; سنڌي شخصيتون: نارائڻ شيام، رکيل مورائي، وينا شرنگي، گل مورو، حسيب ناياب منگي، مصور حسين،
Showing posts with label نارائڻ شيام، رکيل مورائي، وينا شرنگي، گل مورو، حسيب ناياب منگي، مصور حسين،. Show all posts
Showing posts with label نارائڻ شيام، رکيل مورائي، وينا شرنگي، گل مورو، حسيب ناياب منگي، مصور حسين،. Show all posts

24 July, 2016

نارائڻ شيام

نارائڻ شيام

هجي جا کاڻ خوبين جي

وينا شرنگي



پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي

ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.

(شيام)

سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن  تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.