; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فرحانه ميراڻي

16 September, 2026

ڊاڪٽر فرحانه ميراڻي

ڊاڪٽر فرحانه ميراڻي

باٽنيءَ ۾ نوجوان محقق - سنڌ جا پي ايڇ ڊي استاد

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور ذميواريون نڀائيندڙ ڊاڪٽر فرحانه ميراڻي، باٽنيءَ جي شعبي ۾ نوجوان سائنسدان ۽ استاد آهي. جنھن مختلف ميوَن جي معيار ۽ ٻوٽن جِي اوسر تي حياتياتي دٻاءَ جي حالتن بابت ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ ذريعي ڪيل تحقيق سان، نوان رخ پڌرا ڪيا آهن.


فرحانه بنت محمد پريل ميراڻي ۳ فيبروري ۱۹۹۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. هُن ۲۰۱۰ع ۾ مئٽرڪ (سائنس گروپ)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول منورآباد لاڙڪاڻي مان ڪرڻ کان پوءِ ۲۰۱۲ع ۾ انٽرميڊئيٽ (پري ميڊيڪل) ۽ ۲۰۱۴ع ۾ بِي ايس سِي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. ان بعد هُن ماسٽرس ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي جتان ۲۰۱۸ع ۾ باٽني شعبي ۾ ايم ايس سِي فرسٽ ڊويزن، سلور ميڊل سان پاس ڪئي. هتي جن استادن کيس پڙهايو، تن ۾ پروفيسر سعيد اختر ابڙو، ڊاڪٽر رابعه عاصمه ميمڻ، ڊاڪٽر صدف ۽ ڊاڪٽر نورالعين اهم آهن. اعلى تعليم جي حاصلات ڏانھن وِک وڌائيندي، فرحانه ميراڻيءَ پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ قائم قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ قائم بايولاجيڪل سائنسز جي فيڪلٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ پلانٽ سائنسز ۾ ايم فِل ۾ ۲۰۱۹ع ۾ داخلا ورتي، جتان ۲۰۲۱ع ۾، پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسين مونس جي نگرانيءَ هيٺ ايم فِل فرسٽ ڊويزن ۾ مڪمل ڪئي. سندس ايم فِل جي مقالي جو موضوع هِن ريت آهي:

“Mycosynthesis of Metal Oxide Nanoparticles to Control Fusarium wilt in Chickpea”

يعني: “چڻن ۾ فيوزيريَم وِلٽ جي ضابطي لاءِ ڌاتي آڪسائيڊ تِڇ ذرڙن جِي مائڪوسنٿيسز”. ان تحقيق ۾ نينوٽيڪنالاجيءَ ذريعي کُنڀين (Fungus) سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماحول دوست طريقو کوجڻ هو، جنھن ۾ هُن ٽرائڪوڊرما هَرذيانَم نالي هڪ فائديمند کنڀيءَ جو واهپو ڪندي، حياتياتي طريقي سان، زنڪ آڪسائيڊ تِڇ ذرڙا (نينوپارٽِيڪلز) تيار ڪيا، ان تياريءَ دوران نقصانڪار ڪيميائي مادن جي استعمال کان پاسو ڪيو ويو. انهن تڇ ذرڙن جي خاصيتن جي تصديق لاءِ انهن جِي گڻن موجب ورڇ (ڪئريڪٽرزائيزيشن) ڪري، انهن کي چَڻن ۾ فيوزيريَم وِلٽ بيماري پيدا ڪندڙ کنڀيءَ Fusarium Oxysporum خلاف آزمايو ويو، جنھن سان کنڀيءَ جي واڌ موثر طريقي سان رڪجي وئي. ان بعد انهن کي ٻج جي نينو-پرائمِنگ (nano-priming) لاءِ ڪتب آندو ويو ته بيماريءَ جي واڌ ويجهه ۾ وڏي گهٽتائي اچڻ سان گڏ چڻن جي ٻجن جي نسرجڻ ۾ سڌارو آيو. ان سان ٻوٽن جي واڌ ويجهه کي بھتر بڻايو، جنھنڪري پاڙُن ۽ شاخن جي واڌ به ٿِي ته انهن جي حياتياتي وزن يعني بايوماس ۾ واڌارو پڻ آيو. ان تحقيق مان مجموعي طور اهو فائدو حاصل ٿيو ته حياتياتي طريقي سان ٺاهيل زنڪ آڪسائيڊ تڇ ذرڙا کُنڀيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين جي انتظام ۽ فصلن جي صحت کي بھتر بڻائڻ لاءِ هڪ اَجوکي، ماحول دوست ۽ اثرائتي متبادل طور استعمال ڪري سگهجن ٿا.

ايم فل ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ کان پوءِ فرحانه ميراڻيءَ ساڳئي شعبي مان، پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻ سندس پورو ڌيانُ ماليڪيولر پلانٽ پئٿالاجي (Molecular Plant Pathology)، پلانٽ مائڪروب انٽيريڪشنز ۽ نينوٽيڪنالاجيءَ تي هو. پي ايڇ ڊيءَ ۾ پڻ سندس سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسين مونس رهيو. فرحانه ۲۰۲۵ع ۾ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪئي. سندس تحقيق جو عنوان هن ريت آهي:

“Microbial Fabrication of Nanoparticles and their Appraisal to Maintain Fruit Quality and Plant Vigor under Biotic Stress Conditions”

يعني: “تِڇ ذرڙن جي مائڪروبيئل (مائڪروبن سان لاڳاپيل، انهن سبب يا انهن وسيلي) تياري ۽ حياتياتي دٻاءَ جي حالتن ۾ ميوَن جي معيار ۽ ٻوٽن جِي اوسر جي سگهه قائم رکڻ لاءِ انهن جو جائزو”. ان تحقيق هيٺ، ميوَن ۽ فصلن کي بيمارين کان بچائڻ ۽ اڻٺھڪندڙ يا دٻاءَ وارين حالتن ۾ انهن جي معيار ۽ واڌ ويجهه کي قائم رکڻ لاءِ هڪ ماحول دوست ۽ پائدار طريقو کوجڻو هو. هُن ٽرائڪوڊرما هَرذيانَم ۽ بئسِيلَس سئفينسِز (Bacillus safensis) سميت فائديمند تِڇ جِيوڙن کي ڪتب آڻيندي، حياتياتي طريقي سان زنڪ آڪسائيڊ تِڇ ذرڙا (ZnO NPs) تيار ڪيا، جيڪي روايتي ڪيميائي طريقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سانڀيل متبادل ميسر ڪري ڏين ٿا. تحقيق کي اڳتي وڌائيندي، انهن تڇ ذرڙن جي خاصيتن جِي ڌيان سان جاچ ۽ گڻن موجب ورڇ (characterization) ڪرڻ بعد، بيماري پيدا ڪندڙ تڇ جيوڙن کي ضابطي هيٺ رکڻ ۽ ٻوٽن جي بچائڻ واري صلاحيت جو جائزو ورتو ويو. تنھن بعد انهن جي افاديت کي معاشي لحاظ کان اهم ميوَن ۽ فصلن تي آزمايو ويو، ته جيئن بيمارين کي گهٽائڻ، ميوَن جي معيار کي وڌائڻ، ٻجن جي نِسرڻ ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه ۾ بھتريءَ يعني مجموعي طور تي ٻوٽن جي سگهه وڌائڻ ۾ تڇ ذرڙن جي ڪردار جو تعين ڪري سگهجي. مجموعي طور چئي سگهجي ٿو ته اها اهم تحقيق حياتياتي طريقي سان تيار ڪيل تڇ ذرڙن جي صلاحيت کي اجاگر ڪري ٿي، جن کي پائدار بيمارين جي انتظام، فصل لڻڻ کان پوءِ ميوَن جي بچاءَ سان گڏ فصلن جي بھتر ڪارڪردگيءَ لاءِ هڪ ماحول دوست ۽ اثرائتي ذريعي طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو. قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ جن استادن کيس ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ ۾ پڙهايو تن ۾ ڊاڪٽر محمد فاروق حسين، مونس، ڊاڪٽر مشتاق، ڊاڪٽر شجاع، ڊاڪٽر طارق، ڊاڪٽر مير عجب، ڊاڪٽر عمر مسعود، ڊاڪٽر اويس، ڊاڪٽر ظفر ۽ ڊاڪٽر حَسان جاويد نمايان آهن.

ڊاڪٽر فرحانه ميراڻيءَ جا پندرهن کان وڌيڪ سائنسي مقالا مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسڪالرن سان گڏيل تحقيق هيٺ لکيل آهن، انهن مان ٽن مقالن جا عنوان هتي لکجن ٿا:

ZnO nanoparticles-mediated seed priming induces biochemical and antioxidant changes in chickpea to alleviate Fusarium wilt.

Biological Applications of Ball-Milled Synthesized Biochar-Zinc Oxide Nanocomposite using Zea mays L.

Impact of bacterial synthesized nanoparticles on quality attributes and postharvest disease control efficacy of apricot and loquat.

سندس مقالا جِن ٻين محققن سان گڏجي لکيل آهن، تن ۾: ڊاڪٽر محمد فاروق حسين مونس، ڊاڪٽر مسرت علي، جنيد احمد، فضا لياقت، عُروج هارون، آصف ڪمال، حسن جاويد چوڌري، انيلا اقبال، ماهه نور اڪبر، مونا نازش، هدا ايم شيخ، عبدالرشيد ڪليري ۽ ٻيا شامل آهن.

ڊاڪٽر فرحانه جا مقالا جن بين الاقوامي ۽ ملڪي جرنلن ۾ شايع ٿيا آهن، تن ۾: جرنل آف فنگِي، ماليڪيولس، مائڪرومشينس، انٽرنيشنل جرنل آف فوڊ مائڪروبائلاجي، سائنٽيفڪ رپورٽس، جرنل آف پلانٽ گروٿ ريگيوليشن، ورلڊ جرنل آف مائڪروبائلاجي اينڊ بايوٽيڪنالاجي، مائڪروبائيَل پئٿوجينِيسز، برازيلين جرنل آف مائڪروبائلاجي، جرنل آف فوڊ سائنس، مائڪرو اسڪوپي ريسرچ اينڊ ٽيڪنڪ، يورپين جرنل آف پلانٽ پئٿالاجي، جيومائڪروبائلاجي جرنل، جرنل آف پئٿالاجي، ۽ ايل ڊبليو ٽِي (LWT) شامل آهن. هوءَ قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ واقع بائلاجيڪل سائنسز جي ماليڪيولر پلانٽ پئٿالاجي ليباريٽريءَ ۾ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع کان نومبر ۲۰۲۵ع تائين تحقيقي تجربو رکندڙ آهي. پنھنجيءَ مڪمل تحقيقي وابستگيءَ تعليمي لاڳاپي سبب فرحانه ميراڻيءَ کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران انڊيجينيس اسڪالرشپ ايوارڊ، ايم فل ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد پاران فيلوشپ ۽ وائيس چانسلر فيلوشپ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پاران بھترين پرفارمنس جو سرٽيفيڪيٽ ۽ ٻيا ڪيئي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. هوءَ انگريزيءَ تي دسترس رکي ٿي ۽ ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ سميت ايم ايس آفيس، ايڊوب فوٽوشاپ بخوبي ڄاڻي ٿي، ۽ انهن کي پنھنجيءَ تحقيق ۾ سھولت واسطي ڪم آڻي ٿي.

ڊاڪٽر فرحانه ميراڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، آگسٽ ۲۰۲۳ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. هن ڪجهه وقت لاڙڪاڻي ۾ تدريسي ذميواريون نڀايون، جنھن بعد ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ڪٽنب جي رهائش سبب بدلي ڪرائي، جتي هينئر ضلعي سينٽرل ۾ هڪ ڪاليج ۾ مقرر آهي. ڊاڪٽر فرحانه ستن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن ۾ پنجون نمبر ٻار آهي. سندس ڀينرن ۽ ڀائرن پڻ تعليمي حاصلات کي دل سان چاهيو آهي، جنھن سبب اهي تدريسي ۽ انتظامي عھدن تي مقرر آهن. سندس وڏو ڀاءُ مظفر حسين ۽ وڏي ڀيڻ تصورِ سنڌ تعليم کاتي ۾ استاد آهن، ٻي ڀيڻ فرزانه اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽِين ڀيڻ پارس ڊي ايس پِي، چوٿين ڀيڻ سپنا ناز انجنيئرنگ ۾ بيچلر ڪرڻ کان پوءِ سِي ايس ايس پھرئين ڀيري ۾ ئي پاس ڪري پوسٽل گروپ ۾ مقرر آهي، پنجين ڀيڻ ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ ٽراما سينٽر ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهي آهي، ڇھين ڀيڻ گهريلو ذميوارن ۾ آهي، ۽ ننڍو ڀاءُ مجاور عباس ايم بي بي ايس جو شاگرد آهي. انهن سمورين اجتماعي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو ڪريڊٽ نه صرف سندن پيءُ محمد پريل ڏانھن وڃي ٿو، جنھن دڪاندار هوندي پنھنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو، پر سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ڪريڊٽ آهي، جن هڪٻئي کي سپورٽ ڪيو آهي، جنھن سان سنڌ جو هڪ ڪٽنبُ پاڻ ڀرو ٿِي، سماج ۾ پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فرحانه جي شادي ۲۰۲۶ع ۾، ولي محمد ناريجي سان ٿي، جيڪو سنڌ پوليس ۾ ڊِي ايس پِي طور ٽريننگ هيٺ آهي. سندن مستقل رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا