; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالرزاق رند

30 September, 2026

ڊاڪٽر عبدالرزاق رند

ڊاڪٽر عبدالرزاق رند

ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهر - دادو ضلعي جا پي ايچ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر عبدالرزاق رند ۱۷ آگسٽ ۱۹۷۴ع تي جوهي شهر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع ڳوٺ بچل خان رند تعلقي جوهي ضلعي دادوء ۾ جنم ورتو۔ پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ هاء اسڪول جوهيء مان ۱۹۸۸ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي۔ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوء مان انٽرميڊيئيٽ (سائنس) ۱۹۹۰ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوء هن ۱۹۹۲ع ۾ سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ گريجوئيشن ڪئي۔ بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۹۷ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc ڪئي ۽ فرسٽ ڊويزن ۽ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي۔


ان کانپوء هن محمد علي جناح يونيورسٽي اسلام آباد ڪئمپس مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر آف اسٽڊيز (MS) ڪئي۔ بعد ۾ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، شيل پئٽروليم اسڪالرشپ ۽ يو ايس ايڊ (USAID) جي مالي سهڪار سان آمريڪا جي يونيورسٽي آف برج پورٽ (University of Bridge Port) مان Ph.D ڪيائين۔

سندس ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو عنوان "ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ" هيو۔

ڊاڪٽر عبدالرزاق رند پروفيشنل سفر جي شروعات ۱۹۹۲ع کان جونئير اسڪول ثيچر طور ڪئي ۽ سندس مقرري گورنمينٽ هاء اسڪول جوهيء ۾ ٿي۔ ۲۰۰۲ع ۾ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن اسلام آباد جي ماڊل ڪاليجز ونگ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو۔ اسلام آباد ۾ مقرريء دؤران هن ايم ايس ليول تي ۱۲ تحقيقي مقالا لکيا۔ انهن تحقيقي مقالن جي مڃتا طور ئي

 ڊاڪٽوريٽ لاءِ ڪامن ويلٿ، شيل پئٽروليم ۽ يو۔ايس۔ايڊ طرفان سندس مالي سهائتا ٿي۔

جنوري ۲۰۰۹ع کان ڊسمبر ۲۰۱۰ع تائين يونيسڪو طرفان فرانس ۽ مراڪش ۾ آئي۔ٽي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو۔ ۲۰۱۱ع کان مئي ۲۰۱۵ع تائين آمريڪا جي يونيورسٽي آف برج پورٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين۔ آگسٽ ۲۰۱۵ع کان جولاءِ ۲۰۱۶ع تائين آمريڪا جي ڪليولئنڊ اسٽيٽ يونيورسٽي(Clave Land State University) اوهائيو جي ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ وزيٽنگ فئڪلٽي ميمبر (اسسٽنٽ پروفيسر) رهيو۔

آگسٽ ۲۰۱۶ع کان جولائي ۲۰۱۸ع تائين نيويارڪ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي چين (China) ۾ واقع فئنجنگ ڪئمپس جي ڊپارٽمينٽ آف ڪمپيوٽر سائنس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهايائين۔

آگسٽ ۲۰۱۸ع کان جولائي ۲۰۲۳ع تائين قزاقستان جي سٿاييف يونيورسٽي(Sathayev University) الماتي ۾ سائبر سيڪيورٽي، انفارميشن پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ڊپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رهيو ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ اپريل ۲۰۲۳ع کان جولائي ۲۰۲۴ع تائين پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو۔

اپريل ۲۰۲۴ع کان آمريڪا جي ارڪانساس ٽيڪ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف سائبر سيڪيورٽي، انفارميشن پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي۔

ان کان علاوه هن گيچن يونيورسٽي (Gachon University) ڏکڻ ڪوريا جي الحاق سان هلندڙ اسڪول آف ڪمپيوٽنگ ۾ سينئر ريسرچر طور جز وقتي ۽ آن لائين ڪم ڪيو آهي۔ آگسٽ ۲۰۲۱ع کان ايل اين گميليف يوريشين نيشنل يونيورسٽي(L.N.Gumilev Eurasian National University) الماتي قزاقستان ۾ پروفيسر طور پارٽ ٽائيم آن لائين پڙهائي رهيو آهي۔ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع کان آگسٽ ۲۰۲۳ع تائين الفرابي قزاخ نيشنل يونيورسٽي (Al-Farabi Kazakh National University) الماتي قزاقستان ۾ پروفيسر طور جز وقتي آن لائين پڙهايائين۔

کيس ڪيتريون ئي ريسرچ گرانٽس مليون۔ قزاقستان جي وزارت تعليم ۽ سائنس ۾ ‘شين جي انٽرنيٽ (Internet of Things) ۽ ڊيٽا جي تجزئي تي ٻڌل هڪ سمارٽ شهري نظام جي ترقي‘، ‘تعميراتي عمل جي نگرانيءَ لاءِ انٽرنيٽ تي ٻڌل هڪ نگرانيءَ واري نظام جي ترقي‘، ‘انساني سرگرمين جي تجزياتي ماڊلن جي بنياد تي شهري بنيادي ڍانچي جي منصوبابندي ۽ ڪارڪردگيء جي جائزي لاءِ هڪ سمارٽ نقشو تيار ڪرڻ‘، ‘ايج ڪمپيوٽنگ (Edge Computing) لاءِ ڪارائتو ۽ وسعت پذير (ڦهلجندڙ) فرانزڪ نظام‘ ۽ ‘سائبر جي دؤر ۾ سماجي روين جو تجزيو‘ پروجيڪٽن ۾ مکيه تفتيشڪار، سرواڻ محقق ۽ شريڪ سرواڻ محقق رهيو۔

نيشنل ريسرچ فائونڊيشن ڪوريا ۾ ‘سمارٽ شهر لاءِ گاڏين جي آمدورفت ۽ انتظام جو نظام‘ (اهڙو شهري نظام، جنهن ۾ معلوماتي ۽ مواصلاتي ٽيڪنالوجيءَ جي استعمال سان ٽرانسپورٽ، توانائي، پاڻي، سيڪيورٽي ۽ ٻين شهري خدمتن کي وڌيڪ اثرائتي نموني منظم ڪري سگهجي) جو شريڪ مکيه محقق رهيو۔

هن ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي موضوعن تي اڪيلي سر ۽ ٻين محققن سان شريڪ محقق طور ڪيترائي لاڀائتا ۽ عملي استعمال لاءِ بيحد ڪارگر تحقيقي مقالا لکيا جيڪي تسليم ٿيل بين الاقوامي ريسرچ جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن۔ سندس شايع ٿيل مقالن ۾:

(۱) اعليٰ تعليم ۽ تعليمي ڪاميابيء لاءِ بلاڪ چئن (Blockchain) ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بدعنواني مخالف نظام۔

(۲) چهري ۽ آواز جي سڃاڻپ کي استعمال ڪندي سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪوانٽم ٽيڪنالوجي سان بهتر ڪيل بائيو ميٽرڪ ميلاپ (Biometric fusion) وارو نيٽ ورڪ۔

(۳) ٽيڪنالوجي جي پوزيشننگ، Li-fi (Light Fidelity يعني روشنيء جي ذريعي ڊيٽا منتقل ڪرڻ واري وائرليس رابطي جي نظام واري ٽيڪنالوجي)، الگورٿم، سيڪيورٽي جي ڪمزورين ۽ مستقبل جي ائپليڪيشنز جو تجزيو۔

(۴) شين جي انٽرنيٽ Things of Internet) جي توانائيء جا انتظام بهتر بنائڻ لاءِ مسئلا حل ڪرڻ واري ايجاد جي نظرئي

(TRIZ - Theory of Inventive Problem Solving)

جو منتقليءَ واري سکيا ۽ بهتري آڻڻ واري جديد الگورٿمز سان انضمام۔

(۵) گم ٿيل ڊيٽا بحال ڪرڻ لاءِ ڳوڙهي سکيا جي طريقيڪار ذريعي قائدي تي ٻڌل مناسب اندازي مطابق ڊيٽا ڀرڻ Amputation جو طريقو تيار ڪرڻ۔

(۶) بدنيتيء تي ٻڌل ڪوڊ جي سڃاڻپ ۾ اڳڀرائي۔ صنعتي ائپليڪيشنز ۾ گم ٿيل ڊيٽا کي پر ڪرڻ جي طريقن جو جامع جائزو۔

(۷) پئداواري صنعت ۾ ڪريڊٽ جي جائزي کي بهتر بنائڻ لاءِ تقويتي سکيا ۽ اڳڪٿي ڪندڙ تجزياتي طريقيڪار۔

(۸) اسڪرپٽ (لکڻيء جي نظام) کي استعمال ڪندي گهٽ وسيلن وارين ملائيندڙ ٻولين Agglutinative Languages (مختلف لاحقا ۽ لفظي جزا بنيادي لفظ سان ڳنڍي نوان لفظ يا معنائون جوڙيندڙ) هڪ جامع، مڪمل ۽ گهڻ ٻولياتي طريقو۔

(۹) محفوظ ۽ قابل اعتماد وائرليس تي ٻڌل فوگ - ڪلائوڊ رابطي جي نظام لاءِ وسعت پذير (ڦهلجندڙ) فريم ورڪ۔

(۱۰) هڪ نئين U Mask Net نموني (ماڊل) ذريعي معدي ۽ آنڊن جي ڪينسر جي بيماريءَ جي جديد سڃاڻپ ۽ حصن ۾ ورهاست۔

(۱۱) ڪينسر جي بهتر سڃاڻپ لاءِ مشيني سکيا ۽ ڳوڙهي سکيا جي نمونن (ماڊلز) جو تقابلي تجزيو۔ تشخيصي طريقن ۾ تازين اڳڀراين جو جامع جائزو۔

(۱۲) مصنوعي ذهانت واري طريقيڪار کي استعمال ڪندي ڪينسر جي (تشخيصي) اڳڪٿي لاءِ غير مداخلتي مهارتن ۽ تازين جدتن جو اونهو تجزيو۔

(۱۳) صنعتي ڪارخانن ۾ سامان ٺاهيندڙن ۽ درآمد ڪندڙن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هڪ سمارٽ اسڪورنگ سسٽم جي جوڙجڪ۔

(۱۴) بلاڪ چئن (Blockchain) جي سهڪار سان هائبرڊ ۶ G ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ڪلائوڊ ايج ڪمپيوٽنگ ذريعي گاڏين جي انتظام جو محفوظ نظام۔

(۱۵) الزائمرز (Alzheimers) جي بيماريء جي تشخيص لاءِ مصنوعي ذهانت جي طريقن جو جائزو۔ دماغي تصويرڪشي (Neuroimaging) کان سينسر ڊيٽا جي تجزيي تائين حاصل ٿيندڙ اهم معلومات۔

(۱۶) بغير پائلٽ جي هلندڙ فضائي گاڏيون ڳولڻ لاءِ گهري مشيني سکيا(Deep machine learning) جو استعمال۔

(۱۷) بلاڪ چئن جي سهڪار سان ۽ سافٽ ويئر ڊيفائنڊ نيٽ ورڪنگ ۽ ۶ G نيٽ ورڪ ٽيڪنالوجيء جي استعمال سان شين جي انٽرنيٽ (Internet of Things) تي ٿيندڙ سائبر حملن جي مؤثر روڪٿام۔

(۱۸) ڊگهي مدت واري ڪاروڀاري عمل جي مؤثر نموني رابطاڪاريء لاءِ روبوٽڪ عمل جي خودڪار ترقي۔

(۱۹) ڪوانٽم مواصلاتي نيٽ ورڪن جي جوڙجڪ، انهن جو قابل اعتماد هجڻ ۽ سيڪيورٽي۔

(۲۰) ڌڙ جي هيٺين حصي (ڄنگهن) جي پرائمري ويريڪوز رڳن جي علاج لاءِ فليبوگريف (Flabogrif) ذريعي ميڪانيڪي-ڪيميائي اڇل ۽ ريڊيو فريڪئنسي اڇل جي ابتدائي نتيجن جو جائزو۔

(۲۱) جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن ۾ دوا خارج ڪندڙ ذرڙن تي ٻڌل شريان ذريعي ڪيمو ايمبولائيزيشن ۽ روايتي شريان ذريعي ڪيمو ايمبولائيزيشن جي علاج جي ردعمل جو تقابلي اڀياس۔

(۲۲) ليئر تي ٻڌل طريقئڪار موجب شين جي انٽرنيٽ (Internet of Things) جي استعمال سان نقصانڪار گاڏين جي سڃاڻپ۔

(۲۳) گاڏين جي انتظام جي نظام لاءِ مؤثر رستي جي ڳولا ۽ رش کان بچڻ لاءِ متضاد الگورٿم ۽ ٻيا ڪيترائي مقالا شامل آهن۔

مصنوعي ذهانت ذريعي انساني بيمارين خاص طور تي جگر ۽ معدي جي ڪينسر ۽ ڄنگهن جي رڳن جو علاج ڳوليندڙ، ٽرئفڪ نظام کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيندڙ، بلاڪ چئن ٽيڪنالوجي جي مدد سان لاتعداد مسئلن جو حل ڳوليندڙ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، ڪمپيوٽر سائنس، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي هن ماهر کي سندس اونچي معيار واري تحقيقي پورهئي سبب ۽ استاد (پروفيسر) طور بهترين پڙهائيء عيوض اڻ ڳڻيا ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن۔

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا