; سنڌي شخصيتون: ڪليم ٻٽ

21 December, 2021

ڪليم ٻٽ

ڪليم ٻٽ

محمد سليمان وساڻ



ڪليم ٻُٽ ۰۴ اپريل ۱۹۸۴ تي ضلعي دادو جي تعلقي مهيڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ۾ ڄائو، سندس جنم سنڌ جي ناليواري تعليمدان، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ جي گهر ۾ ٿيو. هن وقت تائين ۱۲ جي لڳ ڀڳ ناول لکندڙ ڪليم ٻُٽ جي ٻي سڃاڻپ صحافي طور به آهي. ڪليم ٻُٽ هن وقت ميڊيا اسٽڊيز مان ايم فل ڪري رهيو آهي ۽ جنگ جي رپورٽنگ (وار رپورٽنگ) تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالو لکي رهيو آهي.


ڪليم ٻُٽ شروعاتي تعليم ڄامشورو جي مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. سال ۲۰۰۲_۲۰۰۳ ۾ حيدرآباد جي سچل سرمست ڪاليج مان انٽر ڪامرس ڪئي. سال ۲۰۰۴ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بي بي آءَ ۾ داخلا ورتي ۽ ۲۰۰۷ ۾ ايم بي آءَ (ايڇ آر ايم) حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ هن سال ۲۰۰۹ ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ پريويس کان داخلا ورتي ۽ سال ۲۰۱۰ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري صحافتي ميدان ۾ پير پاتو، ۽ سال ۲۰۱۷ ۾ هن ماس ميڊيا ۾ ايم فل اسڪالر طور داخلا ورتي.

ڪيلم ٻُٽ سال ۲۰۱۰ ۾ ڊيلي ريجنل ٽائيمز (انگريزي) جو سب ايڊيٽر ٿيو، ان کانپوءِ هن ۲۰۱۴ ۾ روزاني جيجل (سنڌي) ۾ رپوٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سال ۲۰۱۵ کان هو ڊيلي ٽائيمز (انگريزي) لاءِ فري لانسر طور ڪم ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان سريز لکي، جنهن جا ڪجهه مضمون هندوستان ٽائيمز ۾ به ڇپيا. سال ۲۰۱۶ کان هو آن لائين انڊس نيوز جي انگريزي شعبي جي انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهي.

ڪليم ٻُٽ لکڻ جي شروعات سال ۲۰۰۶ کان ڪئي، پر سندس پهرئين ڪهاڻي سزاءِ موت سال ۲۰۰۹ ۾ پنڌرهن روزا عبرت ميگزين ۾ ڇپي، ان کانپوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، سندس مشور تخليقن ۾ ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)، گمنام ليکڪ (ناوليٽ)، عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)، لانگ مارچ (ناول)، ڏاهر (ناول) وغيره شامل آهن. ڪليم ٻُٽ هن وقت تان ۱۲ کان وڌيڪ ناول لکي چڪو آهي، سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:

ڏاهر   (ناول) ۲۰۱۵ع        نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي

آزادي جي اُپٽار      (ناول) ۲۰۱۷ع        نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي

مري ٿيا نه مات       (ناول) ۲۰۱۷ع        نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي

وطن جن وساريو    (ناول) ۲۰۱۷ع        نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي

هوشچند ۽ ڪوٽ لکپت    (ڪهاڻيون)   ۲۰۱۴ع        ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد

امن لاءِ اتحاد (سائنسي افسانو)    ۲۰۱۴ع        ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد

اسپيس اوڊسي (ترجمو)     سائنسي افسانا       ۲۰۱۴ع        ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد

آخري امتحان (ناوليٽ)      ۲۰۱۳ع        عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد

گمنام ليکڪ (ناوليٽ)      ۲۰۱۲ع        عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد

لانگ مارچ   (ناول) ۲۰۱۳ع        عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد

جڏهن ته ڪيلم ٻُٽ جا مختلف رسالن ۾ چپيل ناوليٽ هن ريت آهن :

ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)

عجب زندگي (ناوليٽ)

عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)

ڌرتي جو درد (ناوليٽ)

ان کانسواءِ ڪليم ٻُٽ مائي جندو نالي هڪ آرٽ پلي به لکيو آهي، جڏهن ته سرڳ، سنڌ ۽ سر (ناول) ۽ ڪراچي تنهنجا ڪيڏا روپ (ناول) ڇپائي واري مرحلي ۾ اٿس. ان کانسواءِ ڪليم ٻُٽ جون ۱۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ چپجي چڪيون آهن، انهن رسالن ۾ ٽي ماهي مهراڻ، هندواسي، مهاوار لوڪ، مهاوار هزار داستان، ۱۵ روزا عبرت ميگزين وغيره شامل آهن. هو هن وقت ڄامشورو جي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ رهندو آهي.


ڪليم ٻُٽ

(ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند

ڪليم ٻٽ ۰۴ اپريل ۱۹۸۴ تي ڳوٺ ٻٽي سرائي، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادو ۾ ناليواري تعليمدان، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ جي گهر ۾ جنم ورتو.

پاڻ شروعاتي تعليم ڄامشورو جي مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول مان،  سال ۲۰۰۲_۲۰۰۳ ۾ حيدرآباد جي سچل سرمست ڪاليج مان انٽر ڪامرس، ۲۰۰۴ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بي بي آءَ، ۲۰۰۷ ۾ ايم بي آءَ (ايڇ آر ايم)، ۲۰۱۰ع ۾ ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن ۾) ۽ ۲۰۱۷ ۾  ماس ميڊيا ۾ ايم فل اسڪالر طور داخلا ورتي.

پيشي جي لحاظ کان ڪيلم ٻُٽ سال ۲۰۱۰ ۾ ڊيلي ريجنل ٽائيمز (انگريزي) جو سب ايڊيٽر ٿيو، ۲۰۱۴ ۾ روزاني جيجل (سنڌي) ۾ رپوٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو،  ۲۰۱۵ کان هو ڊيلي ٽائيمز (انگريزي) لاءِ فري لانسر طور ڪم ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان سريز لکي، جنهن جا ڪجهه مضمون هندوستان ٽائيمز ۾ به ڇپيا. سال ۲۰۱۶ کان هو آن لائين انڊس نيوز جي انگريزي شعبي جي انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهي.

ڪليم ٻُٽ لکڻ جي شروعات سال ۲۰۰۶ کان ڪئي، پر سندس پهرئين ڪهاڻي “سزاءِ موت “ سال ۲۰۰۹ ۾ پنڌرهن روزا عبرت ميگزين ۾ ڇپي، ان کانپوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون،  سندس مشور تخليقن ۾ ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)، گمنام ليکڪ (ناوليٽ)، عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)، لانگ مارچ (ناول)، ڏاهر (ناول) وغيره شامل آهن.

ڪليم ٻُٽ جون ۱۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون سنڌ ۽ هند جي رسالن ٽي ماهي مهراڻ، هندواسي، مهاوار لوڪ، مهاوار هزار داستان، ۱۵ روزا عبرت ميگزين وغيره ۾ شايع ٿي چڪيون آھن.

ڪليم ٻٽ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.ڏاهر (ناول)

۲.آزادي جي اُپٽار (ناول)

۳.مري ٿيا نه مات (ناول)

۴.وطن جن وساريو (ناول)

۵.هوشچند ۽ ڪوٽ لکپت (ڪهاڻيون)

۶.امن لاءِ اتحاد (سائنسي افسانو)

۷.اسپيس اوڊسي (ترجمو)

۸.آخري امتحان ( ناوليٽ)

۹.گمنام ليکڪ (ناوليٽ)

۱۰.لانگ مارچ  (ناول)

۱۱.ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)

۱۲.عجب زندگي (ناوليٽ)

۱۳.عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)

۱۴.ڌرتي جو درد (ناوليٽ)

۱۵. سرڳ، سنڌ ۽ سر (ناول)

۱۶.ڪراچي تنهنجا ڪيڏا روپ (ناول)

۱۷.راءِ ڏياچ (ناول)

۱۸.يوٿوپيا (ناول)


 

ڪليم ٻٽ

املهه انسان سلسلو ۱۲۴

حفيظ چانڊيو

هُو، ناول، ڪهاڻي، مضمون نگاريءَ جي اتهاس ۾ موهين جو سپاهي“ آهي، جنهن جي زندگيءَ جو مقصد پنهنجي وطن، تاريخ، جاگرافيائي حدن سميت ادبي مورچي جي حفاظت ڪرڻ آهي. هو هڏڙن جي مٺ آهي، جنهن سنڌي ادب جي آبياري ڪندي سندس فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هو خانه بدوش آهي، جنهن پيڙهين کان وٺي ڌرتيءَ جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت پئي ڪئي آهي. هو اهو بيباڪ ليکڪ آهي، جنهن خون مان ڪلڪون ٻوڙي مٺڙي ۽ اباڻي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي. هو مومل جي ڪاڪ جو راڻو به آهي، سسئيءَ جو پيار، سندس اظهار ۽ ڌرتيءَ جي عشق ۾ ريٽيل پنهون“ به آهي. هو ننڍپڻ کان ئي سڀني گهر ڀاتين ۾ منفرد هو. پنهنجي امڙ جي آڱر پڪڙي ابا“، ”امان ۽ ادا“ جهڙا دلربا لفظ سکي، ڳالهين جي ڳنڍ کولي، انهيءَ مان ادب جا هيرا لعل موتي چونديا. هو ڪو جنگجو ته ناهي پر بطور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو ڪيترائي جنگجو پيدا ڪري، انهن تي لکي چڪو آهي. هو روشني جي شهر جو آهي، ان ڪري سندس حصي ۾ روشنيون ئي آيون آهن هو پروفيشنل ڪو وڪيل ته ناهي، پر لفظن ۽ جملن جي جڙاءَ سان مسڪينن ۽ پورهيتن جي حمايت ڪئي آهي. هو ڪو روايتي ڊاڪٽر به ناهي جو ڪنهن جي اک يا ٻانهن ٺاهي وجهي، پر ايترو ضرور آهي ته هو هڪ اديب دانشور ۽ ڪردارن جو پالڻهار ليکڪ آهي جنهن زخمي وجودن مٿان لفظن جا پها ضرور رکيا آهن. هو امن جو امام ليکڪ آهي، تعميري ڪردار سان ڀرپور جنهن هٿيارن بدران قلم کڻڻ کي ترجيح ڏني. هو ڄائي ڄم کان ذهين ۽ هوشيار آهي. سندس والدين ابتدائي تعليم لاءِ کيس مهراڻ يونيورسٽي ماڊل اسڪول ڄامشوري ۾ داخل ڪرايو، جتي پهريان ته هو اسڪول وڃڻ تي روئندو رهيو، پر والدين جي اسرار ۽ "مِسنِ“جي پيار ۽ پاٻوهه کيس اسڪول وڃڻ تي وهندڙ ڳوڙهن کي سڪائي ڇڏيو. هو سندن پنهنجائپ ڏسي شوق سان اسڪول ويندو رهيو. دل سان پڙهيو، ڪلاس ۾ کيس ماسترياڻيون ۽ پرنسيپال ڏاڍو ڀائڻ لڳا. ان کان پوءِ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪامرس مان ڪئي، سال ۲۰۰۴ع ۾ مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ مان B. B. I شعبي ۾ داخلا ورتي، گريجوئيشن ڪري ماسٽرس لاءِ ۲۰۰۷ع ۾ ايم بي آئي (HRM) جي ڊگري حاصل ڪيائين. هو انگن اکرن جو ماڻهو ته هو ئي نه... بس الائي ڪيئن اتي ڦاٿو هو...ان پڙهائي دوران ئي صحافتي دنيا ۾ پير پاتو، جتي سندس ليکڪ کي مناسب هنڌ ۽ ماڳ مليو، ۽ ائين هن بزنس ائڊمنسٽريشن واري پاسي کي ڇڏي ماس ميڊيا( Previous) ۾ داخلا ورتي ۽ ۲۰۱۰ع ۾ ماسٽرس مڪمل ڪري صحافت جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائين. هن جي پاڻ پتوڙڻ وارو پنڌ اڃان کٽو ڪٿي جو، ماس ميڊيا ۾ ايم فل اسڪالر طور داخلا ورتائين. صحافتي دنيا ۾ آيو ته محنت ۽ جديد تقاضائن تي پورو لٿو. سندس من مارن جي خدمت لاءِ ماندو رهيو آهي. هن جون علمي، ادبي توڙي صحافتي خدمتون ساراه جوڳيون آهن. پنهنجي ڪيريئر جو کيس سدائين اونهو رهيو آهي، ان لاءِ محنت ۽ محبت سان منزل طرف سندس ادبي ۽ صحافتي سفر روان دوان آهي.

سندس ادبي پورهئي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. هن جي ڪهاڻين، اخباري ڪالمن، ڪرنٽ افيئر تي لکيل مضمونن توڙي سائنسي افسانا ۽ ناول پڙهڻ وٽان آهن. هو مقامي توڙي بين الاقوامي سطح جي ادب کان نه صرف آگاه آهي، پر انهن تي لکندو به رهيو آهي، ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ سندس ڪيترا ڪتاب ترجمو ٿيل آهن. ڪليم ٻٽ لکڻ جي شروعات ۲۰۰۶ ۾ ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي "سزاءِ موت“آهي جيڪا پندرنهن روزه عبرت مئگزين ۾ ڇپي هئي. ان کان علاوه به سندس ڪهاڻيون، مضمون، قسطن وار ناوليٽ يا تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا مختلف اخبارن، ادبي رسالن ۽ ميگزين ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس تخليقي پورهئي ۾ ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ) عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ) لانگ مارچ (ناول) ڪووڊ - ۱۹ ۽ ڏاهر ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي، هن کي پذيرائي ڏني. هو معياري ادب تخليق جو حمايتي آهي، وٽس تعداد کان وڌيڪ معيار عزيز رهيو آهي. سندس هڪ درزن ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾

ڏاهر ناوليٽ نئين نياپي پاران ۲۰۱۴ع ۾ ڇپايو ويو، ناوليٽ آزاديءَ جي اپٽار، مري ٿيا نه مات پڻ ساڳي ئي اداري ڇپايا، سندس ڪتاب هوش چند ۽ ڪوٽ لکپت، امن لاءِ اتحاد (افسانو ۽ ڪهاڻيون) اسپيس اوڊسي (ترجمو) آخري امتحان (ناوليٽ) قابلِ ذڪر ڪتاب آهن. سندس ڪووڊ - ۱۹ ڪتاب پڻ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن کي موچاري موٽ ملي آهي.

ڪليم ٻٽ سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ ناول ۽ ڪهاڻي کيتر جو ٻهگڻو ڪوتاڪار آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ميري ٿيڻ ناهي ڏني. سندس اکين ۾ پڙهي لکي ۽ خوشحال سنڌ جو سرمو پاتل آهي. هو محبت جو پيڪر ڪوي آهي. سندس من سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو ۾ خماريل نيڻن سان پين ۽ پني تي ئي ادبي رياضت ڪندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هيءُ بختاور پٽ سنڌ جي سينڌ سنواريندو رهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا