; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز- ۳

29 December, 2021

شيخ اياز- ۳

شيخ اياز- ۳

هڪ باغي، هڪ انقلابي شاعر

رام اوڏ



سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثر انداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز  گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” ۱۹۶۴ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” ۱۹۶۸ع ۾، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۱۹۸۶ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر ۱۹۶۵ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر ۱۹۶۸ع کان فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي ۱۹۷۱ع کان جنوري ۱۹۷۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.


هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:

“مون ته چيو هو تو کي، بابا!

۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا

اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجهن ٿا!

توکي ديس_ دُروهي ڪوٺي،

ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا

۽ هُو در تي

ٺَڪ ٺَڪ ڪَن ٿا.” ( هي گيت اڃايل مورن جا)

شيخ اياز آرٽ کي اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اُپٽار نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحريڪ برپا ڪري سگهجي ٿي. هو عوام جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پُر اثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:

ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو،

ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن ناهي پاڻ کي. (جهڙ نيڻان نه لهي)

هن هڪ ئي وقت دنيا جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻئي پاسي پنهنجي دڳ ۽ ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن کان به با خبر هو. اياز دنيا جي جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو نقيب ٿي پيو هو؟ عوام کي اُڀارڻ هن جي شاعري جو مينيفيسٽو هو؟

وَڃو، ڪنويليو، وَڃو!

وڃي پرينءَ کي چئو،

اڃا ته جاڳ ٿي جَلي،

اڃا ته ويڙھ ٿِي هَلي... ( رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر آهي ۽ وقت جي ارتقا سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هن ساڻ تصورن ۽ ويچارن جو وهڪرو وقت ۽ حالتن مطابق رهي ٿو. اها ئي منزل جي جستجو آهي، جو هو جامد ٿي نٿو رهي. هن جي آرٽ ۾ شد ڪلا يعني فن براءِ فن جهڙا اصطلاح گهٽ اهميت رکن ٿا، سندس شاعري سماجي ڪارج جي بهترين پروپئگينڊا آهي. هي قومي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ ڪويتا لکي، عوام ۾ اُتساھ پيدا ڪري ٿو. ديش ڀڳتي، انسانيت ۽ محبت جهڙن موضوعن ۾ مڌرتا سان سچائي جي وسعت تخليق ڪري ٿو. شاعرِ محبت شيخ اياز هڪ باغي بڻجي جمودي سماج جو ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو:

روح هڻي تون روڻ، ٻوڙان ٻوڙ ڪري وئينءَ،

ڪيا پيار پروڻ، سارا بند سماج جا. (سورج مُکيءَ سانجھ)

اياز جي احساساتي اُڏار ۾ سنڌ جو عڪس آهي، جيڪو پنن تي پنهنجا پانڌ پکيڙي ذهنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. هو ڪوتا جي ترنم ۾ استحصال پسند طبقي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٿو. هو نه صرف پنهنجي دور جي ادبي لڏي کي متحرڪ ڪري ٿو، پر سياسي تحريڪن ۾ به اُتساھ پيدا ڪندو رهي ٿو. اسيرن جي ذهنن جا بند کولي چوي ٿو:

تون هونءَ به مرندين ڪاڇي ۾،

اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،

تون آءُ پهاڙي پاڇيءَ ۾. ( وِڄُون وَسڻ آئِيُون)

اياز فڪري وسعت کي شعر جي ترنم سان جوڙي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقن جي ڦرلٽ ۽ استحصال پسندي کي وائکو ڪري، سنڌ ۾ مُدي خارج فيوڊل نظام کان بيزاري جا سبب ٻڌائي ٿو. هو جاگيردار جي ظلم تي خاموش نٿو رهي، بلڪه ان جي خلاف هن جا گيت ٽڪر کائي چون ٿا ته:

هوُنئن ته وڏيرو هِل ڙي!

ڏاڍي جو ڏَهڪارُ، ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

بگڙي جو سَرڪار، ته هُن جو ساپي وارو سانگُ ڙي! (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

........

ڏوهي هُوندي ڏور وڏيرو

مُرڪي ويٺو ماڙيءَ تي.....

چَنڊُ گَهٽا ۾ ٻيرو ٻيرو،

ريٽو رَت ڪُهاڙيءَ تي. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز پنهنجي سياسي ۽ سماجي موقف سبب زندگي ۾ ڀوڳيو به گهڻو آهي. اياز سان به اها روش رهي، جيڪا سرمد ۽ دارا سان رکي وئي. اياز تهمتن ۽ الزامن جي عتاب هيٺ رهيو. سبب اهو هو جو اياز جي گيتن جي گَونجار محلن ۽ حويلين ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. نرت، گيت سُر ۽ سنگيت جا ازلي ويري اياز جي فن ۽ فڪر کان خفا ٿي ويا، سندن رجعتي روايتن تي مُترڪا محسوس ٿيڻ لڳا. اياز تعصبي سوچ ۽ سماجي اوچ نيچ جهڙي ذهنيت کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ توهم پرستي ۽ غلامي جا ڪيئي روپ ۽ ٻهروپ هئا. اهڙا فِتنا اياز جي شاعراڻي جوهر کي جَهڪو نه ڪري سگهيا. هو جيلن، شهر نيڪالين ۽ نظربندين جي باوجود پنهنجي اٽلتا تي اڏول رهيو:

پريت ۾ جيترا جيءَ جوکا کَنيا،

اوترو مَڌُ مَتو، راڳ مُنهنجا رتا! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز قومپرست، سوشلسٽ، انسان دوست ۽ سيڪيولر لاڙن ۽ رجحانن کي اُڀاري مضبوط ڪيو، هن جو شعر ڌرتي ۽ مظلوم ماڻهو جي پُڪار جو پڙاڏو ٿي گونجندو رهيو. “ڳڀا ڳڀا روٽلا، کسي ويو ديس جا” جي ردِ عمل ۾ گيت، غزل، وايون ۽ رزميه داستان ضميرن جا زنگ لاهڻ لڳا. هيڻي کي ڏاڍي سان وڙهڻ جي سگھه ۾ اياز جي انوکي ڏات اڏول بيٺي رهي. پنهنجي دور ۾ اياز ذهني سجاڳي جو دليل ٿي پيو هو. جنهن دور جا جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جون هڏيون ماس ڪُرٽي ڇڏين ۽ انهن لاءِ جياپو به جنجال ٿي پوي، ته ان دور جو شاعر سماجوادي نه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿئي؟ جنهن دور جا رجعت پسند ڪٽرپڻو ڦهلائي، انسانيت تي ويساھ وڃائي ڇڏين، ان دور جو شاعر سيڪيولر ۽ انسان دوست نه ٿئي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿئي؟ اياز الزام تراشيون، عقوبتون ۽ سزائون سهي ٿو، ڀوڳي ٿو، پر شاعري ۾ باغي خيال سموئي هن سماج کي بدلائڻ جي بات ڪري ٿو:

تِکا ڪِئن نه ماري ويا، تاڙ ۾!

لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي لاڙ ۾.

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي اياز

بغاوت ڪري گيت جي آڙ ۾! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز جي شاعري جو هڪ نازڪ و نفيس مزاج آهي، جيڪو لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه بلڪه خوبصورت خيالن ۽ سُندر تصورن ۾ آدرشي اظهار آهي. اياز انقلاب ۾ به رومانوي آهي ۽ سندس شعور سياسي آهي ۽ سياست ۾ هو نجات ۽ آجپي جو گس ڳولي ٿو. ٻئي پاسي رِڌم ۽ مڌرتا جي سنسار ۾ فطرت جي سونهن جي حقيقت ايئن ٻڌائي ٿو ته:

مون، سهڻا! تنهنجي ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هنئي،

سي ڪانئر ڪنهن ٻي ڪڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائين ٿا. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز سنڌ کي هر دور ۾ ۽ هر نظريي ۾ ڳائي ٿو، هو جڏهن ولھه ۾ وينا ڇيڙي ٿو، ته شعوري لاٽ جا راڳ ڀنڀٽ بڻجن ٿا:

اننت آ هيءَ روپ مايا، اڃا ته ڪينر ٻه گيت ڳايا،

اُٿي سُتي لوڪ ڳاءِ چارڻ! صدا اڃا تو ڪٿي ڪئي آ! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

دنيا جي شاعرن لاءِ سونهن اُتساھ پئي رهي آهي، اها سونهن جي سُرت ڌرتي لاءِ رهي آهي ته سماج بدلاءُ لاءِ به رهي آهي. محبوبي مُرڪ ۾ محسوس ڪئي وئي آهي ته منزل جهاڳڻ ۾ به رهي آهي. اياز جي شاعري ۾ چنبيليءَ ول جي مهڪ آهي. اها سُندرتا جنهن لاءِ ڪا به حد بندي نه آهي. اها خوبصورتي ڪنهن هارياڻي جي معصوم ٻارڙي جي مُرڪ ۾ به آهي، ته فطرت ۾ به آهي، جيئن:

ڪونجون ڪرڪن روھ تي، ڪٿي آهين تون؟

توکي ڳولي مون، ڪيڏا پنڌ پُڇائيا! (اڀر چنڊ پس پرين)

اياز فن ۽ فڪر جي سطحي حدبندين کي ٽوڙي، مروج شاعري جي روايتن ۾ جدت آڻي نئون اسلوب ۽ نوان موضوع متعارف ڪيا، آرٽ جي تقاضا مطابق موضوع ۽ هيئت ۾ اِها نواڻ  فارسي ۽ اردو جي ڇاپ کي ٽوڙي هڪ نئين خوشبوءَ ارپي وئي. سنڌي ٻولي کي به سگھ ملي. اياز وٽ نه رڳو خيالن جي نواڻ هئي، پر شاعري جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ ۾ به تبديليون آنديون، جيڪي هن جي پنهنجي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرن جي نسل لاءِ موزون ۽ مقبول رهيون آهن. اهو عمل نه صرف لئي، ترنم ۽ خيال ۾ هو، پر اياز رواني سان جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها تشبيھ، تمثيل، استعاري ۽ علامت ۾ ڏاڍي پُر اثر ۽ دلربا آهي:

هَيءِ هَيءِ ڏاڙهون جهڙا ڳل،

هَيءَ هَيءِ جوڀن جاڙ ڪئي!

نچڻي ٻيهر اچڻي ناهي، هيءِ هيءِ پايل جهڙا پل! (وِڄون وَسڻ آئيون)

اياز پنهنجي تصورن ۽ ويچارن جي وسعت ۾ منفرد آهي، ته ڪٿي ڪٿي متضاد، منجهيل ۽ غيرمنطقي به آهي. هو شاعري جي ولهار ۾ نظرياتي موقف تبديل ڪندو رهي ٿو، سياسي نظرين ۽ آدرشن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهي نٿو رهي. هو قومپرستي جي رنگ ۾ رنگيل آهي، ته سوشلزم جي به ڳالھ ڪري ٿو ته ان کان خفا به ٿئي ٿو. هو صوفي ازم جي چادر هيٺ گيڙو رتا گيت لکي ٿو، ته دعا به گھُري ٿو، اياز جي فڪري وشالتا وقت ۽ حالتن مطابق مختلف روپ رکي ٿي. اسي جي ڏهاڪي کانپوءِ اياز جي جذبن جو جوهر جَھڪو ٿيڻ لڳو. ۱۹۷۵ع کانپوءِ واري اياز کي پڙهجي ته سوال اٿن ٿا ته ڇا واقعي اهو ساڳيو شاعر آهي، جنهن بيت ۾ رُڪ ڀرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي:

انڌير-نگر جي بُرجن تي،

مون ان سان ڪيئي وار ڪيا. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

...........

ڪُوڪرا ڪن پيا

سامراجي ڪُتا

شير جمهور جا گرجندا ٿا وڌن. (هي گيت اڃايل مورن جا)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر تي ڇپيل)


شيخ اياز

سندس منظوم ڊرامو ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ انقلابي مزاحمت جي علامت!

راشد شر

شيخ اياز جديد سنڌي ادب جو هڪ اهڙو عظيم نالو آهي جنهن پنهنجي تخليقي سگھه ذريعي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ شاعري ۽ نثر جي بيمثال ۽ با ڪمال لکڻين سان حيرت جوڳا دلچسپ ۽ منفرد ليک لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو، سندس اهڙين با ڪمال لکڻين ۾ اياز جا منطوم ڊراما انڪري به دلچسپ آهن جو اياز منظوم  ڊرامي جي صنف ۾ پنهنجو تخليقي منفرد انداز پڻ سمويو آهي، جنهن سبب اياز جي منظوم ڊرامن کي به سنڌي ادب ۾ منفرد ڊراما نگار واري حيثيت ڏجي ته غلط نه ٿيندو.

بين الا قوامي ادب ۾ لکت جي صورت ۾ منظوم ڊرامن جي با ضابطه ابتدا يورپ ۽ يونان جي سر زمين کان ٿئي ٿي. منظوم ڊرامن کي دنيا جي پهرئين مڃيل يوناني شاعر هومر پنهنجي رزميه نظمن کي ”ايليڊ“ ۽ ”اوڊيسي“ ۾ ڳائي مشهور ڪيو. هومر کان منظوم ناٽڪن جو سلسلو ارتقا ڪندو فارسي شاعريءَ ۾ به اچي پهتو جتي فارسيءَ جي شاعر فردوسيءَ ”شاهنامو“ ۾ هن صنف کي مقبول ڪيو ايئن هي صنف آهستيٰ آهستيٰ انگريزي ادب کان ٿيندي سنڌي ۽ اردو ادب ۾ پنهنجا مظبوط پير ڄمايا.

سنڌي ادب ۾ منظوم ڊرامن جو رواج گھڻو آڳاٽو آھي. اهڙي ڏس ۾ سنڌي ادب جو پهريون منظوم ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو ”ليليٰ مجنون“ نالي سان ملي ٿو جيڪي مرزا قليچ بيگ ۱۸۸۰ع ڌاري لکيو. ان کانسواءِ آغا غلام نبي جو سنگيت ناٽڪ ”دنيا دو رنگي“ به پذيرائي ماڻي چڪو آھي. ان کانسواءِ سنڌي ادب ۾ خانچند درياڻي، احمد ڇاڳلا، عثمان ڏيپلائي، سراج ميمڻ، شيخ اياز، اعجاز منگي سميت نوجوان سنڌي اديبن پڻ ٿوري مقدار  ۾ سنگيت ناٽڪ لکيا آھن. سنڌي ادب ۾ منظوم سنڌي ڊرامن جي توڙي جو تاريخ شيخ اياز کان گهڻو آڳاٽي آھي پر شيخ اياز هن صنف کي جيئن جدت ۾ پيش ڪري ڏيکاريو ان جو ڪو مثال نٿو ملي.

شيخ اياز چار سنگيت ناٽڪ لکيا آهن. جن مان ٻه ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ سندس ٽين شعري مجموعي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليون“ ۾ ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيا، جڏهن ته ٽيون ناٽڪ ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ ڌار ڪتابي صورت ۾ ۱۹۸۶ع ۾ ڇپيو. سندس چوٿون منظوم ڊرامو ”مندن جو منڊل“ آهي جيڪي ڳوٺاڻن ٻارن ۽ ڳوٺ جي فطرتي خوبصورتيءَ تي لکيل آهي. سندس هي ناٽڪ ”مُندن جو منڊل“ ۱۹۴۷ع ۾ شايع ٿيو.

پاڻ هتي مزاحمت ۽ انقلاب جي علامت بڻيل شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ تي پڻ ڳالهائينداسين.

اها هڪ حقيقت آهي ته ادبي تخيل ۾ جتي هڪ پاسي انساني جذبات ۽ روين جو سڌو اظھار ملندو آھي ته وري ٻئي پاسي خاص ڪري شاعريءَ ۾ اهڙا علامتي ڪردار ڪم آيل هوندا آھن جيڪي اجتماعي هاڪاري سوچ جا ضامن هوندا آھن. اهڙن علامتي ڪردارن جو زنده مثال شاه لطيف جي شاعريءَ جا کاھوڙي، جوڳي، رامڪلي، جا ڪردار علامتي ڪردارن جي شاهدي ڏين ٿا جن ۾ اجتماعيت واري سوچ جي گروهن جا اهڃاڻ ملن ٿا. شيخ ايا جي منظوم ڊرامن ۾ به اسان کي اهڙا ڪردار ملن ٿا جن جا نالا ته فرضي آھن پر انهن جو ڪردار بيان عمل ڄڻ ته هن پوري سماج جو حصو آھي. ان ڏس ۾ شيخ اياز جو ناٽڪ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ هڪ اهم مثال آھي. هن ناٽڪ ۾ اجتماعي طور سماج جي اهڙن ٻن قسمن جي هاڪاري ۽ ناڪاري ڪردارن جو بيان ٿيل آھي جن ۾ هڪڙا ڦورو ظالم غريبن پورهيتن سان ظلم ڪندڙ آھن ته وري ٻي پاسي امن آجپي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ مزاحمتي انقلابي ڪردار به آھن جيڪي حق سچ آزادي ۽ انقلاب لاءِ وڙهن ٿا. شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ جي اهڙن علامتي ڪردارن بابت ابراهيم جويو لکي ٿو ته:

”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن ۾ پڻ طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي. اُن جا ڪردار ولهار ۽ وينگس، ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو به ڪي رڳو پُراڻي جڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري هرڪو انهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو.“

شيخ اياز جي منظوم ناٽڪ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“  جي ڪردارن ۾ ولهار ۽ وينگس کي سنڌي سماج جا اهي انقلابي علامتي ڪردار سمجهڻ گهرجن جن سان مسلسل نا انصافي ڏاڍ ظلم ۽ سندن حقن تي راتاها هڻي کين سرمائيدار ڦورو طبقن هٿان ڦريو لٽيو وڃي ٿو. ٻي پاسي هن ناٽڪ جا ڪردار آڍو ڏاڍو ۽ ڪاڍو اهڙن علامتي ڪردارن جي سڃاڻپ ڪرائن ٿا جن جو ڪم هن سماج جي پورهيتن هارين نارين کي ڦري لٽي سندن حقن جو استحصال ڪرڻ هوندو آهي. شيخ اياز پنهنجي هن منظوم ڊرامي ۾ ان علامتي ڪردارن ذريعي اهو پيغام ڏنو آھي ته جڏھن توهان مظلومن محقومن تي ظلم جو انت ٿي وڃي ته ان وقت سموري سماج کي پنهنجي وجود ۽ عزت ننگن دنگن جي حفاظت لاءِ انقلابي جدوجهد ڪري ظلم خلاف مزاحمت ڪرڻ اشھد ضرورت ۽ توهان تي فرض ٿئي ٿي. اهڙي ئي انقلابي جدوجهد ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو اظهار ڪندي اياز چوي ٿو ته:

ڪو سورج ٻاري اينداسين،

۽ ڏينهن اڀاري اينداسين!

ھي جهنڊو ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾،

ڀل جهولي پنهنجي وستيءَ ۾!

ھو ماري ماري اينداسين،

ھو ڏونگر ڏاري اينداسين!. (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۹۴)

شيخ اياز جو هي منظوم ناٽڪ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ هڪ اهڙو سماجي انقلابي ناٽڪ آھي جنهن جو مفهوم نج انقلابي ۽ ترقي پسنداڻي سوچ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اياز جي هن منظوم ڊرامي ۾ ڪم آيل پنج ئي ڪردار علامتي آھن. هن ڊرامي جا هي پنج ڪردار آھن ولهار، وينگس، آڍو، ڏاڍو ۽ ڪاڍو. ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ناٽڪ ان ڳالھه جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسان جي سکئي ستابي امن آجپي واري سماج ۾ ولهار ۽ وينگس جهڙا ڀاڳيا وسيلن سان مالا مال مالوند ۽ پورهيت ماڻھو رهن ٿا جيڪي پنهنجي سرسبز ٻني کيڙي حلال جي ڪمائي مان پيٽ گذر ڪن ٿا. هن ناٽڪ جي شروعات ۾ ولهار ۽ وينگس کي هڪٻئي ۽ فطرت سان آزاد فضائن ۾ پيار ڪندي ڏيکارڻ مان اها ڳالھ ثابت ڪئي وئي آھي ته هي فطرت ڪائنات ڏاڍي حسين آھي، ۽ هن حسين ڪائنات تي ظالم ماڻھن جو هٿرادو جبر ڏاڍ ڪڏهن به نٿو سيبائي. منظوم ناٽڪ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۾ ولهار ۽ وينگس هڪٻئي سان پيار ڪندي چون ٿا ته:

ھي جيڪو بي انت لڳي ٿو،

ڪيڏو جوڀن ونت لڳي ٿو!

ھي ماڻهوءَ جيئن جهرڻو ناھي،

کڻ ڀونگر جيئن ڀرڻو ناھي.

تارا پيڇي، تارا آڳي،

جيءُ سمهي، جڳ سارو جاڳي،

ڪنهن هي منڊ بڻايو آھي،

سارو سانگ رچايو آي؟

ھيءَ مٽي جا پير پڻي آ،

نانهن منجهان ڪئن آنهن بڻي آ،

ڀوري آهي، ناسي آهي،

آدي آ، ابناسھي آھي،

ڳاڙهي آهي، پيلي آھي،

ڪيڏي رنگ رنگيلي آھي.! (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۷۷،۷۸)

شيخ اياز جي هن منظوم ڊرامي ۾ جڏهن ڊرامي جا مرڪزي ڪردار وينگس ۽ ولهار حسن ڪائنات فطرت جي آزاد فضائن ۾ جهومي رهيا آھن ته ايتري ۾ مٿان ڌاڙيلن جي گولين جو آواز ٿئي ٿو ۽ سندن ٽهڪ ڏک جذبات ۽ ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. هنن جي مال تي آڍي ڏاڍي ۽ ڪاڍي جهڙا ڦورو پهچي وڃن ٿا. ان چورن جو تعارف هن منظوم ناٽڪ ۾ اياز هن ريت ڪرائي ٿو.

مان آڍو هان، مھان آڍو،

پر مان ڏاڍي کان ڏاڍو ان،

ڀيڄ ڀنيءَ جو نور لٽيو مون،

سانجهيءَ جو سندور لٽيو مون،

ھڻندو هئس اڪيلا ڌاڙا،

رنگ محل ها يا رڄواڙا،

سڀئي منهنجو ڏن ڏيندا ھا،

ڌرتي جاڙي ڌن ڏيندا ها. (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۸۳)

جڏهن ڏاڍي جا سمورا ساٿي سمورو مال ڦري جڏھن روانا ٿين ٿا ته پاڻ ڏاڍو روانو ٿيڻ کان اڳ پوئتي وينگس ۽ ولهار کي حراسان ڪري ٿو جيئن هو مال ڦري ويندڙ ڏاڍي جي ٻين ٻن ساٿين جو پيڇو نه ڪري سگهن. ايتري ۾ ولهار ڏاڍي ڌاڙيل سان مزاحمت ڪري للڪار ڪندي ڳوٺاڻن کي سڏيندي چوي ٿو ته:

اي  پاهڻ جهڙا  واهڻيو!

ڇا لاءِ ايئن لاچار رو!

ڇا لاءِ ڊڄو، ڇا لاءِ لڪو!

آ ڪڙم مٿان ڪيڏو نه ٽڪو!

ٿا ڪانئر راتو رات اچن،

۽ گهاتڪ سوچي گهات اچن،

۽ گهر گهر ڦرلٽ لائن ٿا،

ھر گهر واري کي گهائن ٿا،

ھر گهر واريءَ کي لوئن ٿا،

۽ مهيڙي چونڊي ڍوئن ٿھا. (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۸۶، ۸۷)

ولهار پنهنجي محبوبا سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو اي محبوبا هاڻ مان ايستائين سک جو ساھ نه کڻندس جيستائين هن ويرين جو پيڇو ڪري کانئن پلاند نه ڪنداسين ايستائين تنهنجو پيار به مون تي حرام آهي.

اي وينگس! تنهنجا وار چڱا،

۽ تھن تي آر چهڱا،

مون تن جي ڇانو به ماڻي آ،

۽ ساري ڌرتي واڻي آ،

ڪنهن سپني سان..

پر ڪيئن ڪيان!

ٿو توکان مان اڄ دور وڃان،

جن ڦورن توکي گهايو آ،

۽ آڌيءَ رات لڇايو آ،

مان جيسين تن کي ناس ڪيان،

ٿو تيسين ڪو بنواس وٺان. (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۸۸، ۸۹)

هن ناٽڪ جي دلچسپيءَ کي تڏھن چار چنڊ لڳي وڃن ٿا جڏھن هن ناٽڪ جو ڪردار ولهار سماج جي اجتماعي مظلوم محڪوم عوام سان مخاطب ٿي کين ڏاڍن، چورن ڦورن ۽ ويرين سان مزاحمت ڪرڻ لاءِ کين همٿائي ٿو.

اي معصومو اي مظلومو!

گنگهور گهٽا ٿي جهومو!

هر ڏونگر تي للڪار ڪيو،

۽ اڀري ان تي وار ڪيو!

انڌير نه ڪو ئي رڻو آ،

۽ پير نه ڪو ئي رهڻو آ، (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص: ۹۰، ۹۱)

هن ناٽڪ جي آخر ۾ سمورا ساٿي گڏجي انقلاب آزادي ۽ آجپي جي علامت بڻجندي انقلاب لاءِ پرعزم نظر اچن ٿا.

ڪھو سورج ٻاري اينداسين،

۽ ڏينهن اڀاري اينداسين!

ي جهنڊو ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾،

ڀل جهولي پنهنجيءَ وستيءَ ۾!

و ماري ماري اينداسين،

و ڏونگر ڏاري اينداسين.” (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ص:۹۴ )

مجموعي طور تي شيخ اياز جو هي منظوم ڊرامو ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ پڙهڻ کانپوءِ هن ناٽڪ جي ڪردارن آڍو، ڏاڍو ۽ ڪاڍو بابت اها راءِ جُڙي ٿي ته هي ڪردار سنڌي سماج ۾ ڏاڍ جبر ۽ پورهيتن تي راتاها ڌاڙا هڻي هنن جي حقن روزي رزق کي ڦريندڙ آهن. اتي شيخ اياز جا چونڊ ڪيل وينگس ۽ ولهار جهڙا علامتي ڪردار هن غلام سماج جا اهي مزاحمتي ۽ انقلابي ڪردار آهن جيڪي ظلم، ڏاڍ ۽ نا انصافي جي اکين ۾ اکيون ملائي مسلسل امن آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ مزاحمت ڪندا رهن ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

شاعريءَ جو اڪبرِ اعظم

استاد لغاري

آئون ڪافي جاين تي لکي آيو آهيان، ته شاھ کان پوءِ شيخ اياز منهنجو پسنديده ۽ آئيڊيل شاعر رهيو آهي. ڪڏهن اسان جي جوشِ جنون جو زمانو اهڙو به هيو، جو جڏهن به اسٽيج تي ايندا هئاسين، ته شيخ اياز جو شعر، تقرير جي اول ۽ آخر ۾ ضرور پڙهندا هئاسين. پنهنجي مضمونن ۽ مقالن ۾، شيخ اياز جا حوالا شامل ڪري، پاڻ کي گھڻ پڙهيو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. اڳتي هلي جڏهن مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ کي لطيفي لنوَ لڳي، ته شيخ اياز هيڪر پس منظر ۾ هليو ويو. مون سنڌ جي تاريخ کي ڏھ عدد شاھ جا رسالا ڏيئي، وري جو واپس وراڻ ڪئي، ته هڪ عدد پورو ڪتاب شيخ اياز تي لکي ورتو. شيخ اياز جي شاعريءَ تي نظر ڊوڙائيندي، مون محسوس ڪيو آهي، ته شيخ اياز چشمِ فطرت جو شاعر آهي. توڙي جو هن انتهائي جاندار ۽ شاندار نثر به لکيو آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي، ڪنهن رازِ ازل سان جيئن مخاطب ٿيو آهي، تيئن دنيا جو ٻيو ڪو به شاعر مخاطب ناهي ٿيو. پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو: “ٿِي ٻَري باھ بُک جي اُن ۾، ڌنڌ ۾ دور جھُوپڙو آهي. نه ڏياٽيءَ ۾ تيل آ اُن جي، نه ٻاٽِيءَ ۾ ٻوڙ ڪو آهي. نه سُڀاڻي جو ساٿ آ اُن سان، نه اڄ ۾ آسرو آهي. تنهنجي تخليق ۾ اڙي خالق! ايترو فرق نيٺ ڇو آهي؟” مان سمجھان ٿو، ته دنيا جو ڪو ئي به شاعر، خالقِ ڪائنات سان ايتري حجت ۽ وسعت سان مخاطب ناهي ٿيو، جيترو شيخ اياز ٿي سگھيو آهي. پنهنجي ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: “اڄ تنهنجي ڪُڙتي ۾، ڪيئي ڪتيون جڙيل آهن ۽ تنهنجي ڪُلهي تي هي ڪينرو چنڊ جيئن چمڪي رهيو آهي. ڪٿي ڌوئي آئين ڌرتيءَ جي ڌُوڙ او چارڻ!؟ هو ماڻهو ماڻهو جو ميرو من، هو ديس ديس جي نيتيءَ جو ڪارو ڄارو. جنهن ۾ ڪُوڙ جا ڪوريئڙا، پنهنجو ڄار وڇائي ويٺا آهن.” ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ته شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي، ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ڌوتي آهي. جتي ماڻهو ماڻهو جو من ميرو آهي، اُتي انهن سان اٽڪيو آهي. ڌرتيءَ جي حقيقي وارث کي وصيعت ڪندي چوي ٿو: “منهنجا مٺڙا پُٽ! جُهوني ڪُوڙ سان منهنجو جھيڙو هلندو آخر تائين. نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين! ممڪن آهي ته ڌرتيءَ جو دک پورو ڪو نه ٿئي، ممڪن آهي ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي. ممڪن آهي ته مون کان پوءِ ڀي ڏکيو بُکيو انسان، ڳڀي ڳڀي لئي ڳاٽ جھڪائي، هجي اڃان حيران. ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين، تون به اُئين ئي وڙهندو رهجان، پنهنجي آخر تائين. نيٺ ته ڊهندو ڪُوڙ، سدائين جنهن کي ناھِ ثبات، نيٺ ته ڦُٽندو سچ جو سُورج، نيٺ ته کٽندي رات.” مان سمجھان ٿو، ته ڪو به شاعر ۽ اديب، توڙي جو ڪيترو به عوامي ۽ انسان دوست ڇو نه هجي، پر اهو اڄ ڪلھ ايتري مقبوليت نٿو ماڻي سگھي، جيتري هڪ سرڪاري اديب کي حاصل هوندي آهي. پنهنجي ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: “ادب اهو پينو جو ڪشڪول آهي، جيڪو سياست جي سخا کان سواءِ خالي رهجي ٿو وڃي.” ان ڪري اڄ ڪلھ جو شاعر ۽ اديب، عوامي ۽ انسان دوست گھٽ، درٻاري، ونگاري ۽ موقعي پرست گھڻو ٿي ويو آهي. جيڪو اديب ۽ شاعر ادارن کان آزاد ۽ ٻاهر ويٺو آهي، اهو ويچارو ٽڪو لهي هڪ. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: “هاءِ ڙي سياست! ڇا ڪيان؟ گرونانڪ کان گڏھ تائين، هر هڪ سان نڀائڻو ٿو پوي.”

۽ ايئن ئي سمورو سچ لکندي لکندي، عمر جي آخري حصي ۾ هليو ٿو وڃي. مون کي خبر آهي، ته انسان ڪيترو ڪمزور ٿيندو آهي. شيخ اياز کي سدائين ڌڪاريو ۽ للڪاريو ويو. سندس ڪتابن تي پابنديون لڳايون ويون. ماڻهن هن جي خلاف فتوائون جاري ڪيون. سندس خلاف ڪتاب لکيا. هن جو نالو وٺڻ، وڏي ۾ وڏو گناھ سمجھيو ويندو هو. البت اڳتي هلي، جڏهن کيس سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي، تڏهن وڃي اياز اياز ٿيو ۽ اياز عظيم ٿيو. “اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن اياز نڀايو آ، تو ڳاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگ ضميرن جا.” اهو ٻٽي معيار وارو ساڳيو سلسلو، اڄ به الاهي سارن عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان لاڳو ٿيل آهي. رسالن، ڪتابن، ادبي ماخذن ۽ انسائيڪلو پيڊيائن ۾، انهن جا نالا لکڻ جرم سمجھيو وڃي ٿو. اهو بُغض، ساڙ ۽ حسد وارو سلسلو، ازل کان هلندو اچي ٿو ۽ اڃان الاءِ ڪيسين هلندو رهندو؟ “خبر ناھِ اي دورِ تاريڪ! ڪيسين؟ اڃان خونِ انسان جو رهندين اُڃايل! ڪٿي آنھِ اي اَبرِ ڪرم! تون ڪٿي آن؟ اڙي ڏس ته چهرا سِڪايل سِڪايل. ڪڏهن منهنجي خامين بنا ڏِس ته دنيا! سَوين تو ۾ خوبيون، هزارين خصايل.”

حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه شاعريءَ جو شاندار رسالو ڏيئي، دنيا جو شهنشاھ ۽ سرتاج شاعر بنجي ويو. هيڏانهن شيخ اياز به شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکي، پاڻ کي شاعريءَ جو اڪبرِ اعظم ثابت ڪري ڏيکاريو. “ڪُجھ شاھ ڏني، ڪُجھ شيخ ڏني، هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!” شيخ اياز جي شاعريءَ بابت لکيل ڪتابن جو وچور ۽ خلاصو ڪجھ هن ريت آهي: اُڀر چنڊ پس پرين، اُٿي اور الله سان، اڪ جون ڦُلڙيون ڀيڄ ڀني، اڪن نيرا ڦُليا، الوداعي گيت، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي، بُوءِ گل ناله دل، ڀڳت سنگھ کي ڦاهي، ڀونر ڀري آڪاس، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، پتڻ ٿو پور ڪري، پن ڇڻ پڄاڻان، جر ڏيئا جھمڪن، جُهڙ نيڻان نه لهي، چنڊ چنبيلي ول، چنڊ ڳليون، ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، حلقه ميري زنجير ڪا، راج گھاٽ تي چنڊ، رڻ تي رم جھم، سانجھي سمونڊر سپنو، سَر لوهيڙا ڳڀيا، سُورج مُکي سانجھ، شاعريءَ جو سجدو، ڪاريءَ رات ڪُهنگ، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن۱، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن۲، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن۳، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ڪُلهي پاتم ڪينرو، ڪُونجون ڪُڻڪن روھ تي، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، گيڙو ويس غزل، گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾، لڙيو سج لڪن ۾، مِينهن ڪڻيون، ننڊ وليون، واٽون ڦُلن ڇانئيون، وڄون وسڻ آئيون، هرڻ اکي ڪيڏانهن، هي روح جزيرو حيرت جو ۽ هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن.

مان پنهنجي مضمون کي، طول ڏيڻ جي فضول ڪوشش ڪرڻ جو قائل ناهيان. شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ نثري تحريرن وسيلي، جيڪا ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ڌوتي آهي، اُن لاءِ سندس ئي لکيل لفظن ۾، هيٺيون فقرو شامل ڪري، مان پنهنجي قلم ۽ ڪاغذ کي  ٺپيان ٿو: “مان شاعريءَ جو اڪبرِ اعظم آهيان. منهنجي شاعريءَ ۾ ديوانِ عام به آهي، ته ديوانِ خاص به آهي. منهنجو هر نظم تختِ طائوس آهي. ۽ منهنجو هر قافيو ڪوھ نُور وانگر درخشان آهي. ۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ فيض به آهي ته ابوالفضل به آهي. ۽ منهنجي پهلوءَ ۾ ڪائي جوڌ ٻائي به رهي آهي. فرق فقط اهو آهي، ته منهنجي شاعري نه ڪنهن پرتاب کي جلاوطن ڪيو آهي ۽ نه ڪنهن چتور جي قلعي کي مسمار ڪيو آهي.”

 

(روزاني ھلال پاڪستان ۽ گراف ۾ منگل ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

ميان! تنهنجي شاعري اجرڪ تي ڇاپو...

حسيب ناياب منگي

شيخ اياز جي اڄ ۲۸هين ڊسمبر تي چووهين ورسي آهي. هُو ۱۹۹۷ع جي پڇاڙيءَ ۾ اسان کان ظاهري طور تي وڇڙي ويو هو. شيخ اياز، سنڌي زبان جو اهو عظيم ڪوي هو، جنهن قوم لاءِ سجاڳي ۽ شعور جو رستو، شاعريءَ ذريعي ڏيکارڻ ٿي چاهيو. چيو ويندو آهي ته؛ توهان جيڪو ڪجھ ڄاڻو ٿا، ان ذريعي ئي قوم جي لاءِ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪريو ته توهان ڪامياب آهيو. ڇا ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪامياب ٿيو آهي؟ ان جو جواب اهو آهي ته؛ شيخ اياز، سنڌي ادب ۾ تڏهن کان ئي اُڀري چڪو هو، جڏهن سندس شعر ان دور جي مشهور رسالي ”سنڌو“ ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اهڙين ڳالهين جا ڪيترا ئي اشارا ڪيا آهن. پروفيسر کيئلداس "فاني" بيگواڻي، جيڪو سندس ادبي رهبر هو، سو سندس ڪوتائن کي ڏسي ڪهڙا رايا ڏيندو هو يا سنڌو رسالي جي ايڊيٽر بولچند وسومل راجپال جو سندس دروازي تي سنڌو رسالي جي ڪاپي کڻي اچڻ ۽ اياز کي ڏسي حيران ٿيڻ وغيره جهڙا واقعا ثابت ٿا ڪن ته سندس ادبي اڏام، ان دور ۾ ئي تيز هئي ۽ شيخ اياز به پنهنجي جوانيءَ وارن ڏهاڙن کان آخري وقت تائين مسلسل لکندو رهيو. ان وچ ۾ سندس ترجما ۽ نثري تحريرون توڙي تصنيفون الڳ آهن، اياز مسلسل شاعري ڪئي ۽ شاعري جي هر صنف سان نڀايو. شيخ اياز جي سوچ سان لفظن جڏهن شاعري جو روپ ورتو ۽ قلم جڏهن ڊائريءَ جي پنن تي هلي نظم جي صورت ۾ اُڀرڻ لڳو ته ان ۾ قدامت جي طرز ٽُٽندي نظر آئي ۽ نواڻ جو رستو ٺهندو ويو.

منهنجي لاءِ نجات، تون ئي آهين شاعري،

ساري ساري رات، جيڪا مون جاڳي لکي.

اياز پنهنجي ڏات جا جوهر شاعري وسيلي هر هنڌ اهڙي ريت پيش ڪيا، جيئن ڪو مصور پنهنجي ڏات سان اڇاڻ تي رنگيني آڻيندو آهي يا جيئن ڪو مالهي باغ کي بهتر بڻائيندو آهي. هن شاعريءَ کي اهم ڄاتو ۽ شاعري کي ئي پنهنجي ويجهو پاتو. ڏات ۽ ڏاتار لئه ڪجھ هن ريت لکي ويو آهي ته:

پاڻ ويهڻي ڪا نه آ، هي جا منهنجي ڏات،

مون کي آڌي رات، لکائين ٿو تون ميان!

شاعري جا جهڙي طرح موضوع لاتعداد آهن، تهڙي طرح شاعري به اياز تي پنهنجا مختلف رنگ ڇڏيندي نظر اچي ٿي. شيخ اياز شاعريءَ ۾ شاعري کي ئي ڪيتري ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ڪٿي شاعري کي پرين جهڙو ٿو تسليم ڪري ته ڪٿي شاعري کي ڇهڻ جو يقين ٿو ڏياري.

شاعر لاءِ چيو ويندو آهي ته؛ هو حُسن جو متلاشي هوندو آهي، اها خوبصورتي ڪنهن نظاري جي هجي يا پرينءَ جي! شاعر جي اک ۾ اچي وڃي ته پوءِ شعر جي سٽ سٽ خوشبو سان معطر پئي محسوس ٿيندي آهي. اهڙي طرح سڀني کي پرين جو ساٿ به خوشيءَ جا گهرا احساس ڏياريندو آهي. محبت جي ڳالھ هجي ۽ پرين اکين جي آڏو هجي ته وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪو نه ٿيندو آهي. شيخ اياز شاعريءَ جي ساٿ کي هن طرح ٿو ٻڌائي:

مون سان منهنجي شاعري، رهي ساري رات،

جيسين ٿي پرڀات، سج اڀاري سونَ جان.

شاعري سڀني مٿان لفظن جي صورت ۾ نازل ٿئي ته ان ۾ شاعر جو ڪوبه ڪمال ڪونهي ۽ هر هڪ شاعر جي سخن طرازي به پوءِ هڪجهڙي مطلب ته وڻندڙ ۽ اثر ڇڏيندڙ هجي پر ائين نه آهي، جيڪو شاعر شعور کان ڪم وٺي ٿو ۽گهڻو اڀياس ڪري ٿو، محنت ڪري پنهنجي شعبي ۾ منزل ماڻي ٿو، مطلب ته سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي قوت چڱي آهي، تڏهن ئي شاعر جي ذهانت ۽ ڏاهپ اهڙي وڻندڙ سٽ کي جنم وٺرائي ٿي جيڪا پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي ڪيفيت ئي تبديل ڪري ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو متاثر ٿي وڃي ٿو. شاعر تڏهن ئي احساسن ۽ جذبن جو ترجمان بڻيو وڃي ٿو. شيخ اياز جي ڏات سنڌي ادب ۾ اهڙي ريت نروار ٿي جهڙيءَ طرح اونداهيءَ ۾ لاٽ! تڏهن ئي شيخ اياز به لکي ويٺو ته:

اڄ تائين الهام، جئن پيو شعر اچي،

جيئين مورُ نچي، ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

جهڙيءَ طرح فن لطيف ۾ شاعري کي ئي سڀني کان مٿانهون تسليم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت سندس تخليقڪار کي به سگهارو ۽ فڪري رهبر مڃيو ويو آهي. جيڪو ٻولي جي حسناڪيءَ جي جهلڪ پنهنجي تخيل ۾ پيش ڪندو آهي. هن لاءِ جيڪڏهن بهار جي موسم ۾ باغ اندر وڻن تي نظر ايندڙ پن سٺي تخليق جو سبب بڻجندا آهن ته خزان ۾ زمين تي ساوڪ ڇڏي ويندڙ ڪِري پيل پن به اهميت رکندا آهن. شاعري ۽ شاعر ٻئي عظيم آهن.

ميان! تنهنجي شاعري اجرڪ تي ڇاپو،

تون منهنجو آپو، سمجهي سگهندين ڪينڪي.

شيخ اياز سنڌي ٻولي جو اهو بهترين شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ نه صرف ڏک ۽ سک بيان ٿيل آهي پر هو پنهنجي دور جي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي حالتن جا نشان به پنهنجي شعرن ۾ ڏيکاري ويو آهي. هن جي شعرن ۾ شاعري به مٿانهين آهي. بيشڪ دلين کي ڇهندڙ لفظن جي مٽ ڪوبه ڪوبه ٿيڻو نه آهي.

ڀٽائيءَ جو بيت جئن، ڪالھ هيو آيت،

ڪا به ولايت، مٽ نه تنهنجي شاعري.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

آتڻ ڪالھ اداس هو!

ڊاڪٽر غلام زينب ابڙو

غور ۽ فڪر ڪرڻ انسان جي جبلت ۾ شامل آهي. اها ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان کي اشرف المخلوقات بنائي ٿي. ڇو ته غور ۽ فڪر کان سواءِ انسان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري ترقي ڪري نه ٿو سگهي. غور و فڪر ڪرڻ مفيد به آهي ته بي نتيجه به. ڪيترن ماڻهن کي صحيح بنيادن تي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جو طريقو نه ٿو اچي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي ذهنن ۾ هميشه ڪا نه ڪا الجهن رهي ٿي. خاص طرح علم ۽ ادب ۾ غور و فڪر کي وڏي اهميت حاصل آهي ته جيئن سٺي ۽ خراب ڳالھ کي مدِنظر رکي امتياز قائم ڪيو وڃي.

اهو غور ۽ فڪر ليکڪ جي سڀني محرڪات کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي سندس تخليق جو جُز هوندا آهن. غور و فڪر کي ادبي زبان ۾ تنقيد به چيو وڃي ٿو. تنقيد صرف براين يا خامين چونڊڻ جو نالو نه آهي پر انسان جيڪي ڪجھ سوچي يا تخليق ڪري ٿو يا ڪنهن تخليق کي پڙهي ٿو ته ان جي سٺاين مان به واقف ٿئي ۽ سٺو سوچڻ تي مجبور ٿئي. برايون ۽ خاميون ڪڍڻ هر انسان لاءِ آسان آهن پر انهن خامين ۽ براين کي اصلاحي نموني پيش ڪرڻ ڏکيو آهي.

اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا نقاد گهٽ هوندا، جن پنهنجو تجزيو پهرين ۽ بعد ۾ ٻين جو تجزيو ڪيو هوندو. شيخ اياز هڪ شاعر جي حيثيت ۾ مشهور آهي پر سچائيءَ ۽ سجاڳيءَ سان جن هن کي پڙهيو آهي ته اُهي ان ڳالھ کي ضرور مڃيندا ته هو بهترين نقاد پڻ آهي، جنهن پهرين پاڻ غور ۽ فڪر ڪيو ۽ پوءِ ٻين تي. شيخ اياز خالق جي ڪاريگريءَ تي لکندي چوي ٿو ته،

”هيءَ دنيا خدا جي مصوري آهي، خدا، جو عظيم مصور آهي ۽ پوري ڪائنات هن جو ڪئنواس آهي. مون کي سارو ٿر تصوير وانگر نظر آيو، جنهن مون تي ۽ منهنجي شاعريءَ تي اڻمٽ ڇاپ ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن مان تصور ٿو ڪريان تڏهن مون کي مٽيءَ جا گهر پڪاسو جي ڪيوبسٽ تصويرن وانگر ٿي لڳا، اتي غربت هئي، ڪٿي رٻ ٿي رڌي وئي، ڪٿي ڪرنگھ تي قناعت ڪئي وئي. ڏوٿي ڏوڪڙ ڪلچر جو حصو نه ٿيا هئا پر انهن جو اندر آڪاش جيترو وشال هو. جنهن کي نَوَ لک نيڻ آهن، اڃان تائين هن پيجارو ۽ لينڊ ڪروزر جي دور ۾ مون کي سانگيئڙا نانگ، بلا جي پرواھ نه ڪندي، اُگهاڙي پيرين پنڌ ڪندا ٿا نظر اچن، يا ڪنهن کيکڙي ۾ واڙيل ٿا نظر اچن ۽ جي وائکا ويهڻ چاهن ٿا ته ان جي جوکائتي ڇت تي جڪڙجي ويهن ٿا. جنهن ٿر جي بس تي کيکڙو نالو رکيو هو. اهو ڪنهن جاپاني هائڪو نويس کان به وڏو مصور شاعر هو.

ڪيڏي ونِگي ٽِڪُ آ، ڀاءُ اسان جي ڀون!

ڪتيم وچ ڪاتارئين.

ڳالھ کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائڻ، قدرت جي ڪاريگريءَ کي موزون لفظ ڏئي ڏتڙيل ٿر کي خوبصورت جملن ۽ بهترين تشبيهون ڏيئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ ته ڪو اياز کان سکي. هن کي اُها ڏات هئي جيڪا صدين ۾ ئي ڪنهن هڪ وٽ نظر ايندي آهي.

تاڃي پيٽو پيار جو، مون جو پورئون پور،

آءُ ڪتڻ لاءِ ڪتيو. (شيخ اياز)

اياز هر شيءِ جي هر هڪ پاسي کي سهڻي نموني تڪي ۽ توري ٿو، ان جو مڪمل جائزو وٺي بيان ڪري ٿو. سٺايون هجن يا بُرايون، سهڻي نموني تشبيهن سان پيش ڪري ٿو. مستقبل جو تعين ۽ ماضيءَ جي پچار تمام سهڻي انداز ۾ ڪري ٿو. اياز جي ان ڳالھ جو اظهار هن ڳالھ مان به لڳائي سگهجي ٿو. اياز لکي ٿو ته دنيا ۾ جبر کي پابندي نه آهي، دنيا ڦري رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ گهڻو ڦري ويندي ۽ اسان به ان اثر کان پري رهي نٿا سگهون. ڀٽائيءَ جي سٽ منهنجي (اياز) جي ڪنن ۾ گونجي رهي آهي ته:

تو جا ڀائين اَڇ، تنهن پاڻيءَ پنان ڏينهڙا.

ان سِٽ کي صديون ٿي ويون پر اِها اڃا تائين ائين اڇي اُجري آهي، جيئن پنهنجي تخليق وقت هئي. سچي شاعريءَ کي جهريون نه پونديون آهن ۽ صديون ان جي معصوميت کي برقرار رکنديون آهن پر اهڙي شاعريءَ لاءِ laser beam جهڙيون نظرون گهرجن، جيڪي مستقبل ۾ پيهجي وڃن، جا هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي.

هاڻي ويٺو ڦولھ تون، منهنجي سپني ڏور!

آءُ ڪتڻ لاءِ ڪتيو.

تاريخ شخصيتون اڀاريندي آهي ۽ شخصيتون تاريخ کي اڳتي وٺي وينديون آهن. شخصيتون تاريخ جا پير آهن. تاريخ انهن کانسواءِ جڏي هوندي آهي. لينن کانسواءِ روس ۾ انقلاب ايترو جلد نه اچي ها. ڪاسترو ۽ هوچي منھ کانسواءِ ڪيوبا ۽ ويٽنام ۽ جي ايم سيد کانسواءِ دودي دولھ دريا خان جي سڌ هميشه لاءِ دفنائجي وڃي ها. سنڌ، جا ڀٽائي پيدا ڪري سگهندي آهي، ان جي مٽيءَ کي سلام ڪيو!

اياز، شاھ سائينءَ کي هميشه پنهنجو مرشد ڪوٺيو آهي. شاھ سائينءَ ۽ ان جي شاعريءَ کي، گهڻو زيرِ بحث پڻ آندو اٿائين.

ڪتي ڪتيان ڪيترو، ڏينهن مڙيو ئي ڏون.

انسان جڏهن خاموش ۽ تنها آهي تڏهن نه خاموشي آهي ۽ نه تنها، هن جي ذهن ۾ ڪئي ڳالهيون هلن ٿيون، ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسان اوچتو اُس وانگر ظاهر ٿين ٿا. چنڊ ۽ ننڊ، اصل جا ويري آهن. چانڊوڪي، اکڙين کي اوجاڳا ڏيندي آهي، دلين جا دکڙا دکائيندي آهي. مان ڪيئي راتيون نور ڀريءَ نيراڻ ۾ نهاريندو رهيو آهيان، مان ڪيئي ڀيرا سنسار جي سيني ۾ گهوري ڏٺو آ، چانڊوڪيءَ ۾ مون کي هيءَ ڪائنات ڪنهن ڪوريئڙي جو مها ڄار لڳندي آهي، جنهن ۾ انسان ڪنهن جيتڙي وانگر ڦاسندو، ڦٿڪندو نظر ايندو آهي، چنڊ آسمان ۾ ائين هلندو نظر ايندو آهي، گويا کيس ڪو ئي ڪنڍي وجهي، ڪنهن ازلي منزل ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. مان به پنهنجيءَ منزل جي تلاش ۾ هن جي پٺيان ڪيئي منزلون طئي ڪري ويندو آهيان. ساري رات انهيءَ سفر ۾ طئي ٿي ويندي آهي.

اوريندي ارٽ سان، اڄ رات گذاريسون. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


منھنجو اياز

منوج ڪمار

مون اياز کي ڪڏھن به شخصي حوالي سان ناھي ڏٺو. آئون پنھنجي دور جي انھن ھزارين ماڻھن مان ھڪ آھيان جن جو اياز سان تعلق فقط ۽ فقط سندس شاعري جي ڪري آھي. ائون انھن اڻڳڻين ماڻھن مان ھڪ آھيان جيڪي اياز کي پنھنجي ادبي ۽ شعوري سفر جو سونھو سمجھن ٿا. اسان کي سونھن، جدوجھد، ادب، فن، لکڻ جي ڏانءُ سان فاقفيت اياز ذريعي ملي. منھنجي لاءِ اياز جي شخصي زندگي بي معنى آھي. مون لاءِ ڪا معنى رکن ٿا ته اھي اياز جي ھزارين گيت، غزل، بيت، دوھا، وايون، نظم، ٽيڙو، ڇيڄ، ھمرچا جن سنڌ جي روح ۾ گلاب پوکيا.

انھيءَ ڳالھ کان شايد ڪير انڪار نه ڪري سگھي ته شيخ اياز جديد سنڌ جي شعور جي معمارن مان ھڪ ھو. اياز جي شاعري ڌرتي سان وابستگي جي اظھار جو محور آھي. ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن سنڌ جون نالو وٺڻ جو مقصد ڪارھير تي پير رکڻ جي برابر ھوندو ھو تڏھن اياز سنڌ تي سر ڏيڻ جون صدائون ڏينديون. جڏھن انقلاب جو نالو وٺڻ وارن خلاف ادم بو جو ھوڪو ھلندو ھو ته اياز ريٽو جھنڊو اڀ تائين جھولڻ جي ڳالھ ڪندو ھو. ڪاتي ھيٺان ڪنڌ جي باوجود نينھن جا نعرا ھڻڻ واري اياز جي شاعري تنھن دور ۾ سنڌ جي مزاحمتي ويڙھ ۾ سگھارو آواز ھئي. وطن سان وابستگي، ھر انسان جي دک کي پنھنجو سمجھڻ، سيڪيولر ازم، ڏاڍ خلاف جدوجھد ۽ پورھيتن سان بيھڻ سميت جيڪي به لاڙا جن تي اڄ جي سنڌ کي فخر آھي تن جي بنياد رکڻ وارن ۾ اياز به ھو.

 

(منوج ڪمار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

اياز

انسان ۽ شاعر

منوج ڪمار

اسان شايد شاعرن کي انسان ئي ڪونه ٿا سمجھون ته اھو احساس ڪريون ته ٻين انسان جيان شاعرن جا به ڪي سگھا پاسا ھوندا آھن ته ڪمزور پاسا به ھوندا آھن. سڀني وانگي شاعر جو من به ڪڏھن شينھن ھوندو آھي ته ڪڏھن ڪبوتر ھوندو آھي. سڀني وانگي شاعر ڪڏھن دريا ٽپي ويندا آھن ته ڪڏھن پاڻي جي اڏ تي بيھي رھندا آھن. انھن جا اخلاقي معيار به ٻين ماڻھن جھڙا ئي ھوندا آھن. شاعرن ۾ ٻين انسان جيان سڀ ڪچايون پڪايون ھونديون آھن. پر وڏن شاعرن ۾ ھڪڙي ڳالھ سڀني کان الڳ ھوندي آھي ته اھي پنھنجي سڀني ڪمزورين جي ھوندي اسان کي اھڙي سگھي تخليق ڏئي ويندا آھن جنھن ڪري قومن جي روحن کي اھا طاقت ملندي آھي جو روحاني طور کين ڪنھن جي پرواھ نه ھوندي آھي. پنھنجي شخصي ڪچاين جي باوجود اسان جي اکين کي خواب ۽ اسان جي چپن کي اھي گيت ڏئي ويندا آھن جو اسان جي زندگي جي بدصورت  لمحن ۾ سونھن اچي ويندي آھي. ھُو اسان سڀني وانگر ڀلي ذاتي طور تي ننڍڙا ھجن پر اھي پنھنجي ڏات سان پنھنجي قومن کي انھن اوچاين تي پھچائيندا آھن جن تان ٻين کي رشڪ ٿيندو آھي. وڏا شاعر انساني حياتي جي ڍنڍ مان نڪري تخليق جي ڪنول جيان ٽڙندا آھن. ھاڻ اھو اسان تي ڇڏيل آھي ته اسان پوپٽن وانگر سندس شاعري جي گلن مان واس وٺي پنھنجي روح کي معطر ڪريون يا ڳجھن وانگي سندن ذات جي ماس کي پٽي پنھجي انا جي پيٽن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪريون. پر شايد اسان وڏن شاعرن جي آڇ ڪيل ھن تخليقي مڌ پيڻ لاءِ تيار ناھيون. اياز لکيو ھو،“ تون ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڻيءَ پي رھيو آھين، مان توکي بلور جي صاف ڪوزي ۾ ميء آڇيان ٿو. تون منھنجيءَ ميء کان ڇرڪين ٿو، ڇو ته تون اِنھيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي ھري ويو آھين. توکي اِھو ٻاڙو پاڻي گھر ويٺي ملي ٿو، تنھنڪري تون اِھا تڪليف به نه ٿو وٺين ته تون اُھو شفاف جھرڻو ڳولي لھين، جنھن جي ڀر تان تنھنجا وڏا ڪجھ صديون اڳ لڏي آيا ھئا. مون انھيءَ ساڳي جھرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جون وليون پوکي، انھن جي ميوي جي رس مان ھيءَ ميء جوڙي آھي. تون انھيءَ مان چُڪي چکي ڏس! شايد اِھا توکي امر ڪري ڇڏي.”

 

(منوج ڪمار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 


جديد سنڌي ادب ۽ شيخ اياز جي شاعري

دولت رام کتري

ڪنهن به خطي  ٻولي جو حسن شاعري سان جڙي ٿو. ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ عظيم تخليق تصور ڪئي وڃي ٿي. شاعري فائن آرٽس سان واسطو رکندڙ اها صنف آهي جنهن ۾ خيالن جي گهرائي سان گڏوگڏ موسيقيت پڻ شامل آهي. ارسطو پنهنجي ڪتاب “پوئيٽڪس” ۾ لکيو آهي ته شاعري جو وڏو مقصد لطف مهيا ڪرڻ آهي. سنڌي زبان ۾ لطيف جي شاعري نه صرف ٻولي جو جياپو آهي پر لطيف جي شاعري جي ڇاپ نسل درنسل، پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعري ۾ جيڪا جديديت جي لهر آئي آهي انهي شاعري جي اسلوب ۽ تخيل کي تمام گهڻو مٿي ڪيو آهي.

لطيف کان پوءِ شيخ اياز سنڌي شاعري کي نئون موڙ ڏنو ۽ سنڌي شاعري کي جدت جي مالها ۾ پروئي هو نئين سنڌ جو  آواز بڻجي ويو. شيخ اياز سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سنڌي غزل ۽ ٻي شاعري کي ڌاري روايت مان ٻاهر ڪڍي انهي جون جڙون سنڌي شاعري سان ملايون جديد سنڌي ادب ۾ اياز جي شاعري ۽ نثر جي نئين دور جي تخليقڪارن تي هڪ وڏي ڇاپ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي کيپ شيخ اياز جي ڏانءُ ڏات جي پوئلڳ ۽ ڊڪشن جي پوئواري ڪندي لکڻ جي طبع آزمائي ڪندي رهي آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جا پهلو ايترا سگهارا آهن، جو شيخ اياز کي نئون نسل پنهنجو آواز سمجهي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جو نانءُ هن صدي جي وڏي سرجڻهار طور ورتو وڃي ٿو.

شيخ اياز جي شاعري ۾ ٿر جو پسمنظر؛

اياز جي شاعري ۾ خوبصورتي جو هر رنگ پسجي ٿو ۽ ايازسنڌ جي مختلف خطن جي منظر نگاري کي پنهنجي شاعري ۾ سموئي پنهنجي شاعري کي نوان رنگ ڏنا آهن.اياز پنهنجي شاعري ۾ ٿر جي پس منظر کي خوبصورتي سان چٽي ٿر جي لوڪ رنگن کي نروار ڪيو آهي. شيخ اياز ٿر جي لوڪ ادب، تاريخ ۽ ٿر جي فطري حُسناڪي کي پنهنجي شاعري ۾ سمويي ٿر کي امرتا بخشي آهي. ٿر جي فطري  حُسناڪي، ٿر جي ٻولي، ريتن رسمن، ٿر جي وسڪارن، سان محبت ڪندڙ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ٿر کي سرڳ سان سڏيندي پنهنجي چونڊ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته؛

ساٿي مون دنيا گهمي چونڊيو آهي ٿر

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ، واري تي گهر

سانجهي وير امَر، رتيءَ ريت تي.

اياز جي شاعري ۾ لوڪ گيت جي گونج به آهي ته سندس شاعري ٿر جي فطري حسن جي عڪاس ڪري ٿي. ٿر جي خطي جا سمورا منظر اياز جي شاعري جي حُسناڪي جي اپٽار ڪن ٿا. اياز پنهنجي هڪ مضمون “اُٺا مينهن ملير ۾” لکيو آهي ته؛ “ٿرپارڪر سنڌ جو اُهو خطو آهي، جنهن سان مون کي خاص رغبت رهي آهي، ۽ جنهن جي تهذيب ۽ تاريخ منهنجي شاعري کي ڪافي اُتساهيو آهي”.

ٻيو جنم ٿر ۾ وٺڻ جي خواهش ڪندڙ شيخ اياز ڪٿي ايئن به لکيو ته؛

مينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا، مان

ساري وارياسي تي وسندس،

ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان،

سانوڻ جي ڪڪرن سان گندس....

نيٺ ته تنهنجو من ڀانئيندا،

چانڊوڪي راتين ۾ مارو،

مون کي ٿر بر ۾ ڳائيندا.

ٿر جي پس منظر ۾ لکيل اياز جي شاعري، ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جو تسلسل آهي. شيخ اياز ٿر جي فطري حسن، لوڪ رنگن  ۽ تاريخي قصن کي نثر ۽ شاعري ۾ محفوظ ڪري ڪجھ ڪتاب پڻ لکيا آهن . شيخ اياز ٿر جي ماڳن، مڪانن، وٿاڻن، ڀٽن، سانوڻي مند جي تهوارن، مورن ۽ وسڪارن جي دلڪش منظرن کي پڻ پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ محفوظ ڪيو آهي. هڪ هنڌ شيخ اياز لکيو آهي ته

مور جتي ٽهوڪا ڪن، مان اُت هوندو سان

مون کي ياد ڪجان، جڏهن وسن مينهڙا.

شيخ اياز جيترا ڀيرا به ٿر آيو تڏهن هُن مختلف وقتن تي پنهنجي شاعري کي نوان رنگ ڏنا. هُن پنهنجي شاعري ۾ ڪارونجهر کي به ڳايو ته ٿر جي ڀٽن کي به ڳايو. شهر مٺيءَ تي باک ڦٽڻ جي منظرن ۽ ڇاڇري جي ڀرم ڀريل ڀٽن جي منظرن کي به هو ڪين وساري سگهيو.

هي جو تنهنجو پاکڙو، اهو ڇاڄاڻي،

ويندو سُڀاڻي، ڇم ڇم ڪندو ڇاڇري.

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.

مٺيءَ شهر تي باک ڦٽڻ جي منظر کي شيخ اياز نهايت ئي خوبصورت انداز سان پيش ڪري پنهنجي شاعري ۾ منظر نگاري ڪئي آهي، اياز مٺيءَ تي باک ڦٽڻ جي منظر کي ڪجھ هن ريت پيش ڪري ٿو ته

مٺي تي جيئن باک ڦٽي ٿي،

ڀِٽ ڀِٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،

هن ڌرتي جي خواب جيان،

ڀِٽ ڀِٽ گونجي ٿي جن سان

منهنجي روح رباب جيان،

واري جا طوفان اُٿن ٿا،

آنڌي جيئن انسان اُٿن ٿا،

ٿر بر روز حساب جيان،

ها ها منهنجي خواب جيان

ڳاڙهي گل گلاب جيان.

ٿر جي شاندار ثقافتي روايتن کي سڃاڻپ ڏيندڙ ڇاڇرو، ڪنهن دور ۾ عروج تي هوندو هو. ماضي ۾ شاندار اوج تي رهندڙ ڇاڇرو مختلف وقتن توڙي جنگين ۾ ضرور متاثر ٿيو هو ۽ انهي وقت ڪيترائي سنڌي هندو ڇاڇري مان لڏي هندوستان ويا هُئا. انهي وقت ڇاڇري مان هندوستان لڏي ويندڙ سنڌي هندن جي درد جي ڪيفيت کي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪجھ هن ريت بيان ڪيو هو ته؛

مان جو ان جي ريت جي، ڪڻ ڪڻ ۾ چمڪان،

مري ڀلا مان، ڪيئن ڇڏيندس ڇاڇرو!؟

شيخ اياز ٿر جي ڏکن ڏاکڙن کي به سمجهيو آهي ته هن ٿري ماڻهن جي درد جي ڪيفيت کي به سمجهيو آهي. شيخ اياز ٿر جي غربت بک بدحالي جي ڪيفيت کي ڪجھ هن ريت لکيو هو ته

ٿر ۾ مٽيءَ ڪونڊيون، اَٽو اَٽو ڪن،

مارُو روز مَرن، چؤنري چؤنري بکُ ۾،

گذريل ڏينهن اڳ ۾ ننگرپارڪر وڃڻ ٿيو ته پارڪر جي پڊن ٿي هلندي مون کي شيخ اياز جي شاعري ذهن تي تري آئي. ڪارونجهر جا گيت ۽ راسوڙن جون راتيون ڀلين ٿريا ڪين وساري سگهيا هجن، پر اياز به ٿر جي سانوڻي تهوارن ۽ ٿر ۾ راسوڙن کي ڪين نه وساري سگهيو. ۽ ٿر جي راسوڙن جي لوڪ رنگن ۽ روايتن کي ۽ سانوڻي مند جي تهوارن کي ياد ڪري هي سٽون تخليق ڪيون ته

ڇَم ڇَم ڪري ڇيڳري، راسوڙي جي رات،

پايل آندي پارڪر، گيت ڏنا گجرات،

منهنجي من جي مات، ڪنهن ڄاتو ڪهڙي هئي!.

هي ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چُپ چُپات،

آئي تنهنجي تات، راسوڙا رُڪجي ويا.

سال ۱۹۶۴ع ۾ شيخ اياز ميرپورخاص کان وٺي ننگرپارڪر تائين جيڪو سفر ڪيو ان سفر اياز جي شاعري کي نواڻ ڏني. اياز پنهنجي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري ٿر جي فطري حسن جي اُپٽار ڪئي. ٿر ٻولين جي لحاظ کان بيحد گھڻو خوش نصيب علائقو رهيو آهي. ٿر جي مختلف حصن ۾ مختلف ٻوليون ۽ لهجا ڳالهايا وڃن ٿا انھن ٻولين مان اتساھه وٺي اياز ڪجھ لوڪ گيت پڻ لکيا آهن.

اياز لوڪ گيتن جي  تتبع ۾ گيت لکي ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرز احساس جو اظهار ڪيو آهي. سندس مجموعي وڄون وسڻ آيون ۾ ڪيترا لوڪ گيت موجود آهن، جڏهن ته “ڪپر ٿو ڪُن ڪري” ۾ سندس مشهور لوڪ گيت “همرچو” شامل آهي. هتي اياز جي لوڪ گيت “همرچو” جا ٻول ڏجن ٿا:

هيل گهٽا گهنگهور الا،

سانوڻ زورا زور الا،

همرچي جو ويلو ڙي....

-رم جهم رم جهم رات الا،

گهنن گهنن برسات الا،

همرچي جو ويلو ڙي...

اهڙيءَ ريت ٿر جا سمورا لوڪ گيت، جيڪي ٿر جي اصلوڪي ادب جو املھ خزانو آهن. ۽ جڏهن ڀتوارڻيون ٻه ٽي گڏجي منجهند جو مانيءَ ويلي خوشيءَ مان لوڪ گيت گنگنائينديون ٻنين جي واٽ وٺنديون آهن، تنهن مهل ٿاريلين جي سينن تان ڄڻ صدين جا سُور لهي پوندا آهن.سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ٿر جي سموري فطري حُسن کي نثر ۽ شاعري ۾ محفوظ ڪري ٽي ڪتاب لکيا آهن. شيخ اياز ٿر جي ماڳن، مڪانن، وٿاڻن، مورن ۽ وسڪاري جي دلڪش منظرن کي پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ محفوظ ڪيو آهي.

شيخ اياز، جنهن پنهنجن گيتن کي ٿر جي سونهن جي سحر مان ٻاهر ڪڍڻ ئي ڪٿي ٿي چاهيو، ۽ ٿر جي ڪشادي پولار ۾ هن پنهنجن گيتن کي سانوڻ جا گيت سڏيندي ڪٿي ايئن به چيو هو ته:

هي گيت گلابي جهڙ ڦڙ جا،

هي گيت شرابي جهڙ ڦڙ جا،

هي سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا،

هي آگم آگم آوڻ جا..

اھڙي ريت جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي شاعري جا رنگ نرالا آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

ڪڇان ته ڪافر

غلام مصطفيٰ هاشاماڻي

هي شيخ اياز جي ۱۹۶۳ ۾ نڪتل تصوير آهي. هيءُ اهو ئي زمانو هو جنهن ۾ شيخ اياز، ڀٽائيءَ جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪيو هو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنهن ايوب خان کان ايوارڊ ورتو ان جو اصرار هو ته لطيف جي عرس جي موقعي تي ايوب خان هٿان اياز کي ان ڪم عيوض لطيف ايوارڊ ملڻ کپي پر اياز، ايوب خان هٿان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو. ان کانپوءِ جڏهن اسٽيج تي پهتو ته ايوب خان ساڻس هٿ ملايو‘ ان ڳالھ جو اندازو تصوير کي ڏسي بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر ۽ آرمي چيف ايوب خان ساڻس جهڪي هٿ ملائي رهيو آهي!

هي ۱۹۶۵ واري پاڪ هند لڙائيءَ کان ٺيڪ ٻه سال اڳ جي تصوير آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت ايوبي آمريت پنهنجي عروج تي هئي ۽ پوءِ اياز شعر پڙهڻ لاءِ مائيڪ ڏانهن وڌي ٿو ۽ ايوب هٿان ايوارڊ نه وٺڻ جو اعلان ڪندي پنهنجو تاريخي شعر پڙهيائين ته؛

منهنجو اگھ پڇين ٿو آمر‘

منهنجا گيت ڳنهين سگهندين تون!

۽ ان کان پوءِ ايوبي آمريت پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ اياز ساهيوال جيل جي ديوارن پويان ويهي ”ساهيوال جيل جي ڊائري” جهڙو ڪتاب لکيو!

هڪڙو شاعر جيڪو نه سياستدان هو نه ڪرمنل هو نه ئي ڪنهن ڏوھ ۾ مٿس ڪو ڪيس ئي داخل ٿيل هو پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته اياز آخر جيل ڇو ويو؟۽ ان جو آسان جواب اهو ئي آهي ته اها اياز جي شاعري ئي هئي جنهن کيس زندانن تائين پهچايو "ٿي تند وڙهي تلوارن سان” کان وٺي "مٽي ماٿي لايان مان” لکڻ تائين اياز اوچي ڳاٽ سان بيٺو رهيو ۽ بيٺو رهندو.

ڪجھ شاھ ڏني ڪجھ شيخ ڏني

هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!

جتي ڇڱا ڀلا اديب حڪمرانن ڪامورن جي چاپلوسي ۾ پورا آهن هڪ َآمر سان اکين ۾ اکيون وجهي شيخ اياز جهڙو شاعر بيٺو ..(محسن جويو )

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

شاعري ۽ زندگيءَ جا پهلو

محمد خان ابڙو

مون کي خبر ناهي ته جليانواله باغ ۾ جڏهن انگريز جرنل ڊائير، علامه اقبال جي هم زبان قوم مٿان سڌيون گوليون وسايون هيون تڏهن شاعر مشرق ان واقعي تي ڪو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو يا نه؟ پر چون ٿا ته اڳتي هلي لاهور ۾ ٿيندڙ هڪ اهڙي تقريب ۾ علامه اقبال پنهنجو شعر پڙهيو جنهن جي صدارت جنرل ڊائير پئي ڪئي، ان ڪري ڪير ڪيئن به سوچي پر گهٽ ۾ گهٽ آئون ننڍي کنڊ جي اهڙي عظيم شاعر کي تاريخ جو ڏوهاري سمجهان ٿو.

پاڻ جيڪر شخصي ڪردارن کي پاسي تي رکي سنڌ ۾ شاعري جي تاريخ کي ڏسون ته شاه لطيف کان پوءِ جديد سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز سنڌي شاعريءَ تي اڻمٽ اثر ڇڏيا آهن، سندس شاعري شاھ لطيف کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي مقبوليت ۽ مقام پڻ ماڻيو آهي پر سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ تاريخ دانن کان منهنجو اهو سوال ضرور آهي ته اوهان پنهنجي تاريخ سان بي خوف ٿي ڇو نٿا ملڻ چاهيو؟ جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي قومي حيثيت سان سڃاڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پوريءَ ريت سنجيده ٿيڻو پوندو. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ ۽ جديد سنڌ جي خواب جو هڪ امين شاعر رهيو آهي.

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عظيم، ڪلاسيڪل ورثي کان پوءِ شيخ اياز جي صورت ۾ هڪ شاعر صدين پڄاڻان پيدا نه ٿئي ها ته يقينن اڄ جي جديد سنڌي شاعري پنهنجي عظيم ڪلاسيڪل ورثي جي وارث نه بڻجي سگهي ها، ان ۾ ٻي راءِ ٿي نه ٿي سگهي. اهو طئه آهي ته مان اياز جي شاعريءَ جي عظمت جو انڪاري ناهيان پر سوال اهو آهي ته ڇا اسين انهن ماڻهن بابت آزاديءَ سان ٻه اکر ڳالهائي سگهون ٿا جن کي اسان بت بڻائي مٿس ڳالهائڻ کي توهين قرار ڏئي ڇڏيو آهي؟ مون جڏهن يونيورسٽي ۾ پير پاتو هو تڏهن اياز جي شاعري مون جهڙن نه ڄاڻ ڪيترن نوجوانن جي جذبن کي جوان رکندي هئي.

جڏهن آئون شاگرد سياست ۾ سرگرم هئس تڏهن مون کي شيخ اياز جي شاعري پاڻ ڏي ڇڪيندي ويندي هئي. منهنجي بدبختي چئجي يا اتفاق جو شيخ اياز انهن ڏهاڙن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو، تڏهن ڪاليج  اسٽوڊنٽس يونين جي ۱۹۷۶ع ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مان پنهنجي سموري پينل سميت اليڪشن کٽي آيو هئس. اسان جي يونين جي ڪاميابي ان وقت شيخ اياز کي خبر ناهي ڇو پسند ڪو نه آئي جنهن بنا ڪنهن جواز جي يا خبر ناهي ڪنهن جي چوڻ تي اليڪشن جو نتيجو روڪي ڇڏيو هو، اسان ٻئي ڏينهن هڪ وفد جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهتاسين ۽ شيخ اياز سان ملاقات ڪري سندس ان عمل تي سخت احتجاج ڪيوسين. نتيجي ۾ وڏن دليلن، شاهدين ۽ لکت ۾ ڏنل گواهين  سبب کيس پنهنجو ڪيل فيصلو واپس وٺڻو پيو. ان وقت ئي مون سمجهي ورتو ته هي شخص هڪ غير معمولي شاعر هجي ته ڀلي هجي پر شخص بهرحال غير معمولي ناهي!

اِها منهنجي، سنڌ جي مها ڪويءَ سان روبرو پهرين ملاقات هئي. شيخ اياز سان ٻي ملاقات جا حوالا ڏاڍا تلخ آهن. (جيڪي هنن صفحن تي وقت سر منظر تي آڻيندس). جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ته ان وقت قومي تحريڪ سان وابسته ڌرين شيخ اياز جي سخت مخالفت ڪئي هئي، سندن خيال هو ته اياز کي ڪنهن به تعليمي قابليت کان سواءِ فقط قومي تحريڪ کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ايجنڊا تحت مقرر ڪيو ويو هو، اياز مخالف ڌرين جو ان وقت خيال هو ته کيس قومي تحريڪ کي ڌڪ هڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، سنڌ جي هن مها ڪوي، وائيس چانسلر شپ جي چارج وٺندي ئي پهريون قدم اهو کنيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتهائي سينيئر، قابل استادن ۽ تعليمي ماهرن کي نوڪرين تان لاٿو ۽ کين پنهنجي ٻارن ٻچن سميت چوويهن ڪلاڪن اندر سنڌ يونيورسٽيءَ جي رهائشي ڪالونيءَ منجهان بيدخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو، قابل احترام استاد پروفيسر محمد الياس ابڙي سميت ۸ استاد پنهنجا بيگناھ بيدخليءَ جا آرڊر مڃيندي سنڌ يونيورسٽي مان دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا، اهڙي ئي خوفناڪ  ماحول ۾ استاد پنهنجا گهر ڇڏي، بغير سامان کڻڻ جي پنهنجي ڪٽنب سميت زبردستيءَ بيدخل ڪيا ويا.

هي اهو ئي پروفيسر الياس ابڙو هو، جيڪو شيخ اياز کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ته هن اهو حڪم ڏنو ته شيخ اياز صاحب جيترو به وقت وي سي هائوس ۾ رهڻ چاهي ته رهي سگهي ٿو، کيس زوريءَ نيڪالي نه ڏني ويندي. ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ٿيڻ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلري کي ته هن ڪو نه ڇڏيو پر ۱۹۷۹ع ۾ شهيد ڀٽي جي ڦاسيءَ وقت به هيءُ وائيس چانسلري کي چنبڙيو ئي رهيو. سنڌ، سندس ان انداز تي اڄ به سراپا تعجب بڻيل آهي! ڇا مها ڪوي شيخ اياز کي جنرل ضياءَ جي ايامڪاريءَ ۾ به سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهڻ گهربو هو؟  استعيفيٰ ڏيڻ ته ٺهيو، رهندو هن مها ڪوي صاحب مارشلائي حڪومت جي اشاري تي هڪ ئي ڌڪ ۾ ستاويهن قومي ڪارڪنن کي مادر علمي مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. ڇا اهي شاگرد ڏوهاري هئا؟ ڇا انهن شاگردن جي والدين جا ڪي به خواب نه هئا، ڇا اهي وطن سان محبت ڪرڻ جا ڏوهاري هئا، ڇا جديد سنڌ جي مستقبل جا اهي معمار نه هئا؟ ڇا اهي اسان جو آئيندو به نه هئا؟ ڇا ان قسم جي بي واجبي جو حساب، تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهي محترم مها ڪوي صاحب ڏيئي سگهي ٿو؟

شيخ اياز اهو شعر ڪنهن لاءِ چيو هو ته:

“ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،

تون ئي آهين جواب، صدين جي سوال جو.“

ڪنهن ماڻهو جا شخصي حصا اهڙا هوندا آهن، جيڪي قومن جو بنيادي حصو هوندي به قومن جي ذاتي ملڪيت ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي حقيقي جوڙجڪ  ۾ بنيادي ۽ موثر محرڪ ثابت ٿيندا آهن.  اياز يقينن، پنهنجي ڏات ۾ انمول آهي، پر ڏاتار جي زندگيءَ جي مختلف رخن متعلق اسان ڳالهائڻ جو بنيادي حق رکون ٿا، ڇو ته اياز هاڻ سنڌي قوم جي قومي ملڪيت آهي، جڏهن ته قومي ملڪيت تي ڳالهائڻ جو هر فرد کي حق هوندو آهي. احساسن، جذبن ۽ فردن جي داخلي توڙي معروضي حالتن جي جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ ڳولا ڪبي ته ان ڳولا عيوض اسان کي فقط شاھ لطيف ئي ملي سگهي ٿو. اياز جي شاعري ۾  فرد جي نجات ۽ فلاح بابت گهٽ ڳالهايو ويو آهي،اياز جي شاعري معروضي حالتن جو شڪار گهڻي رهي آهي.

جڏهن اشتراڪيت جو عروج رهيو ته اياز اشتراڪي شاعر ٿي سنڌ جي افق تي اڀري آيو. جڏهن اياز سمجهي ورتو ته قومپرستيءَ جو نظريو پنهنجي عروج جي ڪمال کي ڇهي چڪو آهي ته اياز جي اشتراڪي شاعريءَ جو سفر وطن پرستيءَ جي دائرن ۾ گردش ڪندو رهيو ۽ جڏهن هن حب الوطنيءَ ۽ سن جي سائين کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي تڏهن اياز روايتي مذهبي وهڪري ۾ وهي وڃڻ لاءِ پاڻ ڇڏي ڏنو. اسان کي اعتراض سندس مذهبي لاڙي طرف بلڪل به نه آهي، پر الميو فقط اهو آهي ته شيخ اياز جهڙو مها ڪوي، مزاحمتي، انقلابي، رومانوي شاعر سنڌ جي اهڙي شخص جي خطبن واري صنف جي ذريعي پنهنجي جوڻ بدلائي، جيڪو رياست جي رجعت پرست پارٽي جماعت اسلاميءَ جي سرڪردي شخص محمد موسيٰ ڀٽو جهڙو تڪراري شخص هو.

شيخ اياز، جنهن پائي جو ڏات ڌڻي هو تنهن کي ڏسي ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته هو ننڍي کنڊ جي عظيم عالمن مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد، سيد عطاءُ الله شاھ بخاري، حضرت شيخ الهند، مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري، سائين تاج محمود شاھ امروٽي پارن روشن فڪر ۽ انقلابي عالمن کان متاثر ٿي مذهبي شعوريت سان واسجي وڃي ها، پر تمام وڏو سوال اهو اڀري سامهون اچي سنڌ واسين کي ستائڻ لڳي ٿو ته آخر اهڙي ڪهڙي سندس مجبوري هئي جو هڪ ڏٺو وائٺو، مخصوص ادارن جو ماڻهو کيس ڀرپور طرح متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڀلا جي محمد موسيٰ ڀٽو جهڙي جماعت اسلامي جهڙي رجعت پرست تنظيم جي ذميوار شخص جي رنگ ۾ اياز پاڻ کي رڱيو به ته ان جو ڪٿي به حوالو ڏيڻ ۾ ڇو هٻڪيو؟ ڪٿي ايئن  ته نه هو جو کيس ادراڪ حاصل هو ته جيڪڏهن هن ڪٿي به محمد موسيٰ جو حوالو ڏنو ته سنڌ کيس سندس زندگيءَ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيندي. تنهن ڪري شايد کيس عافيت ان ۾ ئي نظر آئي ته هو زندگيءَ ۾ رد ٿيڻ بجاءِ مئي پڄاڻان رد ٿيڻ کي اهميت ڏئي ويو؟

محمد موسيٰ ڀٽو به وڏو سياڻو چئبو، پاڻ ڏانهن لکيل سمورا خط محفوظ رکي، هڪ اهڙي وقت تي شايع ڪري اياز جهڙي مها ڪويءَ جي عظيم ڪويتا کي حقير ڪري ڇڏڻ جي شعوري حرڪت ڪري ويو، هن ننڍي کنڊ جي هن مها ڪويءَ جي ڏات جي وسيع ترين ڪينواس کي سڪوڙي سوڙهو ڪري، هدايتن مليل مالڪن جي آشيرواد سان، بنھ ننڍڙو ڪري ڇڏڻ ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي! ڄاڻايل سببن جي پسمنظر ۾ مان جڏهن شيخ اياز جي شخصيت تي نظرياتي، سياسي، قومي ۽ ادبي ڌارائن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ته درگاهي مجاورن جهڙا اياز جا فقير ناراض ٿي پيا ۽ هنن مون تي لفظي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا پر نتيجن کان بي نياز ٿي مون هي ليک به اوهان آڏو رکيو آهي. جيتوڻيڪ درگاهي مجاورن جهڙن مجذوب شاعرن ۽ اديبن کي حقيقتون ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اڃان گهڻو وقت درڪار آهي پر اهو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو ته قومي ڌارا جي وهڪري ۾ وهي ويل ايڏو وڏو نالو پنهنجي ڪردار جي پس منظر ۾ پهاڙ ثابت ٿي قوم جو ٻل بڻجي بيٺو يا ڪکن پنن وانگر وقت جي واءُ ۾ پنهنجي وزن کي وڃائي هلڪو ٿي لڙهندو رهيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

عبدالواحد آريسر

مونکي ياد ٿو اچي شيخ اياز جو ھڪڙو چيل جملو. گھڻو ڪري ۱۹۷۵ع جو ڪو مھينو ھو، آءُ سارڊينا ھوٽل وٽان اچي مٽيس ‍، دروازي تي شيخ اياز بيٺو ھو. ھا شيخ اياز؛ پنھنجي لکڻيءَ مطابق بنگال جي ارڏي شاعر نذراسلام کان وڌيڪ مضبوط، مون کيس جھڪي ھٿ ڏنو، ھن مون ڏانھن ڏٺو. اسان اڳي ڪڏھن نه مليا ھئاسين. مون واقفيت ڪرائيندي چيو: ”عبدالواحد آريسر“ ھن نھايت فراخ دليءَ سان مونکي گلي لڳايو. مون کيس ”پرھ جو پيغام“ جي ڪاپي ڏني، اياز مرڪندي چيو: ”مون پئسن سان ورتي آھي پٽ؛ تو به مون واري صليب ڪُلھي تي کنئي آھي؟ ڏاڍو ڏکيو پنڌ آھي، ڀڄي وڃ؛“ مونکي ياد آھي ته مون وراڻيو ھوم: ”شيخ صاحب؛ آءُ لينن جو پوئلڳ نه پر جي ايم سيد جو پيروڪار آھيان.“ اياز چيو ھو ته؛ ”ھا، واقعي سيد ۽ لينن ۾ فرق آھي. لينن جيڪو ڪجھ لکيو سو روس مان ڀڄي وڃي ٻاھر لکيو ھئائين، پر جي ايم سيد ھن ملڪ ۾ رھي، سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاء“ جھڙو ڪتاب لکي ٿو. جڏھن ته ھي دؤر نازي جرمنيء جھڙو آھي جنھن ۾ ڪو به ليکڪ پنھنجي شارٽ اسٽوريء تي پنھنجو نالو نه لکي سگھندو ھو.“

اسان ھوٽل تي ڪافي وقت ڪچھري ڪئي. مون سنڌ جي شاعر سان گفتگوءَ مان اندازو لڳايو ته ھو موجوده دؤر ۾ پنھنجي ڪلھي تان صليب لاھي اُڇلائي چڪو ھو. ھن مونکي چيو ته؛ ”ھن دؤر ۾ سرڪار وٽ اھڙا به اوزار آھن، جن جي ذريعي ماڻھوء کي نامرد بنايو وڃي ٿو.“ آءُ سندس سادگي غير معمولي تمنائن تي کلي ويٺس چيم: ”شيخ صاحب؛ ان سان ڪھڙو فرق پوندو؟“ اٿندي وقت چيو ھوم ته، ”شيخ صاحب؛ اھا صليب پاڻ وٽ رکو، جنھن کي ڪنھن خوف کان چوراھي تي لاھي ڦٽو ڪجي.“

آءُ نه ايڏو وڏو ماڻھو آھيان جو ڪائي صليب تيار ڪري سگھان ۽ نه ئي وري کڻي ان جي نمائش ڪري سگھان ٿو. آءُ سنڌ جي لکا انسانن مان ھڪ آھيان جيڪي پنھنجي سوچ جي ڪنين ۾ ڪڙھندا رھن ٿا. صليب تيار ڪرڻ، کڻڻ وري اڇلائڻ واقعي ڪنھن شاعر جو ڪم آھي، جنھن سنڌ کي جيڪي ڪجھ ڏنو ان کان وڌيڪ وصول ڪيو. شايد سرزمين سنڌ انتھائي غيرتمند آھي جيڪا ڪنھن جو به قرض پاڻ تي رکڻ گوارا نه ٿي ڪري، سنڌ اياز کي شھرت ڏني، دولت ڏني، شاعري ڏني ۽ آخر ۾ وائس چانسلري ڏني. مون سنڌ کي ڪجھ به ڪو نه ڏنو آھي ڇو ته آءُ شاعر ناھيان، ڇو ته آءُ اديب ناھيان، ڇو ته آءُ صليب گھڙڻ وارو واڍو ناھيان. آءُ سنڌ کان ڪا به تمنا ڪو نه ٿو رکان. مونکي سنڌ ايترو ڪجھ ڏنو آھي!

 

(سرواڻ جوکيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

شيخ اياز

چشمِ فطرت جو شاعر

استاد لغاري

ڊسمبر وڇوڙن جو مهينو آهي. ڊسمبر ايندي ئي، ڪو نه ڪو عالم، اديب، اسڪالر ۽ شاعر اسان کان وڇڙي ويندو آهي. سال اوڻيھ سَو ستانوي جي صبح جو ست لڳي ستونجاھ منٽن تي، ريڊيو پاڪستان خبر ڏني، ته ”اڄ اسان کان اسان جو عظيم شاعر شيخ اياز وڇڙي ويو آهي.“ اهو به ڊسمبر جو مهينو هو ۽ ان جي اٺاويهين تاريخ هئي. آئون ننڍپڻ کان وٺي، شاھ کان پوءِ شيخ اياز جو شيدائي رهيو آهيان. مون شيخ اياز جي شاعريءَ کي جنهن رُخ کان ڏٺو آهي، ان رُخ کان شايد ئي ڪنهن ٻئي ڏٺو هجي.

ازل کان هلي ڳالهڙي تنهنجي منهنجي،

حياتِ بشر هڪ گھڙي تنهنجي منهنجي.

زماني کان رهندا هميشه نرالا،

خدا تنهنجو منهنجو، خودي تنهنجي منهنجي.

ڀِري ٿو ڀَونئر. روز سورج مُکيءَ تي،

چمن ۾ هلي عاشقي، تنهنجي منهنجي.

پيو چنڊ جنهن کي اڃان تائين ڳولي،

ڪٿي آھِ سا راتڙي تنهنجي منهنجي.

شيخ اياز هڪ اهڙو عظيم شاعر آهي، جيڪو سڌو سنئون ڪنهن رازِ ازل سان مخاطب ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي انڌير ڏسي، بُک بدحالي، ظلم، ڪرب، ڏاڍ ۽ جبر کي محسوس ڪندي چوي ٿو، ”تنهنجي تخليق ۾ اڙي خالق! ايترو فرق نيٺ ڇو آهي؟“ پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: ”ٻه سال اڳ، جڏهن مان بوري گنگا نديءَ جي ڪناري تي، ڪچي ناريل ڊآب جو اڌ پاڻي پي، باقي اڌ پاڻي سميت ڊآب نديءَ تي ڦٽو ڪيو، ته ڏھ ٻارنهن ننڍڙا ننگا ٻار ڊوڙندا آيا هئا ۽ منهنجي هٿ مان ڊآب وٺي، ان مان ٻه ٻه ڍڪ پيتا هئائون.“

شيخ اياز کي جنهن نموني سان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي، ان نموني سان کيس پڙهيو ۽ پروڙيو ناهي ويو. يا ته هن کي مولوين پڙهيو آهي، جن کيس انيڪ لقبن سان نوازي، سندس خلاف فتوائون جاري ڪيون آهن، يا ته هن کي تفريح خاطر نوجوانن پڙهيو آهي، يا وري قوم پرستيءَ جي حق ۾، صرف شعله بياني جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. مثال طور: ”ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.“ يا ته وري هن جون آخري دعائون پڙهي، کيس دستار بند مولوي سمجھي، ڪنهن مسيت جي حجري ۾ ويٺل متولي سمجھيو ويو آهي. شيخ اياز ڇا آهي؟ هُو شاعر ڇو آهي؟ هن جا شعر سڌو سنئون ڪنهن رازِ ازل سان، ڪهڙي شڪايت پيش ڪن ٿا؟ هو مئڪدي جي راھ اختيار ڇو ٿو ڪري؟ هو صنم ڪدي جي راھ ۾، ڪنهن جي ديدار لئي نيڻ ڇو ٿو وڇائي؟ اها گھڻن کي ئي خبر ڪانهي. آئون شيخ اياز جي شاعريءَ کي چئن رُخن کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. هن جو پهريون رُخ اُهو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو:

اي اَسِيرانِ شب! ٻُڌو مون کي،

ڪنهن جي زُلفن جو داستان هان مان.

غم نه ڪر هن جهانِ تيره ۾،

چاندني! تنهنجو پاسبان هان مان.

دامنِ تر تي وڃ نه اي واعظ!

چشمِ فطرت جو رازدان هان مان.

ٻئي رُخ ۾ قومن جو قومن تي جبر، تشدد، حق تلفيون، ڌرتيءَ تي ڌارين جي يلغار، ون يونٽ جي آڙ ۾ قومن جا ٻين قومن جي گھرن ۽ گھاٽن تي قبضا، ملڪيتون ڦٻائڻ لاءِ ڪُوڙن ڪليمن ۽ مذهب جو استعمال، ٻولي، ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ تي اُلر ڪري اچڻ جي خلاف، هن جيڪا قومي شاعري ڪئي. هو چوي ٿو:

هي بيت اٿئي هي بم گولو،

جيڪي به کڻين جيڪي به کڻين،

مون لاءِ ٻنهي ۾ فرق نه آ،

هي بيت به بم جو ساٿي آ،

جنهن رڻ ۾ رات ڪيا راڙا،

تنهن هڏ ۽ چم جو ساٿي آ،

جيڪي به کڻين جيڪي به کڻين.

ٽيون رُخ هن جي محبت وارو راز آهي، جنهن ۾ هو عشقيه شاعري ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:

عشق بازي ڇڏين ڪو نه ٿو،

ڇو مجازي ڇڏين ڪو نه ٿو.

روز ڏاڙهون بدن تي نوان،

سنگ سازي ڇڏين ڪو نه ٿو.

هن جي شاعريءَ جو چوٿون رُخ آهي، عمر جي پڇاڙيءَ وارو روحاني رُخ. جنهن ۾ هو واپس ٿئي ٿو. جذبا ٿڌا ٿي وڃنس ٿا. ٻڍاپي جون سنگھرون، هن جا هڏ هيڻا ڪري وجھن ٿيون. پوءِ شدت سان خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو: ”يا رب! مون کي معافي ڏي، مون ڪيتري عمر ضايع ڪئي آهي، مان حُسنِ فاني جو تمنائي به رهيو آهيان ۽ تماشائي به رهيو آهيان. توڙي مون شفق ۾ پرندا ڏٺا آهن، جي تو ڏانهن دور دور تائين اڏامن ٿا.“ ”يا رب! منهنجو واهرو ٿيءُ. مون کي دليلن جي دنيا مان ڪڍي آءُ ۽ آئون انهيءَ رستي تي هلان، جو ابدي آهي.“ ”يا رب! مون کي پنهنجي آغوش ۾ رک. مون تان دستِ شفقت نه هٽاءِ ۽ پنهنجي موجودگيءَ جي احساس کان سواءِ، ٻيا احساس منهنجي ويجھو اچڻ نه ڏي.“ ”يا رب! مان تو اڳيان سربسجود ٿي، خليل جبران وانگر چئي رهيو آهيان، ته ’مان ڪنهن سهي جو شڪار ڪيان، ان کان اڳي، مون کي شينهن جو شڪار بڻاءَ.‘“

ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته سرڪاري درٻاري ۽ اسٽيجي اديبڙن کان اهو پڇي ڏسجي، ته ”ڪارو ڪڻڇي رات جي ڪهڙي پهر کان ڪُوڪندو آهي؟ ۽ چنڊول چانڊوڪيءَ ۾، رات جي چئين وڳي ڪيترو مٿي چڙهندو آهي؟ ۽ ڪيتريون ٻوليون ٻوليندو آهي؟“ ته اهي اياز ثاني اديبڙا، سَو سَو ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ به، جيڪڏهن صحي جواب ڏئي وڃن، ته آئون انهن کي مڃان. باقي ڪلفٽن تان بيهي، سڌو سمونڊ ڏانهن منهن ڪري، اهو چوڻ ته ”هي سمورو سمونڊ منهنجو ماپيل ۽ پيتل آهي“ سچائيءَ کان گھڻو دور ۽ بنھ پري آهي. اهو فقط اياز ئي چئي سگھي ٿو، ته:

جھاڳي آئي جيون ناوَ

ڪيئي ڪارونڀار اَجھاڳ.

پهتا نيٺ ڪلالن ڪُوءِ،

ڀٽڪي ڀٽڪي منهنجا ڀاڳ.

منهنجي مرضي هئي، ته مان شيخ اياز تي هڪ اهڙو مقالو لکان، جنهن جهڙو ٻي ڪنهن به محقق اڃان تائين نه لکيو هجي. پر پوءِ سوچيم، ته مان ريت جو هڪ ننڍڙو ذرڙو آهيان. ماڪ جو قليل قطرو آهيان. منهنجو مقالو ادب واري ’بي ادب‘ ماحول ۾ مڃتا ماڻي نه سگھندو. جتي آپي-شاهيون، اَنا پرستيون، گروپ بنديون، لابيون ۽ هڪ هٽيون ڪم ڪنديون هجن، اتي اهڙا مقالا پنهنجي مڃتا ماڻي نه سگھندا آهن. ڪنهن دوست جي لکيل ڪتاب ’شاھ جا پارکو‘ ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ڏهين وانگر، دوست دوستيءَ جو حق ادا ڪري ويندا آهن. ان ڪري آئون پنهنجي اڄوڪي تحرير کي، شيخ اياز جي هيٺين شعر تي اختتام پذير ڪريان ٿو، ته:

هن انڌي ديس انڌيري جي،

تون سورين ڳالھ سويري جي.

ڪو ڌوٻي گھاٽ ته ڳولي ڏي،

ٿي اوجر هن من ميري جي.

هُو هِل هوا مان جھَپٽي آ،

مون ڳالھ ڪئي مس ڳيري جي.

۽ ها! شيخ اياز هينئن به چيو هو، ته ”مان شاعر آهيان، ٻوليءَ جو وينجھر آهيان. ماڻڪن ۽ موتين جهڙا لفظ گھڙيندو ۽ جڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زُلفِ دراز ۾، گلاب جا گل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بُتگر آهيان، جنهن حَسين ترين لفظ ڇِلي، گھڙي، انهن مان عجيب و غريب صنم خانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حُسن جي دنيا آهي. منهنجي تخليق حُسن جي تخليق آهي.“

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز جي موڪلاڻي

سنڌ تو کي الوداع اي هند توکي الوداع - متان وسري نه وڃي (سلسو۰۹ ھه تاريخ. .(۲۵.۰۷.۲۰)

رزاق سهتو

۽ شيخ اياز موڪلائي ويو. سنڌي ادب خاص ڪري شاعري جي دنيا جي آسمان تي روشن سج الوداعي ڪئي ته سڄي سنڌ جھيڻي روشنيءَ ۾ بدلجي وئي. ڪراچيءَ جا سڀ رستا پرنس ڪامپليڪس لڳ ڪلفٽن برج جي طرف مڙي پيا هئا. مواصلاتي نظام ايترو تيز نه هئو، جيترو اڄڪلھ آھي. اڳ ۾ پي ٽي سي ايل فون هئي جيڪا به عام نه ٿي هئي. ٻي اخباري دنيا ۽ پي ٽي وي، جيڪا سرڪار جي زبان اڃا سوڌو ڳالهائيندي پئي اچي. سندن ساٿ کي شاباس ئي ڏئي سگھجي ٿي. شيخ اياز جي ڪتاب “ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن” ۾ مون جيڪا تاريخ نوٽ ڪئي هئي ته ۲۸.۱۲.۱۹۹۷ هجري سن ۲۷ شعبان ۱۴۱۸ ڏينهن آچر تي شيخ اياز فاني جھان ڇڏي، ابدي ننڊ سمهي پيو. صبح جا ڪو ئي ساڍا ڇھ ٿيا هوندا ته فون جي گھنٽي وڳي. رسيور کنيم  ته عبدالغفار ”تبسم” هلو ڪيو. پوءِ جيڪا گفتگو ٿي هتي لکان ٿو.

“رزاق وڏو سانحو ٿي ويو آهي. انتهائي ڏک جي خبرآهي.”

تبسم جي ڳالهائڻ جو لهجو ڏک ۾ ڀريل هئو.

چيم؛ “ادا سائين خير ته آهي.”

چيائين؛ “شيخ اياز، هيءُ جهان ڇڏي ويو. مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل هيو. اتي ئي رات جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو اٿائين. اسپتال مان فون آيو آهي ته اتي موجود ڪير به ناهي، نڪي ڪنهن سان رابطو ٿي رهيو آهي. توهان اچو ۽ اياز کي گھر کڻائي وڃون. سو رزاق جلدي پهچ! هڪ ٻه ساٿي به وٺي اچ ته اياز کي گھر تائين پهچايون.”

فون بند ڪري ڇڏيائين.

جڏهن کان شيخ اياز، مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو هئو ته تبسم شام جو روز هن وٽ ويندو هئو. سندس گھر به اسپتال جي ويجھو ئي هئو. پنهنجي گھر جو نمبر عملي کي ڏئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن ڪا ايمرجنسي واري صورتحال ٿئي ته مونکي ڪال ڪجو. انهيءَ کان علاوه سندس واسطا مڊ ايسٽ اسپتال جي ايڊمن آفيسر سان به هئا.

مان جلدي اٿيس. تيار ٿي، رمضان نول جي فليٽ تي آيم. کيس پيرائتي خبر ٻڌايم. هو به شيخ اياز جي وڇوڙي جي ڳالھ ٻڌي، سڪتي ۾ اچي ويو. رمضان کي موٽرسائيڪل تي ٻيلھ کنيم. مڊ-ايسٽ اسپتال ڪلفٽن، لاءِ روانا ٿياسين. سپر هائي وي کان ڪلفٽن، ڪو ئي مني ڪلاڪ جو پنڌ آهي. اسان ٻنهي، هڪ ٻئي سان ڪو نه پئي ڳالهايو. اياز جي وڇوڙي جو ڏک هئو، جو اندر کي جھوري رهيو هئو. صبح جي وقت، ڪراچيءَ جي روڊن تي ٽريفڪ گھٽ هوندي آهي. جيڪو شهر جو معمول آهي. جلدي پهچڻ لاءِ شارٽ ڪٽ به ورتم. اسين اسپتال پهتاسون ته اتي ڪير به ڪو نه هئو. ع غ تبسم به ڪو نه هئو. رسيپشن تان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته شيخ اياز جو جسد خاڪي، سندس گھر کڻائي ويا آهن. اسين شيخ اياز جي گھر، پرنس ڪامپليڪس، ڏانهن روانا ٿياسين.

جڏهن اتي پهتاسين ته سائين ابراهيم جويو ۽ علي احمد بروهي بيٺا هيا. اسان ساڻن رسمي ميل جول ۽ دعا سلام کانسواءِ، سندن ڀر ۾ بيهي رهياسين. سائين علي احمد بروهي ۽ شيخ اياز ساڳي ئي ڪامپليڪس ۾ رهندا هئا. پر پاڻ ۾ ڳالهائيندا به ڪو نه هئا. سندن لھ چڙھ لاءِ ڏاڪڻ به ساڳي هئي. مون بروهي صاحب کان ع غ تبسم جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ ٻڌايائون ته؛ ”شيخ اياز کي فليٽن جي يونين وارا ۽ تبسم، تڙ ڏياري رهيا آهن.“ علي احمد بروهي هٿ جو اشارو ڪيو ته ان پاسي آهن. مان ۽ رمضان وياسين ته ٿورو اڳڀرو ئي تبسم مليو. چيائين؛ “اچو! اياز کي مٿي سندس فليٽ ۾ ڇڏي آيا آهيون. اسين ٽئي واپس، علي احمد بروهي ۽ ابراهيم جويي وٽ آياسين. اسان ڇڙا پنج ڄڻا ئي هئاسين. هيٺ دريون وڇايل هيون. ويهي رهياسين. ڪير به ڪنهن سان ڪو نه پيو ڳالهائي. ڏک ڀري خاموشي ڇانئيل هئي. اڳ ئي ذڪر ڪيو اٿم ته ڪمونيڪيشن جا ذريجا گھٽ هئا. تبسم ايترو ضرور ٻڌايو ته تاجل کي فون ڪئي هئم ته؛ شيخ اياز، اسان کان موڪلاڻي ڪري ويو آهي. هن ضرور ويجھن اديبن شاعرن کي ٻڌايو هوندو. ايتري ۾ ٽي شخص ٻيا به آيا، جيڪي اسان جا ڄاڻو سڃاڻو ڪو نه هئا. سي پرتي ٿي ويهي رهيا. ڪاوش اخبار جو نمائندو پهتو. خاموشيءَ سان اچي ويٺو ۽ ڊائري ڪڍي تاثرات وٺڻ شروع ڪيائين. پهرين سائين ابراهيم جويي جي ڀر ۾ ويٺو. پڇيائينس؛ “شيخ اياز جي مرتئي تي ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟”

اسان جو سائين وڏو، محترم ابراهيم جويو، روئي پيو. فقط ايترو چيائين؛ “ڏک جي ان ڪيفيت ۾ آهيان. لفظ ساٿ نٿا ڏين.”

نمائندي محترم علي احمد بروهيءَ کان تاثر ورتا. جنهن به مختصر ڳالهايو. ع غ تبسم کان پڇيائين. ڊائري ٺپي، رمضان ۽ مون کي نو لفٽ ڪرائي ڇڏيائين. توڻي جو اسان ٻنهي کي گھڻو سڃاڻندو هئو.

هاڻي وري اهم لاڳاپيل ڳالھ ٻڌايان. ان ئي ڏينهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي طرفان سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان وڏي پيماني تي حيدرآباد ۾ پروگرام رکيل هيو. جنهن ۾ ايوارڊ ۽ لائيف اچيمينٽ ايوارڊ، ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا پئي ويا. وڏو شاندار پروگرام رٿيل هئو. جنهن ۾ تاجل بيوس کي به ايوارڊ ملڻو هيو ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل، سدا بهار، ناميارو شاعر، اياز گل هيو. اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اچي چڪيون هيون. اوچتو شيخ اياز جي موڪلاڻي وڏو سانحو هئو. پروگرام ملتوي ٿيڻ گھرجي. پر سائين رابطو ڪيئن ٿئي. موبائيل فون وڏي ٺوٺ جيڏي آئي هئي. پر ڏاڍي مهانگي هئي ورلي ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هوندي هئي.

اسان جو سائين وڏو، جنهن جو ادب تي وڏو ڌاڪو ڄميل هيو، محترم قمر شهباز. ڪتاب هٿ ۾ کڻي اچي پهتو. سٽون پڙهي ٻڌايائين ته شيخ اياز لکيو آهي ته؛ کيس شڪارپور ۾ دفنايو وڃي. شيخ اياز جي خاندان جو، سواءِ محترم ابراهيم جوئي جي، ٻيو ڪو به فرد ڪو نه هيو. تنهن قمر شهباز ڏانهن ڏسي، سٽون ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ڄڻ ڪجھ ٻڌائين ئي ڪو نه. محترم علي احمد بروهي به چپ رهيو. اسان جو صدورو دوست ع غ تبسم ته اهڙن معاملن ۾ پوندو ئي ناهي. رمضان ۽ مان سڀني ۾ ننڍي عمر جا هياسين. اسان جي راءِ جي ڪهڙي اهميت. اهي ڳالهيون پئي هليون ته اسان جو دلربا دوست، هر دم متحرڪ رهندڙ، تاجل بيوس آيو. پر ڏاڍو پريشان هجي. مٿان اچي بيٺو؛ “استاد اياز جو ته وڇڙي وڃڻ وڏو سانحو آهي. پر سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي پاران وڏي پيماني جو پروگرام رکيل آهي. جنهن ۾ مونکي ايوارڊ به ملڻو آهي ڪيئن به ڪري اهو پروگرام ملتو ٿيڻ گھرجي. حيدرآباد جي ڪنهن ليکڪ يا ڪنهن ٻئي جو ڪو نمبر نٿو ملي گھران ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم هتي ڪنهن وٽ نمبر هجي ته ڏيو پي سي او تان ڪال ڪري ٿو وٺان!”

اسان سڀ ويٺل خاموشي ٿي وياسين. ائين چئي تاجل بيوس ويٺو ڪو نه. پري هليو ويو ۽ اڳتي پوئتي پريشانيءَ ۾ هلڻ لڳو. قمر شهباز چيو، علي احمد بروهي کي ته؛ “تاجل بيوس ڏاڍو پريشان آهي.”

بروهي صاحب وراڻيو؛ “ان ۾ هن جو ڏوھ ناهي. هن تي ميار ڪهڙي؟ جنهن پاڻ ئي تخلص “بيوس” رکيو آهي. هو ويچارو پنهنجي وس ۾ ئي ناهي.“

سائين ابراهيم جويو شيخ اياز جي گھر ويو. ٿوري ديرکانپوءِ موٽي آيو. چيائين؛ “جنهن کي شيخ اياز جو آخري ديدار ڪرڻو آهي، سو مٿي فليٽ تي هلي، منهن ڏسي وٺي. پوءِ رش وڌي ويندي، گھر ۾ سڀني کي وٺي وڃڻ مشڪل ٿيندو.”

اسان سڀ اٿي بيٺاسين ته تاجل به اچي سلهاڙيو. لفٽ ذريعي مٿي پهتاسين. شيخ اياز پنهنجي فليٽ ۲۷ اي جي ڪمري ۾ پر سڪون، چهري تي اطمينان جي جھلڪ، ونڊو اي سي ڦل پئي هلي. اياز جو چهرو، ڪلهن تائين کليل هئو. باقي سڄو جسم ڍڪيل. اي سي جي هوا تي سندس ڪجھ وار لڏيا پئي. ائين لڳو پئي ننڊ ۾ سمهيل آهي. سڀ پوئتي نڪري ويا. رمضان ۽ مان ڪمري ۾ موجود هئاسين. مون ڪيترا ئي ڀيرا اياز جي چهري کي ڏٺو. اکيون ڀرجي آيو. آخري ملاقات، بس آخري ملاقات. وري اياز کي طبعي زندگيءَ ۾ ڏسي نه سگھندس. مون کي آخري ملاقات مڊ ايسٽ اسپتال واري ياد آئي، جنهن ۾ پاڻ وڏڙي جي حيثيت ۾ ڪجھ هدايتون ڪيون هئائون. رمضان جي ڪيفت به مون کان گھٽ ڪا نه هئي.

جڏهن ڪمري کان ٻاهرنڪري واپس تڏي تي اچي ويٺاسين ته ٿوري دير کانپوءِ هڪ جوان سال شخص آيو. منهنجي پويان خاموشيءَ سان اچي ويٺو. ڪجھ ديرکانپوءِ محترم علي احمد بروهي، جيڪو سائين ابراهيم جوئي جي ڀرسان ئي ويٺو هئو، تنهن ابراهيم جوئي کي هن شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ “هن کي مٿي وٺي وڃو. اياز جو منهن ڏيکاريوس.”

مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو. ڏاڍو سهڻو سيبتو جوان هيو.

قمر شهباز، اسان سڀ محترم ابراهيم جوئي ڏانهن ڏسندا رهياسين. ڪو به جواب ڪو نه ڏنائين. نڪو ڪو سندس چهري تي تاثر اڀريو. هن شخص ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو. مان اٿي سائين تاجل بيوس وٽ آيس، جيڪو ڀرسان ئي خالي جڳھ تي ڦيرا ڏئي رهيو هئو. ساڻس اچي بيٺس. پڇيومانس؛ “تاجل سائين ويهو ڪو نه ٿا خير ته آهي!”

چيائين؛ “يار ڪيئن به ڪري حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرام ملتوي ڪرائڻو آهي. مون کي ايوارڊ ٿا ڏين.”

“اڇا. سائين اهو ته ٻڌايو هي جوان جيڪو ويٺو آهي، سو ڪير آهي؟”

مون هن شخص ڏانهن اشارو ڪيو. جنهن کي اياز جو منهن ڏسڻ کان سائين ابراهيم جويي انڪار ڪيو.

تاجل چيو؛ “اري يار شيخ اياز جو پٽ ٿي. سندس شڪارپور واري گھر واريءَ اقبال مان آهي. نالو اٿس سرمد اياز.”

(اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ۳ ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس ۳ ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. حوالو نامياري ليکڪ مختيار چنا جو)

شيخ اياز جي حوالي سان ٻنهي گھر وارين جي مسئلي کان آگاھ ته هئس. هڪ گھر واري شڪارپور ۽ ٻي گھر واري زرينا ڪراچيءَ ۾ پرنس ڪامپليڪس ۾ اياز سان رهندي آهي. تنهنڪري خاموش ٿي ويس. بيٺا هئاسين ته. ادب جو پڙهندڙ ۽ ڀلو ماڻهو حبيب الله ڀٽو آيو. جنهن سان منهنجي جي به سلام دعا هئي. سندس هٿ ۾ ٺوٺ جيڏي وڏي موبائل هئي.اچي مليو. تڏي تي ويٺلن ڏانهن ڏسندي چيائين؛ “اڃا ته بلڪل ٿورا ماڻهو پهتا آهن.”

اسان ٻنهي مان ڪنهن به جواب ڪو نه ڏنو. ٿوري دير ڳالھ ٻولھ ٿي ته تاجل سائين چيس؛ “يار! حيدرآباد ان موبائيل تان فون ٿي سگھي ٿي.”

حبيب الله چيو؛ “ها ڇو نه! نمبر ڏيو! ڪوشش ڪيون ٿا. ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟”

تاجل چيو ته؛ “اڄ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ گولڊن جوبلي پئي ملهائي. ان جو پروگرام آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي لکيڪن کي ايوارڊ ڏين پيا. هيڏانهن ڪراچي ۾ وڏو سانحو ٿي ويو آهي. شيخ اياز انتقال ڪري ويو آهي. سو پروگرام ملتوي ڪرائڻو آهي.”

ائين چئي تاجل بيوس ۽ حبيب الله ٻاهر نڪري ويا. مان واپس اچي تڏي تي ويٺس. ڳالهيون پئي هليون. جنهن ۾ قمر شهباز اڳڀرو هئو ته؛ “شيخ اياز کي شڪارپور يا ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪجي.”

سڀني جون نظرون سائين ابراهيم جوئي ۾ هيون جيڪو اهو چئي اٿيو ته؛ “گھر وارن سان صلاح ڪجي. اهي ڇا ٿا چون.”

شيخ اياز جي گھرواري زرينا جي اولاد مان ڪير به موجود ڪو نه هئو. يعني پاڻ جت ويٺا هئاسين. ابراهيم جويو جن گھر ويا. ڪو ئي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ واپس آيا. اچي چيائون ته؛

“فيصلو ٿي ويو ته شيخ ايازکي ڀٽ شاھ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪبو. تاج جويي سان فون تي رابطو ٿيو آهي. پاڻ ڀٽ شاھ جي گادي نشين سان ڳالهائي ورتو اٿائين. جن چيو آهي ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. ڀلي اچي ڀٽ شاھ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. قبر جي جاءِ اسين ڏيون ٿا ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي طرفان جيڪو گولڊن جوبلي پروگرام هئو. ان کي شيخ اياز جي تعزيتي پروگرام ۾ بدلايو ويو آهي.”

سڀني تي خاموشي طاري ٿي وئي. قمر شهباز رڳو ايترو چيو؛ “اهو ته ايازجي مرضيءَ جي ابتڙ پيا ڪيو.”

تاجل بيوس چيو؛ “ادبي سنگت وارو پروگرام ملتوي ڪري تعزيتي پروگرام ۾ بدلائي چڱو ڪم ڪيو اٿن.”

وقت گھڻو گذري چڪو هئو. مختلف اخبارن جا رپورٽر به اچي پهتا هئا. ماڻهن جي رش گھڻي ٿي چڪي هئي. عوامي آواز جو رپورٽر قاضي آصف به پهچي ويو هئو، جنهن مختلف ماڻهن کان تاثر پئي ورتا. هي واحد رپورٽر هيو جنهن رمضان نول ۽ منهنجا خيال قلم بند ڪيا ۽ ٻئي ڏينهن تي عوامي آواز ۾ ڇپيا هئا. جڏهن پڪو فيصلو ٿي ويو ته شيخ اياز کي سڀاڻي ڀٽ شاھ تي دفن ڪيو ويندو ته ڪيترن ماڻهن آهستي آهستي اٿڻ شروع ڪيو. مان ۽ رمضان به صبح کان وٺي ويٺا هئاسين تبسم سان صلاح ڪري اجازت وٺي گھر روانا ٿياسين. ٻئي ڏينهن تي اسان ڀٽ شاھ ڪون وڃي سگھياسين. اخبارن ۾ خبر پڙهيسين ته شيخ اياز کي ڪراڙ ڍنڊ جي ڪناري تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين اهو ٻڌايو ويو هئو ته قبرستان ۾ قبر جي جڳھ گادي نشين ڏيندا. پوءِ ڇا ٿيو هئو ان جي خبر مونکي ناهي. مون ٽيجھي ۾ شرڪت ڪئي. وڏو ميڙاڪو هئو، وڏي خلق لٿل هئي. مونکي مصطفي قريشي ملي ويو. هن سان واقفيت هئي. ٻانهن مان ورتائين چيائين؛ “مون سان گڏ گڏ هل”. رستي هلندي چيائين؛ “توهان سنڌي ادبي سنگت جو مونکي ميمبر اڃان ناهي ڪيو. ڪڏهن فارم ڀرائيندا.”

چيم؛ “جلدي اوهان کي س ا س جو ميمبر ڪندس.”

اسان پاڻ ۾ ڳالهايو پئي ته ستار پيرزادو آيو. چيائين؛ هن پاسي هلو. اوڏانهن وياسين. جام خلق لٿل هئي، جن ماني پئي کاڌي. مصطفي قريشي ۽ مون گڏجي ماني کاڌي. واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ڪجھ اديب شاعر ليکڪ ڪيهر شوڪت، رکيل مورائي مشتاق باگاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ليکڪ هئا. اتان رخسانا پريت پڻ لانگهائو ٿي. مان بيٺل ئي رهيس ته قريشي کي سندس پرستار وڪوڙي الائي ڪيڏانهن وٺي ويا.

ڪجھ هفتن کانپوءِ پريس ڪلب ڪراچي جي پوئين پاسي وارو ميدان هئو ماڻهن سان سڄو پنڊال ڀريل هئو. پروگرام شيخ اياز جي حوالي سان هئو. ڊائيس تي جيجي زرينا پنهنجي درد ڀرئي آواز ۾ سازن کان سواءِ ڳاتو.

اي سنڌ توکي الوداع

اي هند توکي الوداع

ڪيترن جون اکيون آليون ٿي پيو. مونکي شيخ اياز جو چهر و پئي ياد آيو. جڏهن سندس ڪمري ۾ آخري ديدار پئي ڪيو ته ونڊو اي سي جي هوا تي ڪئين پئي سندس وارن جون چڳون هوا ۾ لڏيون پر سڪون چهرو ۽ منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا. جيجي زرينا جو آواز ڪنن ۾ ٻُرندو رهيو. اي سنڌ تو کي الوداع اي هند توکي الوداع..

 

(منظور پرواز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان، بعنوان “شيخ اياز شڪارپور ۾ ڇو نه دفن ٿيو؟ پڙھو اکين ڏٺو نامور ڪھاڻيڪار سائين رزاق سھتو جو سربستو احوال - شيخ اياز کي واپس شڪارپور ۾ دفن ٿيڻ گھرجي اسان جو مطالبو” ۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


شيخ اياز

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين - سندس سالگرھ تي کيس ڀيٽا

ننگر چنا

“ادب جو دليل منطقي نه آهي، پوءِ به منطق کان وڌيڪ پاڻ مَڃائيندڙ آهي. ادب انساني روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي، ان تي هڪڙو گَهرو تاثر ڇڏي ٿو ۽ انهيءَ تاثر جو عملي زندگيءَ جي تشڪيل ۾ تمام وڏو هٿ آهي.”

“ڪوڙهئٖي ۽ جُذام ورتل معاشري ۾ روح به ڪوڙهيو ۽ جُذامي ٿيندو آهي، جيڪو اديب ۽ دانشور زندگيءَ جي ڏکيايُنِ ۽ تڪيلفن کان مُنهُن موڙي ٿو، اهو بزدل ۽ ڪريل انسان آهي. اهو ڀاڄِ جي باوجود ادب تخليق ڪري ٿو پر اهو رڳو هڪڙي ڪُوڙي ڪيمياگر وانگر ڪُوڙِي چَمڪ ته پيدا ڪري سگهي ٿو پر انهيءَ وٽ هوندو اهو کوٽو ٽامو ئي آهي.”

مٿيان ويچارَ انهيءَ شخص جا آهن، جيڪو پوري ڄمارَ زندگيءَ جي ترجماني ڪندو رهيو. زندگي، جيڪا سڀني وَٿن کان وڌيڪ محترم ۽ متبرڪ آهي. مبارڪ علي/شيخ اياز سنڌ جي سرزمين تان اُٿندڙَ جدوجهد، انسان دوستي ۽ لازوال اُميد جو اهڙو آواز هو/آهي، جنهن جا پير پنهنجي ڌرتيءَ تي کُتَل هيا، پر سندس نظر زمين جي سمورن انسانن تي هئي. اهڙو آواز جيڪو اعليٰ آدرشن جي ترجماني ڪندو هو ۽ اڄ تائين ڪراچي کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونهجر تائين انهن مظلوم ماڻهن جي ترجماني ڪري ٿو، جن ماڻهن کي سنڌي قوم چئجي ٿو. اهو آواز اُنَ مهل تائين سفر ڪندو رهندو، جيسين پنهنجو حقيقي مقصد، جيڪو پهرئين مرحلي ۾ قوم ۽ وطن جي آزادي ۽ ٻئي مرحلي ۾ روءِ زمين جي انسانن جي آزادي ۽ خوشحالي آهي، کي حاصل ٿيندي ڏسي نه ٿو وٺي. اياز ڪُوڙو ڪيمياگر نه هو. هُو عوام جو شاعر هو، عوامي امنگن جو شاعر هو، زندگيءَ جو شاعر هو. اياز سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي ورثي ۽ شاھ لطيف جو تسلسل هو ۽ انهيءَ وانگر زندگيءَ جي سمورين رنگينين، سمورين حُسناڪين، احساسن ۽ سَچائين جو شاعر هو. بقول سائين محمد ابراهيم جوئي جي شاه لطيف، سچل سرمست ۽ ڀائي چين راءِ بچو مل سامي، اهي ٽَئي ڪَوي ملي، هڪ ٽِمورتي ٺاهين ٿا. مان سمجهان ٿو ته سنڌي شاعري جي مُنهَن تي هڪڙو نَڪُ آهي ته ٻه ان جون اکيون آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اهڙي ٽِمورتي جيڪا هڪ پاسي قرآن کي سنڌي روپ ڏئي ٿي، ان کي سنڌي رنگ ۾ رنگي ٿي ته ٻئي پاسي ويدن کي پنهنجي تهذيبي روحَ مطابق قبول ڪري ٿي. ان سَڄي عمل جي موٽ ۾ سنڌي قوم جو اهڙو رَويو جنم وٺي ٿو جيڪو ٻُڌمت، جين مت، هندومت سان گڏ اسلام کي به پنهنجي وڏن جي ميراث ۽ سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت طور قبول ڪري ٿو. ان عمل مان هڪ نئون سنڌي جنم وٺي ٿو، جنهن لاءِ لازمي هوندو هو ته هُو صبح سويري اُٿَڻ کان پوءِ اهو چوي ته، ”هندو مسلمان جو خير.” يا وري اهو ته، “سَڄي جهانَ جو خير، تنهن جي صدقي اسان جي ٻچڙن جو خير.” انهيءَ سيڪيولر، انسان دوست، جمهوري ۽ PLURALISTIC رَوين کي شاھ لطيف “عالم سڀ آباد ڪرين” جي شڪل ۾ پيش ڪيو.

جڏهن جديد سنڌي سماج ۾ جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين مذهبي گروهن فرقي پرست ٻڄ ڇَٽڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي قراردادِ مقاصد کان ٿيندي ملڪ جي مالڪن ايوبي آمريت لاءِ واٽون ٻُهارڻ شروع ڪيون، تڏهن شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ استاد بخاري جي صورت ۾ ساڳي ٽِمورتي جنم ورتو. جهڙيءَ ريت پهرين ٽِمورتيءَ ۾ شاھ لطيف فني ۽ فڪري حوالي سان مٿانهون آهي، اهڙيءَ ريت نئين ٽِمورتيءَ ۾ اياز به اڳيان اڳيان آهي. شاھ لطيف کي پنهنجي ڦوھ جواني ۾ ان بي مثال کاهوڙيءَ جي شهادت ڏسڻي پئي، جنهن مارڪس کان به اڳ “جيڪو کيڙي سو کائي” جو پروگرام ڏنو ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪئي. هارين لاءِ وڙهندي اهو عظيم انسان شاھ عنايت لانگاھ جڏهن شهيد ٿيو تڏهن شاھ لطيف جي ڄمار ۲۵ ورهيه هئي ۽ ان کان پوءِ ايراني ظالم هڪ اوچتي آفت جيئن ڪڙڪي پون ٿا، کيت اُجاڙي ڇڏين ٿا، اَنَ جا کَرا ساڙين ٿا، وستيون ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهن جو ڪوس ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ شاھ لطيف عشق جا لڪ به لنگهي ٿو ۽ پوءِ شاھ لطيف شاعر جو جنم ٿئي ٿو. شاعريءَ جي اُڀَ جو سڀ کان وڌيڪ جَرڪندڙ تارو. ۱۹۴۷ع جي ورهاڱي جا ڦَٽَ تازا آهن، اڃا چِڪي رهيا آهن. سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ بنگال جو نالو وٺڻ به ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي. “سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو”. ايوبي آمريت جي هاهاڪار مَتل آهي، جيل آهن،سزائون آهن. مذهبي ٺيڪيدار، جماعت اسلامي جا ڌُڪڙائي ۽ فتوا باز اياز تي ڪفر جي فتوا ڏين ٿا. اياز کي جيل ڀوڳڻو پوي ٿو، تڏهن وڃي شيخ اياز جو جنم ٿئي ٿو. ويهين صديءَ جو سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ٻيو جَرڪندڙ وِهائُو تارو.

اسان اياز جي شاعريءَ کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون دور ورهاڱي کان وٺي ون يونٽ ٽٽڻ تائين آهي، اهو اياز عوام دوست ۽ دوست آهي، پورهيتن جو ساٿي آهي، آمريت دشمن آهي ۽ مزاحمتي آهي. انهيءَ دور ۾ اياز جي ڪتابن تي پابندي هنئي وڃي ٿي ۽ ائين ايوبي آمريت پنهنجي ڇتڪتائيءَ ۽ چريائپ جو مظاهرو ڪندي، سنڌ جي آواز کي گھٽڻ لاءِ سمورو وَسُ هلائي ٿي.

ڪتابن تي پابندي!! ڄڻ ته ڪو سوجهري، واءَ، سڳنڌ ۽ پيار تي پابندي هڻِي، ان کي روڪي سگهيو آهي. هڪ پاسي اياز کي وات بند رکڻ جو چيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي عوام کيس پڙهڻ ۽ ٻڌڻ گهري ٿو. پئبلو نيرودا پنهنجي ڪتاب “يادگيريون” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته مان جڏهن آلندي سان گڏ چُونڊ مُهم ۾ حصو وٺي رهيو هيم، تڏهن عوام هر هنڌ مون کان تقرير ڪرڻ بدران شاعري ٻڌائڻ جو مطالبو ڪندو هو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ کين شاعري ٻڌائيندو هيم. ائين ئي اياز سان به ٿيو. ڪاري ڏائڻ ايوبي آمريت جا سائي ورتل ڏينهن، سياسي جلسن جلوسن تي پابندي، سنڌي دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن “سنڌي شام” ۽ “جشنِ لطيف” جي نالي تي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا. ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جي نالي ۾ وطن دوست سياست ٿيندي هئي. سائين جي ايم سيد بزمِ صوفياءِ سنڌ ٺاهي ۽ پيرن جي ميلن تي ادبي ڪانفرنسون ڪري قوم تائين پيغام پهچائڻ لڳو هو. حيدرآباد ۾ انهن ڏينهن ۾ هڪ پروگرام ۾ شيخ اياز مهمان هو، کانئس رڳو هڪ مطالبو ٿيو، “اسان کي پنهنجي شاعري ٻڌاءِ.” انهن ئي ڏينهن ۾ اياز کي ڪراچيءَ کان سکر بدر ڪيو ويو ۽ کيس پَهري هيٺ نيو پئي ويو جو ماڻهن کي حيدرآباد ۾ سُڌَ پئي، ماڻهو ريل جي پَٽڙين تي سمهي پيا، ريل بيٺي، اياز بوگيءَ جي در تي اچي بيٺو. مطالبو ٿيو، “اسان کي شاعري ٻڌاءِ.”

اهو دَور اياز جي شاعريءَ جو اهو دَور هو جنهن ۾ هُنَ پنهنجن گيتن کي شعلن جيئن ڀڙڪندي ڏسڻ ٿي گهريو. هڪ نئين تخليق، هڪ نئون انسان ٺاهڻ جي ڪوشش:

هي ڏوھ نه آهي ماڻهوءَ جي  

مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ،

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان

اهوئي دَور اياز جي بهترين شاعريءَ جو دَور آهي. هُونءَ به ٻوسٽَ ۽ اوندھ ۾ هر ماڻهو سوجهري، هوا ۽ تازگيءَ کي

ڳوليندو آهي. اها ڳولا جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺندي آهي ته پوءِ محمود درويش، فيض، غني خان غني، ناظم حڪمت، پابلو نيرودا، گل خان نصير ۽ اياز جهڙا شاعر پيدا ٿيندا آهن.

اياز جو ٻيو دور اُهو آهي، جنهن ۾ هُو ڀُٽي جي دِلبي ۾ اچي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيڻ قبول ڪري ٿو ۽ سندس اهو دَور فڪري لحاظ کان ۱۹۸۸ع تائين هليو اچي ٿو. اياز اهو سمجهيو هو ته مان ٽيگور جيئن هڪ ٻيو شانتي نڪيتن جوڙيندس ۽ سوڀي جهڙا شاگرد پيدا ڪندس، پر. ....

بسا آرزو ڪِ خاڪ شده.

اياز ڪجھ به نه ڪري سگهيو ۽ شاعريءَ جي ديوي کانئس رُسي وئي. سالن پُڄاڻان، ۱۹۸۸ع ۾ سندس ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾ “ شايع ٿيو. Pessimist اياز، رومانويت پسند اياز، سندس ڪتاب جو عنوان ئي اياز جي خيالن جي ترجماني ڪري ٿو. سج لڪن ۾ لَڙي چڪو آهي، پوياڙي آهي، اونداهي آهي، مايوسي ۽ موٽَ آهي.

لَڙيو سِجُ لڪن ۾، راسيون رَتائين،

مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري. (شاھ)

هتي اياز اسان کي موضوعي سوچن ۽ خيالن سان چاڳ ڪندي نظر اچي ٿو. اياز جو ٽيون دور سندس مرڻ گھڙيءَ تائين جو آهي. هن دور جي شاعري تصوف جي بيمار، مدي خارج، سماج دشمن رنگ ۾ رنگيل آهي. هڪ دور جو اياز اهو هو جيڪو، “مِٽي اول، مِٽي آخر، مِٽي زنده باد” چوندو، پاڻ سان گڏ هڪ جهانَ کي مست ڪري ڇڏيندو هو ۽ هاڻ وري اهو عالم آهي جو دعائون آهن، ڀَوَ آهن، ڊپ آهن، آزيون ۽ نيزاريون آهن، سَڏَ آهن. تصوف جو اهو سجايو، انقلابي، انسان دوست پاسو به ناهي، بس آهي ته رڳو، ”اُٿي اور الله سينُ”

خانقاهي تصوف، جنهن جا لطيف ۽ سچل مخالف هيا. هڪ گَٺلَ پيٺلَ، بي معنيٰ، خشڪ ۽ غلاماڻي روايت، اياز انهيءَ جو پوئلڳ بڻجي ويو. پر انهيءَ ٽئين دَور جي هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته ان مان اياز پنهنجي اصليت ڏانهن وَر وَر ڪري موٽي ٿو. هُو پهرئين دَور جي جهلڪ ڏيکاري وَري ٻئي دَور ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري اُهوئي تصوف آهي، جهانَ جي بي ثباتيءَ جو پِٽڪو آهي. اصل ۾ حقيقي اياز جيڪو عوام دوست آهي، انقلابي ۽ وطن دوست آهي، انسان دوست ۽ باغي آهي، اهو اياز ڪڏهن به گم نه ٿو ٿئي.

اياز مُشاهدي سان گڏ وسيع مطالعو رکندڙ شاعر آهي. قلم ۽ ڪتاب سندس دوستي مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهي. اسان کي سندس شاعريءَ ۾ ويدن، اپنشدن، پراڻن، مهاڀارت، گيتا، رامائڻ، ڌم پد، زند اوستا ۽ قرآن جا حوالا ملن ٿا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ لطيف، ميران ٻائي، قاضي قادن، ڪبير، سُورداس، اَمارو، تلسي داس، غالب، حالي، مير، سودا، اصغر گونڊوي، ٽيگور، نذرالاسلام، غلام فريد، رحمان بابا، بابا بلي شاھ، وارث شاھ ۽ ٻين دنيا جهان جي شاعرن، دانشورن ۽ اديبن سان منسوب نظم ملن ٿا. ڀڳت سنگھ ۽ سندس ساٿين تي خاص ڪتاب “ڀڳت سنگھ کي ڦاسي” لکيائين. سندس نثر ۾ هند ۽ سنڌ سان گڏ سڄي جهان جي شاعرن، اديبن، فلسفين، مصورن، انقلابين ۽ سماج سُڌارڪن جو ذڪر ملي ٿو. انهن جون ڳالهيون، انهن سان اياز جون ڳالهيون ملن ٿيون. ائين اياز سڄي سنڌ کي جهان سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. هڪ اياز اهڙو به آهي جنهن کي پڙهڻ وارا شاعري به پڙهن ٿا ۽ دنياجهان جي سُٺن انسانن سان ڏيٺ ويٺ به ڪن ٿا، ٻئي پاسي اياز جڏهن سنڌي شاعري يعني بيت، وائي ۽ وري غزل جي ڪلاسيڪل روايت کي جديد رنگ ۾ رنگڻ شروع ڪري ٿو ته هُو ان ۾ اسحاق آهنگر، قاضي قادن، شاھ عنايت، شاھ عيسي، لطف الله شاھ قادري، شاھ لطيف، سچل، سامي، خواجا محمد زمان لنواري واري، بيدل، بيڪس، دلپت، روحل، حمل کان ٿيندو مير عبدالحسين سانگي، حافظ گل، ڪشن چند بيوس ۽ هري دلگير تائين سڀ رنگ گڏ ڪري، رلهيءَ جي رنگين ٻارين جيئن سنواري، دنيا آڏو پيش ڪري ٿو. هُنَ جي شاعريءَ ۾ اُڀري اچي ٿي هڪ نئين نويلي، تازي، سدا حيات سنڌ جي تصوير.

اياز جي شاعري جو دامن ايترو ته ويڪرو آهي، وڏو آهي جو هڪ پاسي سنڌ ۽ هند جي ڪردارن کي نئين معني بخشي ٿو ته ٻئي پاسي لينن، فينن، لوممبا، ليوپولڊ سنگهور ۽ بنجامن مولائيز کي ڀاڪر پائي هڪ نئون جهان تخليق ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪائنات جي بي انت وشالتا جيئن بي انت رنگ آهن، موضوع آهن، خيال آهن ۽ خواب آهن.

ڪنهن ٿوهر هيٺان واريءَ تي

وسرامي آهن روجھ جيان

ڄڻ سارا درد زماني جا

هِن دور هٽايا ٻوجھ جيان

هن ڌرتيءَ تي دک تاتيندي

ڪجھ پنهنجا ۽ ڪجھ هن دنيا جا

ڪيئن عمر اُڏامي ويئي آ

انسان ڪڏهن ٿيندا آجا!؟

يا وري هيئن چوي ٿو ته :

ماڻهو جي مَنَ ورتيءَ وانگر

دنيا نيٺ بدلجي ويندي

ڌرتي نيٺ ڪبيرا تنهنجي

چرخي وانگر پيار ڪَتيندي

اهو اعلا انساني آدرش جڏهن انسان پاڻ سان گڏ سموري مخلوق جو خيال رکندو، سڀئي قومون آزاد هونديون، اهڙو سماج جتي ڪير ڪنهن جو ڏڄڻ نه هوندو، سڄڻ ئي هوندو.

اياز پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ ماضيءَ ڏي موٽ کائيندي ناڪاري ناسٽلجيائي ڪيفيت ۾ نه ٿو وٺجي وڃي. بس هُنَ وٽ هڪڙو فڪر ۽ فهم آهي، هڪ مقصد ۽ ان لاءِ چاهت آهي ۽ اهو آهي، “جدوجهد ۽ جيون سان پريم”. سندس سنگيت ناٽڪ “رني ڪوٽ جا ڌاڙيل” ۽ “دودي سومري جو موت” اهڙيون تخليقون آهن، جن ۾ هُو ماضي، حال ۽ مستقبل کي هاڪاري بنيادن تي ڳنڍي ٿو ته ٻئي پاسي اياز جڏهن جمالياتي احساسن ۽ منظرن کي چِٽي ٿو ته خُشڪ ۽ رُکي طبيعت وارو ماڻهو به ڄَرڪي پوي ٿو. سندس اهڙن شعرن جي اکر اکر مان جمالياتي ڀاوَ ڇُلڪندي نظر ايندا، ان جو مقابلو سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه جديد شاعر نه ٿو ڪري سگهي.

ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن

ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو سڄو واسُ وَنُ.

ڏاکڻي هوا ۽ ڪا اپسرا گلابي بدن جسم کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نه سندس سڄو رنگ ٿو لڪي، پر جي لڪي به وڃي ٿو ته هَوا هن جي سُڳنڌَ کڻي وڃي ٿي ۽ هن جو ڏس پتو هر ڪنهن کي ڏئي ڇڏي ٿي.

صبح سويري جيٺان نيسر هيٺان وهنجي ويٺي نارِ

اُجري تن تان مهٽي ويٺي گدلا گدلا پيارَ

صبح جي ويلَ ۽ نار جي هيٺان هڪڙي مُنڌَ پنهنجي اجري تَنَ تان محبوب جا ڇڏيل راتوڪا نشان مهٽي مَهٽي لاهي رهي آهي. پڇاڙيءَ ۾ اياز جا ٻه نظم جن مان هڪ ۾ تخليق ڪار جي ڪِرت ۽ اَرٿ کي چِٽو ڪندي چوي ٿو:

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!

سُتي ساھ جاڳي وڃي دور دور

ستارا لتاڙي اسان جو شعور

سوين چنڊ ساٿي

ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾

سفر ۾ سوين ڪائناتون

نه آغاز جن جڳ نه انجانم جن جو

زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون

جڏهن موٽ کائون

سين راز آڻيون

سوين ساز جي لئه آواز آڻيون

سوين چنڊ چايون

ستارا تڳايون

انهن سان اچي پو

سڄو جڳ جڳمڳايون

اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!

اياز شاعر جي انهيءَ پل جو ذڪر ڪري ٿو جڏهن هُو سُتل هجي ٿو، تڏهن به هُنَ جو شعور ڪم ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ڄاڻوءَ جي ننڊ عبادت آهي. “سي ستا ئي سونهَنِ، ننڊ عبادت تن جي.” شاعر انهيءَ حال ۾ به ستارا لتاڙي، پري پري تائين وڃي ٿو. ڪيتريون ئي ڪائناتون گهمي، چنڊ ۽ ستارا کڻي اچي ٿو، چمڪندڙ روشن روشن خيال کڻي اچي ٿو. نيون ڳالهيون، نوان راز ۽ راز جي لاءِ نوان نڪور سُرَ ۽ آواز کڻي اچي ٿو. هُو جو ڪجھ به آڻي ٿو، چوريءَ يا زوريءَ، سو رڳو انهيءَ ڪري ته اونداهيءَ رات ۾ سوجهرو ٿي سگهي. خوشيون هجن. جاڳ جو ڀاڳ سچ ته اهي سڀاڳا آهن جيڪي ننڊ جا نيڻ بڻجي سگهن ٿا. ٻئي نظم ۾ اياز چوي ٿو:

مون مشعل مشعل گيت چيا

جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي

جو ڪارونجهر تي دور ويو

سو رستو سارو روشن ٿئي

جنهن وقت انڌيري راتين ۾

گهنگهور گهٽائون ڇائينديون

تنهن وقت سموري ٿر بر کي

هي روشنيون دڳ لائينديون

ڪنهن وقت ننگر تي نينگرڙا!

سڀ چارا چنڊ پَسائيندو

تون پنهنجو گهر ڳولي لهندين

هُو تنهنجي گهر تائين ايندو

تنهن وقت گهٽا جي گهيري ۾

ڪنهن مشعل تنهنجي لاءِ اُڀي

ڪئي آڌيءَ رات انڌيري ۾...

بس، اياز جي سُڃاڻپ اهي ئي شعلا شعلا گيت آهن، جيڪي تَئي جي پُٺيءَ جهڙي ڪاري رات کي اُجاري ڏينهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهو جُهد مبارڪ آهي، چڱو آهي ۽ ڀاڳن ڀريو آهي. اهوئي هڪ سچي شاعر جو ڪم آهي. هُو اسان کي پڪ ڏياري ٿو ته اهڙو وقت ضرور ايندو جڏهن سڀئي راهون روشن ٿينديون ۽ سمورا انسان پنهنجي منزل ماڻيندا. تڏهن هُو وينتي ڪري ٿو ته رڳو ايترو ياد رکجو ته آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ رهبري ڪرڻ جي لاءِ ڏياٽي ڪنهن اُڀي ڪري جهلي هئي ۽ اسان اَوس ياد رکنداسين!!


شيخ اياز

لازوال ۽ لاجواب شاعر

نسيم بخاري

شيخ اياز بلڪل درست لکيو هو ته:

شاعر اهو وڻ هوندو آهي

جنهن جا گُل

هن جي موت کان پوءِ

اڳي کان به وڌيڪ ٽڙندا آهن.

جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن شيخ اياز نت نئين انداز سان پڙهندڙن جي تحقيق ۽ مطالعي جو جواز بڻجي رهيو آهي. رڳ رڳ ۽ ساھ ۾ سمائجي رهيو آهي، ائين چئون ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هڪڙو دور اوس اهڙو اچڻو آهي جو جت ڪٿ ۽ جهر جهنگ شيخ اياز جي شاعري جا چاهيندڙ ائين ڏسڻ ۾ ايندا جيئن قدرت اهو اعزاز شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي بخشيو آهي.

شيخ اياز نه رڳو پنهنجي دور جو شاعر پر هر دور ۽ مستقبل جي به مستقبل جو شاعر آهي. اهوئي سبب آهي ته هن جي شاعري محسوس ڪرائي رهي آهي ته ڄڻ اڄ جي شاعري هجي. مثال طور هو لکي ٿو ته: اسان امن جون ڳالهيون به ڪري رهيا آهيون ۽ ساڳي وقت جنگ جا سانباها به ڪري رهيا آهيون ۽ گانڌيءَ جي آتما پنهنجي سماڌيءَ ۾ لڇي رهي آهي ۽ بلي شاھ پنهنجي يڪتاري سان سِر ٽڪرائي رهيا آهن.

ڇا اڃا تائين مون کي جنگ جي مورچي تان امن جا شعر لکڻا پوندا.

۽ ان ڪري غداري جي الزام هيٺ سزائون ڪاٽيڻون پونديون.

اي ٻنهي ديسن جا انڌا سياستدانو!

مون وٽ ڪيترا نه چنڊ تي گيت هيا، گلن تي گيت هيا، مينهن ڦڙين تي گيت هيا.

۽ انهن محبوبڙين تي گيت هيا، جن جي سينن جا هنج اڃا تائين منهنجي مَن جي تلاوُ ۾ تري رهيا آهن ۽ جن جي ڳلن جا گلاب ساري مون وٽ ٻارهوئي بسنت جي رت هوندي آهي.

ڇا مان اُهي گيت نه لکان ۽ باقي وقت اَمن جا گيت لکي ضايع ڪَريان:

امن جو اڄ نه سُڀاڻ اچڻو آهي،

امن جو اڻٽر آهي،

ڇو ته چڱائيءَ جي سوڀ اوس آهي،

۽ برائي انت پاڻ کي ناس ڪندي آهي.

شيخ اياز سادي طور تي اميدن جو شاعر آهي. اُتساھ ۽ حوصلو سندس سٽ سٽ مان جهلڪي ٿو. هن وٽ هڪ ادب ۽ شاعر پنهنجي سماج، ڀُونءِ، پوري دنيا لاءِ لاڀائتي ۽ ڪارائتي بڻجي وڃڻ وارو نياپو آهي. پنهنجي فڪر، ڦهلاءَ وارو پيغام آهي، شيخ اياز نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ جي جهول ۾ اڻ ڳڻيا لفظ وڌا پر نت نوان موضوع به عطا ڪيا. هن جي شاعراڻي جستجو سماج کي تبديل ڪرڻ واري تمنا سان نه صرف شروع ٿئي ٿي پر پنهنجي پوري پس منظر ۾ زبردست حد تائين سماج تي اثرانداز به ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي ته هو انتهائي اعتماد سان چوي ٿو ته:

تو جا سمجهي سِٽ سا آڳ اٿئي انمول

جنهن جي سوچ سماج کي ڪري رک رتول

چارڻ ٻاري ٻول، جرڪائي ٿو جندڙيون.

تو جا سمجهي سِٽ سا ڀڙڪي ته ڀونچال

ڊاهي هڻي ڍير ۾، سارو خام خيال

پت مٿان پامال ڪري ڪنگرا ڪوڙ جا

شيخ اياز مخدوم بلاول جي گهاڻي پيڙهجڻ کان اڳ واري عزم جو حوالو ڏئي ٻڌائي ٿو ته عوام دوست انقلاب ۽ مثبت سماجي تبديليءَ لاءِ ڪهڙي قرباني ڏيڻي پوندي آهي.

بلاول گهاڻي ۾ گهڙڻ کان اڳ، ڀرسان بيٺل مريد کي چيو، جو ڪجھ آهي، ان کان نابري وار، ان کي ٿڏي ڇڏ، ان تي ٿوڪارا!

جو ڪجھ ٿيڻ گهرجي، ان تي سڀ ڪجھ وار، اُن کي چُهٽي پؤ، اُن کي اوري آڻ،

دل جو قانون دنيا جي هر قانون کان مٿي آهي، دنيا جي قانون جي دل جي قانون سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ گهاڻي ۾ گهڙڻو پوي ته اُن کان منهن نه موڙ!

دنيا ۾ هر ڳالھ کان وڌيڪ اهم، هڪ نئين دنيا بنائڻ جو جذبو آهي. دنيا، جا وڌيڪ پاڪيزه، وڌيڪ ديانتدار، وڌيڪ حق ۽ انصاف تي ٻڌل هجي.

شيخ اياز حق جو هڏڏوکي هو، اهائي هن جي واٽ اهوئي تخليقي جواز. ان ڪري ئي چئي ويو آهي ته:

روڳي راڳي ڏيھ جا، ڪوڙھ اندر ڪينئان

شاھ نه ڏسان ڏينهن جو جوٺ چئي جيئان

وهسي وِھ پيئان ساٿ نڀائي سچ جو.

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، ڪهڙو ڪوڙ چوان

مرڪي مچ پوان ساٿ نڀائي سچ سان

جي تو ڏٺو ڏيھ ۾ اوندھ ٿي انياءُ

منهنجي ليکي تون به آن انيائي جو ڀاءُ

تنهنجو سهج سڀاءُ، ڏاڍ انوکو ڏاڍ جو.

شيخ اياز ٿو چوي ته ناحق کي ناحق چوڻو آ، جي خاموش ٿا رهو ته پوءِ توهان ۽ ظالم ۾ ٽڪي جو به فرق نه آهي. اياز اڻ ٿڪ قومي عشق جو علمبردار آهي. اهوئي سبب آهي جو چوي ٿو ته:

مون لئه لنگھ نه لڪ جبل جاڙو ڪيتريون

ڏيھ ته چيو تون ڏڪ، پير نه پليان پنڌ کان.

اياز زماني جي مطلب ۽ مفاد پرستيءَ کي به عيان ڪيو آهي. هو سمجهائي ٿو ته:

متان ماڻهوءَ سان ڪو ڳانڍاپو ڳنڍين

ڪتي سان ان کان آهي ويجهائي چڱي،

ماڻهوءَ منجھ بگهڙ ڏند ڇپائي ٿو رکي

جيڏو هن سان وڙ ڪندين تو تي گرڪندو.

مون جنهن لئه سارو، پنهنجو پاڻ لٽايو،

اچي اوڪارو تنهن جون ٻڌي ڳالهيون.

اها حقيقت آهي ته شيخ اياز زندگي ۽ ان جي تلخ تجربن توڙي حقيقتن جو عڪاس شاعر آهي، جيڪو سچائيءَ کي جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو. شيخ اياز جي شاعري سمنڊ آهي. هيءَ تحرير ان سمنڊ مان ائين سمجهو ته هڪ ڦڙي جي نمائندگي آهي، جيڪا اسان کي اياز شناسيءَ جي دعوت ڏئي رهي آهي.

اهو اياز جنهن لکيو هو ته:

سچ خدا آهي

۽ خدا،

هن ساري ڪائنات ۾،

تنها هوندي به

تنهائي محسوس نه ڪندو آهي.

جيڪو ماڻهو حق سچ جو ساٿاري ۽ نمائندو هوندو آهي، سو به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهندو آهي. ڇو ته هن جو درس ئي هن لاءِ وڏو ڏڍ هوندو آهي ۽ اهو آدرش ئي هن کان ڌرتيءَ جي اها دانهن ڪرائيندو آهي ته:

تو چيو،

مان تنهنجو ڀاءُ آهيان، مون کي اڌ ماني ڏي!

مون سادگيءَ ۾ پنڊيءُ تي ماني توڏانهن وڌائي ته

تو پنڊي ئي مون کان کسي ورتي.

تو چيو

مان تنهنجو ڀاءُ آهيان مون کي اڌ پاڻي ڏي،

۽ مون توڏانهن پيالي ۾ پاڻي وڌايو ته تو پيالي ئي

مون کان کسي ورتي.

تو ڏاڍو هئين،

ان ڪري تو مون کي خالي پنڊي ۽ پيالي به موٽائي نه ڏني.

مان هاڻي سوچي رهيو آهيان ته،

دشمني ڀائپيءَ جي احرام ۾ اچي

دل جو ڪعبو ڊاهيندي آهي.

شيخ اياز پنهنجي شعر ۽ نثر سان جڳ جو ضمير جرڪائي ويو آهي. هو خودداري ۽ اصول پرستيءَ جو اهڙو ٻج پوکي ويو آهي، جيڪو سدائين وڌڻو ئي آهي. شل شيخ اياز جي هيٺين ڳالھ اسان جو شاعر ۽ اديب هنئين سان هنڊائي سگهي:

اديب جي زبان اهو ضرب خانو هوندي آهي، جتان لفظ لفظ سوني چانديءَ جي سِڪي وانگر نڪرندو آهي ۽ هر سڪي تي هن جي مهر لڳل هوندي آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

جديد سنڌي شاعري جو سرواڻ

ڏھاڙي عوامي آواز

ھر قوم وٽ ڪي مھان ڪردار پيدا ٿين ٿا جيڪي قوم لاءِ ۽ سموري انسانيت لا۽ مختلف شعبن ۾ پنھنجون ذميواريون نڀائين ٿا ۽ انساني تاريخ جي آسمان تي ستارن جيان پنھنجي چمڪ ڇڏي وڃن ٿا ۽ اھي سورما، فلسفي، اديب، شاعر پنھنجي وطن جي تاريخ جي صفحن تي ڪنھن مقدس لفظ جيان چمڪندا رھن ٿا ۽ ڪنھن معصوم کير پياڪ جي مرڪ جيان ٻھڪندا رھن ٿا. ننڍي کنڊ جي وڏي ماڻھوءَ سنڌ جي عظيم دماغ سنڌ کي پنھنجي وجود ۾ روح جيان رچائيندڙ حشو ڪيولراماڻي جنھن نالي سان پنھنجو ڪتاب “سر لوھيڙا ڳڀيا” جو انتساب ڪندي جديد سنڌي شاعري جي امام شاھ لطيف جي انقلابي رومانوي ۽ روحاني شاعري جي تسلسل، کي پنھنجي شاعري ۾ ڪنھن ناري جي اڻ ڇھيل چپڙن جي پھرين مسڪراھٽ جيان پنھنجي قلم ۾ سجائي کڻي ايندڙ ۽ سنڌي ادب کي پنھنجي شاعري جي سرن سان ديوار چين جھڙي ديوار عطا ڪندڙ شيخ اياز لکي ٿو ته”جنھن مونکي جديد ادب  سياست ۽ تاريخ سان روشناس ڪرايو” حشو ۽ سيد جي ھن عاشق سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جو جنم ۲ مارچ ۱۹۲۳ ۾ پنھنجي مخصوص ريتن رسمن رواجن ۽ رھڻي ڪھڻي واري ان وقت به پئرس جھڙو معيار رکندڙ شھر شڪارپور ۾ ٿيو. شيخ اياز سنڌ جي تاريخ جو صرف ان لاءِ ئي وڏو ماڻھو نه آھي ته ھو جديد سنڌيءَ شاعري جو سرواڻ آھي ۽ ھن سنڌي شاعريءَ ۾ نيون تشبيھون نوان استعارا ۽ نيون صنفون  ڏنيون پر ھو سنڌ جي تاريخ جو بلا جو مطالعو رکندڙ شخص ھيو ھن عالمي ادب جو گھرو مطالعو ڪيو ھيو جنهن وسيع مطالعي جي جھلڪ ھن جي لازوال ۽ باڪمال انڊلٺي شاعري ۽ ھن جي پوپٽ جي پرن جھڙي رنگين نثر ۾ نظر اچي ٿي. اياز جي پھريون نثري مجموعي “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۾ سندس نثر ڪنھن صحرا جي ناري جي لچڪدار جسم جيان پنھنجي مستي ۾ رقص ڪندي نظر ٿو اچي اھي خط جيڪي سندس ويجھي دوست سنڌ جي ڏاھي دانشور محمد ابراھيم جوئي ڏانھن لکيل آھن جيڪي پھرئين ته ٽماھي مھراڻ ۾ ۱۹۵۵ ۾ “اسان جي شاعر جا خط” جي نالي سان ڇپيا پوءِ بعد ۾ انھن خطن ۽ نوٽ بوڪ جي ٽڪرن کي غلام رباني آگري ڪتابي شڪل ۾ ڇپرايو ان ڪتاب ۾ اياز جي وسيع مطالعي فطرت، شعر و ادب، تاريخ، اشتراڪيت، تصوف، ۽ سنڌ جي تاريخ تي لکيل شاندار خطن جو مطالعو ڪندي اياز جي مطالعي ۽ لکڻ جي صلاحيت اڳيان نيڻ جھڪائڻا ئي پون ٿا.ھن ئي ٻين ڪتابن جي رات جي رھزنن پاران بندشون پڻ لڳيون.جنھن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب ۽ دانشور ھيا ان وقت اياز سنڌ کي پنھنجي پنھنجي شاعريءَ ۽ ٻين لکڻين ذريعي اسان کي وڏن اديبن سان متعارف ڪرايو. ٻاھرين ملڪن مان ڪتاب گھرائي پڙھندڙ شيخ اياز تي نرگسيت پسنديءَ جو الزام به آھي پر ھن ڪنھن پرستار سان ملاقات ۾ ان ڳالھه جي وضاحت ڪندي چيو ته “ڇو ٿا ھروڀرو اسان جو وقت زيان ڪيو اسان کي پاڻ لاءِ ٽائيم ڏيو ته اسان ڪجھ لکي وٺون نه پنھنجو وقت وڃايو نه منھنجو”ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته شيخ اياز لطيف کانپوءِ قوم کي متاثر ڪندڙ سنڌ جو وڏو شاعر آھي جنھن جي شاعريءَ ۾ بغاوت جا اُلا رت گرمائيندڙ باغي نظمن ۽ ماھ جبين جي خماريل نيڻن جھڙن رومانوي غزلن، وطن جي مسڪين ماروئڙن ۽ دنيا ۾ ڏاڍ جي ستايل ماڻھن جي فرياد سندس واين ۾ انڊلٺي رنگن ۾ رنگيل چوسٽن ۽ ٻين صنفن، تحت الشعور ۽ لاشعور ۾ لکيل نوٽ بڪ جي شاعراڻن ٽڪرن تائين اياز شاعري جي گلستان کي پنھنجي شاعري جا رابيل عطا ڪيا. شيخ اياز ناول کانسواءِ ھر صنف تي پنھنجو قلم  تيز رفتاري سان ھلايو آھي جنھن ۾ شاعري، ڪھاڻيون، خط، پروفائل، ڊائريون، آتم ڪٿا، منظوم ڊراما، جيل جي ڊائري نوٽ بڪ جا ٽڪرا ۽ ٻين موضوعن تي لکيو جڏھن ته سندس ڀٽائي تي ناول لکڻ واري تمنا اڌ ۾ رھجي وئي ڪاش اياز کي ان ناول لکڻ جي وٿي ملي ھا، ته ڀٽائي تي لکيل اھو ناول نه صرف ھن ملڪ ۾ پر دنيا ۾ ڀٽائي تي لکيل ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ھا جڏھن ته پاڻ ڀٽائيءَ جي رسالي جو اردو ۾ منظوم ترجمو اڳ ۾ ئي ڪري چڪو ھيو. شيخ اياز جي لکيل ڪتابن ۾ ڪلھي پاتم ڪينرو،راج گھاٽ تي چنڊ،ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، ساھيوال جيل جي ڊائري، جڳ مڙوئي سپنو،ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون، ڪتين ڪر موڙيا جڏھن، پنھل کانپوءِ سر لوھيڙا ڳڀيا، سورج مکي سانجھ، اڀر چنڊ پس پرين، ڪاري رات ڪھنگ،گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾، آتم ڪٿا جا چار حصا ۽ ٻيا شاندار ڪتاب شامل آھن.سنڌ جو ھي مھان ڪوي جديد سنڌي شاعريءَ جو مھندار ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ تي ڪراچي ۾ سموري سنڌ کان موڪلائي ويو_

سندس آخري آرامگاھ ڀٽ شاھ تي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي پنھنجي شاعري جي ھن ڪتبي سان موجود آھي.

گونجار ڪندي جا مونکان پو

تنھن جندڙيءَ جو مان جھرڻو ھا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

اياز

سنڌڙي تنهنجو ساھ

ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي

مالڪ سائينءَ سنڌ ڌرتيءَ ڌڻين ڏانهن شيخ اياز کي مبارڪ ڪري موڪليو هو. يقينن هو هن ديس واسين ۽ اٻوجھ مسڪين ماروئڙن لاءِ مبارڪ باد جي خوشخبري ئي کڻي آيو هو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ بلند درجو ماڻيندو. پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ جي شهر شڪارپور ۾ شيخ مبارڪ علي (شيخ اياز) ۲ مارچ ۱۹۲۳ع ۾ ديندار ۽ خدا پرست شخصيت شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتائين. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور مان حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ قانون جي ڊگري ايل ايل بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين. سکر جي ناميارن وڪيلن ۾ سندس ڳاڻيٽو ٿيندو هو. محنت سان منزلون طئي ڪندو رهيو، ايستائين جو ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ٿيو. ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو پر پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ ۽ ماروئڙن لاءِ ڏينهن رات لکندو رهيو. شيخ اياز کي ’ڌرتيءَ جيڏو شاعر‘ جو اعزاز ملندي فخر محسوس ڪيون ٿا. هن جي سٽ سٽ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو اظهار نمايان نظر اچي ٿو.

“سنڌ ديس جي ڌرتي ماتا،

تو تي پنهنجو سيس نمايان،

مٽي ماٿي لايان

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين

توکي چشمن چايان مٽي ماٿي لايان.”

شيخ اياز اکين جي عشق کي به نروار ڪري چيو ته،

“جيئن ڏيئي مان ڏيئو ٻري پيارا

تيئن اکين مان اکيون ٻري پونديون

آءُ ويجهو ته آءُ، منهنجي تون.”

نماڻين اکين جون التجائون ۽ دعائن جو ذڪر به ڪيو اٿائين،

“اکيو آرزئون، اکيون التجائون،

اکيون يار تنهنجون صدين جون صدائون!

سڃاتئي نه سائل، خدا خوش رکيئي،

وڃون ٿا ڪري ديس توکي دعائون.”

هن وٽ مرڻ کان پوءِ ملڻ جون به تمنائون ساھ اندر سانڍيل هيون، تڏهن چيائين ته،

“ٻي خبر ناھ، پر مرڻ کان پوءِ

تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.

جام ومينا رهي، رهي نه رهي،

منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون.

زندگي تلخ آ، هجي نه هجي،

روح ۾ سو ملاحتون رهنديون.

سرحدِ غم قريب آ اي دوست،

ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.

شيخ اياز ايڏو ته معصوم ۽ نفيس شاعر هو جو گلن لاءِ اظهار ڪندي چوي ٿو.

“ڪيو گلن سان پيار نه سائين

چئو گلن کي يار نه سائين،

ڇو ته اهي مرجهائي ويندا،

ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا.”

چنڊ لاءِ چڪورن کي به هيئن نصيحت ڪري ٿو،

“رکو چنڊ سان چاھ نه سائين

ڏيو چنڊ تي ساھ نه سائين

ڪيسين اُن لَيءِ لاتيون لَوندئو!

اُڏري اُڏري ٿڪجي پوندئو.”

۽ وري جڏهن حسن جو درس ڏئي ٿو تڏهن سندس انداز ئي نرالو آهي.

“حُسن جو اڃا تائين قرض مون چڪايو آ،

تِرُ به ڳَلَ مٿان ڪنهن جو، ڪونه مون ڀُلايو آ!”

شيخ اياز روح جو ذڪر ڪندي چوي ٿو،

“اسان جي روح ۾ جنهن جي نفيس خوشبو آ

اُهو بدن به مثالِ گلاب آ، سائين!

عشق جي ٻولي ۾ عاشق معشوق جو رتبو ڪيئن ٿو سينگاري سنواري پيش ڪري.

“ڪهڙو پنڇي پيار جو، ماريءَ ناھ مُٺو!

جيڪو ڪونه ڪُٺو، سو نه اسان جي ڪڙم مان.”

شيخ اياز درد ۽ ڏکن جي پيڙائن مان به پچي پڄري نڪتو جو چيائين،

“ڪَڻا ڪُنيءَ ۾ ڏسي، رُني ڪونه ڪُڇي

لوليءَ منجھ لُڇي، ممتا ساري ماءُ جي.”

عزت ۽ ناموس سان ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جو به رستو ڏيکاريو اٿائين،

“ڳڀو پاڻيءَ ڍڪَ ۾، ٻوڙي جي کائين

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين

ته تنهنجي سائين! ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.”

شيخ اياز ارڏو ۽ مضبوط ارادن جو شاعر هو، هن پنهنجي ڌرتيءَ سان جان جو نذرانو هيئن ارپيو آهي.

“ڪاتيءَ هيٺان ڪَنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ مرنداسين پر مُرڪندي.”

هن پنهنجي شاعريءَ سان ديس ڌڻين کي به فولاد جي ديوار بڻائي ڇڏيو،

“هي ماڻهو وھ جو ڍُڪُ ٿيا

جيئن لُڪَ لڳي تيئن رُڪ ٿيا.”

سندس ساھ جو سڳو سنڌ سان جڙيل هو.

“سنڌڙي تنهنجو ساھ “اياز”

مري نه ٿيڻو آهي مات.”

شيخ اياز سنڌي ادب کي شاهڪار غزل، ڪافيون، وايون، گيت، بيت، نظم، چوسٽا ۽ ترائيل ڏئي سنڌي ادب کي سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي. شاعري جا دلين تي چٽيل نقش عوام لاءِ مشعل راھ آهن.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

صدين جو شاعر

مدد علي سنڌي

شاعر ۽ انھن جي شاعري صدين تائين زندھ رھندي آھي. شيخ اياز جي ۹۲ هين سالگره، سکر شهر ۾ ڪلچر کاتي طرفان رکي ويئي هئي. اتي صدارت سيد سردار علي شاھ کي ڪرڻي هئي. سکر شهر ۾ اياز جي وفات کان پوِء اهو پهريون فنڪشن هو.  اهو خيال سيد سردار علي شاھ جو هو. اها رٿ سڀني کي ڏاڍي وڻي هئي پوء سکر جي مقامي ڪلچر ڪميٽي اياز جو پروگرام ڪيو هو.

`پروگرام ڪرائيندڙن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل ۽ ممتاز بخاري اڳتي هئا. اتي مون چيو هو: جنهن شهر ۾ شاعر جي حياتيء جي جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون، چاليهارو ورهين تائين گذريا هجن، جتي شاعر، سنڌ جي آزاديءَ جا ويهي گيت رچيا. جنهن شهر ۾ اياز کي ٽي ڀيرا سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري ٻه ڀيرا سکر سينٽرل جيل ۽ هڪ ڀيرو ساهيوال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جنهن شهر ۾ شاعر جون امنگون، سوچون، خيال، وڌيا ۽ پروان چڙهيا. اهو سکر شهر خود شاعر اياز کي به ڏاڍو دلپسند هوندو هو. تڏهن ته پاڻ پنهنجي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي “ڀنوئر ڀري آڪاس” ۾ هڪ دوهي ۾ چيو هئائين: “گهاٽ گهاٽ ٿو توکي ساري سکر نه ايندين يار، ڪڏهن پتڻ تي پريت ڪنداسين، ڪڏهن نديءَ جي پار.” “اڄ اسين آيا آهيون، پر شاعر شيخ اياز موجود ڪونهي. ڪو وقت هو جو اياز هن شهر جي رستن تي هلندو هو. سنڌو درياھ جي ڪناري تي پنڌ ڪندو هو. اڄ هن شهر جا رستا ۽ هنڌ ساڳيا آهن. پر اياز موجود ڪونهي.”

سنڌ ۾ اياز جهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. شاھ لطيف کان پوِء هڪ وڏي وقت جي وٿيء بعد، اياز جو وجود سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ وڏي آٿت هو. ڪنهن به قوم جا شاعر ۽ اديب، ان ٻوليء جا رکوال هوندا آهن. اياز هڪ ڀيرو چيو هو، “مون سنڌي ٻوليء کي عظيم ديوار چين وانگر ڀت ڏيئي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.”  واقعي اها ڳالھ آهي به هڪ حقيقت! اڄ اياز جسماني طور تي اسان سان گڏ ڪونهي. پر سندس شاعري سنڌ جي نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ شوق سان پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي.  ڀلي اڄ هن شهر سکر ۾ شيخ اياز جي نالي سان ڪوئي روڊ نه کڻي هجي، يا ڪوئنس روڊ تي واقع اياز جي وڪالت جي آفيس، پراڻي سکر ۾ اياز جي گهر جي ماڙي قائم رهي آهي يا نه. پر سنڌودرياه جي ڪناري، هن شهر جي فضائن، روڊن ۽ رستن ۽ ماڳن تي اياز جي ڳالهايل آواز جو پڙلاءُ، پن پن واءُ ۾ ضرور موجود آهي. هن شهر ۾ اياز جا خواب ۽ سندس شاعريء جي انڊلٺ پکڙيل آهي. شهر سدائين اتان جي ماڻهن جي پويان سڃاتا ويندا آهن. شيخ اياز ۽ هيمون ڪالاڻي به هن شهر جي سڃاڻپ آهي. ڀلي اڄ هن شهر جا رستا، ڪٿي وڃائجي ڇو نه ويا هجن، پر هن شهر ۾ جن ماڻهن سنڌ جي لاءِ خواب ڏٺا، اهي خواب ڪڏهن به مرڻا ناهن، ڇاڪاڻ ته خواب سدائين آزاد هوندا آهن.  انهن تي ڪا به روڪ ٽوڪ يا پابندي نه هوندي آهي. “

آئون ڪراچيء مان حيدرآباد ايندو آھيان، ته ڪڏھن پراڻيون يادگيريون سارڻ لاءِ پنڌ ئي پنڌ نڪري پوندو آھيان. ھڪ ڀيرو تلڪ چاڙھيء وٽان، لنگھندي باٽا شوز جي مٿان واقع اسان جي گھر موماپئلس کي ڏسڻ لاءِ بيھي رھيو ھوس. اھو عاليشان محلن جھڙو گھر ۳۰ سيپٽمبر واري واقعي کان پوء، اسان کي ڇڏڻو پيو ھو. مجبور ٿي منھنجي ڀاء کي اھو گھر جيڪو ادا ممتاز علي قريشي ۽ امان جو دلپسند گھر ھو. ان جا ۶۱ کن روم، وڏو ھال، وڏو ورانڊو، شاھي اڱڻ، ۽ گھر جي ڇت تي ويندڙ ڪاٺ جي ڏاڪڻ، دريون، در ۽ منقش ۳۲ فوٽن کان به اوچيون ڇتيون، برماٽيگ جا وڏا وڏا ڪٻٽ سڀني ۾ منھنجون ساروڻيون لڪل آھن. “شيخ اياز ڪيترا ئي ڀيرا ھن گھر ۾ به اسان وٽ دعوت تي آيو ھو.

ٻيو ڀيرو سياري جي مند ھئي ۽ اياز ناتال جي موڪلن سبب حيدرآباد آيو ھو، ۽ آئون ھن کي دعوت ڏيئي، محترم سائين محمد ابراھيم جويي جي گھران رات جو وٺي آيو ھوس...فقط شيخ اياز، ۽ جويو صاحب ھئا، ڇاڪاڻ ته اياز منع ڪئي ھئي، ته ٻيو ڪنھن کي نه سڏائجان....پوِء اسان جي گھر جي شاھي ڊرائينگ روم ۾ ويٺا ھئاسين. اياز فقط ھڪ پيگ پيتو ھو. ۽ آھستي آھستي گالس مان ڍڪ ڀري رھيو ھو. ان ڪچھري جون چند ڳالھيون ياد اٿم. خبر ناھي ڪھڙي ڳالھه نڪتي ھئي (اھو زمانو ۹۲ع جو آھي) اياز چيو ھو، “جنھن انقالب جو خواب ڏسندا ھئاسين، اھو انقلاب نه اچي سگھيو. جويي صاحب چيو ھو؛ “اياز تون ھاڻ پيسيمسٽ ٿي پيو آھين.” رڪي چپ اياز ٿي ويو.. ......

“شيخ اياز جڏھن ڊسمبر ۱۹۶۸ع ۾ ساھيوال جيل ۾ قيد ھو، ته اتي ُ وزيراعظم (شھيد) ذولفقار علي ڀٽو به نظر بند ھو. ۱۶ ڊسمبر ۱۹۶۸ع تي ڀٽو صاحب کيس نمڪين پستا، بسڪوٽ، دٻي ۾ بند مڇي ۽ ڪجھه ٻيا تحفا ڏياري موڪليا. شيخ اياز جي چواڻي ته وٽس فقط ڪتاب ھئا، ان ڪري سنتريءَ ھٿان، شيخ ُ اياز، ڀٽي صاحب کي انگريزي ڪتاب Revolt in artist the Hene ڏياري موڪليو. پر سنتريءَ ڪجھ دير کان پوءِ اھو کيس ڪتاب کيس موٽائي ڏئي ويو، ۽ چيائين ته جيل ۾ ڪتاب جي ڏي وٺ تي بندش آھي! “اھي تھ سياري جا ڏينھن ھئا، اياز لکي ٿو ته منھنجي ۽ ڀٽي صاحب جي وارڊ ۾ فقط ھڪ ڀت ھئي. اياز جي ساھيوال جيل جي ڊائري پڙھندي مون کي ڪيترا ڀيرا خيال آيو ھو ته کائنس پڇان ته ان انگريزي ڪتاب جو ليکڪ ڪير ھو. اياز لکيو آھي ته جيڪڏھن ڀٽو صاحب اھو ڪتاب پڙھي ھا، ته ھن کي خبر پئجي وڃي ھا ته ھڪ شاعر قيد ۾ ڇو بند آھي؟. .. “بعد ۾ جاچ ڪرڻ بعد خبر پئي ته اھو ڪتاب ميڪس براڊجو لکيل آھي. ميڪس براڊ مشھور ليکڪ ڪافڪا جو پڳ مٽ يار ھو. ڪافڪا مرڻ کان اڳ ۾ کيس وصيعت ڪئي ھئي ته منهنجون سموريون ڪھاڻيون ناول، خط ۽ ڊائري ساڙي ڇڏجان. پر ميڪس براڊ ھن جي وصيعت تي عمل ڪرڻ بدران اھي سموريون لکڻيون شايع ڪرائي ڇڏيون. نتيجي ۾ عالمي ادب جي پڙھندڙن کي ڪافڪا جھڙي جينئس ليکڪ جي لکڻين کي پڙھڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ميڪس براڊ پاڻ به ناولسٽ ھو ۽ جرمني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ھو. هو ڪافڪا جي شھر پراگ ۾ ڄائو ھو. جنھن ڪتاب جو اياز ذڪر ڪيو آھي، اھو ڪتاب جرمني ٻوليءَ ۾ لکيل ھو. سال ۱۳۶۸ع ۾ ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو.

اھا به ھڪ حقيقت آھي ته وقت ڪنھن به ڏاھي کي، شاعر کي سوين سالن کانپوء به ختم نه ڪري سگھندو آھي. عوامي شاعر ڪيترين صدين ۾ زندھ رھندا آھن.  جئين شاھ لطيف، سچل سرمست، بلي شاھ، غلام فريد ۽ ٻيا صوفي شاعر، ھن دور ۾ به اسان کي اتساھ ڏيندا پيا اچن ۽ ان ڳالھه ۾ ڪو ڪوبه شڪ ناھي، ته اڄ کان سئو ورھيه بعد شيخ اياز به انھن شاعرن وانگر پنھنجي وقت جي انسانن کي پاڻ ڏانھن موھي وجھي. شيخ اياز پاڻ به ڪنھن ھنڌ لکيو آھي ته “مونکي به جڏھن ٻه صديون پرکينديون، تڏھن فيصلو ڪري سگھنديون، ته منھنجي شاعري، زندھ جاويد آھي يا نه؟” دراصل شاعر فن جي پابندگي ۽ پنھنجي فنا جي پذيريء کي چڱيء ريت سمجھندا آھن ۽ شاعريء کي عوام تائين پھچايو نه ويندو آھي، پر اھا پنھنجي تخليل ۽ سوچ وسيلي، پاڻمرادو عام ماڻھوء تائين پھچي ويندي آھي.

شاعري، پنھنجي جاء تي پراسرار به آھي، ته اھا شاعر جي آبزرويشن، مطالعي ۽ تجربي جو نتيجو پڻ ھوندي آھي. شاھ لطيف جي شاعري، جڏھن عام ماڻھوء تائين پھتي ته ان وقت سڌ سماء وارا اڄوڪا جديد ذريعا نه ھئا. نه ريڊيو ھو، نه ٽي وي، نه وري اڄ جي سوشل ميڊيا ھئي، پر اھا طوفان وانگر سنڌ سڄيء تي ڇانئجي ويئي. اھا ڪاميابي شاعر جي شاعريء جي ھئي. صديون گذرڻ کانپوء اڄ به سنڌ جي جھرجھنگ ۾ شاھ جا بيت ماڻھن کي اچن ٿا. “ اھڙي ئي ريت، اسين مڃون ٿا، ته شيخ اياز جي شاعري، پهريان پڙهيل لکيل طبقي وٽ پهتي ۽ اها آهستي آهستي عام ماڻهوء تائين پهچي رهي آهي. هتي عام ماڻهوء مان، سردست منهنجو مقصد وري به معمولي پڙهيل لکيل ماڻهو ئي آهي. هڪ ڀيري يونان جي ڏاهي افلاطون کان ڪنهن ماڻهوء شاعريء بابت سوال ڪيو. ته هن جواب ڏنو، “ جنهن کي به روح جي ديوانگي نه آهي، تنهن کي MUSES شعر جي ديوين جي دروازي تي اچي سوچڻ گهرجي ته هو مندر ۾ گهڙي سگهندو يا نه. آئون چوان ٿو ته هن کي اندر اچڻ نه ڏنو ويندو!”  هاڻي اها ڳالھ اوهين پاڻ بخوبي سمجهي سگهو ٿا، ته آفاقي شاعري سوچ، سمجھه ۽ ديوانگيء جو اظهار هوندي آهي. ڪنهن به آفاقي شاعر جي شاعريء کي وقت نٿو ختم ڪري سگهي، بشرطيڪ ان ۾ اها امرتا هجي ۽ اها امر شاعري، وقت سان گڏ سفر ڪندي آهي. پشڪن روس جو شاعر ۽ اديب هو، پر روس، ڪميونزم ۽ سوويت يونين جي خاتمي کانپوء هن جي آفاقيت ۽ مشهوري کي نه ختم ڪري سگهيو. اڄ به ڪيترا ماڻهو هن جي مجسمي تي گل نڇاور ڪن ٿا. ساڳي ڳالھ ايران جي فردوسيء جي آهي، جڏهن فردوسيء وفات ڪئي ته ان وقت سندس جنازي نماز به علماء سڳورن پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر وقت بدليو ته اڄ سندس مقبري تي ماڻهن جا ميلا آهن. هن جي شاعريء جا هزارين ديوان شايع ٿي چڪا آهن ۽ اها شاعري ايران ۾ عام توڙي پڙهيل لکيل ماڻهو شوق سان پڙهي ٿو. “

ڪجھ مهينا اڳ ڪينجهر تي ويا هئاسين. رات اتي ترسيا هئاسين. صبح جو ساجهر اٿي وڃي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ٻيٺو هوس. منھنجي سامھون اوڀر گلاب وانگر ٽڙندو پئي ويو. ڪي ڇوڪرا شيخ اياز جو هيءُ گيت ڳائي رهيا هئا. “اي ڪينجهر تنھنجي ڪنڌيءَ تي ڪوئي ته تماچي اچڻو آ ۽ نورا ٻائي نوريء کي ٿي نيٺ ته آخر نچڻو آ.” مون ان مهل، چوڪيدار کان پڇيو هو: “هي ڪير آهن، جيڪي اهو ڪلام ڳائي رهيا آهن!” ته هن وراڻيو هو،” سائين، هي سامهون سونهري ڍنڍ جي ميربحرن جا ڇوڪرا آهن. ان مهل مون سوچيو هو، ته ڪنهن به شاعريء کي ماڻهن تائين سفر ڪرڻ ۾ هروڀرو گهڻو وقت نه لڳندو آهي. اڄ کان اڌ صديءَ اڳ، مون شيخ اياز جي واتان اهو گيت چوڏهينء جي چانڊوڪيء ۾ ان ئي ڪينجهر تي ٻڌو هو جيڪو اڄ انهن ئي ميربحرن جي نينگرن تائين وڃي پهتو آهي. اڄ اسين هن بحث ۾ جڏهن وڃي رهيا آهيون ته، اياز جي شاعري عوامي آهي يا نه؟ ته ان جي مختصر جواب ۾ اها ڳالھ ضرورچئي سگهجي ٿي ته، اياز جي شاعري آهستي آهستي عام ماڻهوء ڏانهن پنڌ ڪري رهي آهي. وڌيڪ ايندڙ وقت فيصلو ڪندو. “

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


اياز شيخ

اڀاري ويو آگ اياز ڪيڏي

ايڊيٽوريل

اڄ اسان پنهنجي ان سرموڙ شاعر جي ۲۳هين ورسي ملهائي رهيا آهيون جنهن جون خدمتون سنڌ جي علم ادب، شعر و شاعري، صحافت ۽ عدالت، دانش ۽ دانشوري جي دنيا لاءِ لازوال آهن. هن سنڌ جي شاعري کي جديد لاڙا ڏنا ۽ سنڌ جي شاعري جي سرزمين کي نون لفظن سان روشناس ڪرايو. هن سنڌي ٻولي کي پنهنجي شاهڪار شاعري وسيلي لفظن جو اهڙو ذخيرو ڏنو جيڪو رهندي دنيا تائين اسان جي لفظي خزاني جو ڀنڊار رهندو. اهو شاعر مبارڪ علي شيخ اياز آهي جنهن شڪارپور جي زرخيز سرزمين تي جنم ورتو. هن پنهنجي شاعري، ڏات، ڏانءُ، لفظن جي اڻت سان دنيا کي اهڙو ته ديوانو بڻايو جو سندس ڪردار ۽ گفتار جي خوشبو شڪارپور کان شروع تي سڄي سنڌ کي واسي وئي

شيخ اياز عجيب مزاج وارو شاعر هو. جڏهن هن کي شروع ۾ سنڌي ادبي شخصيتن کان شڪايتون ٿيون ته هن ڪاوڙجي سنڌي ۾ ڪويتائون جوڙڻ ئي بند ڪري ڇڏيون. هن اردو ۾ شاعري ڪئي ۽ ۲ شاهڪار شاعري جا ڪتاب به اردو شاعري کي ڏنا پر  اهو سهرو سائين محمد ابراهيم جويو جن جي سر تي آهي جيڪو کيس سنڌي شاعري جي کيتر ۾ هڪ ڀيرو وري واپس وٺي آيو. جنهن بعد هن وري پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺو ۽ پنهنجي حياتي جي آخري گهڙي تائين سنڌي ادب ۽ شاعري جي دنيا سان نڀائيندو رهيو. هن نه رڳو سنڌي ٻولي کي شاعري جي ميدان ۾پر نثر  ۾ به شاهڪار تخليقون ڏنيون. ترقي پسند ادبي لڏي سان سلهاڙيل اياز  سنڌ ادب کي جيڪي شاهڪار نظم، غزل، گيت، وايون، بيت، چوسٽا، پنجڪڙا، نثري نظم ڏنا اهي پنهنجي دور ۾ انقلاب جا گيت بڻجي گونجيا. سنڌي ٻولي کي مڃتا ڏيارڻ واري جدوجهد هجي يا ون يونٽ خلاف جاکوڙ، جنرل ايوب جي آپيشاهي خلاف جدوجهد هجي يا وري اوڀر بنگال ۾ آمريتي حملن خلاف قلم جو پورهيو هجي هن هر هنڌ پاڻ ملهايو. هن ان وقت سنڌ ڌرتي جي محبت ۾ گيت رچيا جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ سڀ کان وڏو گناھ هوندو هو. تڏهن ئي ته هن چيو هو ته: اي سنڌ تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. هن سنڌ سان جيڪي وچن ڪيا اهي پورا ڪيا، هن ڌرتي سان عشق جي نتيجي ۾ جيلون به ڪاٽيون ته ڪيسن کي به ڀوڳيو تنهن باوجود هن همت نه هاري ۽ سنڌ جي مظلوم ماڻهن، هارين نارين، مزدورن پورهيتن، شاگردن، وڪيلن، اديبن کي گڏ کڻي سنڌ جي دردن جي درمانن جي ڪوشش ڪئي.  اياز اسان جي جديد ادبي تاريخ جو شهنشاھ شاعر آهي. هو جديد سنڌي شاعرن جي سر جو تاج آهي. ڪنهن همعصر شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ بدران اسان اهو ٿا سمجهون ته شيخ اياز جو ڪوتائن جي دنيا جو  تمام وڏو نالو هو جنهن تي نه رڳو ڪويتائن جي ديوي مهربان رهندي هئي پر کيس غضب جو حافظو به مليل هو جو هو ذهن ۾ شاعري سرجيندو هو. ان جو تاڃو پيٽو جوڙي ان جي مڪمل اڻاوت ڪري شعر مڪمل ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن کيس وقت ملندو هو ته اهي لفظ هوبهو ڪاغذ تي پلٽيندو هو. ايترو بهترين حافظو سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر وٽ نه سجهي. ان ڳالھ جو اظهار هن پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيو آهي. اياز جي ورسي جي موقعي تي هن سال ڪورونا وائرس جي پکڙيل عالمي وبا جي ڪري تقريبون ڪرڻ جي اجازت نه آهي پر پوءِ به هو پنهنجي چاهيندڙن کي ياد آهي ۽ انهن جي دلين ۾ سدائين آباد رهندو. اياز جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ڪنهن دور ۾ رياست پابنديون لڳايون هيون، اهي ضبط ڪيا ويا ۽ انهن کي ڪنهن کي به پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي پر اها اياز جي شاعري جي طاقت ئي آهي جو  اهي شاعري جا سمورا ڪتاب رياست جي خرچ تي ئي ڇپجي چڪا آهن. ڪنهن به شاعر جي عظمت جي ان کان وڌيڪ معراج نه ٿي ٿي سگهي. اياز اسان وٽ جسماني طور تي به کڻي موجود نه آهي پر هو پنهنجي لکڻين وسيلي اسان سان هميشه گڏ رهندو. اسان ۲۳ هين ورسي جي موقعي تي اياز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

ڏات انوکي آندي آ

رفيعه ملاح

سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته هن ڌرتي هر دور ۾ اهڙا انمول هيروز پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي حصي جو منفرد ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀٽائي کان اڳ ۾ قاضي قادن ۽ ٻيا به ڪيترائي وڏا شاعر موجود هئا، جن جي شاعري اڄ به اسان وٽ پڙهي وڃي ٿي، پر ڀٽائي جڏهن شاعري ڪئي ته هن الڳ انداز سان شاعري ڪئي، ايئن ئي شيخ ايازکان اڳ يا هن جا همعصر شاعر به کوڙ هئا، پر شيخ اياز پنهنجي شاعري هڪ مختلف انداز سان ڪئي، انهي ڪري مون وٽ اهڙو ڪو به خيال ناهي ته هو وڏو شاعر آهي يا ننڍو شاعر آهي. شاعري هڪ ڏات آهي، انهي ڏات ڌڻي جو پنهنجو ڪردار۽ ڪم ڪار دنيا جي سمورن ماپ تور وارن خيالن کان مٿانهون هجي ٿو، انهي ڪري پاڻ سڀني تي اهو فرض ٿئي ٿو ته هر ڌات ڌڻي کي ڏات ڌڻي سمجهون سرٽيفڪيٽ ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي. شيخ اياز جي هونئن ته ورسي ۲۸ ڊسمبر تي آهي پر گذريل پنجن ڇهن سالن کان سنڌ ۾ ايئن لڳندو آهي ته شيخ اياز جي ورسي ڊسمبر جو آخري هفتو سڄو آهي. ۲۳ ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي ورسي سبب سڄي سنڌ ڏکاري هوندي آهي انهي ڪري پوءِ شيخ اياز جي سرڪاري سطح تي ڪا ورسي تقريب نٿي ٿئي.

اسين سمورا سنڌ واسي به رڳو سرڪار مان اها اميد رکندا آهيون ته سرڪاري سطح تي ڪا تقريب ٿئي ته اسين به شريڪ ٿيون باقي پاڻمرادو پنهنجي ڏات ڌڻين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهيون کڻندا. يقينن اهو جملولکڻ تي مونکي به تڪليف ٿئي ٿي پر مان به انهي سماج جو حصو آهيان ۽ پاڻ سڀني کي اها هڪ ڪڙي حقيقت مڃڻي پوندي ته جذباتي طور جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ ڀيرو ان قسم جو ڪردار ادا ڪري به وٺندا آهيون ته انهي کي مستقل مزاجي سان اڳتي وڌائڻ واري روايت گهٽ رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪيفي خانا بدوش اياز ميلو مچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته اهو هڪ منفرد ۽ صفا نئون قدم هو، جنهن تي تنقيد به تمام گهڻي ٿي، پر ڪيفي خانا بدوش جي انتظاميا انهي تنقيد توڙي تلخ روين کي منهن ڏيندي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ باقاعده طور ڊسمبر جي آخري ڏهاڪي ۾ پنجن ڏينهن تائين اهو ميلو مچائڻ شروع ڪيو،

سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي ارون ڌتي راءِ عرفانا ملاح جڏھن اياز ميلي جو آغاز ڪيو ته سنڌ جي سمورن باشعور ماڻهن سندس ساٿ ڏنو. سنڌ جي باقي بزرگن ۽ اوليائن جي ميلن کان هي اياز ميلو انهي ڪري مختلف آهي جو هتي اسان سان عشق کانسواءِ ٻي ڪا عقيدت ناهي. اياز ميلي ۾ عورتون وڏي انگ ۾ اچن ٿيون، انهي جو سبب اهو آهي ته آرگنائيز ڪندڙ امر سنڌو ۽ عرفانا ملاح ٻئي عورتون آهن ۽ اسين عورتون اتي خوشي سان وينديون آهيون. گهرڀاتين کي به ڪو اعتراض ناهي هوندو.

ڪيفي خانا بدوش پاران اياز ميلي سان انهي نسل کي اياز کي سمهجهڻ ۾ مدد ملي آهي، ڪيفي خانا بدوش پاران اياز ميلي ۾انتظام سنڀاليندڙ اهي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون آهن، جن کي اياز ۾ دلچسپي هوندي آهي، جيڪي اياز کي سمجهن ٿا يا وري اياز کي سمجهڻ چاهين ٿا، اياز جي شاعري انقلاب ۽ رومانس جو هڪ اهڙو گلدستو آهي جنهن جي خوشبو هر عمر ۽ هر نسل جي ضرورت آهي، اياز ميلي ۾ اياز جي شاعري تي نه رڳو گفتگو ٿئي ٿي پر اياز سان گڏ گذاريندڙ ماڻهن کان اياز بابت معلومات ملي ٿي.

اياز جي شاعري کي فنڪارن جي سرن مان سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اياز کان متاثر ٿي هن دور جا شاعر پنهنجي شاعري به انهي ميلي ۾ ٻڌائين ٿا. شيخ جو اياز ميلو مچائيندڙ ڊاڪٽر عرفانا ملاح اڄ ۽ سڀاڻي يعني مختصرطور ۲۸ ۽ ۲۹ ڊسمبر تي ملهائڻ بابت اسانکي آگاهي ڏني آهي. نه رڳو آگاهي پر هن سمورين سرتين ۽ اياز جي عاشقن کي اها التجا ڪئي آهي ته سرڪار جي جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪندي هن ميلي ۾ شرڪت ڪئي وڃي، هن وقت جڏهن ماڻهو پنهنجي گهر جي ڀاتين سان به فاصلي تي ويهن ٿا تڏهن ايس او پيز تحت ئي سهي پر اياز جو ميلو مچائيندڙ سرتين واقعي ئي اهو ئي اياز جي انهن سٽن پٽاندر ڪم ڪيو آهي ته “مون ڏات انوکي آندي آ” اياز جي اها ڏات ئي ته آهي جيڪا اسانکي اياز ڏانهن ڇڪي ٿي. سچ پڇو ته اسان پنهنجي زندگي جي ڪيلينڊر ۾ ڊسمبر جو آخري ڏهاڪو اياز جي نالي لکي ڇڏيو آهي.

شيخ اياز جي شاعري ۾ مونکي محبوب جو عڪس نظر اچي ٿو، رومانس سان ڀرپور شاعري ڊسمبر جي ڊگهين راتين ۾ سنڌ جي فنڪارن جي سرن مان ٻڌڻ سان سرور وڌي وڃن ٿا ۽ مدهوشي طاري ٿي وڃي ٿي. سوچيان ٿي ته انهي شاعر جي ڪيفيت ڪيڏي نه خوبصورت هوندي، جنهن انهي خيال کي خوبصورت لفظن کي ميڙي هڪ غزل مڪمل ڪيو هوندو۽ وري انهي شاعري کي جڏهن ڪنهن فنڪار جي ترتيب ڏنل ڌن تي هارمونيم جهونگاريندو آهي ته اها شاعري مونکي پنهنجي خيالن جي عڪاسي لڳندي آهي، جيئن “ سخي پيا کي ملين ته چئجان چاندني توسوا نه ٿيندي” محبوب کانسواءِ روشني ۽ چانڊاڻ جو تصور ئي ناهي هوندو، پر جڏهن پيا اچي وڃي ته پوءِ گگھ انڌاري ۾به روشني پئي لڳندي، ان قسم جا خيال رکندڙ شاعر وري جڏهن انقلابي شاعري سرجي ٿو ته ڪمال ڪري ٿو،

“وڙهي وڙهي رڙهان پيو، رڙهي رڙهي وڙهان پيو” ڪيفي خانا بدوش شيخ اياز جي ميلي واري روايت قائم ڪري اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ اياز شناسائي وارو جيڪو علم بلند ڪيو آهي، انهي ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اياز جي نه رڳو شاعري سان سماج روشناس ٿي سگهي، شعور اجاڳر ٿي سگهي، پر اسان جي ڏات ڌڻين سان عوامي لڳاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ به ان قسم جا ميلا ٿيڻ گهرجن. شيخ اياز جو ميلو مچائيندڙ ڪيفي خانا بدوش جي موجوده انتظاميا رهي يا نه رهي پر شيخ اياز جا چاهيندڙ رهڻ گهرجن ۽ ان قسم جو ميلو مچندو رهي، ان کان علاوه سنڌ سرڪار کي خاص طور ثقافت کاتي کي ان قسم جي تقريبن کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي. اياز ميلي لاءِ به ثقافت کاتي کي سالياني بجيٽ ۾ ڀٽائي ۽ قلندر ميلي جيان يا وري آرٽس ڪائونسل جيان بجيٽ رکڻ گهرجي، جيئن اياز ميلي کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ملهائي سگهجي ۽ اسان جو نسل اياز کان وڌيڪ واقف ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سرڪار جي به اها ذميواري آهي ته پنهنجي ڏات ڌڻين جي مالڪي جا خيال سوچيندڙ ۽ خواب ڏسندڙ ڌرتي ڌڻين سان رابطاڪاري جو بهترين انتظام جوڙي، ان قسم جي روشن خيال مقصد ۾ سندن مدد ڪري ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي اياز، بخاري سميت سمورن سنڌ جي شاعرن بابت ڄاڻ ملي سگهي.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


اياز

اڄ به زندھ آهي، هو ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي..

ايڊيٽوريل ڏھاڙي عوامي آواز

تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺو وڃي ته زندھ قومون ۽ انهن جا سماج پنهنجي پنهنجي فڪري ڌارائن جي امرت جي  آڌار جيئندا، وڌندا ۽ ويجهندا آهن اها فطري امرت ڌارا ڪنهن فيلسوف جي متحرڪ فڪر يا ڪنهن فڪري يا ڪنهن شاعر جي آدرشي شاعري منجھ نظر ايندي آهي. شيخ اياز سنڌي سماج جو اهو اڪيلو ڪويتا ڪار آهي. جنهن پنهنجي فڪري ۽ آدرشي شاعري وسيلي نه رڳو پنهنجي سماج کي پر ڀرپاسي وسندڙ ٻين سماجن کي پڻ متاثر ۽ متحرڪ ڪيو. هن شاعر جي حيثيت ۾ نه رڳو روايتي شاعر پر سنڌي سماج جي مڙني مامرن جو سگهارو وڪيل ٿي اڀريو. هن سياست، ادب، ثقافت، تحقيق سميت بيشمار شعبن ۾ ڪمال جي حد کي ڇُهي ورتو. جيڪڏهن ويهين صدي جي سنڌ اکيون ٻوٽي انهن چند هستين کي تصور ڪرڻ يا ڳولڻ شروع ڪري، جن هستين سندس نئين دور سان تعارف جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ته شيخ اياز جو نالو پهرين صف ۾ شمار ڪري سگهبو.

شيخ اياز فقط گذريل صدي جي اهم ترين سنڌي شخصيتن مان هڪ هو جنهن فن، فڪر، تصور، ادراڪ ۽ جاکوڙ جي زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان نڪري سنڌ جي وجود جو اهڙو اٽوٽ حصو بڻجي ويو آهي جيڪو هن ڌرتيءَ جي زندگيءَ تائين ساڻس سلهاڙيل رهندو. ڇاڪاڻ جو شيخ صاحب سنڌ کي رڳو ادب ۽ شاعري جي ذريعي جدت سان واقف نه ڪرايو، پر هن ته پنهنجي لفظن کي عمل جي معجزي سان سلهاڙي سنڌ جي مڙني دردن ۽ مصيبتن ۾ ساڻس ڀاڱي ڀائيواري ڪئي ۽ ڪنهن قدر انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڇو ته سنڌ ۾ ووٽر لسٽن جو مسئلو هجي، سنڌي ٻولي خلاف سازشون هجن يا ون يونٽ خلاف جاکوڙ جو محاذ هجي شيخ اياز هڪ وطن دوست شاعر جي حيثيت ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪيو جهڙو تاريخ ۾ چلي ۾ پابلو نروڌا، ترڪيءَ ۾ ناظم حڪمت ۽ فلسطين ۾ محمود درويش ادا ڪيو. هن پنهنجي شاعري کي جنگي نعري ۾ تبديل ڪندي هڪ بي زبان قوم کي زبان ڏئي جدوجهد جي ميدان ۾ آندو.

حقيقت اها آهي ته شيخ اياز رڳو هڪ قوم نه پر پوري ننڍي کنڊ بلڪ دنيا جو روشن ذهن قلمڪار هو جنهن ترقي پسند قلمڪارن سان گڏجي ڪردار ادا ڪيو جنهن ان پرولي جو اصل گس به سمجهايو. سنڌ جي هن لافاني ڏات ڌڻي مسلسل بيماري ۽ ضعيفي جي باوجود لاڳيتي لکڻ ۾ ڪڏهن به غافل نه رهيو ان جو ثبوت سندس شعرن ۽ نثر ۾ پڻ موجود آهي جنهن جو اظهار سندس هن شعر ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو ته:

عمر ته گذري وئي باهو، باقي چار ڏهاڙا هو.

ڏس ڪيڏا گجگاٽ ڪيائين، نيٺ ٿَڪو آ درياه هو.

سامهون سمنڊ شفق جي، هيٺان پوياڙيءَ جا پاڇا هو.

سوچيو آهي ڪڏهن تو ان تي، لوڙهي ويندو ڇا ڇا هو. (شيخ اياز)

اياز لاءِ جڏهن چيو ويو ته هو ملحد ۽ لامذهب آهي ۽ انڪاري آهي! پر ڏٺو وڃي ته ائين ڪو نه هو ڇو ته هڪ باشعور ۽ متلاشي وانگر هو به “حق” جو ڳولا ۽ ڪائنات ۾ ڪنهن “يار” جو قائل آهي. ان بابت سندس لفظ هن ريت چيائين ته:

“جڏهن نٿيا گلي پهتاسين ته وڏ ڦڙو وسڻ لڳو، اسين برساتي ڪوٽ پائي ٿڙندا ٿاٻڙندا، پهاڙي پيچرن مان جڏهن چڙهڻ لڳاسين منهنجو سنڌي دوست جو هڪ جذباتي حقيقت پسند آهي جنهن جو خدا جي وجود ۾ اعتبار ناهي پر حُسن کي ازلي حقيقت تسليم ڪندو آهي. جنهن کي هر انقلاب جي خونريزي وڻندي آهي پر پاڻ ڪنهن به ساھ واري کي رنج رسائي نه سگهندو آهي جنهن جا خيال اشتعال انگيز آهن پر جنهن جي زندگي هڪ يوگي جي زندگي آهي. سو مٺڙي سُر ۾ لطيف سائين جو بيت ڳائڻ لڳو.

اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.

مون هن کان پڇيو، اهو يار ڪير آهي؟

ڪوئي به نه آهي، هن جو وجود فقط شاعري جي تخيل ۾ آهي.

عقل ته ائين ٿو چئي پر روح نه ٿو مڃي ڪوئي يار آهي ته سهي، ڪير آهي ڪٿي آهي، ڪيئن آهي. سو سمجھ ۾ نه ٿو اچي! پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي جيستائين ڪوئي يار ناهي ته زندگي ٻُسي ۽ الوڻي ٿي لڳي. جي هن ساري ڪائنات ۾ ڪوئي يار ناهي ته واقعي ڪائنات جي رنگيني ۾ ڪمي اچي ٿي وڃي. تون وري وڃين فلسفي جي ڌٻڻ ۾ پيو آهي، منهنجي هي ساري ڪائنات يار آهي، انهيءَ وسڻ جا ويس ڪيا آهن. پوءِ هو وري ڳالهائڻ لڳو.! اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.(حوالو، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي صفحو: ۴۲)

شيخ اياز اهو ڏات ڌڻي هو جنهن سنڌ جي ماڻهن جي حالت ۽ وطن سان ٿيندڙ وارتائن کان به پنهنجي شاعري ۾ هن ريت آگاھ ڪري چوي ٿو ته:

ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي، او منهنجا ڀٽ ڌڻي!

تنهنجو ڏيھ ڏُڪاريل، جنهن ۾ ناهي، قرب ڪڻي.

حقيقت ۾ مجبوريءَ ۾ به جيئڻ جي ضرورت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ارادو، حوصلو ۽ جذبو جدت ڏئي ٿو ڇو ته ارادو، “آزادي” ۽ رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو گس ڏئي ٿو. ٻولي ۽ ادب به وقت جي مقابلي ۾ قومن جي انهيءَ جيئڻ جي اُمنگ کي نروار ڪندو آهي اياز به انهيءَ امنگ ۽ ارادي سان آزادي، روشن خيال، باشعور جيئڻ جو متلاشي ۽ حامي هو. هن قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻولي جي اهميت، تاريخ ۽ سماجيات جي ازلي راز کي سمجهي ورتو ته جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي. هن جي پنهنجي اک، اصلي اک تيئن محب وطن ٻولي آهي ڇو ته هر قوم جو ماڻهو پنهنجي اصل ٻولي، مادري ٻولي، پنهنجي ٻولي هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءَ جي هنج ۾ سکي ٿو ۽ قبر تائين ساڻ کڻي وڃي ٿو ان ڪري ٻولي کي وسارڻ پنهنجي ممتا جي گود کي وسارڻ جي برابر آهي. هن ٻُولي تحريڪ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي اياز بابت لکيو آهي ته:

سنڌي زبان به قوم جو گڏيل مفاد آهي. سنڌ ۾ به قوم جو گڏيل مفاد آهي، تاريخي طور تي لطيف ۽ اياز ٻنهي کي سنڌي قوم جي رهبري ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو هو ۽ اهو هنن زبردست طريقي سان ڪردار ادا ڪيو. حيرت جي ڳالھ آهي ته لطيف جي زماني ۾ به سنڌي شاعري جي هڪ ڪهڪشان اڀري، جنهن ۾ لطيف، سچل، سامي ڪيترائي سال همعصر جي حيثيت ۾ به رهيا ۽ ان کان پوءِ ڪافي شاعر اسان کي ملن ٿا جيئن لطيف مغلن جي زوال وارن ڏينهن ۾ انقلابي شاعر مليو بلڪل اهڙي طرح اسان انگريزن جي زوال پذير دور کي ڏسون ٿا ته جنهن ۾ اسان کي اياز اسان کي نصيب ٿيو. اياز ۽ ساڻس گڏ ٻيا به کوڙ سارا همعصر هيا پر اهو تاريخ جو عجيب ۽ ڀاڳائتو اتفاق سمجهڻ کپي جو جديد دور ۾ سنڌي شاعري کي اياز جيڪا نئين زندگي عطا ڪئي ظاهر آهي ته اهو به هڪڙو صد مبارڪ انقلاب هو ۽ سنڌي شاعري کي نئون جنم به نصيب ٿيو.”

سو ڏٺو وڃي ته اياز جي شاعري ماروئڙن جي ڏينهن رات جو اولڙو آهي، ڏڪار وارا ڏينهن يا پاڻي لاءِ پريشان ماڻهو ۽ ڌرتي ڪربلا جو ڏيک ڏيندي هجي اتي هر ماڻهو جي دردن جو داستان سندس شاعري ۾ نظر اچي ٿو. نه رڳي کيس ڪاڇي، ڪينجهر، منڇر جي سونهن سڀيتا موهي وجهي ٿي پر ٿر جي ڏڪار جي صورتحال کيس ڏکئي وجهي ٿي. پاڻيءَ لاءِ پريشان ماڻهو، ساھ وارا ۽ خود ڌرتي انهن اونهن کوهن کي ڌرتي جي دل ٿو ڪوٺي ۽ بادلن کي وسڻ لاءِ چوي ٿو ته جيئن ڌرتي جي دل ڀري رهي. سندس ئي شاعري ۾ چوي ٿو ته:

هي ٿر جا کوھ

جن جي گهرائي ڌرتيءَ جي دل تائين پهچي ٿي

۽ جي ان نيري مهربان آسمان کي

جنهن ۾ بادل ڀرجڻ وارا آهن.

ڏيکارين ٿا، ڌرتيءَ جي دل جا رت ۾ ٻڏل آهي.

حقيقت ۾ ته ڏٺو وڃي اياز ايوبي آمريت کي به للڪاريندو رهيو ته جيئن به ڀوڳيندو رهيو ۽ اهو درس به ڏيندو رهيو ته انسان آزاد ڄائو آهي ۽ آزاد جيئڻ سندس حق آهي. سو ايازاڄ به زندھ آهي هو ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

بر صغير جو آئينو

امداد سولنگي

پبلو نرودا شاعري جي وٿ لاءِ ڏاڍا ڪارائتا لفظ اچاريا آھن؛

I grew up in this town, my poetry was born between the hill and the river, it took its voice from the rain, and like the timber, it steeped itself in the forests.

شيخ اياز جي شاعري پڻ اھڙي وارتا جو نتيجو آھي جيڪا شڪارپور جي تنھن دور جي ڪشادن ۽ ڳاڙھن گلابن جي پاڻي سان ڌوتل رستن تان اسري پرنس ڪامپليڪس جي بالڪونين مان نيري نڀ ڏانھن تڪيندي انڊلٺ جي رنگن وانگر نکري نروار ٿي. شيخ اياز جي ادرڪ شاعري کي اھڙو نئون جنون عطا ڪيو جو اھا ڪنھن پھاڙي ندي وانگر ڪر موڙيندي آسٽريليا جي مشھور گلابي ڌنڍ hillier Lake وارو نظارو پسائڻ لڳي اھو اياز جي انوکي وجدان جو ڪمال ھو نه ته شاعري جو سنڌ ۾ ٿيڻ ڪا نئين ڳالھه ته نه ھئي اياز پھريون دفعو جڏھن تند کي تلوار سان وڙھندي ڏيکاريو ته شاعري مجبور ڪيو پنھنجي روايتي پاٺڪ کي ته اھو ان ڏانھن پنھنجو conventional رويو تبديل ڪري ڇو ته صدين کان وٺي سنڌ جا ماڻھو شاعري ٻڌندا ٿي آيا انڪري انھن جو شاعري ڏانھن رويو ھڪ listener وارو ھو پر اياز پھريو دفعو شاعري جي ان رواج ۾ آندل perception جو باب بند ڪيو ۽ اياز غير معمولي ڏات کي وجود ۾ آڻي شاعري جا پاٺڪ/reader پيدا ڪيا ۽ اتان ئي جديد سنڌي شاعري جي نئين دور جو آغاز ٿيو. مان شيخ اياز کي ان دور جو موجد سمجھان ٿو. اياز تخليقي process جي ذريعي تصورن کي variety عطا ڪئي. جنھن ڪري اياز جو شعر گوناگونيت diversity جي نئين جھان کي ڳولي لڌو. اياز جي فن جو ٻيو اھو به ڪارنامو ليکبو ته ان پنھنجي ورثي ۾ آيل thought کي revolutionize ڪيو. ھتي مان ان term جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان متان ڪا misinterpretation منھنجي رستي ۾ نه اچي وڃي ۽ مقصد فوت ٿي وڃي.ڏسو اياز کان اڳم سنڌي شاعري پردي ۾ لڪل ھئي ۽ اھا ھميشه پنھنجي تناظر کان اکيون چورائيندي رھي جنھن جا ڪافي سبب ھئا پر ان جو مک سبب اھو ھو ته ڪجھ ثقافتي مذھبي ۽ تھذيبي barriers ان جي سامھون ھئا پر اھا ڪڏھن به انھن سان مھاڏو اٽڪائي نه سگھي پر جڏھن شيخ اياز ان کي barriers مان ڪڍيو ۽ شاعراڻي خيال کي تصورن ۽ تخيلن جي آزادي enjoy ڪرائي ته ان کي ھڪ نئين انداز جي اڏام عطا ٿي وئي ان عمل جي ڪري اياز جو thought revolutionize ٿي ويو.اياز روايتي تخيل جيڪو ھڪ مخصوص سطح کان اڳتي وڌي نٿي سگھيو يا جيڪڏهن ان وڌڻ چاھيو ته ڪٿي مذھب شرعي قانونن جي روپ ۾ يا وري تصوف جي مختلف صورتن ۾ ان جي آڏو اچي ٿي ويو تنھن کي ھن مڪمل طور تي disown ڪيو. اھو اياز ئي ھو جنھن بانور ڪرايو ته Thought pressed on essence.

اياز پھريون دفعو شاعري جي غير ضروري تاويلن کان نابري واري ۽ ان کي شعور جي اعليٰ form وجدان جي حسين activity سان unite ڪيو اياز چيو ته مان جنھن شاعري جي منصب تي بيٺو آھيان اھو مون ڪوڙن legislators کان کسيو آھي. اياز تخليقي شعور جي آجپي لاءِ وقت جي زيوس ديوتائن جي طرفان پاڻ کي اولمپس جبل تي ٽنگرائڻ کان به نه ڪيٻايو ۽ پرميٿئس بنجڻ کي اعزاز سمجھو ۽ نئين تخليقي شعور واري باھ سان سنڌي شاعري تي ڇانيل ڪاري رات کي ڏينھن ۾ تبديل ڪيو مان ھتي ھڪ ڳالھه جي وضاحت ضرور ڪندس ته متان ڪو اھو تاثر وٺي ته مان پوئيٽ دي گريٽ شاھه سائين کي وچ مان ڪڍي رھيو آھيان پر ائين بلڪل به نه آھي ڇاڪاڻ ته شاھه سائين جو era ڪڏھن به end ٿيڻو ناھي پر شيخ اياز جي emergence کي الڳ بنياد آھن ھتي صرف انھن کي نشانمبر ڪرڻ چاھيان ٿو

اياز جا ڪيترا ئي ڪمال آھن ھن جديد شاعري کي ويدانيت مان ڇڏايو ۽ ان جي جڳھ تي modern thoughts کي ضروري حد تائين touch ڪري پنھنجن تصورن کي جديد حيثيت سان ھمڪنار ڪيو. اياز مجھول جماليات passive aesthetic کي به ڪپي ڌار ڪيو ۽ ان جي ان رخ کي focus ڪيو جيڪا تصورن کي محض signify ڪرڻ لاءِ ڪتب اچي ڇو ته اياز سمجھي ورتو ھو ته مجھول جماليات شعر جي سموري scenic background کي ٻوڙي ٿي ڇڏيو ان جو سادو مثال ايئين به آھي ته جئين اسان وٽ ڪجھه ميون يا مشروبن جي تاثير کي مٺو ڪرڻ لاءِ ان ۾ سينڪلين ملائي ويندي آھي ته جئين عارضي طور تي شي گھڻي مٺي ھجڻ واري تاثير جي ڪري جلد کپي وڃي ساڳي طرح مجھول جماليات جو به ڪم اھڙو ھو پر اياز جئين ته ھڪ intelligible ڏات ڌڻي ھو انڪري ھن جديد شاعري کي ھر اھڙي cult مان آجو ڪرايو ۽ ان جي اصلي حسن کي اڳيان بحال ڪيو.اياز پنھنجي ڏات جي ذريعي جماليات جي صراحي مان جديد سنڌي شاعري جي گلاس ۾ نوان تصور اوتيا:

جھان نو! اوھان جي زلف برھم جا ھي سودائي،

جڏھن دار و رسن تي جھومندا ويندا ته ڇا ٿيندو!

آ رات لڙي، هو اچڻو آ،

تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي..

تنهنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ به تنهنجا نينڍ،

دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيار پلين ٿي ڇو؟

رات جي راڻيءَ ڪئي ڦُولارَ آ،

واءَ ۾ ڪنهن سانوري جي سارَ آ.

ڪ‍ونج ڪا اڏري پئي سنجها سمي،

يا افق تي ڪا لهوءَ جي ڌارَ آ!

ياد بندر بمبئيءَ جو ٿو اچي،

جيءَ ۾ جهرمر ڪئي ڪنهن يار آ!

گونج آ هر گيت ۾ جنهن جي ‘اياز’،

هاءِ، سو ڇو دور آ، ڇو ڌارَ آ!

اياز جي ويجھو جماليات ڪيتري اتم ھئي رني ڇا ھن جو زودار تخيل ان جي preponderance ۾ لڙھيو پئي اھو سوال تمام اھم آھي منھنجو خيال آھي ته اياز جي جماليات مرغ فردوس واري نه ھئي جيڪو پنھنجو آکيرو رنگ برنگي ڪري جوڙيندو آھي معزرت سان اسان جا شاعر جماليات کي مرغ فردوس جھڙو پکي سمجھندا رھيا آھن ۽ پنھنجي شاعراڻي تخيل کي ساڳي طرح حسي pleasure جي رخ کان colorful ڪري ڇڏيندا آھن پر اياز وٽ اھا جماليات مرغ فردوس جي activity تمام گھڻو advance ھئي.


 

شيخ اياز

آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃان

شڪسته مزاري

اهم اهو ناهي ته اوهان جي دور ۾ اوهان جا دشمن گهڻا آهن يا دوست، رفيق گهڻا آهن يا رقيب، اوهان کان ساڙ يا حسد کائيندڙ گهڻا آهن يا اوهان کي مان، مرتبو ۽ خلوص ڏيندڙ، مُحبت ڪندڙ گهڻا آهن.انهن ڳالهين سان ڪنهن جي به پورهيي يا ڪم تي ڪو فرق نه ٿو پوي، ڇو ته مُثبت ۽ سٺا ماڻهو سدائين تنقيد ۽ طنز کان مٿاهان ٿي پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. چاهي انهن کي ايپريشئيٽ ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي، کين مڃتا ملي يا نه ملي.. مگر اُهي پنهنجي حصي جو ڪم خوش اصلوبي ۽ سچائي سان ڪندا رهندا آهن. ڪنهن درويش چيو آهي ته ”توهان جيڪڏهن فرشتا به ٿي وڃو تڏهن به ماڻهو اوهان تي تنقيد ضرور ڪندا” بدقسمي سان هتي هر چڱو ڪم ڪندڙ کي تنقيد جي اکٽيٽ سان ڏٺو ويندو آهي، يا ٻئي جي سٺي ڪم مان سدائين ڪِيڙا ڪڍڻ واندن ماڻهن جو مشغلو آهي..

گهڻن ماڻهن سان اهو هڪ سائڪلاجيڪل (نفسياتي مسئلو هوندو آهي) ته هُو سوچيندا آهن ته ڪير سندن کان بهتر ڇو آهي؟ ان جو ڪم سندن جُڳاڙي ڪم کان وڌيڪ ڀلو ڇو آهي؟ هُو سماج لاءِ مُثبت سوچ  ڇو ٿو رکي؟ (جڏهن سماج ۾ مُثبت سوچ جي ضرورت ئي ناهي) هُو اسان وانگي درٻاري، خوشامدي ۽ ويڪائو ڇو نه آهي؟ هُو انقلاب ڇو ٿو ڳائي (ماڻهن کي سندن بنيادي حقن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڇو ٿو ڏئي؟) بس هلنديءَ کي پنهنجي حساب سان هلڻ ڇو نه ٿو ڏئي؟ وغيره وغيره. نتيجي ۾ سماج اهڙن نالي ماتر سياسي، ادبي ۽ سوشل ڀورڙن جي ڪوڙن ٺڳيءَ جي ٺاهن ۾ اچي ويندو آهي، جن جي ڪرپٽ ذهنيت مان جبر، استحصال، عداوت ۽ انتشار جهڙا عنصر ڦُٽي نڪرندا آهن. سو اهڙي طرح سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ مَها ڪَوي شيخ اياز به سدائين اهڙن ويري واچوڙن سان بر سرِ پيڪار رهيو آهي ۽ وک وک تي اهڙي منفيت سان الجهندو رهيو آهي.

سندس روشن ڪيل شاعريءَ جي لاٽ سدائين طوفانن ۽ هوائن جي گهيري ۾ رهي آهي.. مگر پاڻ ان تڪليف ده صورتحال ۾ به ڪڏهن ارها نه ٿيا ۽ هڪ مخصوص لابي طرفان ڦهلايل سازشن ۽ افواهن تي ڪڏهن ڌيان ئي نه ڏنائون، ڇو ته  مُحبتون ونڊيندڙ هن شاعر وٽ اهڙن بيڪار ڪمن لاءِ وقت ئي نه هو! اهڙي حال ۾ اياز صرف پنهنجي دل جي ٻڌندي اهڙو ڪي ڪري ويو جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو.. شيخ اياز اسان جي اميدن آرزوئن ۽ جذبن جو شاعر آهي، سندس وٽ ويڙھ لاءِ (هٿيارن جي بجاءِ) ڏات جي سنهي تند آهي جيڪا تلوارن سان وڙهڻ جي سگھ رکي ٿي. سندس گيت استحصالي ۽ ڦورو طبقي جي گهرن جي ديوارن سان جڏهن ٽڪرائن ٿا ته انهن جا بنياد ئي لڏي وڃن ٿا!

شيخ ايا جتي انقلاب ۽ بس انقلاب جوشاعر آهي اُتي هي چيٽ، چانڊوڪين، رومانس، نيل ڪنول ۽ گُلاب جو شاعر به پڻ آهي.. محبت، عشق، فراق ۽ سنڌوءَ ۾ بي خوف ٿي لهندڙ سهڻيءَ جو به شاعر آهي، ته ملير جي باندي ماروي جو شاعر به پڻ آهي.. هو ڳيرن، تِترن، ڊيل، مور ۽ ٻاٻيهن جو شاعر به آهي ته ٻيرن، ٻٻرن، سَنڱرن، ٽالهي، اڪن ۽ نمن جو شاعر به آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڇا ته سمفني آهي ڄڻ ته خوشبوئن جي ڦُلواڙيءَ مان پاڻ مختلف قسمن جا خوشبودار گُل چونڊي شاعري تخليق ڪندا هئا. شيخ اياز جي شاعري سمورا ٿر بر جهاڳي جڏهن ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي ڀِٽن تي پهچي ٿي ته انگ اگهاڙن، پير اگهاڙن، ٻڪرارن، انهن جي  ڏُٻري مال، سندن بُکن، فاقن، لنگهڻن ۽ لوڙائي کي فوڪس ڪري ٿي. جيڪو سندس آفاقي شاعري جو معراج آهي!

هونئن به اهو شاعر ئي ڪهڙو جنهن تي فطرت جي شوخين ۽ جماليات جو اثر نه ٿئي. سندس ذهن ۾ اهڙا سوال ڪر کڻي اٿن جن جو جواب کيس زندگي ڀر تڙپائيندو رهي. ۽ هُو ان تجسس ۾ ئي مري وڃي ته آخر اهو راز ڇا هو؟ ماجرا ڇا هئي؟ (جيڪا انڊ لٺي، مقناطيسي ۽ تمام خوبصورت هئي.. )جنهن سندس دل ۾ آنڌ مانڌ مچائي رکيو هو.

هن ڪائنات جي وسعتن ۾ هڪ سائنسدان ۽ ٻيو شاعر جي اک ئي ٻُڏي سگهي ٿي..ڀٽائي چيو هو ته “هِن تاري هُن هنڌ، ڪٿ منهنجا سپرين” اهڙي ئي تجسس سان شيخ ايازبه ڪائنات جي خوبصورتي، ان جي کير ڌارائن، ڪهڪشائن ۽ ٽيڙو، نکٽ وغيره تي وِيچار ٿو ڪري. سندس ذهن ۾ سوال ٿا اُڀرن، جن جي جواب لاءِ سندس مَن سدائين اتاولو رهي ٿو..

سَليا ڪنهن نه سوال، سانڍيا جي مون ساھه ۾،

ڏاهپ ساري ڏيھه جي سُجهيم صديون سال،

اڻ پورا احوال، جهورن جيءَ جواب لاءِ.

ڀٽائي چيو هو ته ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا، ته وري ان فلسفي جي اُپٽار شيخ اياز هيئن ٿو ڪري..

ٿي ننڊ اچي جي نيڻن کي هي ڏات ڏهاڳڻ جاڳي ٿي..

هي ڏات ڪٿي ٿي پوڙهي آ، ٿي اڄ به ته ڳاڙها گُل روڙي،

پر پوءِ ڪنڍيون پائي ٿي ۽ خوشبو سان بن واڳي ٿي...

اسان وٽ سياست سدائين طاقتور بڻجڻ، هيڻي تي حڪمراني ڪرڻ ۽ تجارت جو ذريعو رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو انهن سياسي چالبازين کي جتي هڪ شاعر ٿو سمجهي سگهي اُت عام ماڻهو ان کي نٿو سمجهي سگهي. سياستدانن جي اهڙي گندي سياست کي شيخ اياز هيئن ٿو نروار ڪري..

پنهنجي سياست بادِ فرنگ، ڪوڙهي پوڙهيءَ رَنڊيءَ جو،

ڪهڙي ڪاڪ اڙي ڪاڻا! هي آ مومل جو ڪوٺو.

اصل ۾ ڪوڙھه زده معاشري ۾ اهڙا جينئس شاعر ئي آهن جيڪي رڍن جي لباس ۾ لڪل بگهڙن کي پنهنجي تُند شاعري ذريعي نروار ڪن ٿا. عام ماڻهوءَ کي دوست، دشمن، غلامي، آزادي، چڱائي، بُرائي ۽ تعمير ۽ تخريب ۾ فرق کي کولي سمجهائن ٿا. اڄ اياز اسان وٽ موجود ناهي مگر سندس سمنڊن جيڏو گِهرو فڪر اسان وٽ موجود آهي، جنهن کي ڦلهورڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ اسان جو ڪم آهي. جنهن جي هر هڪ سِٽ ۽ هر هڪ لفظ  ۾ نصيحت ۽ راھه آهي. سو اسان کي پنهنجي هن رهنما شاعر تي ناز هجڻ کپي. اياز بين الاقوامي ليول جو شاعر آهي. ڪنهن به مشڪل ۽ پريشانيءَ ۾ اسانکي سندس فلسفي ۽ شاعري سان رجوع ڪرڻ کپي جنهن سان  يقينن اسان جي غمن جو مداوو ضرور ٿيندو..اسان جو رُوح پياسو نه رهندو، ۽ اسانجي دل هر نئين سج هڪ نئين تمنا ۽ جستجو سان جيِ اٿندي..

ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان،

ٿي چِڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،

آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃان،

جا جوڳي ڪالھه جلائي ويا..

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

شاعري جو صليب سان سڱ

ڊاڪٽر غلام زينب ابڙو

ڪو ڪو ماڻهو مون ڏٺو، جهڙو چوڏينهن جو چنڊ

هر ڪنهن منڌ نه منڊ، هر ڪا اک  نه آئڙي

شيخ اياز جي شاعري اسان جو اثاثو آهي، مون جڏهن هن جي شاعري کي پڙهيو ته هن جي شاعري ۾ موجود فڪر انگيزي مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اياز جي  شاعري روايتي رنگ رنڱيل ضرور آهي پر هن جلد ئي روايتي  رنگ کان  بيزاري ظاهر ڪئي ، اياز شاعري جي  نئين موڙ کي غور سان ڏٺو بيوس ۽  فاني جي ڪلام ڏانهن ڌيان ڪيو، ان وقت سنڌي شاعري هڪ نئون روپ وٺي رهي هئي، ادب جي دنيا ۾  ان کي شاعري جو نئون موڙ سڏيو ويو، اياز ان نئين انداز کي پوري اڀار  تي آندو، نوان پيمانا اچي ويا ۽ پراڻن ۾ نئون منڌ وڌو ويو. اياز جو هي پهريون دور ۱۹۵۵ع کان  ۱۹۶۸ع تائين سندس اندر کي  کولي ظاهر ڪيو، موضوع ڪهڙو به هجي پر اياز جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ آيو،  اياز ڀٽائي کي پنهنجو مرشد سڏيو ۽ هن جي شاعري مان گهڻو متاثر ٿيو، اياز جي شاعري ۾ لطيف جي شاعري گهڻي اثرانداز ٿيل نظر اچي ٿي، ڀٽائي جي ڪلام کي آيتون ۽ پنهنجي ڪلام کي بيت سڏيائين.

ڪڻا کنيم ڪيچ مان کليا تنهنجا کيت

مون وٽ مڙئي بيت تو وٽ آهن آيتون

وري اياز اڳتي چيو

وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،

ڪونهي اڄ ڪلام ۾ سُر جو سِرَ سان سنگ

پريان اُمنگ ڪريان لات لطيف جي.

اياز پنهنجي اردگرد جي ماحول کان بيخبر نه رهيو، جيئن ته هي خود پروفيشنل وڪيل هو ته اياز ۾ تجسس، معاملي جي تھ تائين وڃڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ، سوچ ۽ ويچار کان ڪم وٺڻ وغيره هِنَ جي نس نس ۾ ڀريل هو. ان سان گڏوگڏ حساس ۽ جذباتي وري مٿان شاعراڻي خصوصيت سون تي سُهاڳي جي برابر آهن. اياز جي شعر تي غور ڪبو ته انسان ڪٿان کان ڪٿي نڪري ويندو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگر هن جي شاعري به هر زمان سان هر ماحول سان ٺهڪي ايندي.

سڄڻ جو ساريام، نانءُ نه آندم وات تي

ڪنهن جو پڇيو ڪير آ، مام انهي ماريوم،

ڏوران ڏيکاريوم، چوڏهينءَ آڪاس ۾.

اياز جو اڀياس، تجربو، مشاهدو، تجزيو، ڪو پري کان بيٺل ڪنهن مشاهدي نگار وارو نه آهي پر هو خود ان سياسي سماجي اٿل پٿل جو حصو آهي. ٽي ايس اليٽ T S Eliot جو چوڻ آهي ته شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن جدت ڪار جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جاچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائي ۽ اڳتي وڌندي ڏسندا. اسان جو مهان اديب ۽ شاعر شيخ اياز به هڪ اهڙي ئي ڪنهن  پنهنجي ڌن ۽ خوبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي نظر آيو آهي.

ڪنهن جي ڪنهن جي روپ ۾ ان ڪوري ڪاليداس،

آندي آهي شڪنتلا، جنهن ۾ هِن جو سُواس.

هر ڪنهن ناريءَ آس آءُ به شل اهڙي بڻان (ڪپر ٿو ڪري).

ماڻهوءَ جي ڏات ڦاهيءَ جي ڦندي سان ماپي ويندي آهي، يا ان کي گهاڻي مان گذرڻو پوندو آهي. ڏات ڌڻي جڏهن راضي ٿئي ۽ جنهن کي پنهنجو ڪري تهان پوءِ محبت ۽ مان جا پاٽ ڀري ڏيندو آهي (اياز) شيخ اياز لهندڙ سج جي احساس سبب هن ڌنوڻِيءَ کي وڌيڪ ڌنويو آهي يا اُڃائي رتو بنھ راس ٿي پيو آهي. بهرحال هن شخص سنڌي ادب کي گهڻو ڪجھ ڏنو، نئين سوچ نئون انداز، نئين واٽ، نئين لاٽ، جا آزاديءَ جا احساس تي کٽي ٿي.

شاعر ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جو نه پر سموري انسانذات لاءِ ساڳيا جذبا رکي ٿو. هر شاعر کي اها آس هوندي آهي ته هو عظيم شاعر بڻجي، هن جي شاعري ازل کان ابد تائين مشهور معروف هجي پر اياز جي خيال مطابق اهو آسان نه آهي. جي شاعري پيغمبري آهي ته اها صليب تي چڙهڻ کان سواءِ نه ملندي.

شيخ اياز جو پنهنجي شاعريءَ لاءِ چوڻ آهي ته : مون شاعريءَ ايئن تخليق ڪئي آهي جيئن حوا کي آدم جي ڪک مان تخليق ڪيو ويو هو. مون ۾ متضاد جذبا قابيل ۽ هابيل وانگر وڙهندا رهيا آهن. هن خونريزي۽ فتنه پروريءَ ۽ مڪارِيءَ جي سيلاب ۾ مون نوح جي ڪشتيءَ وانگر اهي قدر محفوظ رکيا آهن. پر سنڌي  ذهن ۾ صدين جا وسوسا ۽ وهم آهن ان ڪري مون هر واقعي تي غلاف چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ هر تجربي کي نقاب پاتو آهي. هي روغي ذهن مون کي هڪ صدي کانپوءِ سمجهندا. منهنجي شاعري ڊڀ ۾ تتريءَ وانگر آهي، ان جي ٻوليءَ تي ماري مڙي اچن ٿا، پر ان کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اها سجاڳي ۽ اهو شعور ئي هن جي ذميداريءَ ۾ اچي ٿو. شاعر نه رڳو قدرتي ۽ فطرتي حقيقتن کان آشنائي حاصل ڪري ٿو پر سائنسي ۽ سماجي اقتصادي ۽ علمي توڙي ادبي ترقي، تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ حاصلات کان به بخوبي واقف هجي، ڇاڪاڻ جو اها گهڻ طرفي سجاڳي ۽ ڪل ڪائنات جي پروڙ ئي هن جي عظمت جو اهڃاڻ هوندي آهي.

اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جي اهميت هردور ۾ رهندي ڇو ته ان ۾ دل جون ڳالهيون ۽ جذبا آهن، جيڪي روح ۾ رستو ٺاهين ٿيون، انسان مادي لحاظ کان ڪيڏو به خوشحال ڇو نه ٿي وڃي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڀل ڪيتري به ترقي ڇو نه ڪري پر هُن کي دردن ۾ دلاسو، روح جي رهاڻ صرف شاعري ڏئي ٿي، انسان کي مايوسين ۽ ناڪامين مان ڪڍڻ هڪ نئين جذبي ۽ حوصلي سان زندگيءَ ڏانهن واپس وٺي وڃي ٿي، بلڪه خوشين جي اظهار لاءِ به جهومڻ ۽ ڳائڻ جي ضرورت پوي ٿي يعني شاعر انسان جي زندگي آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته بهترين شاعرن جي شاعري زندگيءَ ۾ نوان رنگ ڀري ٿي.

ٻانهون گلن ٽاريون ڳچيءَ ۾ پائي،

ڇاتيءَ سان لائي، مون ۾ ڇپيا سپرين.

جيڪو انسان جهڙو ذوق رکندو آهي، هو شعر به اهڙو چونڊ ڪندو آهي. اياز جي شاعري ته سمنڊ آهي، جنهن مان هر باذوق انسان  پنهنجي ذوق ۽ شوق کي سڪونت بخشي ٿو.

جو چاهين سو چونڊ، مڻيو توڙي ماڳ،

ڀوري تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي وس ۾

شعر هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ انسان پاڻ کي ڏسندو آهي.

موتئي جي مهڪار ۾ پئي سيج سڏي

اوري آءُ ڇڏي، مان به ته تنهنجي آرسي.

شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ پنهنجي جيون جي جدوجهد جاکوڙ جي ڪٿا لکندي لکي ٿو ته:

“ٻيا اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، پر مان آرٽ لاءِ وڙهي رهيو آهيان، منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي جا اڄ نه سڀاڻ ڪڏهن نه ڪڏهن پوري ٿيڻي آهي. منهنجا خواب موجوده حقيقت (دقيانوسيت)  جا وڏا دشمن آهن. ممڪن آهي ته جڏهن اهي حقيقت جو روپ وٺندا تڏهن مان نه هجان، پر جي مان ان جدوجهد ۾ ماريو وڃان يا مري وڃان   ته منهنجي زندگي سجائي ٿيندي.”

شيخ اياز شاعر سان گڏو گڏ بهترين نقاد به آهي، ۽ انهن نقادن مان جن جو مطالعو وسيع ۽ خود اعتمادي تمام گهڻي هوندي آهي. اهڙا نقاد عقاب جي اک وانگر هر هڪ شيءَ جو جائزو هر پهلوءَ کان وٺندا آهن. شيخ اياز پنهنجي ان خوبيءَ کي شاعريءَ ۾ خوب نڀايو. پنهنجي شاعريءَ کي هميشه سچ تي مبني رکي ان کي مثبت انداز ۾ پيش ڪيو، ته جيئن اصلاح به ٿي وڃي ۽ همت افزائي به ٿئي ۽ دل آزاري به نه ٿئي. اياز “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۾” لکي ٿو ته، “شاعر فرشتو نه آهي، زندگيءَ جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آهن، جيڪي شاعر جي روح ۾ رچي شراب ٿي نڪرن ٿا ۽ هو انهيءَ رنگا رنگي ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو. اهو شاعر جي نفسياتي خواهش ۾ فرار ڳولي ان چڪور جي مثال آهي. جو چنڊ کان مايوس ٿي ٽانڊي تي جهڙپ ڏئي”.

چنڊ چڪور ڪهاڻي ساڳي پوري  ٿيڻي ناھ،

ڪيئي ٿا آڪاس اڏرون، ٻيهر ٻيهر ڪن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

ورسيءَ جي مناسبت سان - شڪارپور کي پنھنجهي مِٽي موٽائي ڏيو!

زبير سومرو

اوڻويھ سؤ ستانوي واري ڊسمبر جو ستاويهون ڏينهن هيو. مون کان اُهو اَڀاڳو صبح ڪڏهن نه وسرندو، جڏهن سنڌ جي آفاقي شاعر شيخ اياز آخري ساھ کنيو هو.

حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اجلاس رٿيل هيو، جيڪو ان خبر کان پوءِ تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. سنڌ جي هن عظيم جي شاعر جي تدفين، ٻه ٽي ڪلاڪن تائين هڪ ڳنڀير مسئلو بڻيل هئي. آخري آرامگاھ جو فيصلو ڪندڙ اديبن ۾ سائين ابراهيم جويو، تنوير عباسي ۽ تاج جويو مُک هيا. تاج جويو، اياز جي ڪراچي واري اولاد سان پل پل رابطي ۾ هو. حيدرآباد وارا اديب صاحبان کين قائل ڪري رهيا هئا ته اياز کي حيدرآباد، ڄامشورو يا ان جي آسپاس ڪٿي دفن ڪيو وڃي. اياز جي شڪارپور واري اولاد کي ته هُنن کنگهيو ئي نه پئي.

هنن وٽ تدفين لاءِ صرف ٽي آپشن هئا: ڪراچي، ڄامشورو ۽ ڀٽ شاھ. حد ته ڏسو، اياز جي جنم ڀومي شڪارپور سندن آپشنهز ۾ ئي نه هئي. نيٺ ڪلاڪن جي جِھڳ جِھڳ کان پوءِ فيصلو ڏنو ويو ته اياز کي ڀٽ شاھ ۾ دفنايو ويندو.

پوءِ ٿيو ائين جو سؤ سوا سؤ ماڻهن جي ميڙ ۾، سنڌ جي هِن عظيم شاعر کي ڀٽ شاھ جي هڪڙي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.

انهن ڏينهن ۾ يوسف شاھين جهيل ۾ هيو ۽ هُن جيل مان بيان ڏنو هو ته شيخ اياز کي شڪارپور ۾ دفن نه ڪري، اُن سان زيادتي ڪئي وئي آهي.

پهريان چند سال اياز جي ورسي سندس مزار تي ڪئي وئي. ان کان پوءِ حيدرآباد جا ويھ پنجويھ عدد ماڻهو ورسيءَ جي موقعي تي سندس مزار تي ويندا رهيا. هاڻي به ڪنهن ڪنهن سال ڊزن ڏيڍ ماڻهن جو ٽولو مزار جو ڀيرو ڀڃندو آهي.

پنهنجي تدفين جي حوالي سان شيخ اياز، چٽن لفظن ۾ لکت ۾ وصيت لکي ويو آهي، جيڪا تاريخ جو رڪارڊ آهي.

سندس آٽو بايوگرافي ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪُ مسافر“ جي ڀاڱي ٻئين، صفحي ۵۲۰ تي موجود، اُهي ساڳيا لفظ جيئن جو تيئن لکجن ٿا: ”عمر دراز جي تمنا جي باوجود مان جي اڳ مري وڃان ته مون کي ڪلفٽن جي پهاڙيءَ تي پوريو وڃي، سمنڊ جي سامهون، جو منهنجو ڀاءُ آهي.“

ساڳي صفحي تي ٻئين پيراگراف ۾لکي ٿو ته: ”ڪالھ منهنجي ڀاڻيجي سعيده ۽ اُن جو مڙس ڪرنل وقار ملڻ آيا ۽ چيائون شڪارپور مان ٿا اچون. انهن سان ڳالهيون ڪندي مون سوچيو ته جي مون کي ڀاءُ (يعني سمنڊ) اڳيان ابدي آرام لاءِ جاءِ نه ملي سگھي ته ڀيڻ جي ڀرسان ئي ملي شڪارپور ۾. پير الف شاھ جي قبرستان ۾ منهنجي ڀيڻ دفنايل آهي، اُتي منهنجو سُهرو ۽ سَس ۽ وقار جو پيءُ واجد علي ۽ مائٽ دفنايل آهن. اُتي منهنجي ڀرسان جاءِ ڇڏي وڃي، زرينه ٽيھ چاليھ سال پوءِ ايندي، انهيءَ لاءِ به جاءِ ڇڏي وڃي“.

هاڻي پڙهندڙ پاڻ طئي ڪن ته ڪنهن به انسان جي وصيت کي پورو نه ڪرڻ اخلاقي توڙي شرعي لحاظ کان ڪهڙي دائري ۾ اچي ٿو. حيدرآبادي اديبن سندس وصيت جي عزت نه ڪئي ۽ پنهنجي سهولت خاطر ڀٽ شاھ جي هڪڙي ڍنڍ ۾ اڇلايو. تازو ئي شڪارپور ڄائو سنڌ جو دانشور جاويد ڀٽو آمريڪا ۾ قتل ٿي ويو. سندس دوستن ۽ شاگردن، وارثن کي گذارش ڪئي ته مڙھ ڄامشوري ۾ دفنائجي. سندس آخري آرامگاھ سندس جنم ڀومي ۾ ڪرڻ لاءِ شڪارپور جي اديبن وڏا وسَ ڪيا. شابس هجي شهاب اوستي کي جنهن جاويد جي ڀائرن شاهد ڀُٽي ۽ زاهد ڀُٽي سان شڪارپور لاءِ حجت ڪئي. تڏهن وڃي ڪو جاويد ڀُٽي جو مڙھ سندس اباڻي مُقام ۾ پهتو. اڄ هُو شهيد قيوم منگيءَ واري چڻنگي مقام ۾ پنهنجي پياري ڀيڻ جي ڀِڪَ ۾ سُتل آهي.

محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ ۾ شهيد ٿي. پاڪستان جو ڪهڙو شهر ۽ ڪهڙو قبرستان هو، جتي محترمه کي جاءِ نه ملي سگهي ها پر سندس اباڻي مٽي ڳڙهي خدا بخش کان بهتر ڪهڙي جڳھ ٿي پئي سگهي، جتي سندس شهيد بابا ۽ موڀي ڀائر سُتل آهن.

سائين جي ايم سيّد ڪراچيءَ ۾ دم ڏنو. سائين پنهنجي ذات ۾ سنڌ هو، ڪير ٿي روڪي سگهيو سائين جي ڪراچيءَ ۾ تدفين کي، پر سائينءَ کي سندس ڳوٺ ’سَن‘ ۾ رکيو ويو ۽ سَن سنڌ جو فڪري گاديءَ جوهنڌ بڻجي ويو.

بشير قريشي، سنڌ جو قومي هيرو هو. سندس جنم ڀومي ته رتوديرو هئي. هُن پنهنجي سياسي آماجگاھ ڪراچيءَ کي بڻايو. هُو سڄي سنڌ ۾ جوڳين جيان پيو هلندو هو. اڄ هو پنهنجي ڏاڏاڻي خمير جي گود ۾، رتي ديري ۾ آرامي آهي. بشير قريشيءَ جي تدفين کان پوءِ، اڄ رتي ديري جي اهميت ۽ حيثيت وڌي وئي آهي ۽ اڄ رتو ديرو ڄڻ ته ’ٻيو سن‘ ٿو لڳي.

سيد واري ساڳي ئي پنڌ جو هڪ ٻيو پانڌيئڙو عبدالواحد آريسر جيڪو پنهنجي ذات ۾ سراپا سنڌ هيو، سَهن کي پنهنجو ڪعبو قبلو سمجهندو هيو. پنهنجي ڳوٺ انڙ آباد عمرڪوٽ ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيو آهي. رسول بخش پليجو سنڌ جو غير معمولي سياستدان هو، سڄي سنڌ جو محبوب هو پر تدفين سندس اباڻي ڳوٺ جُنگ شاهي ۾ ڪئي وئي. سنڌ جو بيحد خوبصورت عوامي شاعر استاد بخاريءَ به ڪراچيءَ ۾ دم ڏنو هو پر پنهنجي ڳوٺ دادوءَ ۾ دفنايو ويو. تنوير عباسي چوٽيءَ جو اديب ۽ محقق هو. سندس وفات اسلام آباد ۾ ٿي، وصيت موجب سندس ڊيڊ باڊي ميڊيڪل جي شاگردن کي ڏيڻي هئي ته هُو تجربا ڪري استعمال ڪري ڇڏين ۽ ضروري عضوا ڊونيٽ ڪري ڇڏين. سندس وارثن الائي ڪهڙي خيال کان اسلام آباد ۾ دفن ڪيو. اڄ اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ سندس زمين دوز قبر ٻُوڙن ۽ جهنگلي جانورن جي ور چڙهيل آهي، سالن ۾ به ڪو لڙي نه ويندو آهي.

عمر جي آخري حصي ۾ اڪثر ڪُراڙن جي اها حسرت هوندي آهي ته هُو ڪالي ڪملي واري محبوب جي شهر ۾ دم ڏين ۽ ڀلي پار جي مٽيءَ ۾ مدفون ٿين. نواز شريف پنهنجي والد جي مڙھ کي ڀلي پار مان ڳوٺ کڻي آيو. ساڳي طرح سنڌ جو سريلو سدا بهار راڳي صادق فقير مديني پاڪ ۾ هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو پر هُو ٿر جي ٿڌي خاڪ ۾ پُرسڪون آهي.

دنيا ۾ اهڙا به واقعا ٿي گذريا آهن جو سالن پڄاڻان ماڻهن جو قبرون کوٽي، سندن باقيات کي اباڻن ڪکن ڏانهن آڻي، پنهنجي ماءُ مٽيءَ ۾ مدفن ڪيو ويو آهي.

جڳ مشهور انقلابي گوريلو چهي گويرا ۱۹۶۷۾ بوليويا ۾ قتل ٿيو ۽ اُتي دفنايو ويو. ٽيهن سالن کان پوءِ سندس قبر ڪشائي ڪري، باقيات کي سندس اباڻي وطن ڪيوبا ۾ فوجي گارڊ آف آنر سان دفنايو ويو.

آمريڪا دريافت ڪندڙ ڪولمبس اسپين جي شهر ’ويلوڊالڊ‘ ۾ فوت ٿيو ۽ اُتي دفن ڪيو ويو، گھڻي عرصي کان پوءِ سندس قبر مان باقيات ڪڍي اباڻي شهر ’سيهوائهيهل‘ ۾ واپس آندو ويو.

 لفظ ’پاڪستان‘جوخالق چوڌري رحمت علي ۱۹۵۱ ۾ ڪيمبرج سٽي ۾ گذاري ويو ۽ اُتي دفن ئي ڪيو ويو. چوھٺ سالن کان پوءِ قبر ڪُشائي ڪري سندس باقيات کي پاڪستان واپس آڻي، وڏي مان شانَ مانَ سان ضلع ٽوبا ٽيڪ سنگھ ۾ اباڻي ڳوٺ ’ڪاميلا‘ ۾ دفنايو ويو.

ساڳي ريت آغا سليم جي وصيت هئي ته کيس پنهنجي محبوب، شاھ لطيف ڀٽائي جي آڳر ۾ دفن ٿئي پر سندس پونئهرن ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ رکيو ويو. آغا صاحب جو بي چين روح پنهنجي گھر واريءَ کي خوابن ستائيندو رهيو ۽ نيٺ شهاب اوستي ۽ سليم ميمڻ جي ڪوششن سان ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ جاءِ ملي ۽ آغا صاحب پنهنجي ونيءَ سان خواب ۾ پنهنجي دلي سڪون ۽ چين جو اظهار ڪيو.

هِن ليک ذريعي سنڌ جي سُڄاڻ ڌرين ۽ فردن : شهاب اوستي، نصير ميمڻ، نورالهديٰ شاھ، امر جليل، امداد حسيني، ادل سومري، اياز گُل، جامي چانڊئي، ماهتاب محبوب، اياز لطيف پليجي، سليم ميمڻ، تاج جويي، بيدل مسرور، انور فگار هڪڙو، اقبال ترين، يوسف شاهين ۽ خاص طور شيخ اياز جي ٻنهي گهر وارين جي اولاد کي گذارش آهي ته ھڙن ماڻهن جا وارث رڳو جسماني ڌيءَ پُٽ نه هوندا آهن، سموري قوم هوندي آهي. خدارا، شيخ اياز جي باقيات کي پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن واپس آڻي، هُنن جي روح کي سڪون بخشيو.

تاريخ اسان کي پڪ پئي ڏي ته هڪ ڏينهن شيخ اياز پنهنجي اباڻي خمير شڪارپور ضرور موٽندو. اهو ڪم اگر اسان حال حيات ماڻهن کان نه ٿي سگهيو ته اسان کان پوءِ واريون پيڙهيون هِن عظيم دانشور شاعر کي ڪراڙ جي ڍنڍ مان ڪڍي، شڪارپور جي مٽيءَ سان ضرور ملائينديون. اها ساڳي گذارش ۽ تنوير عباسي جي لاءِ به آهي. ”

تنھنجي مٽيءَ منجھ مِلان جي، آءٌ امرتا پايان!

 

(زبير سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



شيخ اياز جي حوالي سان بيدل مسرور ڏانھن خط

حسام ميمڻ

بيدل سائين!

اوھان جي دراز عمر لاءِ دعا!

اوھان جي ڳالھ درست آھي، شيخ اياز وصيت ڪئي ھئي؛ شڪارپور لاءِ. پر ماڻھن ھن کي ڀت شاھ تي دفنايو. اھا تاريخ به جڙڻي ھئي، سا جڙي پئي، ماڻھو پنھنجي جيئري وصيت جو مجاز آھي..  پر اسانجون اوھان لاءِ دعائون آھن جيئو سدائين سال

شيخ اياز جي نالي سان شڪارپور ۾ يونيورسٽي آھي، اتي اياز جي نالي تي علم ۽ تدريس جو ڪم جاري رھي، اياز جي نالي سان يونيورسٽي قائم جرڻ  تاريخ جو وڏو tribute آھي!

ھا، اياز جي نالي سکر ۾ ھڪ روڊ جو نالو به رکيو ويو آھي، ائين ئي ڪراچيءَ م به شيون Dedicate ڪري سگهجن ٿيون ۽ پوري سنڌ ۾ ائين ڪري سگهجي ٿو!

اياز جتي آھي، ڀلا اتي ئي رھي ته اھا به ته سنڌ ئي آھي، ھاڻي اياز جو ڇا ڪڍي شڪارپور ۾ دفنايو ويندو؟

سنڌ ڌرتي نصيب ٿئي، اھو به گنج آھي. کوڙ ماڻھن جا ته لاش به شايد نه مليا، انھن جو ڇا؟

ڌرتي سڄي پنهنجي آھي، انسان کي مرڻو ته آھي اڳي يا پوءِ، اھو بھتر آھي ته وصيت مطابق دفنائڻ گهرجي.

مان رڳو ھڪ ڳالھ ڪندس، سقراط (Socrates) سان پاڻ ان جي تعليمات ۽philosophic approach جي ڪري واقف آھيون، ھر ماڻھو يونان ته ناھي ويو، گهڻن ماڻھن کي اھا به خبر ناھي ته ھو يونان جي ڪھڙي رياست ۾ دفن ٿيل آھي ۽ قبرستان جو نالو ڇا آھي؟ پر عام ماڻھو به سقراط کان واقف آھي ته سچ ڪارڻ آڻ کي زھر پيئڻو پيو ۽ مزي جي ڳالھ ته سنڌ جي عام ماڻھن ۾ سقراط کان وڌيڪ افلاطون (Plato) مشھور آھي

ائين دنيا جا ڪمال ڏاھا روز پڙھون ٿا، اسانکي انهن جي قبرن جو پتو ئي ناھي، اھا خبر ئي ناھي ته قبرستانن جا نالا ڇا آھن پر پوءِ به اھي اسان سان گڏ آھن، انهن جو مان مٿانھون آھي.

بس، فڪر ۽ ڪلا کي اڳتي وڌائجي، اھو پھلو وڌيڪ طاقتور آھي. اوھان لاءِ ھميشہ نيڪ تمنائون ۽ اوھان اسان لاءِ نھايت مانوارا آھيو! سنڌ اوھان سان پيار ڪري ٿي!

اوھان جيڪو سنڌ لاءِ ڳايو، اھو سدا بھار آھي، اوھان جيڪو ڌرتيءَ لاءِ لکيو، ان تي اسان کي دلي خوشي ۽ ڏڍ آھي

تاريخ ۾ اھي ماڻھو زنده رھندا آھن جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ تحرير، ڳائڻ، آرٽ يا فن سان قوم ۾ ھڪ ھاڪاري ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ جذبو پيا ڪيو اتساھ ڏنو. باقي ڪير ڪٿي دفن ٿيل آھي، اھو مامرو فڪر جي مقابلي ۾ ثانوي آھي.

مان ڏاڍو رنج ٿيو ھوس، ڏک ٿيو ھيو، جڏھن اياز کي ڀٽ شاھ تي دفنايو ويو، ڇو ته ھن جي وصيت واضح لکيل آھي. پر جيڪو ٿيو سو ٿيو. وقت سان گڏ ھلي اھو سکي ورتو آھي ته فڪر وڌيڪ آھي يا قبر!

اوھان لاءِ دعاگو

حسام ميمڻ

 

(حسام ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ ڊسمبر۲۰۲۱ع تي کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا