ کي، اجمير ۾ ڏسي، منهنجي اها آس پوري ٿي، جيڪا سالن کان کيس ڏسڻ جي هئي. سندس نياڻيءَ جي اکين ۽ چهري ۾ نارايڻ شيام جيئرو جاڳندو مون کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ائين مان چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته مون نارايڻ شيام کي ڏٺو هو. جنهن ڪري جو منهنجي اکين ۾ اڄ به زندهه آهي.
نارائڻ شيام
سندس شاعريءَ تي هڪ نظر
حسيب ناياب منگي
شاعر سماج
۽ ذاتي زندگي جي ڏکن ۽ سکن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ تخليق ذريعي جيڪو پيغام ڏيئي ٿو
سو ظاهري طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهو سندس اندر جي پيڙاهه جو نفسياتي توڙي
جذباتي اظهار آهي پر حقيقت ۾ شاعر جڏهن محسوس ٿو ڪري ته هو پنهنجي لفظن سان جيڪو
ڄار وڇائي ٿو سو پڙهندڙ آڏو نهايت ئي اهم آهي تڏهن اهڙي ٿو مالا پوئي جو سندس
پيغام ذاتي نه پر اجتماعي سورن ۽ دردن جو حوالو بڻجي اڀري اچي ٿو. اهڙو خيال وري
درد ۽ ڏک تي مشتمل نه آهي، کل، خوشي، پيار، پريت، تعريف ۽ محبت جي اظهار وغيره
لاءِ به چئي سگهجي ٿو. شاعر جي شخصيت جو اڀياس ان جي خيالن، جذبن ۽ شعرن مان پسي
سگهجي ٿو، عڪس، اشاري ۽ بيان مان جيڪي ڪجهه نتيجو پڙهندڙ ڪڍي ٿو، سو شاعر جي
تڪليفن کي به ظاهر ڪري ٿو ته وري کيس مليل محبت جا عڪس به اڀاري پيش ڪري ٿو. حقيقت
اِها آهي ته گهڻي قدر شاعري سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کان شاعر مٿان گذرندڙ قيامت
تائين جو کليل اظهار آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي ايترو ته جلدي اثر ڪري ٿو جو
شاعر جي شاعري ماڻهن جي ذهنن تي نقش ٿي وڃي ٿي. اها ڪرامت ڪا اڄڪلهه جي نه آهي
صديون اڳ جڏهن کان شاعريءَ لکڻ جي شروعات ٿي آهي ۽ چپن تي شاعري ورد ٿيڻ لڳي آهي
تڏهن کان اڄ تائين اهو عام ٿي ويو آهي ته شاعري معاشري جي حقيقتن جي اظهار جو نالو
آهي.
ان ڪوشش ۾
جن به شاعرن پنهنجون محنتون پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن تن مان نارائڻ شيام جي ڪوشش
سچ پچ ۾ نياپو ٿي اڀري آهي. هي سنڌي زبان جو اهو شاعر آهي جنهن جي نياپي ۾
پنهنجائپ جي خوشبو اچي ٿي. هو سنڌ کان تمام گهڻو پري دهليءَ ۾ ويٺو شعر لکي پر
اسان جتي به سندس شعر کي پڙهون پيا اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ آهي ۽
سنڌ لاءِ ٿو ٻڌائي. اهو ڪمال جن به ٿورڙن شاعرن کي نصيب ٿيو آهي انهن ۾ نارائڻ
شيام پري کان پڌرو نظر ٿو اچي.
“شيام” پنن جي ٻيڙي ٺاهي، گيتن ساڻ
ڀري،
سونپيم سنڌوءَ جي لهرن کي، من ڪا
وير تري!
جيئن مينهن جي پوڻ سان ڌرتي کي خوشبو کي گلن کي
تازگي ملي وڃي تهڙي ريت نارائڻ شيام جي شاعري ۽ پڙهندڙ جي جذبن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق
آهي. نارائڻ شيام غزل جو باڪمال شاعر آهي. هن جي خيال ۾ جهڙي ريت پيار ۽ محبت
ڇانيل آهي اهڙي طرح سندس غزلن ۾ ڌرتيءَ جي ڳالهه به اچي وڃي ٿي. هن جي ڪلام ۾
خاموشيءَ سان وهندڙ نديءَ جهڙي رواني به آهي ته انداز بيان دلفريب ۽ گهرو اثر
ڇڏيندڙ آهي.
تو ڏينهن ڏٺي ديپ ته ٻاريو،
احساس انڌاري جو ڏياريو.
ڪا عمر ٿي پرڏيهه ۾ رهندي،
ڏيهي به ملڻ سان لڳو ڌاريو.
تو جسم کي يا پيار کي ڪنهن جي،
هئن روئي وڇوڙي ۾ ٿي ساريو.
نارائڻ
شيام جا غزل سندس جذبات جو آئينو ٿا لڳن، غزل جي صنف ۾ هن جيڪا مٽي ڳوهي آهي سا
شاعريءَ ۾ ميدان ۾ پنهنجي سڳنڌ ڦهلائي چڪي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جن لکن
ٿا ته “نارائڻ شيام بلند پايه سنڌي شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين
هئي. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽
نئون اسلوب پيدا ڪيائين. جدت ۽ انفراديت رنگيني ۽ رواني سندس شاعري جون خاص خوبيون
آهن”. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ص ۲۴۳). نارائڻ جي شاعري ۾ واقعي رواني ۽ نئون
رنگ سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عشق جي ڳالهه به گهڻي اچي ٿي.
هئي بس منهنجي دل ۾روح پرور ياد
تنهنجي ئي،
ستارن پوءِ به پوئين رات پت ۾ چڻگ
چڻڪائي.
ـــــــ
سامهون نه جي هجيم ته ساڻس ڪٿان
رُسان،
سامهون هجي ته ڪيئن رُسان، ڇا رُسي
سڪان؟
ـــــــ
انهن ئي اکين آگ دل ۾ لڳائي،
انهن ئي اکين اگ دل جي وسائي.
سندس گفتگو ڄڻ پراهون پڙاڏو،
نگاهون ائين ڄاڻ ڀاڪر ۾ آئي.
غزل جي
سرزمين تي نارائڻ شيام جا تجربا خود غزل کي سنڌي ماحول جي ويس ۾ آڻڻ لاءِ شاعر جون
ڪوششون ڪاميابي جي راهه ڏانهن وڌائيندي نظر اچن ٿيون. جهڙي ريت غزل شاعريءَ جي
رنگين ۽ لطيف صنف آهي تهڙي ريت ئي شيام غزل سان نڀائي ڏيکاريو آهي. سندس چيل غزل ۾
پيار ۽ محبت سان گڏ سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيل ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو
ته “شيام جي شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام
اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي. شيام لکي ثابت ڪري
ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. ان ۾ هر دور جي عڪسن،
احساسن، جذبن، توڙي پيچيدگين کي سهڻي ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي
فنڪار جي ضرورت آهي”. (بوند لهرون ۽ سمنڊ : ص ۲۱)
نارائڻ
شيام بيتن ۽ رباعي جو به سٺو شاعر هو ، بيت هجن يا رباعي هن جي ڪلام ۾ فطري منظر
نگاري ۽ سادگي ڪمال جي آهي. سندس ڪلام جي خوشبو ئي نرالي آهي.
شيام پکين جي لات، هو پيهو ۽ نار
ڀي،
نيڻن مان جذبات، نيسر مان پاڻي
وهي.
ـــ
روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي
ڇڏي،
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ
۾؟
ـــــ
شيام جا
دوها هجن يا هائيڪا وائي هجي يا ترائيل پنهنجي تعريف پاڻ ٿيون ڪرائن. مطلب ته
نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکي ڪري هند هجي يا سنڌ ۾ مقبول ٿي
ويو. اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر ۾” ۾ کيس “سنڌي جو شهزادو شاعر” ڪري لکيو آهي.
اهڙي ريت پڻ گوبند مالهي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته “شيام سنڌي ساهتيڪ گلشن جي اها
ڪوئل آهي جنهن پنهنجي ڪنٺ سان نه، هردي سان سرشٽيءَ سماج ۽ انسانيت جي سندرتا ۽
مڌرتا نروار ڪئي آهي”. (ص ۵۴۲ ۽ ۵۴۳).
شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي
ساز جي،
تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها
منهنجي دل جو گيت.
ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر
آواز جي،
منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند
تنهنجي دل جو گيت.
نارائڻ
داس گوڪلداس ناگواڻي جو جنم نوشهروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ ۱۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي
ٿيو هو. پرائمري تعليم نوشهروفيروز ۽ انگريزي تعليم نوابشاهه ۾ حاصل ڪري ڊي جي سنڌ
ڪراچيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. گورنمينٽ مدرسه
هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ ملازمت به ڪيائين. هندستان لڏي ويو ته اتي پوسٽ ۽ ٽيليگراف
آڊٽ آفيس دهليءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو.
اسڪول ۾
پڙهڻ دوران شاعريءَ سان شوق پيدا ٿيس، هن پنهنجي والد کان شاعريءَ جا ڪجهه سبق
ورتا، اهڙي ريت ڪشنچند عزيز به سندس رهبر بڻيو. حاجي محمون خادم، مولوي محمد عاقل،
پرسرام ضياءُ ۽ هرومل سدارنگاڻي جي صحبت مان شاعريءَ جي فن ۽ عروض بابت گهڻو ڪجهه
پرائيندو رهيو. سنڌ ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” هجي يا هندستان ۾ “ساهتيه اڪيڊمي” جو حصو
رهيو. ڏات جي حوالي سان گهڻا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ آيا. اهڙي طرح سندس
ڪلام جا جيڪي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا تن ۾ “ماڪ ڦڙا پنکڙيون”، “رنگ رتي لهر”، “روشن
ڇانورو”، “ماڪ ڀنا رابيل”، واريءَ ڀريو پلاند”، آڇيندي لڄ مران”، “مهڪي ويل صبح جي
نه سورنگ نه سا سرهاڻ”، “بوند لهرون ۽ سمنڊ”، توڙي “ڏات ۽ حيات ٻه جلد” ڇپيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو ناليواري ڪوي نارائڻ شيام جنهن سدائين پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت توڙي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو تنهن لاءِ هري دلگير “ڏات ۽ حيات” ۾ سچ لکيو ته “شيام غمن جي ڪنڊن سان ويڙهيل هوندي به سدائين گلاب وانگر ٽڙندو رهيو ۽ خوشبو ڏيندو رهيو” (ص۲۹) اها خوشبو ڏيندي ڏيندي هن ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي هي جهان ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس امر رچنائون ايندڙ وقت تائين حيات رهنديون ۽ سندس شاعريءَ جي خوشبو ادبي چمن ۾ تازگيءَ جو سبب بڻجندي رهندي.
نارائڻ شيام
شيام جيڪو سنڌ مان نڪتو ۽ پوءِ ڪڏهن سنڌ جي سرحد به نه ڏٺائين. - سنڌي غزل جو وڏو شاعر - ۲۵
جولاءِ ۲۰۲۲ تي شيام جي ڄمڻ کي هڪ سؤ سال پورا ٿيندا.
مصور حسين
سنڌ توڙي هند جو مشهور شاعر ۽ سنڌي
ٻوليءَ جو پرچارڪ نارائڻ شيام ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ کاهي
قاسم ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. نوشهروفيروز کي ساهتي پرڳڻي ۾ شمار ڪيو
ويندو آهي ۽ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، عبدالخالق خليق، نارائڻ داس ڀمڀاڻي،
لڇمڻ ڪومل، سوڌو سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي مشهور اديب هن پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا.
نارائڻ شيام پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ بي. اي جي ڊگري ڊي
جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪري هو تعليم کاتي ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج
۾ پڙهڻ دوران سندس ڄاڻ سڃاڻ سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز سان ٿي جيڪو به ان وقت ان
ئي اداري مان تعليم پرائيندو هو. ۱۹۴۷ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو ته هو اڃان
۲۵ سالن جو هو. مذهب جي بنياد تي ٿيل هن ورهاست ماڻهن جي اندر ۾ اهڙي ته نفرت جي
باهه ڀڙڪائي وڌي جو ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان نڪري وحشي بڻجي پيا ۽ هندو توڙي
مسلمان هڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پيا. پنجاب ۾ ڪافي وڳوڙ ٿيا، اهڙيءَ طرح
هندوستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ هندو مسلم ڇڪتاڻ ٿي، سنڌ ۾ اڃان گهڻي ڀاڱي امن امان
هو پر هتان جي سنڌي هندن ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي. اهڙيءَ طرح نارائڻ شيام کي
پنهنجي ڪٽنب سوڌو ٻين لکين سنڌي هندن وانگر پنهنجي ڀونءِ مجبوري تحت ڇڏڻي پئجي
وئي. جنهن کان پوءِ هو هندوستان جي مختلف شهرن ۾ شرنارٿري طور رهيو. ڪجهه وقت کان
پوءِ کيس ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي وئي جتان هن ۱۹۸۰ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي
عهدي تان رٽائر ڪيو.
شيام جي شاعريءَ جي شروعات ڊي جي
سنڌ ڪاليج ڪراچي کان ٿي، جتي هن پڙهائي دوران شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز سان گڏجي
”سنڌ ادبي مرڪز“ جي پليٽفارم تان جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. سندس شاعريءَ جو
پهريون ڪتاب ۱۹۵۳ع ۾”ماڪ ڦڙا“ جي عنوان سان شايع ٿيو جنهن ۾ هري دلگير جي شاعري پڻ
هئي. اهڙي طرح سندس ٻين ڇپيل ڪتاب جو تفصيل هن طرح آهي. پنکڙيون (رباعيون ۽ هڪ نظم
) ۱۹۵۵ع، رنگ رتي لهر (غزل) ۱۹۵۶ع، روشن ڇانورو (شاعري) ۱۹۶۱ع، واريءَ ڀريو
پلاند(غزل) ۱۹۶۸ع، ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۷۱ع، آڇيندي لڄ مران (غزل) ۱۹۷۱ع، مهڪي
ويل صبح جي ( غزل) ۱۹۸۳ع، نه سو رنگ نه سا سرهاڻ، (شاعري) ۱۹۸۷ع، بوند لهرون ۽ سمنڊ(غزل)
۱۹۸۷ع، ڏات ۽ حيات( شاعري) ۱۹۸۸ع.
نارائڻ شيام ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ
۾ ڪبير ۽ غالب جي شاعريءَ بابت لکيل مونوگراف پڻ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ ۱۹۹۸ ۽
۹۹ ۾ مصطفيٰ نانگراج سندس ٻه ڪتاب ”راهون پنڌ پيون“ (غزلن جي ڪليات) ۽ ”نکريو آهي
نينهن “ (چونڊ شاعري )ڇپرايا.
شيام جڏهن سنڌ ڇڏي تڏهن هو ۲۵، ۲۶
سالن جو هو، جنهن کان پوءِ سندس سڄي عمر هندوستان ۾ گذري پر هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي نه وساريو. عمر جي آخري گهڙين تائين کيس سنڌي ٻوليءَ جي چنتا هئي. سندس هڪ شعر
آهي.
الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
هن سنڌ کي جوانيءَ ۾ ڇڏيو پر ان
باوجود سنڌ سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس اٽوٽ رشتو قائم رهيو. دهلي جهڙي شهر ۾
رهندي جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا هن پنهنجي مٺڙي ٻولي کي نه وساريو
۽ سنڌ جي ٻولي، سنڌ جي ڪردارن ۽ منظرن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده رکندو آيو. ان
حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو. ” شيام غزل جهڙي ڌاريءَ صنف ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين
جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن جو
غزل جو غزل جو تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري وڃي ٿو. “
شيام جي شاعري جنم ڀومي ڇڏڻ جي درد
سان ڀرپور آهي. سندس شاعري جلاوطنيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چٽين
چانڊوڪين ۽ گذري ويل وقت جون ڳالهيون آهن، سندس شاعري پڙهندي ڪيترا ڀيرا اهو احساس
ٿئي ٿو ته هي ڪنهن ماڻهو جا نه پر اهڙي ڪونجڙي جي اندر جا احساس آهن جيڪا پوياڙيءَ
جي پهر ۾ پنهنجي ولر کان وڇڙي وئي هجي ۽ ڪرلائي ڪرلائي پنهنجي ساٿين کي سڏيندي
هجي.
الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
******
روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي.
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ. اڄ ڀي آهي سنڌ
۾.
*******
گنگا جمنا امرت امرت،
ٿڃ ته پنهنجي سنڌو آهي. .
شيام جي دل ۾ مرڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي
ڏسڻ جي وڏي حسرت هئي پر اها پوري نه ٿي سگهي. مشهور مفڪر محمد ابراهيم جويو سندس
ان حسرت بابت لکي ٿو”هن ڪيترائي ڀيرا سنڌ اچڻ چاهيو پر سرحد جي لڪيرن ۽ ٻنهي طرفن
جي سرڪارن جي ڪٺورتائيءَ کيس پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ کان دور رکيو. “
شيام جي شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ
آهن، هن جي شاعريءَ جا موضوع گوناگون آهن. جيئن ڪو پوپٽ باغ ۾ گهمندي مختلف گلن جو
واس پيو وٺندو آهي شيام پڻ ايئن ئي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس
شاعري رومانيت ۽ جماليات سان ڀرپور آهي. هن جا غزل جيڪي گهڻي ڀاڱي رديف کان خالي ۽
عام قافين تي ٻڌل آهن، خيال جي نفاست، سادگي ۽ لفظن جي چونڊ سان دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندڙ
آهن. سندس شاعريءَ تي راءِ ڏيندي سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد لکي ٿو ”نارائڻ
شيام جي غزل جون بي مثل ۽ نراليون وصفون کيس عالمي شاعرن ۾ بيهارين ٿيون. سنڌي غزل
جي شاعريءَ ۾ اهڙو مثال ئي نه ٿو ملي جنهن جو مقابلو نارائڻ شيام جي غزل سان ٿي
سگهي. “
سندس غزلن ۾سادگي ۽ نفاست ۽ خيالن
جي گهرائي ته ڏسو
گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،
ته ڪو پاڻ جهڙو ملي پئي گهٽيءَ ۾.
****
ڪيئي ڀيرا پنهنجو ئي در پاڻ مون کڙڪايو،
مون پئي سمجهيو اندران ايندو
منهنجو ئي آواز.
*****
لکندي تنهنجا وار ڇُڙيل هئا،
خط جي خوشبو هي به ڏسيو پئي.
*****
هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان
بنهه آجي،
نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي
شاعري اهڙي.
سنڌ جو ناليوارو شاعر شيخ اياز،
نارائڻ شيام جو گهاٽو دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران اياز هڪ نظم ” هي
سنگرام هو سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام “ لکيو هو ته اياز کي اهو نظم لکڻ جي ڏوهه
۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ سندس ڪتابن تي پڻ پابندي وڌي وئي هئي.
سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا حيات شاعر
۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع دهليءَ ۾ ديهانت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس سيهوڳي شاعر شيخ
اياز کيس ڀيٽا ڏيندي ”سر نارائڻ شيام “ لکيو جنهن مان هڪ بيت هتي ڏجي ٿو.
تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون
لهرون
سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون
گهڻو.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۲۴
جولاءِ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا