; سنڌي شخصيتون: March 2014

27 March, 2014

ڊاڪٽر درشهوار سيد

جيجي در شهوار سيد
شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرين عالم عورت
مرجان سنڌو
ڊاڪٽر در شهوار سيد، سنڌ جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جي علمي، عقلي ۽ قومي سوچ کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن سموري عمر سنڌ لاءِ وقف ڪئي. سندس ذات ۾ نه ڏيکاءُ هو نه پاڻ پڏائڻ نه وري جي ايم سيد جي ڌيءُ هجڻ تي ڪا وڏائي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي جيجي در شهوار سيد ۱۹۴۰ ۾ سن جي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو. کيس سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي ۱۹۶۷ع ۾ پاس ڪئي.

راشد مورائي


راشد مورائي
دل جو شهر
غلام حسين خاصخيلي
’مان باغي هان، مان باغي هان‘ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر راشد مورائي جنهن کي باغي شاعر به سڏيو وڃي ٿو. راشد مورائي جي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن سان محبت سان گڏوگڏ سنڌ جي حسن ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي مسئلن تي سندس شاعري ۾ گهڻو ڪجهه ملي ٿو. شاعر قومن جا عظيم هيرو هوندا آهن، انهن عظيم شاعرن ۾ راشد مورائي جو نالو به تاريخ ۾ سونهري لفظن سان هر وقت ياد رکيو ويندو. شاعر راشد مورائي وڏي دليريءَ سان شاعري لکندو رهيو. سندس شاعريءَ جي آواز کي سنڌ جي فنڪارن انهن ماڻهن تائين شاعريءَ کي پهچايو، جتي ڪتابي صورت ۾ شاعريءَ کي اُهي ماڻهو پڙهي نٿا سگهن، جيڪي اڻ پڙهيل آهن. سنڌ جي يڪتاري ۽ چپڙي جي مشهور فنڪار جلال چانڊيو جنهن کي شهر توڙي ٻهراڙي جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا ۽ موجوده ڪمپيوٽر واري جديد دور ۾ جلال چانڊيو جا ڳايل ڪلام موبائل فون يا ڪمپيوٽر تي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر نوجوان نسل جلال چانڊئي کي گهٽ ٻڌي ٿو. پڙهيل لکيل ماڻهو جلال چانڊيو ڀلي نه ٻڌن پر اڄ به ٻهراڙي ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار کان ويندي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هاري اڄ به وڏي چاهه ۽ محبت سان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ٻڌن ٿا. راشد مورائي پنهنجي شاعري جلال چانڊئي جي آواز ۾ به رڪارڊ ڪرائي ۽ سندس اُها شاعري جهرجهنگ ۾ ٻڌي وئي. راشد مورائي سان منهنجي ملاقات اُن وقت ٿي جڏهن اڄ کان ۲۰ سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ مون راشد مورائي کي هڪ ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سندس شهر موري پهتس. راشد مورائي سان موري ۾ ملاقات ٿي ۽ کيس ادبي پروگرام جي دعوت ڏنم. راشد مورائي ملڻ ۾ تمام محبت ڪندڙ ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. راشد مورائي کان جڏهن مون اهو پڇيو ته آئون پنهنجو هڪ گيت جلال چانڊئي جي آواز ۾ ڳارائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي راشد مورائي دير ئي نه ڪئي ۽ پاڻ اهو چيائين ته جلال چانڊيو اُهو ماڻهو آهي جيڪو ڪنهن به شاعر کي واپس ناهي ڪندو. سندس اُهي جملا ٻڌي جلال چانڊئي سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ کيس هڪ گيت لکي ڏنم ۽ اُهو گيت جلال چانڊيو ڳايو:

استاد وحيد علي خان- ناصر قاضي

استاد وحيد علي خان
ڪَڪَر ڪَڻ ڪَڻ ڪري، ياد مون کي ڪجان
ناصر قاضي
هڪ ڏاهو ڏات ڌڻي، پنهنجي ڏات توڙي ڏانءَ کي ڪتب آڻيندي، پنهنجي پوري ڄمار ۾ ڪوڙين شاهڪار سرجيندو رهي ٿو، جنهن کي ’تخليق‘ چئبو آهي. ڪڏهن برش مان ڦٽندڙ رنگن رستي ته ڪڏهن قلم مان سرجندڙ سٽن ذريعي، ڪڏهن ساز مان نڪرندڙ سرن وسيلي ته ڪڏهن وري نڙيءَ مان نڪرندڙ سريلي آلاپ توڙي آواز ذريعي ان ڏاهي ڏاتيار جي ڏات يقيناً عوام جي دلين ۽ روحن ۾ جوڳي جاءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي. اسان سنڌ واسين جي اها هڪ خوشنصيبي آهي، جو هن ڀونءِ تي اهڙن انسانن سان گڏوگڏ اهڙا مڪمل گھراڻا پڻ آباد آهن، جن گھراڻن جي فردن کي ڄائي ڄم کان وٺي، ڏات جهڙي ديوي، ستيءَ وانگر سوغات بڻجي، ميراث ۾ ملندي رهي آهي.

17 March, 2014

صوفي لعل بخش چنو- ناصر قاضي

صوفي لعل بخش چنو
سُرن سان رڌم جو ساٿ ڏيندڙ
ناصر قاضي
انسان هٿان ٺهيل شيون بظاهر ته نهايت ئي سهڻيون ۽ سٺيون لڳنديون آهن، پر اسان اڪثر پسِ پرده لڪيل انهن ناياب هٿن جي محنت جو اندازو ناهيون لڳائيندا، جن پورهيت هٿن جي اڻٿڪ محنتن سبب شيون عروج جي منزل ماڻينديون آهن. هر شيءِ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا ڳجھا هٿ هجن ٿا، جيڪي پنهنجي اڻٿڪ محنت سان شين کي شاهڪار جي صورت ڏيندا آهن. ساڳئي ريت بظاهر ته اسين ڪن ڪلاڪارن جو آواز ٻڌي يا ڏسي سندن آواز جي جادوئي سحر تي موهت ٿي پوندا آهيون، جيتوڻيڪ سندن آواز ۽ انداز ۾ انهن ڪلاڪارن جي پنهنجي رياضت ۽ محنت به يقيناً شامل هوندي آهي، پر اهڙن آوازن کي موسيقيءَ جو ويس ڏيئي، لوڪ آڏو خوبصورت نموني سان پهچائيندڙ پردي پويان اهڙا ٻيا به ڪي هٿ هوندا آهن، جيڪي فنڪار جي آواز کي رڌم توڙي ساز جي سهڪار سان سونهن ارپيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن گيت مان ساز توڙي رڌم ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ فنڪار جو اڪيلو آواز بنهه بيجان لڳندو.