صوفي لعل بخش چنو
سُرن سان رڌم جو ساٿ ڏيندڙ
ناصر قاضي
انسان هٿان ٺهيل شيون بظاهر ته نهايت ئي سهڻيون ۽ سٺيون لڳنديون آهن،
پر اسان اڪثر پسِ پرده لڪيل انهن ناياب هٿن جي محنت جو اندازو ناهيون لڳائيندا، جن
پورهيت هٿن جي اڻٿڪ محنتن سبب شيون عروج جي منزل ماڻينديون آهن. هر شيءِ کي خوبصورت
بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا ڳجھا هٿ هجن ٿا، جيڪي پنهنجي اڻٿڪ محنت سان شين کي شاهڪار
جي صورت ڏيندا آهن. ساڳئي ريت بظاهر ته اسين ڪن ڪلاڪارن جو آواز ٻڌي يا ڏسي سندن آواز
جي جادوئي سحر تي موهت ٿي پوندا آهيون، جيتوڻيڪ سندن آواز ۽ انداز ۾ انهن ڪلاڪارن جي
پنهنجي رياضت ۽ محنت به يقيناً شامل هوندي آهي، پر اهڙن آوازن کي موسيقيءَ جو ويس ڏيئي،
لوڪ آڏو خوبصورت نموني سان پهچائيندڙ پردي پويان اهڙا ٻيا به ڪي هٿ هوندا آهن، جيڪي
فنڪار جي آواز کي رڌم توڙي ساز جي سهڪار سان سونهن ارپيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن گيت مان
ساز توڙي رڌم ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ فنڪار جو اڪيلو آواز بنهه بيجان لڳندو.