; سنڌي شخصيتون: شهيد سورهيہ بادشاھ

23 March, 2017

شهيد سورهيہ بادشاھ

شهيد سورهيہ بادشاھ

پير صاحب پاڳارو - امام انقلاب، مرد حق.

جاويد احمد چانڊيو



وادي مهراڻ سنڌ کي اصل کان اهو اعزاز رهيو آهي ته هن ڌرتيءَ اهڙن عظيم فرزندن کي جنم ڏنو آهي، جن جو تاريخ ساز ڪردار هجڻ ڪري اهي امر ڪردار ٿي ويا، وطن خاطر وفا عشق جو بي مثال ناتو نڀايو، ۽ وطن جو حقيقي حق ادا ڪيو، اهڙن عظيم ڪردارن تي فخر آهي، جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سنڌ جي فخر جو سبب بڻيا، اهڙن عظيم تاريخ ساز جدوجهد جاکوڙي ڪردارن جنهن دنيا جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا، تاريخ جي سونهري ورقن ۾ عظيم ڪارناما محفوظ بڻيل آهن، سنڌ جا اهي عظيم امر ڪردار دنيا ۾ وڏو مثال آهن، وادي مهراڻ سنڌ جي به اها وڏي خوشنصيبي آهي جو امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي (شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو) جن جو تعلق به وادي مهراڻ سنڌ سان آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو حرن جو روحاني رهبر پڻ آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خاندان جون ديني، علمي، ادبي، سياسي، ملڪي قومي خدمتون هڪ سونهري ۽ روشن باب مثال ۽ قابل احترام آهن.


پير صاحب پاڳاري ۽ سندس خاندان ۽ حر جماعت ۽ حر مجاهدن جون ڏنل پاڪ وطن لاءِ قربانين جو ڊگهو اڻ کٽ تفصيل پڻ آهي، پاڳارو ۽ سندس خاندان ۽ حر مجاهدن جون پاڪ وطن جي مشڪل وقتن ۾ جهاد وطن جي سلامتي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي، جڏهن به پياري وطن تي دشمن طاقتن حملا ڪيا ۽ حملي جا منصوبا ڪياآهن ته پير صاحب پاڳارو سندن خاندان حر مجاهد ن دشمنن جا ناپاڪ منصوبا جڙ کان ختم ڪيا آهن، پير صاحب پاڳارو سندن خاندان ۽ حر مجاهدن هر دور ۾ وطن جي دفاع ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، هر محاذ تي وطن جي دشمن طاقتن کي بد ترين شڪست ڏني آهي، دشمن طاقتن جا منصوبا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، ملڪي قومي بقا ۽ حفاظت دفاع جي وقت پير صاحب پاڳارو خاندان ۽ سندس حر جماعت اول صفن ۾ رهيو آهي، پاڳارو خاندان ۽ سندس حر مجاهد وطن خاطر پنهنجو تن من قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن، دشمن کي منهن ٽوڙ جواب جي سگهه رکندڙ حر جماعت جو دائرو سنڌ هنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي، لکين فدائي حروطن جي لاءِ جان جو نظرانو ڏيڻ پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهندا آهن جنگ هجي يا حرتحريڪ ڪڏهن به حر جماعت پوئتي ناهي ٿي، ايشيا جو عظيم مزا حمتي ڪردار امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي حسيني فلسفي جو علمبردار پاڪ عملي نمونو آهن، جنهن جي ڪردار کي گهرائي سان ڏسبو ته ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن رهندو، ديني، علمي، ادبي، سچائي، ڏاهپ، بهادري، سادگي، شرافت وطن پرستي حب الوطني سان هر وقت ڳانڍاپورهي ٿو.

هر ظلم ۽ ظالم خلاف مزاحمت جي سگهه رکندڙ آهن، پير صاحب پاڳارو ۽ سندس حر جماعت جي ڏنل قربانين ۾ هنن جو ڪو به ثاني نه رهيو آهي، ماضي ۾ انگريزن جي ڪاري دور ۾ انگريز سرڪار کان مفاد پرست ٽولن خوب ٿي فائدا حاصل ڪيا، لالچ مفاد پرستي ۾ اڪثريت کي انگريزن پنهنجو تابعدار بڻائي ڇڏيو هو، وقت جي يزيد انگريز سامراج سان وطن خاطر ۽ هر ظلم خلاف للڪاريندڙ نه جهڪندڙ نه وڪامندڙ مزاحمتي ڪردار امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳارو انگريزن جي غلامي کي قبول نه ٿي ڪيو، اڪثريت انگريزن جي تابعدار هجڻ باوجود به امام انقلاب شهيد حضرت پير صاحب پاڳارو بنا ڪنهن خوف حق سچ جو آواز بلند ڪيو، هر ظلم ۽ ظالم خلاف مهاڏو اٽڪايو، ڇو ته امام انقلاب مرد حق جو وجود حسيني فلسفي سان ڳنڍيل هو، وطن پرستي حب الوطني سان جڙيل هو، ڌارين جي غلامي کي پسند نه ٿي ڪيو، امام انقلاب پير صاحب پاڳاري جن جي زندگي جو خاڪو ڪجهه هن ريت آهي ته پاڻ ننڍڙي عمر ۾ درگاهه (پير جو ڳوٺ) جا گادي نشين ٿيا، لکين حر مجاهد هن جي هر حڪم کي لبيڪ ڪندا هئا، حر مجاهدن جي پير جو ڳوٺ درگاهه، ڪنگري هائوس ڪراچي کان ويندي گڙنگ بنگلي سانگهڙ تائين هنن جو تعلق هميشه قائم دائم رهندو آهي، پير صاحب پاڳاري جي هر حڪم جي تابعداري کي فرض سمجهندا آهن، امام انقلاب مرد حق پير صاحب پاڳاري جن وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻي، انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جو آغاز ڪيو، لکين حر مجاهد پنهنجي روحاني رهبر پير صاحب پاڳاري جي حڪم ٿيڻ کان پوءِ منظم فعال ٿي ويا هئا، انگريز سرڪار خلاف باقائدي تحريڪ جو آغاز شروع ٿي چڪو هو، حر تحريڪ کي ناڪام ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار وڏي پلانگ کان ڪم ورتو، سنڌ جا وڏيرا ڀوتار، سردار، ۽ با اثرن ڌرين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو، ته جيئن انگريز سرڪار خلاف حر تحريڪ ناڪام رهي، اهڙي صورتحال کي ڏسندي پوءِ به حر تحريڪ پنهنجو جهاد جاري رکيو، پير صاحب پاڳاري جن کي انگريزن جي غلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئي، حر تحريڪ جو انگريزن خلاف هلندڙ جهاد انگريز سرڪار کي خوف زدهه بڻائي ڇڏيو هو.

حر تحريڪ جو وڌيڪ فعال ٿيڻ ۽ زور وٺڻ انگريز سرڪار لاءِ بهتر پيغام نه هو، انگريز سرڪار حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ حر تحريڪ جي سرواڻ شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خلاف سازشن جو عمل شروع ٿي ويو، انگريز سرڪار پنهنجي وفادارن سان ملي ڀڳت ڪري پير صاحب پاڳاري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، ۱۹۳۵ع ۾ پير صاحب پاڳارو کي رتناگري جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ۽ مختلف قسمن جون سخت اذيتون ڏنيون ويون، ان هوندي به پير صاحب پاڳاري جا حوصلا گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ مظبوط ٿي ويا، حر مجاهدن به مشڪل آزمائي دور ۾ به پير صاحب پاڳاري سان وفا جو ناتو خوب نڀايو، ڪوڙ ته آخر ڪوڙ هوندو آهي، نتيجو اهو نڪتو جو پير صاحب پاڳاري سورهيه بادشاهه تي مڙهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، امام انقلاب شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳارو ۱۹۳۸ع آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪلڪتي انڊيا کان سنڌ پهچي ويا،حر جماعت سان مسلسل رابطو هجڻ ۽ حر تحريڪ کي ٻيهر فعال ٿيڻ جو حڪم ڪيو، انگريز سرڪار کي اهڙي صورتحال پسند نه آئي، ان کان پوءِ ٻيهر پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، هزارين حر مجاهدن کي مختلف قسم جون سخت اذتيون ڏنيون ويو، انگريز سرڪار حر مجاهدن سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي، ٻئي طرف انگريز سرڪار پنهنجي وفادارن تي وڏيون نوازشون ڪندا رهيا، ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع انگريز سامراج امام انقلاب مرد حق غازي شهيد سيد پيرصبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري کي حيدرآباد سينٽر جيل ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو، ۽ ۵۰ وڌيڪ حر مجاهدن کي به شهيد ڪيو ويو، هر سال معمول مطابق ۲۰ مارچ امام انقلاب مرد حق غازي شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي يوم شهادت ملهايو ويندو آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد غازي حضرت سيد پير صبغت الله راشدي پير صاحب پاڳاري کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي.


 

سورهيه بادشاهه

سندس شهادت جي مناسبت سان ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“

ارشاد ڪاغذي

پير پاڳارو صبغت الله راشدي ثاني ۱۹۲۲ع ۾ ۱۴ سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو، پير سائين ننڍي وهي کان وٺي غلامي جي خلاف ۽ آزادي جو علمبردار هو. چون ٿا ته هڪ سند جيڪا انگريزن طرفان پير سائين جي ڪنهن ويجهي عزيز کي ڏني وئي هئي سا ڪاٺي جي فريم ۾ مڙهيل هئي، ان کي سجائي ڀت تي ٽنگيو ويو هو. جڏهن پير پاڳاري اها ڏٺي ته ان کي اتان لهرائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏي. ان کان علاوه پاڻ مريدن سان حسن اخلاق سان پيش ايندا هئا ۽ گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ مريدن کي ديسي لباس پهرڻ جو حڪم ڪيو هو. انگريزن کي هن گادي مان هميشه خطرو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته پير پاڳاري جا وڏا انگريزن سان ڪيئي سالن تائين وڙهيا هئا ۽ حر تحريڪ سو سالن تائين هلندي رهي. تنهن ڪري انگريز سرڪار، ان جي ڪارندن ۽ جاسوسن پير پاڳاري جي ڇهين گادي نشين پير صبغت الله شاهه تي چوڪسي وڌائي ڇڏي هئي ۽ سندس هر چرپر ۽ اُٿڻ ويهڻ تي ڪُرڙي نظر رکڻ لڳا. جڏهن ته سنڌ جا ٻيا گادي نشين، وڏيرا، جاگيردار، وزير چونڊيل نمائندا ۽ ويندي سنڌ جا وزيراعظم انگريز سرڪار جا ٻانهن ٻيلي هئا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ کي الڳ حيثيت ته ملي هئي پر مجموعي طور سنڌ صوبو انگريز گورنر ۽ عملدارن جي هٿ وس هو ۽ سنڌ جي سرڪار کي ڪو به اختيار نه هو.

پير صبغت الله شاهه راشدي ثاني جڏهن گاديءَ تي ويٺو ته هن پنهنجي مريدن، خادمن ۽ سنڌي عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لڳو ۽ انگريز سامراج جي خلاف وڏي رٿابندي سان ڪم شروع ڪيو. انگريزن کي انهن ڳالهين جي کڙڪ پئجي وئي ۽ هو پيرپاڳاري کي سيکت ڏيڻ لاءِ سانباها ڪرڻ لڳا. آخرڪار هڪ عورت جي شڪايت تي پيرڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي پير سائين کي هڪ ڇوڪري ابراهيم کي زوري اغوا ڪرڻ ۽ حراست ۾ رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري سکر جيل ۾ بند ڪيو ويو. هن جي خلاف ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ۷ سالن جي قيد ۽ ٻن هزارن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن لاءِ کيس بنگال جي جيل مدناپور موڪليو ويو. هو هندستان جي مختلف جيلن مدنا پور، رتناگري، علي پور ۽ ٻين هنڌن تي رهيو. جيل ۾ رهڻ دوران پير سائين جا مختلف سياسي پارٽين سان ويجها لاڳاپا رهيا. سندن آل انڊيا ڪانگريس، سباش چندر بوش جي انقلابي جماعت ۽ ٻين سان ويجهڙائي وڌي ۽ اتي سياسي تربيت ٿي. پير پاڳاري جيل ۾ رهڻ دوران ڪيئي ڪتاب پڙهيا ۽ خود ڪيئي ڪتاب قلمبند ڪيا، جيڪي انگريز سرڪار ضبط ڪري ڇڏيا. باقي سندس هڪ ڪتاب ”تنبيہ الفقراءُ“ بچي ويو. ۱۹۳۶ع ڌاري جيل مان رها ٿي سنڌ موٽي آيا. هن دفعي پير پاڳارو ٻي روپ ۾ ظاهر ٿيو. نوجواني ۾ جيل ياترا ۽ انگريز سرڪار جي ڏاڍين سان منهن مقابل ٿيڻ ۽ جيل ۾ مختلف سياسي ۽ عسڪري جماعتن سان ميل ميلاپ جي ڪري هن مٿان جيڪي اثر پيا، تنهن پير سائين جي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ هتي سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد هو انگريز سامراج خلاف گھڻو سرگرم ٿي ويا. ان وچ ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري صوبائي خودمختياري ڏني وئي هئي ۽ ۱۹۳۷ع ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو هو. پير پاڳاري هندن ۽ ڪانگريس جي مدد ڪئي ۽ ۱۹۳۹ع واري مسجد منزل گاهه واري وڳوڙن ۾ هندن کي تحفظ فراهم ڪيو. هن ڪيئي سال وڏي رازداري سان سنڌ جي عوام ۽ پنهنجي مريدن ۾ ڪم ڪيو ۽ هڪ ”هٿياربند جٿو“ پڻ جوڙيو ۽ پنهنجي سياسي طاقت ۾ اضافو ڪيو. هن سموري سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ان ڪارڻ پير سائين جو اثر رسوخ چڱو خاصو ٿي ويو. هن جا سنڌ جي وزيرن، وزيراعظمن ۽ چونڊيل نمائندن سان سٺا تعلقات هئا، تنهن ڪري پير پاڳاري سياسي طرح پيشرفت ڪندي پنهنجي سگھه کي گھڻو وڌايو. اهو سمورو انتظام هن پنهنجي صلاحيتن تحت ڪيو ۽ انگريز سرڪار خلاف امڪاني ويڙهه کي نظر ۾رکندي اهي سمورا قدم ۽ انتظام کنيا، پر انگريز سرڪار به انهن بابت اڳواٽ آگاهه هئي، ڇاڪاڻ ته مڪاني انتظاميا ۽ انگريز سرڪار جي ايجنٽن انگريز سرڪار کي پير پاڳاري جي انهن ڪارروائين بابت لکت ۾ رپورٽون موڪليندا رهيا. انگريز سرڪار بغاوت کي محسوس ڪندي پير پاڳاري کي پنهنجي سرگرمي کي محدود رکڻ تي مجبور ڪندي ڪراچي گھرائي آگسٽ ۱۹۴۱ع تي ڪراچي ۾ نظربند ڪيو، پر پير سائين پنهنجي نظربندي کي ٽوڙيندي ڪراچي کان هليو ويو، کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ ناگپور جيل موڪليو ويو.

پير سائين پاڳارو کي آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان جي ردعمل ۾ حرن احتجاج ڪيو ۽ حڪومت سان مقابلو ڪيو ۽ ”گوريلا جنگ“ شروع ڪئي، سرڪاري عملدارن ۽ جڳهن کي نشانو بڻايو. ”۱۹۴۲ع اچڻ تائين صورتحال گھڻي ڳنڀير ٿي وئي هئي. ايتري تائين جو وائسراءِ کي سنڌ جي صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائڻي پئي. گورنر راڄ (گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع جي سيڪشن ۹۲ اي هيٺ) تي به ويچاريو ويو پر جيئن ته وزير سرڪاري ڪارروائيءَ ۾ رڪاوٽون نه وجهي رهيا هئا ۽ جيڪڏهن چونڊيل حڪومت هٽائي پئي وئي ته اهي هر قسم جي ذميواري کان آجا پئي ٿيا ۽ سڄو الزام انتظامي عملدارن مٿان پئي آيو، تنهن ڪري گورنر راڄ وارو خيال رد ڪيو ويو. گورنر صاحب سنڌ اسيمبليءَ کان حر ايڪٽ منظور ڪرائڻ ۽ ان سلسلي ۾ ناڪاميءَ تي هن پاران هڪ آرڊيننس جاري ڪرڻ واري معاملي کي بحث هيٺ آندو ويو.“

۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرايو ويو، اسيمبلي جي بند اجلاس ۾ حر ايڪٽ منظور ڪيو ويو. تاريخ ۱۶ مئي ۱۹۴۲ع ۾ اڏيرو لال ۽ ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن ويجهو لاهور ميل ريل گاڏيءَ کي ڪيرايو ويو ۽ خوني ڪارروايون ڪندي ڪيترن ئي سرڪاري عملدارن ۽ ٻين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. حر تحريڪ جي ڪري انگريز سرڪار جي ننڊ ڦٽي وئي ۽ سنڌ جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو ۽ سنڌ سرڪار جو ڪو عمل دخل ڪونه رهيو. انگريز سرڪار ۽ هند جي وائسراءِ جي هدايتن ۽ فيصلي تحت سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرايو ويو، اسيمبلي جي بند اجلاس ۾ سنڌ ۾ مارشل لا جي منظوري ورتي وئي. ۱۰ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ جي گورنر ۽ پوءِ هند جي وائسراءِ حر ايڪٽ جي منظوري ڏني ۽ صحيحون ڪيون. ”انگريز سرڪار پهرين جون ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪئي. اپر سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايڇ ٽي لئمبرڪ کي مارشل لا ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.“

روسي تاريخدان وي اي آگئيف لکي ٿو: ”سنڌ جي ۵۰ هزار چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ انگريز مرڪزي ڪمان جي هڪ پيادل برگيڊ ۽ ٻيا فوجي مقرر ڪيا ويا، انهن جو تعداد ۳۰ هزارن جي لڳ ڀڳ هو. ميجر جنرل آر رچرڊسن ان جو ڪمانڊر ۽ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ مشير مقرر ڪيو ويو.“ پر پير پاڳارو پنهنجي وڏڙن جي روش تي هلندي ”آزادي يا موت“ ۽ ”وطن يا ڪفن“ جي اصول ۽ نعري جي پوئواري ڪندي انگريزن سان منهن مقابل ٿيا ۽ پنهنجي جان جي پرواهه ڪانه ڪئي ۽ شهادت جو جام نوش ڪري امر بڻجي ويا. اڄوڪي ڏينهن ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع ۾ پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري کي ڦاهي تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو.

۱۸۴۳ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان وٺي پاڪستان جي آزادي تائين ۽ ان کانپوءِ ۵۰ جي ڏهاڪي تائين حر تحريڪ جاري رهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي آزادي بعد به پورو هڪ ڏهاڪو حر ٽارچر ڪيمپن ۾ واڙيل هئا. تاريخ جي ورقن ۾ ڪيئي ڳالهيون ۽ قصا درج ٿيل آهن.

حر تحريڪ کي چٿڻ کان وٺي پير پاڳاري جي شهادت تائين ۽ ويندي پاڪستان جي قيام تائين سنڌ جي سرڪار، اعليٰ سرڪاري عهديدارن، سياسي جماعتن ۽ ان جي اڳواڻن جي جيڪا مجرماڻي خاموشي هئي، تنهن مان اهو چٽي طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان جي پوري ليڊرشپ انگريز سرڪار جي دلال هئي ۽ اها ان سان سهمت رهندي پيرپاڳاري کي شهيد ڪرائڻ ۾ شامل هئي. سنڌ سطح جا سياسي اڳواڻ وزارتون ۽ عهدا وٺڻ ۾ پورا هئا. هن خاموشي کي ڇا چئجي؟ هن عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ سنڌين جي سرڪار ۽ سياسي اڳواڻن جي موجودگي ۽ لکين سنڌين جي موجودگي ۾ هيڏا سارا ظلم ۽ زبردستيون ٿين ۽ ڪو به هڪ ماڻهو ان خلاف دانهن ڪوڪ به نه ڪري. افسوس صد افسوس! هيڏي هجوم ۾ سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪنهن به ٺلهي مذمت به نه ڪئي. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ اهي سڀئي ڏوهاري آهن.

مون پڪ سڃاتا، پنهنجا ها گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾.

(محمد ابراهيم ”منشي“)


 

سورھيه بادشاهه ۽ حُر تحريڪ

شھيدن کي سرخ سلام

منان چانڊيو

اڄ کان مني صدي ۽ قيام پاڪستان کان چار سال اڳ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي حُر تحريڪ جي روح روان.انگريز سامراج خلاف وطن يا ڪفن.آزادي يا موت جي نعري تحت قومي ويڙھ وڙھندڙ صبغت الله عرف ورهيه بادشاھ کي گوري حڪومت ڦاھي تي چاڙھي سندس لاش کي هميشا لاءِ غائب ڪري ڇڏيو.

اسين ننڍڙائپ کان پنھنجي وڏڙن واتان ٻڌھندا ھُئاسين ته سنڌ کي بيٺڪيت بنائيندڙ انگريزن خلاف پير پاڳارو ۽ سندس مريد حُر فقير پنھنجي ماتر ڀومي جي آزادي لاءِ وڏي بھادري ۽ ھوشياري سان جنگ لڙي رھيا ھُئا. ان ويڙھ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حُر فقيرن کي پنھنجي ڪٽنبن سميت انگريز سرڪار گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري مٿن بغاوتن، قتلن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ جتي موت جون سزائون ڏنيون وينديو ھيون اُتي وري ھُنن کي لوڙھن اندر واڙيو ويندو ھُئو. اھڙن بندي خانن کي حُر ڪوٽ يا حُر ڪئمپ به سڏيو ويندو ھُيو. ان قسم جا لوڙھا، ڪوٽ يا ڪئمپون سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ قائم ٿيل ھونديون ھيون.جن مان ھڪ حُر ڪئمپ تعلقي وارھ. يوسي ميرپور.تپو حمل.ديھ نانگ دڙو. وارھ شھر کان ٻارنھن تيرنھن ڪلو ميٽر اولھ طرف حمل وارھ سڙڪ. (ھاڻي روڊ) ڀرسان قائم ٿيل ھُئي. ان جون نشانيون مون پڻ پنھنجي اکين سان ڏٺيون ھُيون. خير اُھا ته چار ڏھاڪا اڳ جي ڳالهه ھُئي، پر جڏھن آ ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران رضاڪارانه طور گرفتاري ڏئي پھريون ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو ۽ پوءِ سينٽرل جيل سکر پھتس ته اُتي جيل جي لائبريري مان سنڌ جي ھڪ قومي ۽ عوامي سوچ رکندڙ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي جي تحرير ٿيل ناول سانگھڙ پڙھڻ جو موقعو مليو. ان مان ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ واري قومي ويڙھ جي اصل سببن بابت ڪافي ڄاڻ ملي. ھونئن ته عام طور تي چيو ويندو آھي ته سرزمين سنڌ پيرن، فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي آھي. جيڪي الله لوڪ ماڻھو، مٺ، محبت، حق، انصاف ۽ عبادت الاھي. جو درس يا سبق خلق خدا کي ڏيندا ھُئا ۽ ھاڻي به ڏيندا پيا اچن پر انھن مان ڪيترا اھڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آھن جيڪي روحاني رمز، ذڪر ۽ فڪر واري حق جي واٽ تي پنھنجي پوئلڳن کي ھلڻ جي تلقين ۽ ھدايت ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي وطن.قوم ۽ عوام کي قومي ۽ طبقاتي ڦر لٽ ۽ جبر خلاف اٿي کڙا ٿي سينا سپر ڪري حق ۽ سچ جي ميدان تي ڪُڏي ڪاھي پوڻ يا نڪري نروار ٿيڻ جا پڻ گس ۽ ڏس پنڌ ڏسيندا ۽ ڏيندا ھُئا. اھڙن قومي ھيرن مان جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏيندڙ صوفي شاھ عنايت شھيد ۽ ورهيه بادشاھ پڻ ھُئا. جن نه صرف پنھنجي مريدن فقيرن کي حقوق الله جي واٽ تي عمل پيرا ٿيڻ جي ھدايت ڪئي پر پنھنجي وطن، قوم ۽ عوام تي پرڏيھي سامراجن ۽ انھن جي ڏيھي دلالن جي ظلم، ستم ۽ ڏاڍ ڏمر خلاف مھاڏو اٽڪائڻ جا پڻ بھادرانه ڪارناما سرانجام ڏيندي پاڻ کي سرزمين سنڌ تان قربان ڪندي هميشا لاءِ امر ٿي تاريخ جو حصو بنجي ويا.

پاڻ ورهيه بادشاھ ۽ ان جي حُر تحريڪ جو جائزو وٺنداسين ته ۱۹ھين صدي جي ٻئي ڏھاڪي ۾ پير پاڳارو خاندان جي ھڪ بزرگ سيد محمد شاھ راشدي جي چوڻ تي سنڌ جا ڪيترا ئي ماڻھو ھُن جا مريد ٿيا ۽ ھُن مجاھد فورس ٺاھي سيد احمد شاھ شھيد جي مدد لاءِ افغانستان ۽ سرحد جي پھاڙن ۾ وڃي سکن سان وڙھيا. اُتان واپسي بعد پير پاڳارو جي مريدن گڏجي حُرن جي ھڪ جماعت ٺاھي جيڪا اڳتي ھلي حُر فورس جي نالي سان مشھور ٿي. اُھي ماڻھو پنھنجي مرشد تان جان مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ  ھر وقت تيار ھوُندا ھُئا. ڏٺو وڃي ته ۱۹ھين صدي جي آخر ۽ ۲۰ھين صدي جي شروعات ۾ سنڌ اندر حُرن جون ۲ وڏيون بغاوتون ٿيون جن وقت جي حُڪمرانن ۽ حڪومتن کي لوڏي ڇڏيو. پھرين بغاوت ڪجھ سالن تائين مسلسل ھلندي نيٺ ماٺاري ٿي وئي ان ۾ ڪن مشھور حُر ويڙھاڪن جا نالا مشھور ٿيا جن ۾: بچو بادشاھ. گلو گورنمينٽ ۽ پيرو وزير وغيره ھُئا. ان بغاوت کي انگريز سرڪار جي ھڪ آفيسر ليوڪس. ھڪ حڪمت عملي. چالاڪي ۽ سختي سان ڪچليو ۽ اُن دوران سانگھڙ ۽ مُکي ڍنڍ جي آس پاس وارن علائقن ۾ انگريز سرڪار حُرن جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجھ بلوچ قبيلن کي بلوچستان مان گُھرائي اچي آباد ڪيو. انھن قبيلن ۾ نواب اڪبر بگٽي جا وڏا خاص طور تي شامل ھُئا. جن کي نه صرف حُرن جون زمينون ۽ مال ملڪيت ڏنا ويا پر کين اُھا زميواري پڻ ڏني وئي ته ھُو حُر تحريڪ ۽ حُرن جون جاسوسيون ڪري ۽ انھن کي پڪڙي انگريز سرڪار جي حوالي ڪن ته کين في حُر تي ۱۰ رپيا انعام ڏنو ويندا. چون ٿا ته اھڙي انڌي لالچ ۾ اچي بگٽين گھٽ ۾ گھٽ ۸۸ حُرن کي ڦاھيون ڏياري پنھنجي آقائن کان ۸۸۰ رپيا انعام عرف ڀاڙ حاصل ڪئي.

حُر تحريڪ ۽ حُرن جي ٻئي وڏي ويڙھ گوري سرڪار خلاف ٻئي جنگ عظيم دوران ٿي. اُن ويڙھ يا بغاوت ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل نالا سرگرم رھيا. ۽ ان کانسواءِ رحيم ھنڱورو به ان ويڙھ جو اھم ڪردار رھيو. ھيءُ اُھو وقت ھُيو جڏھن انگريزن کي سڄي دنيا ۾ دشمن فوجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھُئو. مثال طور تي يورپ ۾ جرمن فوجن ۽ مشرق ۾ جپاني فوجون تمام تيزي سان وڌي رھيو ھُيو ايتري قدر جو جپان برمان کي فتح ڪري آسام جي جبلن وٽ اچي پھتو. ساڳئي وقت ھندستان ۾ پڻ سباش چندر پوش جي اڳواڻي ۾ ھندستان جي ھڪ آزاد فوج جنم وٺي چُڪي ھُئي اھڙي صورتحال ۾ انگريز حڪومت سنڌ جي حالتن کي تمام گھڻو خطرناڪ سمجھيو ۽ حالتن تي نظر رکڻ جو جائزو وٺندي فوج جي ھڪ ڪور کي سنڌ آندو ۽ سنڌو درياھ جي کاٻي پاسي تي پھريون ڀيرو مارشل لا لاڳو ڪيو جنھن جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن کي بڻايو ويو ۽ سنڌ جي باغين ۽ بغاوت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھوائي فوج جا دستا پڻ استعمال ڪيا ويا. حُر بغاوت کي ڪُچلڻ لاءِ ٿر اندر ڪئين جھاز لاٿا ويا. ان حُر بغاوت دوران گاديءَ تي ڇھون پير پاڳارو صبغت الله راشدي ويٺل ھُئو.ھُن جا انگريز سرڪار سان تعلقات شروع کان ئي ڪشيده ھُئا انڪري سال ۱۹۲۸ع ۾ انگريز فوجين پير جي ڳوٺ تي ڇاپو ھنيو ان ڇاپي دوران ھٿيار ھٿ ڪيا ويا ۽ ھڪ نوجوان کي ھٿ ڪيو ويو جنھن لاءِ چيو پئي ويو ته ھُن کي پير صاحب ھڪ پيتي اندر قيد ڪري رکيو ويو ھُئو. ان الزام ۾ پير صاحب تي سکر ۾ ڪيس ھلايو ويو. ڪيس جي پيروي لاءِ ھُن جناح صاحب کي پنھنجو وڪيل مقرر ڪيو. بھرحال ان (پيتي ڪيس) ۾ اڳ واٽ طئہ ٿيل فارمولي موجب اسپيشل ڪورٽ جي مئجسٽريٽ اڌارام پير صاحب کي ۸ سال قيد جي سزا ٻڌائي. پير صاحب کي ان دوران ھندستان ۽ بنگال جي ڪيترن ئي جيلن ۾ رکيو ويو.جتي ھُن جا بنگالي قومپرستن سان تمام بھتر لاڳاپا رھيا ۽ انھن بنگالي سياسي قيدين کان ھُو تمام گھڻو متاثر ٿيو.

پير پاڳاري کي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر گرفتار ڪري ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. ھُن جي گرفتاري کانپوءِ حُرن وڌيڪ بغاوتون شروع ڪري ڏنيون ۽ ھُنن جي نشاني تي سرڪاري ملڪيتون ۽ اھم دفتر ھُئا. انڪري انگريزن کي اُھو انديشو ٿيو ته ڪٿي سندن (گوري سرڪار) جي وفادار ماڻھن ۽ سرڪاري اعلي عملدارن تي حُر مجاھد حملا ڪري جاني نقصان نه پھچائين. ان ڳڻتي ۽ خوف ڪري انگريز سرڪار پير صاحب تي تڪڙو ڪيس ھلائي ان کي ڦاھي تي چاڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. آخرڪار ورهيه بادشاھ تي انگريز خلاف بغاوت ۽ ماڻھو مارائڻ جا ڪيترائي الزام مڙھي موت جي سزا ٻڌائي ان تي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي عمل ڪراچي ڇڏيو. اھڙي ريت پير پاڳارو ۽ سندس ھزارين حُر مجاھد پنھنجي ننگن ۽ دنگن تان سر گُھور ڪري هميشا لاءِ امر بنجي ويا. اسان کي جتي ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ جي جوڌن جوانن جي عظيم ۽ تاريخي قرباني تي فخر آھي. اُتي وري افسوس اُن ڳالهه جو آھي ته اڄ کان ڪيترا ئي ڏھاڪا اڳ سنڌ جا سردار، ڀوتار، پير، مير پنھنجي وطن، قوم، عوام جا ويري بنجي انگريز سامراج جي دلالي ڪندي پاڻ کي اتمُ اعلي محسوس ڪرائيندا ھُئا اڄ به انھن جي نسل وارا ھمراھ پنھنجي ڪوڙي آڪڙ، معتبرائپ ۽ انا خاطر ساڳي راھ تي رمي رھيا آھن.

اسان آخر ۾ سورهيه بادشاھ جي پوٽي ۽ سندس نالي واري شخصيت موجوده پير پاڳاري کي التجا ٿا ڪيون ته ھُو پنھنجي وڏڙن جي وطن، قوم، عوام دوستي ۽ حب الوطني واري سچي ۽ حق جي راھ تي گامزن ٿي موجوده دور جي غاصبن، ظالمن ۽ لُٽيرن کان سنڌ ۽ سنڌين جي نجات لاءِ پنھنجو ڀرپور ۽ مسبت ڪردار ڪري.

 

 

 

صبغت الله شاهه راشدي

جنهن سنڌ جي حقيقي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو!

طارق عزيز شيخ

سنڌ جي معتبر خاندان سان تعلق رکندڙ سيد صبغت الله شاهه راشدي جنهن کي سورهيه بادشاهه جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي، ۱۹۰۷ع ۾ پيدا ٿيو. هو ۱۴ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۲۱ع ۾ گادي نشين بڻيو. اها سندس صلاحيت هئي جو گهٽ ڄمار هوندي هن وڏا ۽ اهم فيصلا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي انقلابي اڳواڻ بڻجي ويو. سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ هو، پنهنجي مفاد وارا قانون ٺاهي رکيا هئائون. هنن کي اهو اندازو ڪو نه هو ته سنڌ ۾ ظلم خلاف صدين کان وٺي مزاحمتون هلنديون رهيون آهن ۽ سنڌي قوم اهڙا سگهارا اڳواڻ هميشه هر دور ۾ پيدا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ جبر خلاف وڙهيا آهن.

پير صبغت الله شاهه راشدي اهڙن ئي جرئتمند اڳواڻن مان هڪ هو، جيڪي صدين ۾ جنم وٺندا آهن. هن سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. سندس جدوجهد ايتري ته سگهاري هئي جو انگريزن کيس خاموش ڪرڻ لاءِ لوڀ ۽ لالچ ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريزن جو اهو انداز هو ته پنهنجي سگهاري دشمن کي لالچ ۽ چاپلوسي سان پنهنجو ڪندا هئا پوءِ انهيءَ کي ئي پنهنجن ماڻهن سان وڙهائي راڄ ڪندا هئا. انگريزن پير صبغت الله کي به لقب نوازڻ جي آڇ ڪئي ۽ انعام طور برطانوي بندوق موڪلي جنهن تي پير صبغت الله راشدي چيو ته: ”سر“ جي لقب کان ”پير پاڳاري“ جو مليل لقب عزت وارو اٿم ۽ هٿيار اسان وٽ به گهڻا آهن.“

انگريزن جي حڪمت عملي ناڪام ٿي ته هنن پنهنجي پاليل گروهه کي سورهيه بادشاهه ڏانهن الڳ الڳ انداز ۾ موڪليو. خانبهادر، سر، نواب ۽ ٻين لقبن واريون اهم شخصيتون انگريزن پاران صبغت الله راشدي وٽ ويون پر سندس هڪ ئي مطالبو هو ته: ”انگريز سنڌ ڇڏين.“ جڏهن هر طرح جو حربو نه هليو، سهڪار نه ٿي سگهيو ته انگريزن حُر تحريڪ خلاف اُپاءَ سخت ڪيا. حُر مجاهدن کي چوکنڀو ڪرڻ لاءِ انعام اڪرام رکي سندن خلاف ڪم ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. صاف شفاف ڪردار رکندڙ صبغت الله راشدي کي انگريزن جي ڇڏيل جاسوسن ۽ مخبرن انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ته هن ابراهيم نالي ڇوڪرو پيتي ۾ بند ڪري رکيو آهي ۽ وٽس ٻارنهن رائفلون، ٽي عدد بندوقون، ٻه عدد پستول ۽ ۲۵ هزار گوليون هٿ آيون آهن. هي واقعو ۲۸ آگسٽ ۱۹۳۰ع ۾ رونما ٿيو ۽ عدالت کيس ۸ ورهيه پورهئي سان سزا ٻڌائي.

انگريزن سمجهيو هو ته صبغت الله راشدي جي گرفتاري بعد ماٺار ٿي ويندي پر ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻندڙ حُر تحريڪ جو جٿو پنهنجي اڳواڻ جي ڇڏيل جدوجهد کي جاري رکيو ويٺو هو. انگريزن پنهنجي پوري طاقت جو مظاهرو ڪيو، جتي جتي مخبرن اطلاع ڏنو اتي راتاهو هڻي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هڪ طرف اها صورتحال هئي ته ٻئي طرف صبغت الله راشدي ننڍي کنڊ جي نامياري وڪيل محمد علي جناح کي ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو. هن نهايت ذهانت سان ڪيس وڙهيو ۽ انگريزن کي قائل به ڪيو پر تنهن هوندي به هنن سورهيه بادشاهه کي سنڌ کان ٻاهر کڻي وڃي هندستان جي رتناگري جيل ۾ قيد ڪيو. جيل ۾ رهڻ دوران هن مطالعو ڪيو ۽ پنهنجن مريدن لاءِ ويڙهه جي حڪمت عملي تحريري انداز ۾ تيار ڪئي. اها ئي تحرير ”تنبيهه الفقراء“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مشعل راهه بڻجي وئي. هن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جون سورتون، حديثون، بزرگن جا قول ۽ ذاتي حڪمن ۽ مشورن تي ٻڌل مواد هو. قيد ۾ رهندي سورهيه بادشاهه جو رويو ۽ انداز اهڙو هو جو دشمن جا ماڻهو به سندس مريد بڻجي ويا. طبيعت ۾ نرمي ۽ قرب هر ملڻ واري کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيندو هو. جيل ۾ رهڻ دوران محمد علي جناح سميت سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله، عبيد الله سنڌي سميت سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن سان سندن خط و ڪتاب ذريعي رابطو پڻ رهندو آيو. انگريزن ڪارڪردگي جو رڪارڊ ڏسندي صبغت الله راشدي کي ٻه ورهيه رعايت ڪندي ۲۵ نومبر ۱۹۳۶ع تي آزاد ڪيو. هو خاص انتظام ۽ انگريز سپاهين سان خيرپور ريلوي تي پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

صبغت الله راشدي جي آزادي کان پوءِ حُر تحريڪ اڳي کان وڌيڪ سگهاري ٿي اڀري. ويڙهه پهرين کان وڌ بڻجي وئي. حُرن ”آزادي يا موت“ جو نعرو هنيو ته انگريزن کي ”آزادي“ ۾ سنڌ ۽ ”موت“ ۾ پنهنجو وجود ڏسڻ ۾ آيو. هنن حُرن جي تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ان جي رد عمل ۾ ريلوي اسٽيشنون تباهه ڪري، ريلون روڪيون ويون. سرڪاري دفترن کي هلڻ نه ڏنو ويو. انگريزن جي ڪنهن به حڪم کي مڃڻ کان عوام کي منع ڪيو ويو ۽ پنهنجي متبادل سرڪار قائم ڪري ڇڏي. جنگي حڪمت عملي اهڙي ڪئي وئي جو سڄي هندستان ۾ فقط سنڌ جو پرڳڻو انگريز سرڪار لاءِ مفلوج بڻجي ويو. سورهيه بادشاهه جو وڌ کان وڌ ويڙهه طرف ڌيان رهيو. گوريلا جنگ جي تربيت لاءِ مرڪز مقرر ڪيا ويا. پنهنجي حُر فورس ٺاهي ان ۾ ڀرتي شروع ڪئي وئي. پوليس جو الڳ مرڪز ٺاهيو ويو ۽ اهڙي ريت الڳ عدالت ٺاهي وئي. عام ماڻهن کي چيو ويو ته انگريزن بدران پنهنجا مسئلا نئين جوڙيل نظام تحت آندا ۽ حل ڪرايا وڃن. سانگهڙ کي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو، ٻين شهرن ٽنڊوآدم، خيرپور ۽ سکر ڏانهن هن نظام کي وڌايو پئي ويو. ان دوران مذهبي انقلابي اڳواڻ ۽ انگريزن جي وڏي مخالف مولانا عبيدالله سنڌي به سورهيه بادشاهه سان ملاقات ڪئي. انگريزن کي اها ڳالهه اڃا به ڏکي لڳي.

سنڌ جي آزادي وارو خواب گهڻي ڀاڱي پورو ٿيندو پئي ويو. انگريزن جي غلامي کان ڇوٽڪارو وڏي پئماني تي حاصل ٿي رهيو هو. پاڻ آزاد ٿيڻ بعد هندستان مان سنڌ پهتا تڏهن جيڪو خطاب ڪيو هئائين انهيءَ ۾ ٻڌي ڪرڻ، نشو نه ڪرڻ، ولايتي ڪپڙو نه خريدڻ، هندو-مسلم ايڪو قائم رکڻ ۽ جهاد ڪرڻ تي زور ڀريو هئائين. انهيءَ خطاب کان پوءِ ريل جون پٽڙيون اکيڙيون ويون، اوٻاوڙو، جيڪب آباد، روهڙي، شڪارپور، صادق آباد، رحيم يار خان ۽ بهاولپور تائين شدت سان هلچل مچي وئي. انگريزن به ڇاپا هڻي حُر ڪارڪنن سميت عام شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي به گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪيترائي جيل ڀرجي ويا ۽ بعد ۾ خطري سبب قيدين کي پري پري وارن شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حُر مجاهد ۽ فقير پنهنجي سرواڻ جي حڪم تي جانثار بڻيل هئا. هو شاهه لطيف جي شعر جيان:

سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،

سي مَرڪن پچار، حاضر جن جي هٿ ۾.

وطن جي آزاديءَ جي لاءِ ”غازي“ ڀرتي ٿيڻ لڳا. ڪنهن فوج جي ڪمانڊر جيان صبغت الله راشدي جرئت ۽ دليري سان ڏينهن رات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ انگريزن خلاف وڙهندو رهيو ۽ انگريز پٺتي تي هٽندا رهيا. اهڙي صورتحال کي ڏسندي انگريزن وڌيڪ نفري گڏ ڪري خفيه حڪمت عملي ڪري سازش سان ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۰ع تي صبغت الله راشدي کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ هيٺ گرفتار ڪيو ته عبدالله ماستر کي حُرن قتل ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ قتل جو حڪم هن ئي جاري ڪيو هو. هن ڪيس ۾ سندن وڪيل سر غلام حسين هدايت الله هو. سورهيه بادشاهه کي پهرين ڪراچي واري گهر ۾ نظربند رکڻ لاءِ آرڊر جاري ٿيو جيڪو هن دلير انسان ٿڏي تي انڪار ڪري مڃڻ کان يا نظربند ٿيڻ کان منع ڪري ڇڏيو پر بعد ۾ خيرپور رياست جي وزير مير اعجاز علي ٽالپر جي حڪم تي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس غلام رسول شاهه اهڙي حڪم کي عملي شڪل ۾ آندو. گرفتاري بعد شنيوئي، سي پي هندستان جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

انگريزن حُرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو، جتي جتي تحريڪ زوردار هلندڙ هئي پير جو ڳوٺ، خيرپور، سانگهڙ، کپرو، عمرڪوٽ، نارو ۽ سنجهورو خاص نشانو رهيا. ڄاڻايل علائقن مٿان جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي، اَڻ ڳڻيا ماڻهو مارجي ويا، ٻنيون سڙي ويون. انگريزن جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو تن کي سخت اذيتون ڏنيون ويون، ٽارچر ڪيو پر تنهن هوندي به حُرن جي جدوجهد جاري رهي. هيءَ جدوجهد جيڪڏهن سڄي سنڌ جو هر ماڻهو ڪري ها ته انگريزن کي ضرور مات اچي ها. حُرن سان گڏ هر طبقو ملي سورهيه بادشاهه کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي تحريڪ کي پنهنجي ڌرتيءَ خاطر ويڙهه سمجهي وڙهي ها ته سنڌ جو مستقبل ڪجهه ٻيو هجي ها پر انهي وقت مخبرن ۽ جاسوسن جي عمل پنهنجي گهر کي پاڻ ساڙڻ جيان ڪم ڪيو. وڏا وڏا لقب ماڻڻ وارا سياستدان، وڏيرا ۽ زميندار انگريزن جي اشارن تي سنڌ خلاف سازشون ڪندا رهيا ۽ انگريزن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندا رهيا. اهڙي حالت ڏسي صبغت الله راشدي سڄي هندستان جي عوام کي مخاطب ٿيندي پيغام ڏنو هو ته: ”ٻه يا ٽي لک انگريز ٽيهه ڪروڙ ماڻهن مٿان حڪومت ڪري رهيا آهن انهي ڪري جو هندستان جا ماڻهو بزدل آهن ۽ سنڌ به هندستان جو حصو آهي. انگريز به هندستان ۾ رهي ٿو جيڪو ناانصافيون ڪري رهيو آهي. هٿيار ڌارڻ مڙس جو ڪم آهي، هٿيار هوندو ته دل کي طاقت هوندي. ۳۰ ڪروڙ هندستانين مٿان حڪومت جو حق به هندستانين جو آهي گوري جو نه. انهيءَ ڪري گوري جي خلاف تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ گهرجي.“

۱۹۴۱ع ۾ ڪيترن ئي حُرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون، سرعام گوليون هنيون ويون، سورهيه بادشاهه جي پٽن شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه کي انگريزن سزا طور پرڏيهه کڻي وڃي رکيو. برٽش گورنمينٽ جيڪي الزام صبغت الله راشديءَ مٿان مڙهيا هئا سي هيءُ هئا: ”برطانيا حڪومت سان بغاوت ڪرڻ، حڪومت سان جنگ ڪرڻ، جنگ لاءِ عوام کي همٿائڻ، رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪرڻ، حڪومت خلاف سازشون سٽڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ.“ عدالت ۾ ڪيس هليو ته شاهدن ۽ گواهن ۾ فقط سرڪاري ملازمن کي پيش ڪيو ويو، يڪطرفي ڪارروائي ڪئي وئي. هيءَ ڪارروائي هندستان ۾ رائج برٽش گورنمينٽ جي گورنر جنرل رچرڊسن هلائي.

۱۹۴۲ع ۾ حُر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ صبغت الله راشديءَ جو ڪيس به فوجي عدالت ۾ هلايو ويو هو. ۱۴ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ کيس حيدرآباد جيل آندو ويو. ساڳئي سال ۲۰ مارچ تي کيس سولي تي چاڙهيو ويو. ڦاهيءَ جي ڳالهه راز ۾ رکي وئي هئي ته جيئن ماڻهو ممڻ نه مچائي سگهن. شهادت وقت سندس عمر چوٽيهه ورهيه هئي.


 

سورهيه بادشاهه

وطن جي آزاديءَ جو املهه هيرو

ڊاڪٽر مدد علي قادري

سونهاري سنڌ ڪيترن ئي نامور عالمن، شاعرن، دانشورن ۽ مجاهدن کي جنم ڏنو آهي. راقم الحروف اڄ تاريخ ۲۰ مارچ تي سنڌ جي هڪ وڏي مجاهد پير سيد صبغت الله شاهه ثاني جي ورسيءَ جي نسبت سان نهايت اختصار سان چند ڪلمات ڀيٽا طور پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهي. اسان جو هيرو سيد صبغت الله شاهه، سنڌ جي مشهور راشدي خاندان جو چشم و چراغ هو. پير سيد محمد راشد کان وٺي، تقريباً ٽن صدين کان هند ۽ سنڌ ۾ اشاعت اسلام ۽ ڪلمئه حق کي ماڻهن جي دلين ۾ منور ڪرڻ لاءِ هڪ منظم طريقي سان خدمت ڪئي آهي. سڀئي تذڪره نگار ۽ مورخ لکن ٿا ته:

پير محمد راشد جي وفات کانپوءِ، جڏهن سندس فرزند پير صبغت الله شاهه اول رشد و هدايت جي مسند (گاديءَ) تي ويٺا، تڏهن هندستان جي اسلامي سلطنت جو چراغ گل ٿي رهيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سکن ۽ انگريزن جون اکيون ڄميل هيون. حالات جي ناسازگاري سنڌ ۾ هند جي مسلمانن کي ايتريقدر بدحواس ۽ بي همٿ بڻائي ڇڏيو هو. سندن حوصلا پست ٿي ويا هئا. راشدي خاندان جي عظيم مجاهد پير صبغت الله شاهه اول پنهنجي ولوله انگريز تقريرن سان سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ سندن ڪيترا ئي مريد غيور سرفروش مجاهد بڻيا، جن کي حر جو لقب عطا ڪيائين.

مورخ قلمبند ڪن ٿا ته:

هند ۾ هڪ وڏي عالم، سيد احمد شهيد، انگريزن ۽ سکن جي خلاف جهاد جو جهنڊو، پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ جهاد جي سلسلي ۾ جاني ۽ مالي امداد لاءِ جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته ڪيترا ئي سنڌي حر، هن مهم واسطي روانا ٿيا ۽ وڏا ڪارناما انجام ڏنا. تقريباً هڪ صديءَ کانپوءِ راشدي خاندان ۾ هڪ ٻيو عظيم مجاهد پير صبغت الله شاهه ثاني پير پاڳارو نمبر ۶ راشديه مسند تي ۱۹۲۱ع ۾ ويٺا. انگريز ۱۸۴۲ع ۾ پنهنجي مڪاري، حرفتن ۽ چالاڪين سان ميرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قابض ٿي ويا هئا. ميرن هوش محمد شيدي سان گڏجي، انگريزن سان مقابلو ڪيو. خيرپور جي ميرن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. خيرپور، کين رياست طور ڏني وئي. اهڙيءَ طرح انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا. سنڌ جي ڪيترن مفاد پرستن تصور ڪيو هو ته اسان جو هيرو به مصلحت کان ڪم وٺي، انگريزن جي حمايت ڪندو پر انگريزن لاءِ سندس دل ۾ وڏي نفرت هئي. انگريز حڪمرانن اسان جي هيري کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا ۽ مٿس سکر ۾ ڪيس هليو. سندس خاندان مان ڪي فريادي ۽ ڪي شاهد بڻيا. اسان جي هيري جو وڪيل محمد علي جناح بڻيو هو. ليڪن جناح صاحب ڏٺو ته انگريز جج، اسان جي هيري کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري رهيو آهي ته هو وڪالت ڇڏي ويو. جج هن کي سزا ڏيئي، رتنا گري جي جيل اماڻيو. رتنا گري جو جيل هن لاءِ وڏي نعمت ثابت ٿيو. ان عرصي ۾ پنهنجي هم نام پير صبغت الله اول جي تقريرن جو مطالعو ڪري، انگريزن خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ انگريزن کيس آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ کانپوءِ، پنهنجي مريدن جي سينن ۾، پنهنجي ولوله انگيز تقريرن سان، روح ڦوڪيائين. انگريزن، مجاهدن تي سختيون شروع ڪيون ۽ سانگهڙ ضلعي جي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئمپون ٺاهيون ۽ اتي انهن جي هر روز حاضري جو حڪم ڪيو. پير صاحب پنهنجي حرن کي حڪم ڪيو ته اوهان غائب رهو. انگريزن اسان جي هيري کي چيو ته، حر اسان جي حوالي ڪريو. پير صاحب چيو ته اوهان کين خود ڳوليو. انگريزن پنهنجي چالاڪين سان اسان جي هيري کي نامعلوم هنڌ تي پهچايو ۽ اتي ئي کيس ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي ڦاهي ڏني. اهڙيءَ ريت اسان جو هيرو، وطن عزيز مٿان، پنهنجي جان نڇاور ڪري، امر ٿي ويو.


 

صبغت الله شاهه ثاني

پير سائين سورهيه بادشاهه - يوم شهادت جي مناسبت سان

پروفيسر سيد ڪليم الله شاهه راشدي

سنڌ جي سرزمين هميشه املهه شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي دور ۾ اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو ڪروڙين دلين ۾ سمائجي ويا. جيڪي اڄ اسان وٽ ته نه آهن پر هنن کي سنڌ اڄ به ياد ڪري ٿي ۽ صدين تائين ياد ڪندي رهندي. انهن املهه شخصيتن مان ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ وارو نعرو ڏيندڙ شهيد سورهيه بادشاهه به هڪ آهي، جنهن سنڌ ڌرتيءَ لاءِ انگريز سامراج خلاف مهاڏو اٽڪايو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويو.

ابن امام علي عليه السلام جن جي سلسلي نسب مان ۶ رمضان المبارڪ ۱۱۹۰ هجري ۾ حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليه جن جي ولادت باسعادت ٿي. سيدنا محمد راشد جي خاندان مان حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه اول ”ڪوٽ ڌڻي“ رحمت الله عليه ۲۲ ربيع الاول ۱۸۶۰ع ۾ موجوده درگاه شريف پير جو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي وڏي ڀاءُ حضرت پير سائين علي گوهر شاهه ثاني عرف ”معافي ڌڻي“ جي وفات کانپوءِ پنجين پاڳاري جي حيثيت سان ۲۷ جماد الثاني ۱۳۱۴ هجري ۱۸۹۶ع ۾ ۳۵ سالن جي عمر مبارڪ ۾ سندن جانشين ٿيا. پير سائين شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي بادشاهه، وڏو عالم، وڏو مدبر ۽ عظيم سياسي بصيرت رکڻ وارو جوان هو. پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه کي ٽي فرزند هيا، وڏو فرزند سيد حسين علي شاهه رح جن پهرين گھرواري مان هيا، جيڪي ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. ٻي گھرواريءَ مان پير سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه) ۽ سيد راحم علي شاهه جنهن جو نالو مبارڪ محمد بقا شاهه به هو پيدا ٿيا. پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو سونهري ڪارنامو اهو هيو جو قرآن پاڪ جو تفسير ”تفسير ڪوثر“ شاهه مردان شاهه ٽن جلدن ۾ ڇپرائي مريدن ۾ تقسيم ڪيو، جيئن سندن عقيدا صحيح ٿين ۽ کين توحيد ۽ هدايتن جي واٽ سمجھ ۾ اچي.

پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو دور راشدي پاڳارن جي عروج جو دور هو. ائين کڻي چئجي ته جيئن عباسين جي دور ۾ هارون الرشيد عباسيءَ جو سونهري دور هو. اسپين جي اموي حڪمرانن ۽ عبدالرحمٰن الثالث جو دورِ حڪومت اسپين ۾ سندس سونهري دور هو، اهڙي طرح پير سائين شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو دور راشدي خاندان جي پاڳارن جو سونهري دور هو، پر قدرت جو سڏ ٿيو، ڪوٽ ڌڻي بادشاهه ربيع الاول ۱۹۲۱ع ۾ رحلت فرمائي، سندن تدفين روضي مبارڪ ۾ آهي. ڪوٽ ڌڻي بادشاهه ۶۱ سالن جي عمر مبارڪ ۾ وفات ڪئي. سندن وفات کانپوءِ سندن فرزند ارجمند سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني عرف سورهيه بادشاهه ڇهين پاڳاري جي حيثيت سان گادي نشين ٿيا. پير سائين سورهيه بادشاهه جن جي ولادت باسعادت ۱۳ صفر ۱۹۰۹ ۾ ٿي. پاڳاري ٿيڻ وقت سندن عمر مبارڪ ۱۲ سال هئي. پاڻ ابتدائي تعليم حافظ خدا بخش سومرو ۽ مولوي امام بخش مهيسر کان ورتي.

شهيد سورهيه بادشاهه جن کي فارسي زبان تي پورو عبور حاصل هو. شهيد سورهيه بادشاهه جي زندگي مبارڪ جو جڏهن جائزو وٺون ٿا ته چند ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، (۱) ۱۲ سالن جي عمر مبارڪ ۾ هيڏي وڏي مريدن جي جماعت سنڀالڻ، (۲) شهيد سورهيه بادشاهه ننڍي هوندي کان ئي آزاد طبع جو ماڻهو هو، (۳) شهيد سورهيه بادشاهه ۾ سنڌي قوم پرستيءَ جو جذبو به عروج تي هو، (۴) انگريز حڪومت جي ڪنٽرول ۾ رهي بادشاهي هلائڻ هن مجاهد لاءِ تمام ڏکيو هو، (۵) سورهيه بادشاهه ۾ ايڏو جلال هو جو ڪوبه ماڻهو هن پاڳاري سان اَکِ ملائي ڳالهائي نه سگھندو هو، (۶) انگريزن جي لباس ۽ انهن جي ثقافت جو وڏو مخالف هو، (۷) تمام بهادر، موت کان به نه ڊڄڻ وارو. مريدن ۾ سامراج جي خلاف حوصلو پيدا ڪرڻ وارو جوان هو ۽ بزدل ماڻهوءَ کان نفرت ڪندو رهيو. (۸) سورهيه بادشاهه عالمن ۽ مکن کان صلاح وٺندو هو پر هوُ طبيعت جي لحاظ کان انهن جو محتاج به نه هو، جو هر مسئلي ۾ انهن کان صلاح وٺڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجھي، (۹) وطن يا ڪفن آزادي يا موت هن جوان جو جذبو هو.

بهادريءَ جي ڪري ۱۹۳۰ع ۾ ظالم انگريز هن بهادر جوان کي رتناگري جا ڪوڙا ڪيس هلائي تقريبن اٺ سال جيل ۾ رکيو. آزاديءَ کان پوءِ هن جوان انگريزن جي خلاف بغاوت جي حڪمت عملي تيار ڪئي. سانگھڙ جو گڙنگ بنگلو سامراج جي خلاف مرڪز بڻجي ويو. حقيقت هيءَ آهي ته شهيد سورهيه بادشاهه جي بهادريءَ کي ڏسندي انگريز خوفزده ٿي ويا، اُنهن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري بغاوت جو ڪيس هلايو، جنهن جو آخرڪار نتيجو اهو نڪتو جو ظالم انگريز هن مرد مجاهد کي حيدرآباد جي جيل ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ ۾ ڦاسي ڏني، پاڻ شهادت جو جام پيتائون. ڦاسيءَ کان پوءِ به لاش مائٽن حوالي نه ڪيو ويو.

سورهيه بادشاهه جو ڪردار وڏي مجاهد وارو هو. سندس چوڻ هو ته انگريزن سنڌ تي زوريءَ قبضو ڪيو آهي ۽ مسلمانن کي غلام بڻايو آهي. جيئن ته انگريز اسلام جا وڏا دشمن هيا، سنڌ جي آزاديءَ جا سخت مخالف هيا، جنهن ڪري شهيد سورهيه بادشاهه جن جي سوچ هئي ته انهن ظالمن کي تڙي ڪڍڻ ضروري آهي. شهيد سورهيه بادشاهه جي سوچ هئي ته سنڌ هڪ ملڪ آهي، ان جي ثقافت نرالي آهي. اهو ئي سبب هو جو سائين جي ايم سيد به شهيد سورهيه بادشاهه کان متاثر هو. منهنجي جائزي مطابق شهيد سورهيه بادشاهه جي زندگي مبارڪ هڪ عظيم هيري ۽ رهبر واري آهي.


سورهيه بادشاهه

سنڌ جو اتساهه ڏيندڙ ڪردار

امام راشدي

نوٽ: سنڌ سيدن جو محبوب ملڪ رهيو آهي ۽ سنڌ سان ھُنن ازلي محبت ڪئي آهي، تڏهن ته ھتي لڪياري، جيلاني، راشدي، بخاري، رضوي، ڪاظمي، نقوي، موسوي ۽ ٻيا اھلبيت گھراڻا ڪثرت سان آباد آهن، پر انهن مان راشدي سيد خاندان کي سڀني کان منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي، ڇو جو علم ۽ حڪمت ھِن خاندان جو ورثو رھيا آھن. موّرخِ سنڌ پير حسام الدين راشدي، راشدي سادات جو تعارف ھن طرح ڪرائي ٿو: “محمد بن قاسم جي معزوليءَ بعد سنڌ اندر جيڪا بدامني جي بلا دوباره پيدا ٿي، تنهن کي نهوڙي نوائڻ لاءِ دربارِ خلافت، سيد علي مڪي کي سامره جي سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ساڻ ڏيئي، سنڌ ڏانهن موڪليو. ان مقدس جماعت ٻيهر اچي خدا ۽ رسول جي پرستش جي هتي پيڙهه پڪي ڪئي.

سنڌ اهڙي وڙئون ويل ڪانه هئي، جو پنهنجي محسن کي موٽائي ماڳ اماڻي، يعني علي عليه رحمته کي عرب اماڻڻ بدران، هميشه لاءِ هت رهايو ويو. هن صاحب سيوهڻ جي نزديڪ “لڪ آري” پهاڙ جي پهلوءَ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.

راشديه خاندان، انهيڙ سيد جي سوڙي آهي. هو صاحب ۱۵ پيڙهيءَ ۾ سيد الشهداءِ حضرت امام حسين سان ملي ٿو، خاندان راشديه جو مورث اعليٰ حضرت پير سائين محمد بقا عليه رحمته وري ۲۰ پيڙهيءَ ۾ سيد علي مرحوم سان شر انتساب حاصل ڪري ٿو.

پير سائين محمد بقا کان وٺي سنڌ اندر مذهبي فيض ۽ برڪتن جو مهراڻ موجون مارڻ لڳو. سندس فرزند پير سائين محمد راشد رحمته الله عليه جي سر تي وري سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ سندس ففيض جو اثر سنڌ کان وڌي، هنڌ جي گوشي گوشي ۾ پکڙجي ويو.

اهو ته قدرت جو ڪرشمو آهي، جو مذهبيات سان گڏ، عليءَ جي اولاد ۾ علمي ذوق ۽ شوق به هميشه موجود رهندو آيو آهي. “انا مدينته العام و علي بابها” واري حديث شريف سندن شان ۾ موجود آهي. مذهبي معاملي کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن انهيءَ گهراڻي جي علمي علامتن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ سلسلي جو هڪ هڪ داڻو علم جو در شهوار ٿيندو آيو آهي. سنڌ جي سرزمين تي، ٻي هڙي خاندان شاذ و نادر نظر ايندي، جنهن مذهبيات سان گڏوگڏ علم ادب جي به ايتري خدمت ڪئي هجي. علم ادب جي هر هڪ شعبي ۾ انهيءَ گهراڻي گوهر پيدا ڪيا.” (ص ۵۹۹ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون)

راشدي خاندان جي علمي ۽ اسلامي بصيرت ڏسڻ لاءِ هن خاندان جي جدِ امجد پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي هَستي اسان جي آڏو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ ريت ڌرتيءَ سان وفا، شجاعت، بهادري ۽ سورهيائي جي پرک لاءِ شهيد سورهيه بادشاهه جو ڪردار ڪافي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته راشدي خاندان جي علمي، ادبي، ديني، روحاني ۽ سياسي خدمتن جو غوغاءُ اڄ به هند-سنڌ سان گڏجي سڄي دنيا ۾ گونجندو رهي ٿو. تاريخون هن خاندان جي شاندار ۽ تاريخي جدوجهد سان ڀريون پيون آهن. پير سيد صِبغت الله شاهه المعروف شهيد سورهيه بادشاهه جي عملي جدوجهد وارو ڪردار هن خاندان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. ڇو ته سورهيه بادشاهه ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻي، هڪ، مڪمل نظريو ڏنو ۽ انهيءَ نظريي تحت پير صاحب جي جدوجهد هڪ مثالي ۽ تاريخي جدوجهد بڻجي اڀري، جنهن سڄي سنڌ ۽ سموري برِ صغير جي ماڻهن کي متوجهه ڪيو ۽ دنيا ڏٺو ته هڪ مڪمل پيراڻي گادي ڪيئن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب بڻي. سورهيه بادشاهه جي هِن مثالي تحريڪ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ لاءِ ”سانگهڙ“ ناول جو مطالعو ضرور ڪرڻو پوندو. ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته انگريزن جيئن ئي ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ فتح ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ جو علم کڙو ڪيو، تئين ئي سنڌ جي راشدي خاندان غير مسلم حڪمرانن جي حاڪميت کي رد ڪيو ۽ کلم کلا ان جي مخالفت ڪندو رهيو، انهيءَ جا ڪيترائي مثال تاريخ جي صفحن تي قلمبند ٿيل آهن.

۱۸۴۳ع کان شروع ٿيل مالفت جو تسلسل ۱۹۴۳ع ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. پورو هڪ سئو سال انهيءَ جدوجهد انگريزن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته انگريزن کي پوري خطي مان فقط هن ئي گهراڻي جو خوف پريشان ڪري رکيو هو ۽ هِن ملڪ جي پاڪ سرزمين تي فرنگين جي پيرن کي مضبوط ڪرڻ نه ڏنائون. انگريز ۱۸۴۳ع کان وٺي ۱۹۴۷ع تائين هڪ سئو چار سال سنڌ ۾ سُک سان نه ويٺا، خاص ڪري ۱۹ کان ۱۹۴۳ع تائين انگريزن جو سنڌ ۾ سک ۽ سلامتي داءَ تي لڳل رهيو، ڇو ته هي عرصو پير صبغت الله شاهه جو انگريز مخالفت جو شدت ڀريو دؤر رهيو. انگريزن کي مٿي ۾ سور جيترو سورهيه بادشاهه جي جدوجهد وڌو ايترو پوري برِ صغير ۾ ڪنهن به تحريڪ نه وڌو هُين. انگريزن سورهيه بادشاهه جي انهيءَ عملي جدجهد کي هر طرح سان مات ڏيڻ ۽ ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا، پر اٽل ارادن آڏو هو پنهنجي مقصد ۾ ڪٿي به ڪامياب نه پئي ٿيا، نيٺ هُنن سورهيه بادشاهه تي بغاوت جا ڪوڙا ڪيس مڙهي، کيس صفئه هستيءَ تان مٽائڻ لاءِ عملي جدوجهد کي لڳي ويا، پر سورهيه بادشاهه کي قيد و بند جون صعوبتون ڏئي جدوجهد کي ٿڌو ڪندا رهيا، پر سنڌي قوم جي اٽل ۽ مضبوط ارادن آڏو سندن ڪا به تدبير ڪارگر ثابت نه ٿي سگهي، نيٺ سورهيه بادشاهه کي ڦاهي ڏئي لاش غائب ڪرڻ سان پنهنجي ۽ سنڌ جي آجپي جي تعبير ڏنائون، پر تاريخ گواهه آهي ته ۱۹۴۳ع ۾ پير صاحب کي ڦاسي ڏئي پنهنجي لاءِ ڌرتيءَ کي اڃا به وڌيڪ تنگ ٿيندو محسوس ڪيو ۽ ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ انگريزن هن ملڪ کي ورهائي انگلستان هليا ويا ۽ ائين پير صاحب جي شروع ڪيل عظيم جدوجهد مڪمل ڪاميابيءَ سان تحريڪ پاڪستان جي روپ ۾ زور ورتو ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ ”پاڪستان“ وجود وٺي اڀريو.

پير صِبغت الله شاهه راشدي پنهنجي عملي ڪردار ۽ شاندار جدوجهد ۾ مڪمل سوڀارو ٿيو ۽ انگريز نيست و نابود ٿي ويا. تاريخ اڄ به سورهيه بادشاهه جي ڪارنامن تي فخر ڪري ٿي ۽ انهيءَ تاريخ کي ڪُچليندڙ ڳوليا ڪو نه ٿا لڀن. معلوم ٿيو ته تاريخ حق ۽ انصاف جي علمبردار آهي، ڪردار منفي هجي يا مثبت، تاريخ ان سان انصاف ضرور ڪري ٿي. تاريخ سورهيه بادشاهه سان انصاف ڪري کيس امرتا بخشي آهي، اڄ به سورهيه بادشاهه ملڪ ۽ قوم جو آئيڊيل ڪردار بڻيل آهي. سورهيه بادشاهه ”تنبيهه الغافلين“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ پير صاحب قلم انتهائي جلال سان هلايو آهي، جماعت کي سخت تنبيهه ڪئي وئي آهي.

پير صاحب وڏو جاه و جلال جو مالڪ هو ۽ خودي ۽ خودداريءَ جو صاحب هو. ننڍي هوندي کان وٺي کيس جرئت، همٿ، حوصلي، بيباڪي ۽ باغيانه سُتي پيل هئي. هونئن به سنڌ جي ڌرتي انسانيت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو درس ڏيندي رهي آهي. هيءَ تصوف جي سرزمين آهي. تصوف ۽ روحانيت جا صاحب هن ڌرتيءَ جا وارث رهيا آهن. دنيا کي انسانيت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو سبق ڏنو آهي، سنڌ جو فڪر ۽ فلسفو سنڌ انسان دوستيءَ وارو رهيو آهي، سورهيه بادشاهه پنهنجي لافاني ڪردار کي نه صرف خوب نڀايو پر خوب قدر پڻ ڪيو.


سورهيه بادشاهه ۽ سنڌ جو عوام

اسد ڏاهري

پاڳارا خاندان سنڌ جو عظيم ۽ محسن خاندان آهي هن خاندان هميشه اسلام، وطن ۽ قوم خاطر عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هن خاندان جي ڇهين پڳدار امام انقلاب شهيد اعظم حضرت پيرسيد صبغت الله شاهه راشدي ثاني ”سورهيه بادشاهه“ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي ان وقت جي انگريز سامراج سان گوريلا جنگ جوٽي، ٻارنهن سالن جي عمر گادي نشين ٿيڻ ۽ ڪافر ۽ ظالم انگريز خلاف جهاد جو اعلان ڪري حر مجاهد تيار ڪري انگريز سامراج جي حرڪتن ۽ ناپاڪ ارادن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ بهادرانه ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ انگريز سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پالتو ڇاڙتن جي معرفت شيطاني چالون هلڻ لڳو ليڪن پاڳارا خاندان جي سورهيه بادشاهه ۾ حسينيت سمايل هئي جهڪڻ بجاءِ آزادي سان جيئڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني، اهڙي هيبتناڪ ماحول ۾ انگريز ڪجهه زميندارن، جاگيردارن ۽ سرڪاري آفيسرن معرفت ڪوڙيون شاهديون وٺي سورهيه بادشاهه لاءِ سزا مقرر ڪئي، ۽ ۱۹۳۵ع ڌاري سورهيه بادشاهه کي رتنا گر جي جيل ۾ رکيو ويو ۽ ٻاهر حر پنهنجيون ڪاروايون ڪندا رهيا، رتناگريءَ جي جيل ۾ سورهيه بادشاهه پيرسائين محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات شريف پڙهندا هئي ۽ پنهنجي نصيحتن جو مجموعو ”تنبيهه الفقراءُ“ پڻ تيار ڪيو، ان دوران پاڻ جيل مان حرجماعت جي خليفن ڏانهن سلام، پيغام موڪليندا هئا سورهيه بادشاهه کي ڪوڙن ڪيسن مان ۱۹۳۸ع ڌاري آزادي ملي ۽ پاڻ ڪلڪتي کان واپس پنهنجي وطن سنڌ پهتا، پيرجوڳوٺ وارن کان حال احوال وٺي جلد گڙنگ بنگلو سانگهڙ پهچي حرجماعت لاءِ ترڪيبي هدايتون ۽ نصيحتون جاري ڪيائون ۽ انگريز سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، چغلخورن اها ڳالهه انگريز کي ٻڌائي سورهيه بادشاهه کي ٻيهر ۱۹۴۳ع ڌاري گرفتار ڪرائي هزارين حرن کي لوڙهن ۾ بند ڪيو، هر ايراضي ۾ مارشل لا لاڳو ڪري حرن مٿان قهري ڪاروايون  ڪيون ويون  ليڪن حرن  پنهنجي روحاني مرشد رهبر سورهيه بادشاهه جي آزادي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي سان وڙهندا رهيا ۽ انگريز حرجماعت خلاف غلط پروپيگنڊا ۽ افواهه پکيڙيندا رهيا انگريزجي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ جاگيردار پڏيرا وڏاوڏا لقب ۽ انعام حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اخبارون انگريز جي دهشت دٻائڻ لاءِ غلط خبرون شايع ڪري هيسائڻ ۾ پوريون هيون، ليڪن سنڌ جي پاڳارا خاندان جي هن بهادر  هيرو سورهيه بادشاهه انگريز جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان شهادت کي قبول ڪري حرجماعت کي فرمايو ته فقيرو گهٻرايو نه ! اوهان مان جيڪي هوندا اهي رنگ ڏسندا، نيٺ ظالم انگريز سورهيه بادشاهه جي لاءِ سزا جي تاريخ مقرر ڪئي، جنهن رات سورهيه بادشاهه کي ڦاسي اچي رهي هئي ان رات انگريز سوچيو ته اڄ وقت آهي پيرصاحب پنهنجي موت جي مدنظر ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هوندو ان ڪري اڄ پير صاحب کان آساني سان شطرنج راند جي بازي کٽي ويندس، ليڪن ان جي اميدن تي ان ڏينهن به پاڻي پئجي ويو جڏهن سورهيه بادشاهه انگريز ڪارگل کي ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان شڪست ڏني، هو اهڙي سڪون ۽ اٽل ارادي کي ڏسي حيران ٿي ويو، پيرسائين سورهيه بادشاهه ان کي جواب ڏنو ته اسان غلام بنجڻ لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون پر غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ اسان جي زندگي جو مقصد آهي ظالم گوري جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هن جو منهن ڀت سان لڳو هن کي اها ڪهڙي خبر ته هي اها جرئت مند هستي آهي جنهن جي رڳن ۾ ڪربلا جي حسين جو رت ڊوڙي رهيو آهي جنهن ڏينهن سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪري رهيا هئا  ان ڏينهن سورهيه بادشاهه جي آخري خواهش لاءِ ڪرسي تي ويهاريو ويو جڏهن لئمبرڪ سامهون آيو ته ڏٺائين سورهيه بادشاهه جهڙي تشبيهه رکندڙ نوراني هڪ سئو تصويرون ان جي اڳيان اچي ويون ۽ هو فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڪنهن کان پڇان ۽ نوراني چهري جو جلوو رکندڙ سورهيه بادشاهه جي خوف کان واپس هليو ويو، پير سائين سورهيه بادشاهه روحاني پيشوا هئا. الله سائين جي امر کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۱۸ مارچ ۱۹۴۳ع تي فريڊرڪ ينگ آيو ۽ سورهيه بادشاهه کي چيائين ته ۲۰ مارچ تي اوهان کي شهادت جو  جام نوش فرمائڻو آهي ليڪن سورهيه بادشاهه جي چهري تي ڪوبه  گهنج نه آيو بلڪه پاڻ مرڪي فرمايائون ته شهادت اسان جو تاج آهي اڳتي وڌي ان کي پائڻ عبادت آهي، اسلام وطن ۽ قوم جي آزادي جي انهي ويڙهه ۾ سورهيه بادشاهه کي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي انگريز سامراج سان وڙهندي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ جام شهادت نوش فرمايائون سورهيه بادشاهه کان پوءِ تقريبن ۵۰ حرن کي به شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ حر ايڪٽ پاس ڪري ۽ حرن خلاف ڪاغذي ڪاروايون ڪري انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، ان کانپوءِ سندس جسد خاڪي کان به انگريز خوفزدا ٿيڻ ڪري رات جي تاريخي اونداهي ۾ ڪنهن نامعلوم هنڌ  ڏانهن نيو ويو، امام انقلاب سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ انگريز جي سلطنت کي چئن سالن جي به مهلت نه ملي ۽ انگريز جو اهڙو زوال اچي ويو جو لئمبرڪ جا پوئينر به ياد ڪندا، اڄ سورهيه بادشاهه جي شهادت کي ۷۶ سال گذري چڪا آهن  سنڌ جا اديب دانشور اڄ به خاموش آهن، سورهيه بادشاهه جي شهادت تي سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ به خاموشي آهي جيڪا حر تحريڪ دوران هئي سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جي ڏهاڙي ۲۰مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ عام موڪل جو قرارداد پاس نٿي ڪئي وڃي سنڌ اندر سورهيه بادشاهه جي نالي ڪو تحقيقي ادارو يا يونيورسٽي قائم نه ڪري سگهيا آهيون، حر تحريڪ جي اڳواڻ امام انقلاب شهيد اعظم پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شخصيت ۽ حر تحريڪ تي عملي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، پاڳارا خاندان جي عظيم سورهيه سپوت سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سورهيه بادشاهه جي حريت پسندي جي جيڪا شمع ٻاري انهيءَ جي شعائن پاڳارا خاندان کي ويتر اهڙو ته بهادر ۽ دلير بنائي ڇڏيو جو اڄ اعليٰ حضرت پيرسائين پاڳارا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف حق ۽ سچ وارو ڪلمو چوندا پيا اچن، اسلام، وطن ۽ قوم خاطر جنگ وڙهندڙ پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، اڄوڪي ڏهاڙي تي سيمينار ڪرائي سورهيه بادشاهه ۽ تحريڪ بابت نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻ گهرجي سورهيه بادشاهه جي قرباني جي ڪري هي وطن آزاد ٿيو ۽ سنڌ جي عوام کي انگريز ظالم جي ظلمن کان نجات ملي، سورهيه بادشاهه جي قرباني تي سنڌ جي سڄاڻ حلقن ايترو ڪم نه ڪيو آهي جيترو کين ڪرڻ گهرجي اچو عهد ڪريون ته اڄ کان سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ بابت جديد تحقيقي ڪري نوجوان نسل کي آگاهه ڪريون.


 

سنڌ جو سورهيه!

سهيل ميمڻ

سنڌ اسيمبليءَ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه شهيد کي عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي. اهو ساراهه جوڳو عمل آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌ جي هيروز کي ياد ڪن ٿا. اها ساڳي سنڌ اسيمبلي هئي، ساڳي عمارت هئي، ميمبرن ۾ به موجوده اسيمبلين ۾ ويٺلن جا ڪيترا وڏڙا شامل هئا، جن سورهيه بادشاهه ۽ سندس جماعت جي سرفروشن خلاف ۱۹۴۲ع ۾ ”حر ايڪٽ“ جي نالي سان هڪ ڪارو قانون پاس ڪيو هو. انگريزن جي ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ ٽي سئو سال جي اقتدار ۾ سنڌ اهو واحد خطو هو، جتي ڪنهن اسيمبليءَ ذريعي باقاعده ايڪٽ پاس ڪري مارشل لا لڳائي وئي ۽ جهازن تان بمباري ڪري ان تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. انگريزن جي ان عمل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اها ڪيتري زور آور تحريڪ هئي ۽ انگريز ان کان ڪيترو خائف هو.

حرن جي تحريڪ جي سرواڻ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه جي ٻارنهن سالن جي عمر ۾ لکين جانثار مريدن جي مرشد طور گادي نشين ٿيو. اڪويهن سالن جي ڄمار ۾ مٿن غير قانوني هٿيار رکڻ جو مقدمو قائم ٿيو، قائد اعظم محمد علي جناح ان ڪيس ۾ سندن وڪيل هئا. کين اٺ سال سزا ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ پير صاحب جا ٻه سال روپوشي ۾ گذريا. برطانوي حڪومت سان بغاوت جي الزام هيٺ اڍائي سال قيد، مارشل لا عدالت ۾ ڪيس ۽ چوٽيهه سالن جي ڄمار ۾ کين ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ لاش اڃان تائين لاپته آهي.

اها ان جوڌي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ۱۹۳۰ع کان ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بااثر اڳواڻ سائين جي ايم سيد، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. ان دعوت جي موٽ ۾ سيد کي جيڪو جواب مليو هو، ان کي ياد ڪندي مون سائين جي اکين ۾ ڳوڙها پاڻ ڏٺا هئا. سائين اهو منظر ياد ڪندي چئي ڏيندو هو ته، ”پير صاحب بلڪل صحيح چيو هو، ”سيد صاحب اسين وطن يا ڪفن مان هڪ شيءِ حاصل ڪري وينداسين ۽ توهان ويٺا سڄي عمر ڏوراپا ڏيڻ ۽ قيد ۾ ڪتاب لکڻ ۾ گذاريندا.“

اڄ سنڌ جي ان سپوت فرزند سورهيه بادشاهه جي  ورسي آهي. کين ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي جي سزا ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. سورهيه بادشاهه تي برطانوي تاج خلاف جنگ ڪرڻ ۽ راڻي خلاف جنگ کي منظم ڪرڻ جا الزام لڳائي، ميجر رچرڊسن جي سربراهي ۾ قائم مارشل لا ڪورٽ فقط ۲۶ ڏينهن ڪيس هلائي، کين موت جي سزا ڏئي شهيد ڪيو. اڄ سنڌ اسيمبلي جيتوڻيڪ سورهيه بادشاهه جي مڃتا ڪئي آهي، پر سياست جا پنهنجا مزاج ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ فنڪشنل جو اسيمبليءَ ۾ ميمبرن سان حڪومتي اتحاد ئي ان قرارداد جو کڻي سبب هجي. ائين ئي ۱۹۴۲ع جي حر ايڪٽ پاس ڪرڻ پويان سياسي، ذاتي توڙي اقتداري حاصلات جا محرڪ پڻ هئا. ان وقت سنڌ جا اڪثر رهنما، انگريزن کان سَر ۽ خان بهادر جا خطاب حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي پٺتي ڇڏڻ واري جدوجهد ۾ مصروف هئا. جنهن مهل سنڌ جا وڏا وڏا نالي وارا سياستدان اهڙي ڊوڙ ۾ مصروف هئا، ان وقت سورهيه بادشاهه هندستان جي پونا، مدنا پور، رتناگري، راج شاهي ۽ ڍاڪا جي جيلن ۾ هندستان جي چوٽي جي ليڊرن سان جيڪي پڻ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ قيد هئا، سلاخن پٺيان پئي گذاريو. اهو ئي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ جي گوريلا جنگ جو خاڪو سندن ذهن ۾ پليو ۽ نپيو. سورهيه بادشاهه قيد بعد ۱۹۳۸ع ۾ اٺ سال قيد ۾ گذارڻ بعد سنڌ پهتو ته، پنهنجي مريدن کي سندس پهريون حڪم اهو هو ته، هو نشو واپرائڻ بند ڪن ۽ پوءِ هٿيار بند تحريڪ سنڌ ۾ منظم ٿيڻ لڳي.

حرن جي وڌندڙ انقلابي گوريلا ڪاررواين سبب سورهيه بادشاهه کي آخري ڀيرو ۳۰ سيپٽمبر  ۱۹۴۰ع تي ڪراچي مان گرفتار ڪري ٽرين ذريعي لاهور واري رستي کان ناگپور  جي سيوني جيل اماڻيو ويو. حرن جون انقلابي ڪارروايون وڌنديون ويون، انگريزن سنڌ جي ۲۴ هزار ۶۰۰ ميل رقبي تي مارشل لا لڳائي ڇڏي. ۳۰ هزار فوج باغين کي ڪچلڻ ۾ لڳي وئي. ضلعي سانگهڙ جي مک ٻيلي ۾ گهمسان جو رڻ ٿيو، سوين شهيد ٿيا، هزارين زخمي ٿيا. ۱۴ جنوري ۱۹۴۳ع تي سورهيه بادشاهه کي هندستان کان خاص جهاز ۾ سنڌ آڻي حيدرآباد جيل ۾ قيد ڪيو ويو. شاهه صاحب تي بغاوت جو ڪيس ۲۹ جنوري کان هلائڻ شروع ڪيو ويو ۽ صرف ۲۶ ڏينهن جي مارشل لا ڪورٽ واري ڪارروائي بعد کين موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي ان تي عمل ڪري، سنڌ کي سندس عظيم فرزند کان محروم ڪيو ويو.

برٽش لائبريري لنڊن جي انڊيا آفيس رڪارڊ سيڪشن ۾ موجود حر تحريڪ بابت مواد مان صاف ظاهر آهي ته مارشل لا عدالت ۾ سورهيه بادشاهه تي هلايل ڪيس فقط هڪ ڍونگ هو. ان جو ثبوت اهو آهي ته پير صبغت الله شاهه تي بغاوت جي ان مقدمي جي ڪارروائي ۲۹ جنوري ۱۹۴۳ع کان شروع ڪئي وئي، پر ان کان ڪيترو ئي اڳ سنڌ جي گورنر ۽ هندستان جي وائسراءِ وچ ۾ ۲ جنوري ۱۹۴۳ع تي ٿيل خط و ڪتابت ۾ پير صاحب کي سزا بعد دفن ڪٿي ڪجي؟ واري موضوع تي صلاح ۽ بحث ٿيل آهي.

پير صبغت الله شاهه، سنڌ جي اصل روح صوفي خيالن جا هئا. مذهبي رواداري ۾ سندن ڪردار جو مثال سندن ان بيان مان لڳائجي، جيڪو ۸ جنوري ۱۹۴۰ع جي اخبار ”پير ڳوٺ گزٽ“ ۾ ڇپيو، ”مان ان مهل خوش ٿيندس، جنهن مهل مسجد ۽ مندر جي وچ واري ڀت هڪ هجي“. انگريزن، پير صاحب جي آخري وصيت، ”مون کي پير ڳوٺ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ پوريو وڃي“ کي پورو نه ڪيو ۽ لاش کي گم ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي خبر ناهي ته سنڌ جو هي بهادر سپوت ڪٿي دفن آهي. بي شڪ سورهيه بادشاهه، لاپته ماڻهن جي فهرست ۾ اول نمبر تي آهي.

سنڌ اسيمبلي جيڪا کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان ان تحريڪ خلاف ماضي واري ڪيل پنهنجي قراردان ۽ پاس ڪيل ڪارن قانونن مٿان ٿوري هلڪي مٽي وڌي آهي، اتي بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ اسيمبلي، سنڌ جي ماڻهن جي خواهش موجب برطانوي حڪومت کان سورهيه بادشاهه جي تدفين واري جڳهه جو آفيشل اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪري.

 


 

شهيد سُورهيه بادشاهه

سنڌ جي تاريخ جو جُهونجهار

مدد علي سنڌي

منهنجي هٿن ۾ ۱۹ مارچ ۲۰۱۸ع جي روزنامه ڊان آهي- آئون اخبار جي اندرئين پيج تي ۷۵ سال پراڻي خبر پڙهي رهيو آهيان. اها خبر ۱۹۴۳ع جي آهي. ان ۾ لکيل آهي ته پير صاحب پاڳاري کي مارشل لا ڪورٽ جي حڪم تي موت جي سزا ڏني ويئي. مٿس الزام هو ته ڪنگ امپائر جي خلاف جنگ جي تياري ڪري رهيو هو. خبر موجب مليٽري ڪورٽ جو چوڻ هو ته پير صاحب تي لڳايل چئن الزامن مان ۳ ثابت ٿيا، جيڪي مٿس مڙهيا ويا هئا. مڪمل خبر ۾ ڄاڻايل هو ته سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري تي حيدرآباد جي مليٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. اهو ڪيس ۲۶ ڏينهن يعني ۲۹ جنوري ۱۹۴۳ع کان ۲۳ فيبروري ۱۹۴۳ع تائين هليو.

يقينن سال ۱۹۴۳ع، سنڌ لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ سال هو. هن سال ۲۱ جنوري تي سکر سينٽرل جيل ۾ هيمون ڪالاڻيءَ (۱۹۴۳-۱۹۲۴ع) ۽ ۲۰ مارچ تي سورهيه بادشاهه، پير صبغت الله شاهه (۱۹۴۳-۱۹۰۹ع) کي، انگريز سرڪار، ملڪ جي آزادي جو ڏوهه هڻي ڦاسيون ڏنيو هيون. گذريل سال ۲۰ مارچ ۲۰۱۷ع تي پير صاحب سورهيه بادشاهه جي ۷۴ هين ورسي خاموشي سان گذري ويئي ۽ هيمون ڪالاڻي جو ڏهاڙو به لنگهي ويو. سنڌ جا اهي ٻئي ڪردار اهڙا آهن. جن تي مڪمل تحقيق ٿيڻ گھرجي، ڪتاب لکڻ گھرجن. سنڌ ۾ سورهيه شهيد تي پروفيسر محمد عمر چنڊ ۽ محترم نصير اعجاز انگريزي ۾ شاندار ڪتاب لکيا آهن.چار ڏينهن اڳ اهي ٻئي ڪتاب ئي ويهڪ ۾ ٻيهر پڙهي پورو ڪيا اٿم. هي ٻئي ڪتاب پنهنجي جاءِ تي هڪ ڊاڪيومينشن آهن. آئون سمجھان ٿو، ته سموري تحريڪ خاص پير صبغت الله راشدي پير صاحب پاڳاري بابت هن قسم جا دستاويزي ڪتاب، هڪ عاليشان ڪم آهن. ٻئي ڪتاب معلومات سان ڀرپور هڪ مڪمل داستان آهن. جيڪڏهن هُنن ڪتابن کي آئون PHD جي ٿيسز جديد طريقي سان لکيل قرار ڏيان ته ان ۾ هروڀرو وڌاءُ نه ٿيندو.

پير صاحب تي محمد عمر چنڊ ۽ نصير اعجاز جي ڪيل تحقيق لاجواب آهي. ڪتاب ۾ پير صاحب جي زندگي جي سمورن رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪيومينٽيشن جو خاص خيال رکيو ويو آهي مون کي خبر آهي ته اسان جي سنڌ جون يونيورسٽون ڪيترن ئي بيڪار ٿيسز تي ماڻهن کي سون جي تعداد ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سان نوازي رهيون آهي. پر ڪيڏو نه سٺو ٿئي ته جيڪڏهن هنن ٻنهي ڪتابن جي ليکڪن کي اعزازي ڊگري ڏيئي کين مهانتا ڏني وڃي ته اهو ڪو وڏو گناهه هر گز نه ٿيندو. ساڳئي وقت سنڌ جي سرڪاري ادارن جهڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي کي به صلاح ڏيندس هو هن اهم ڪتابن جو سنڌي ترجمو به شايع ڪرائي ان سان اسانجي عام ماڻهن کي هن ڪتابن جي اهميت جي خبر پوندي.

دراصل سنڌ جي ماضي واري سياست ۾ سنڌ جي اهم ڪردار تي صحيح معنيٰ ۾ ڪنهن قلم ئي نه کنيو آهي. سال ۱۸۸۵ع ۾ جڏهن اڃا آل انڊيا ڪانگريس ٺهي ڪو نه هئي ته سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، ۱۸۸۲ع ۾ سنڌ سڀاجي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي هئي. بعد ۾ سنڌ ۾ اسڪول کليا، ڪاليج کليا ۽ سنڌ سموري هندستان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.

سنڌ جي ويجهي ماضي واري سياست ۾ حر تحريڪ جو پنهنجو هڪ جداگانه پر انتهائي اهم دور رهيو آهي. انگريزن ڏاڍي چالاڪيءَ سان خاص ڪري پير صبغت الله شاهه راشدي بابت پنهنجي ڇاڙتن ذريعي سندس تحريڪ کي غلط رنگ ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. اهوئي سبب هو جو انگريزن پير صاحب صبغت الله شاهه کي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي فقط ۳۴ سالن جي ڄمار ۾ ڦاسي ڏيئي، شهيد ڪري سندن مڙهه کي به غائب ڪري ڇڏيو. اهو هڪ غير اخلاقي ڪم هو. تعجب انگيز ڳالهه اها آهي ته سموري هندستان ۾ سنڌ اڪيلو صوبو هو، جنهن ۾ برٽش سرڪار جي ڪجهه ضلعن ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي هئي، ان دور ۾ پير صاحب کي ڦاسي ڏيئي بعد ۾ نه رڳو سنڌ، بلڪه سنڌ کان ٻاهر هندستان ۾ ڪنسٽرڪشن ڪيمپس ٺاهي، انهن ۾ هزارين حر عورتون، مردن، ٻارن کي ۹ سالن تائين، بند رکيو. ويندي آزادي ۱۹۴۷ع ۾ اچي ويئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي حڪومت ۱۹۵۲ع تائين اهي ڪيمپ قائم رکيا. انهن ڪيمپن ۾ ڪيترا ٻار اتي پيدا ٿيا، جن جا داستان ٻڌي، ڏندين آڱريون ٿيون اچيو وڃن. سانگهڙ، شهدادپور، کپرو، نواب شاهه، سکر، وارهه ۾ اهي ڪيمپ موجود هئا. ان کانسواءِ سنڌ کان ٻاهر جيڪي ڪيمپ هئا، انهن ۱۳ ڪيمپن جو ذڪر اڄ به تفصيل سان پڙهڻ جهڙو آهي.

پير صاحب سورهيه بادشاهه طبيعت ۾ هڪ بهادر ۽ انقلابي هو. سندن شخصيت جا ڪيترا رُخ اڃا لڪا پيا آهن، سندس انقلابي سوچ جو هڪڙو مثال آئون اوهانکي ضرور ٻڌائيندس.

پير صاحب صبغت الله شاهه کي پهريون ڀيرو هٿيارن جي ڪوڙي ڪيس ۾ ۶ مارچ ۱۹۳۰ع تي گرفتار ڪري سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ۽ ۲۸ آگسٽ ۱۹۳۰ع تي سکر جي سٽي ميجسٽريٽ انڊين پئنل ڪوڊ جي اسم ۳۴۴، ۽ ۳۴۶ هيٺ آرمي ايڪٽ جي ڏوهه ۾ کين اٺ سال سزا ٻڌائي. انهيءَ ئي مشهور ڪيس ۾ قائد اعظم محمد علي جناح پير صاحب جو ڪيس وڙهڻ لاءِ سکر آيو هو. پر برٽش حڪومت جو ورتاءُ ڏسي، ڪيس ڇڏي ويو هو. آخرڪار برٽش سرڪار، پير صاحب بنگال جي مشهور بدنام زمانه سينٽرل جيل مدناپور جيل ۾ موڪلي ڏنو. پير صاحب اتي ۸ سال قيد ويهي ڪاٽيو. سال ۱۹۳۳ع ۾ هو اولهه بنگال جي مدناپور جيل ۾قيد هو. انهيءَ جيل ۾ پير صاحب جي موجودگيءَ ۾ ڪيترن ئي بنگالي انقلابين کي روزانو ڦاسي ڏني ويندي هئي، ۽ پير صاحب اهو لقاءُ اتي ڏسندو هو.

مدناپور جيل مان ئي پير صاحب، پنهنجي دوست سر غلام حسين هدايت الله کي هڪ خط لکيو هو. ان خط جي فوٽو ڪاپي مون وٽ موجود آهي، خط ۾ ڪجهه شڪايتون آهن، ته برٽش حڪومت مونکي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيئي، بنگال جي جيلن ۾ بند رکيو آهي. ان ڪري مون سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

اهوخط تفصيلي آهي. پر هڪ ڏاڍي اهم ڳالهه آهي، جيڪا پير صاحب سورهيه بادشاهه ان خط ۾ لکي آهي. هو لکي ٿو ته “برٽش سرڪار مون کان وار فنڊ لاءِ چندو گهريو آهي. چندو آئون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر چندي جا پئسا، آئون وار فنڊ نه پر انڊيمان جي سيلولر جيل جي قيدين جي ڀلائي لاءِ ڏيندس، جيڪي انهن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪيا وڃن. جيڪڏهن منهنجو اهو شرط منظور آهي، ته پوءِ آئون ضرور چندو ڏيندس”

هاڻ اوهان پاڻ ڏسو، پير صاحب انقلابي سوچ ۾ ڪيڏي نه اڏام هئي. کيس ڪاري پاڻي جي سزا ڪاٽيندڙن سياسي قيدين جي چڱيءَ طرح خبر هئي، جنکي انڊيمان جي سيلولر جيل جن کي عمر قيد جي سزا لاءِ موڪليو ويندو هو. انهيءَ جيل ۾ انتهائي خوفناڪ ۶۱۲ اڪيليون ڪوٺڙيون هونديون هيون. اڄ ان قيد خاني جو هڪ ڀاڱو ميوزيم ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ۽ ڏسندڙن کي اڄ به اهي ڀيانڪ سيل ۽ انهن جي آڏو ڊگهي ورانڊي، جي ڀيانڪ خاموشي گهڻي دير تائين بيهڻ نه ڏيندي آهي.

پير صاحب، آڪٽوبر ۱۹۳۶ع ۾ آزادي ٿي بنگال کان هڪ خصوصي ٽرين ذريعي خيرپور پهتو. ان وچ ۾ برٽش سرڪار پير صاحب جي خلاف ڳجهيون رپورٽون ٺاهيندي رهي، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته پير صاحب جا مدناپور جيل ۾ خطرناڪ بنگالي انتها پسندن سان ويجها لاڳاپا قائم ٿي چڪا هئا.۱۹۴۱ع ۾ پير صاحب کي سرڪار ڪراچي گهرايو ۽ کيس ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو، پر اتي ٿوري وقت کان پوءِ پير ڳوٺ هليو آيو. برٽش سرڪار کيس موٽائي وري به ڪراچي آندو ۽ کيس ڊفينس آف انڊيا جي قانون تحت نوٽيس به ڏنو ويو. ان کانسواءِ هن کي پوليس نگرانيءَ هيٺ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. پر ان کان پوءِ پير صبغت الله شاهه عرف سورهيه بادشاهه کي ٻيهر ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع تي باقاعده طور گرفتار ڪيو ويو. ۽ کيس پاڻيءَ جي جهاز ۾ سنڌ کان ٻاهر پهريون.سوناني رتناگري ۽ بعد ۾ بنگال جي علي پور جيل ۾ قيد رکيو ويو. پير صاحب کي برٽش حڪومت فقط آخري وقت ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ بند رکيو.پير صاحب، ڪلڪتي ويجهو خوفناڪ علي پور جيل، مهاراشٽر جي رتناگري جيل، ۽ مڌياپرديش جي سوناني جيل، ۾ قيد رکيو ويوهو. اتي هن ڏاڍي بهادري سان اهي قيد جون مشڪلاتون ويهي برداشت ڪيون.

جنوري ۱۹۴۳ع ۾ پير صاحب کي هوائي جهاز ذريعي بنگال کان سنڌ آندو ويو. ۽ کيس آڻي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو. اتي سيد صبغت الله شاهه راشدي کي ٻڌايو ويو ته مٿس عدالتي ڪارروائي ۲۹ جنوري ۱۹۴۳ع کان شروع ڪئي ويندي. کين ٻڌايو ويو ته توهان جي وڪيلن جو اهو عذر ڪو نه ٻڌو ويندو ته اهي ڪيس جي تياري ڪري ڪو نه سگهيا آهن. تنهن تي پير صاحب پاڳاري کين وراڻيو هو ته جيڪڏهن اوهان انصاف ڪرڻ ٿا گهرو ته اوهان کي ڪيس اٻهرائي ۾ هلائڻ نه کپي بلڪ مون کي هڪ سٺي بئريسٽر کي وڪيل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. پير صاحب گذارش ڪئي هئي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ محمد علي جناح کي وڪيل ڪرڻ گهري ٿو. پر انگريز سرڪار سندس هي گذارش هن بهاني رد ڪري ڇڏيو ته “ڏيل مل” نالي هڪ مقامي وڪيل آهي، جنهن کي سندس بچاءَ جو وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي.

بهرحال پير صاحب تي انڊين پينل ڪوڊ جي فقري نمبر اي (۲) تحت ڪيس هلايو ويو. مارشل لا جي ضابطي مطابق ان ڏوهه جي وڌ ۾ وڌ سزا موت هئي. اهو ڪيس حيدرآباد جيل اندر هليو. حقيقت اها آهي ته کيس تنها ۽ اڪيلو ڪري مٿس هر قسم جو حراس وڌو ويو هو.

۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع جي صبح جو ۴ وڳي پير صاحب کي ڦاسي ڏني ويئي. اها رات پير صاحب ڏاڍي بهادري سان ويهي گذاري ۽ پاڻ پيرين پنڌ ڦاسي گهاٽ هلي ويو.اتي هو ڏاڍي بهادري سان سر ڏيئي سرهو ٿي ويو.

۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع جي صبح جو ۸ وڳي ڊپٽي مارشل ايدمنسٽريٽر لئمبرڪ جي حڪم تي پير صاحب جي اٺن اهم مريدن کي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو، انهن اٺن ڄڻن ۾ محمد خان جوڻيجي جو والد خان صاحب دين محمد به موجود هو. انهن کي مليٽري پهري ۾ جيل وٺي ويا. اتي هڪ سيل ۾ پير صاحب آرام ڪرسيءَ تي آرامي هو. انگريزن اهو تاريخي فوٽو ڪڍرايو، جنهن ۾ اهي اٺ ئي مريد پير صاحب جي پويان بيٺل هئا. ڪجهه دير بعد حيدرآباد سينٽرل جيل جي پوئين ديوار ٽوڙي ويئي. اتي ڪيترا مليٽري وارا بيٺل هئا، بعد ۾ هڪ وين ٻن تابوتن کي کڻي رواني ٿي،وين ڦليلي واري رستن کان ٻاهر ٿيندي، شاهه مڪي درگاهه جي ويجهو مليٽري ايئرو ڊرم (جي سي ٽي گرائونڊ) تي پهتي. چئني پاسي برٽش فوج بيٺل هئي، ايئرو ڊرم تي ٻه ڊڪوٽا جو جهاز بيٺا هئا. انهن ۾ اهي ٻئي تابوت جن مان هڪ ۾ پير صاحب جو جسم مبارڪ بند هو، کڻي ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن روانا ٿيا.

مقصد ته برٽش سرڪار پير صاحب جي آخري سفر کي به ايترو ته پر اسرار رکيو، جو خبر فقط چند ماڻهن کي هئي ته پير صاحب کي ڪٿي دفن ڪيو ويو آهي. ۽ ايڇ ٽي ليئمبرڪ،برٽش حڪومت جو اهم ڪردار هو، ۽اهو راز دل ۾ رکي هو صاحب به وڃي خدا جي حضور ۾ پهتو. پر هن کي اندر ۾ ڪوئي پڇتاءُ ضرور هو. اهوئي سبب هو، جو مرڻ کان پهرين هن وصيعت ڪري ويو ته سندس سمورا ڪتاب سنڌيونيورسٽيءَ جي سنڌيالاجي کي موڪليا وڃن.۽ بعد ۾ ليمبرڪ جا ٻه پٽ ۽ ننهن اهي ڪتابن جا دٻا کڻي ڄامشوري پهتا، ۽ انهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌيالاجي کي هڪ تقريب ۾ پيش ڪيا.

اڄ نه انگريز سرڪار ۽ نه وري انهن جا ڇاڙتا ڪنهن کي ياد آهن، پر سورهيه بادشاهه جهڙا جهونجهار ضرور ياد ڪيا وڃن ٿا. ۽ سنڌ جو سِر سُرخرو ڪندا ٿا رهن.


سورهيه بادشاهه

شهيد اعظم - اتهاس جو آواز

پروفيسر ڀائي خان

سنڌ ڌرتي جيجل امڙ جي مقدس سرزمين سدائين پنهنجي دودن، جوڌن جوان پٽن کي جنم ڏئي، ڌارين، غاصبن، لٽيرن کي هڪلي ڪڍيو آهي، اهڙن سرويچ سردارن مان روحاني پيشوا پير پاڳارو خاندان ڪڏهن به غلامي قبول ناهي ڪئي. هن خاندان جا پهريان بزرگ پير محمد راشد شاهه اسلام جي ابتدائي ڏينهن ۾ بغداد کان سنڌ ۾ آيا. سندن سلسله نسب حضرت سيد علي مڪي رحه جن سان ملي ٿو. سندن اولاد جون مکيه ٻه شاخون آهن.

پاڳارا (صاحب پڳ/ تاج)

جهنڊي وارا (صاحب جهنڊو/علم)

پير سيد پاڳارا جن خيرپور رياست جي پير ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا ۽ پير سيد جهنڊي واري سعيد آباد جي ڀر ۾ هالا نوان ۾ رهڻ لڳا. حضرت پير سيد صبغت الله شاهه اول صاحب تاج ڌڻي جي لقب سان مشهور ٿيو. ۱۸۴۳ع ۾ انگريز سرڪار دوکي ۽ دولاب سان سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري، سنڌ واسين مٿان ظلم ۽ جبر جي قهري ڪاررواين سان ڪاري ڪڪر جيان ڇائنجي وئي. ان دور ۾ پير پاڳارا (صاحبِ تاج) حضرت پير سيد صبغت الله شاهه (اول) کي انگريزن ۽ سکن خلاف ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو. جنهن ڪري پنهنجي مريدن ۽ معتقدن ۾ جيڪو به واعظ ڪندا هئا، ان ۾ جهاد جون ڀلايون ۽ فضيلتون بيان ڪندا هئا. ڪڇ ۽ لاڙ جا جيڪي مريد واعظ ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا هئا، انهن ڏانهن جهاد لاءِ لکيل دعوت نامه موڪليندا هئا. حضرت پير سيد صبغت الله شاهه (اول) جي وفات بعد سندن فرزند حضرت پير سيد علي گوهر شاهه رحه جانشين مقرر ٿيو. پاڻ ٻيو نمبر پير پاڳارا هئا ۽ سندن لقب بنگلي ڌڻي هو، پاڻ شاعر هئا ۽ سندن تخلص “اصغر” هو. پاڻ ۲۸ اپريل ۱۸۴۷ع تي رحلت فرمايائون. پير سائين پاڳارا سيد علي گوهر شاهه رحه جي وصال کان پوءِ سندن فرزند پير سيد حزب الله شاهه سجاده نشين مقرر ٿيو.

حضرت پير سيد صبغت الله شاهه (ثاني) جي ولادت ۱۳ صفر ۱۳۲۷ هجري ۾ ٿي. سندن والد شاهه مردان شاهه جي وفات بعد ۷ ربيع الاول ۱۳۳۹ هجري ۾ ۱۲ ورهين جي ننڍي وهيءَ ۾ سندن پير صاحب پاڳارا جي حيثيت ۾ دستاربندي ٿي ۽ سندن لقب پڳ ڌڻي هو. پير سائين سورهيه بادشاهه جي ننڍيءَ عمر ۾ تخت ڌڻي ٿيڻ جو گهڻن ئي فائدو وٺڻ پئي چاهيو. انگريز حڪومت جي دلالن جي ڪوشش هئي ته هن کي هيسائي ڇڏجي ته جيئن هو انگريزن جو وفادار ٿي رهي پر سورهيه بادشاهه قول جو پڪو هو، سندس ادارا هماليه ۽ هالار وانگر مضبوط ۽ پختا هئا. انگريز سرڪار وجهه تاڙيندي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو، سندس ئي عزيزن مان ڪوڙا فريادي ۽ شاهد ٺاهي کيس گرفتار ڪري مٿس مختلف ڪيس مڙهي سکر ۾ ڪيس هلايو. ان وقت هندستان جي مايه ناز وڪيل قائد اعظم محمد علي جناح کي ڪيس جي پيروي لاءِ مقر ڪيو ويو، جيڪو بمبئي کان سکر ايندو هو. ۲۸ آگسٽ ۱۹۳۰ع تي پير صاحب کي مختلف الزامن ۾ ۸ سال سزا ڏئي رتناگري جيل (پونا) موڪليو ويو.

حضرت پير سيد صبغت الله شاهه (ثاني) ۸ سال جيل جون صعوبتون ڪاٽي جڏهن پنهنجي وطن سنڌ واپس آيو ته سڀ کان پهريان پنهنجي مريدن (حرن) جي اصلاح ۽ تربيت جي طرف توجهه ڏنائين ۽ پنهنجي مريدن کي سادگي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ ۽ هر قسم جي نشي کان دور رهڻ جو حڪم ڏنائين، سندن قول هو ته ظلم خلاف ڪنڌ نه کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ ظلم جو ساٿ ڏيڻ برابر آهي.

سرڪار حُر تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ حُر ايڪٽ پاس ڪرايو. حر ايڪٽ تحت سڀني حرن کي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قرار ڏنو ويو. حُرن جون جائيدادون ۽ ملڪيتون تباهه ۽ ضبط ڪيون ويون. سکر ۽ ڪيٽي جي وچ ۾ ڳوٺ مياڻ ۾ رهندڙ پُرامن مهاڻن جي ڳوٺ تي اوچتو انگريز ملٽري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. اوچتو پٺيان غازي مجاهد جيڪي رندن جي ڳوٺ ۾ رهيل هئا، سي ملٽريءَ تي اچي ڪڙڪيا. انهيءَ ڪارروائي بعد جُون ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو. انگريز سرڪار مارشل لا جي مدد سان حرن جا سينا گولين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيا. لاتعداد حُر مجاهدن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏئي سوليءَ تي چاڙهيو ويو. ۱۴ جنوري ۱۹۴۳ع تي پير سائين سورهيه بادشاهه کي هوائي جهاز ۾ حيدرآباد آندو ويو. سينٽرل جيل تي سخت اپاءَ رکيا ويا، پوليس ۽ فوج جو وڏو تعداد جيل اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو. پير سائين سورهيه بادشاهه تي حڪومت برطانيه خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيس جو مقدمو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ هڪ ٽريبونل ۾ هلايو ويو. ٽريبونل پير سائينءَ سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر تاريخ ۽ وقت راز ۾ رکيو ويو هو.

حڪومت کي اهو انديشو هو ته جي سورهيه بادشاهه جي ڦاسيءَ جو اعلان ڪيو ويندو ته حُر مجاهد سِر جانِ جي به بازي لڳائي پير صاحب کي جيل کان ٻاهر ڪڍي ويندا. آخرڪار ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي وطن جي آزاديءَ جي امام حضرت پير سيد صبغت الله شاهه کي فجر جي نماز ادا ڪرڻ بعد ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.

اتهاس جو هيءُ آواز مُني صدي جي طويل سفر کان پوءِ به اڄ وڏي پڙاڏي ۾ ائين گونجي ٿو ته “هي سر ڪٽجي سگهي ٿو پر جهڪي نه ٿو سگهي”.

شهيد اعظم سورهيه بادشاهه جي ٻاجهاري شخصيت لاءِ منهنجي سرير منجهان هي آواز آلاپجي نڪري ٿو ته:

منهنجا پير صبغت الله،

روشنين جي ٻاريئي لاٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات

حق جو هوڪو هڻي

سچ جي کنيئي واٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات

ڪيڏي هئي اونڌهه انڌوڪار،

جيڏانهن ڪيڏانهن انهن نِجي اساٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات

ظلم مٿان ڪڙڪو ڪري

کنوڻ وانگر ڪيئي چمڪاٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات

اوکا پنڌ جيلن جا،

ڇانوَ نه ڪائي ڇاٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات

سوريءَ مٿي سِر ڏئي،

تاقيامت اوچو ڪئي ڳاٽ

گهگهه انڌيرو ٻاٽ،

ظلم جي ڪاري رات.


سورھيه بادشاھ

“وطن يا ڪفن آزادي يا موت” جو نعرو هڻندڙ جوڌو

محمد خالد ميمڻ

سيد صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳارو سورهيه بادشاهه جيڪو روضه ڌڻي جي درگاهه پير جو ڳوٺ جو ڇهون گادي نشين ٿي گذريو آھي تاريخ جي ڪتابن ۽ وڏڙن جي واتان پنهنجي وطن لاءِ سندس پاران ڪيل دليراڻي جدوجهد جو احوال هرهڪ کي آھي، سورهيه بادشاهه انگريزن کي هندوستان مان نيڪالي واسطي جيڪا جنگ لڙي ۽ جنهن سچائي دليري بهادري سان انگريزن ۽ سندس پوئلڳن جا ڏند کٽا ڪيا سندس حرن جي انگريز سامراج خلاف ويڙھ ۽ ان ۾ جانين جون قربانيون،سختيون،هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين جي چواڻي جدوجهد ڪنهن کان به ڳجهي ڪانه آھي اهڙا مثال تاريخ ۾ تمام گهٽ ملن ٿا.

پاڻ سنڌ جي هڪ اهڙي گاديءَ جا گادي نشين هيا جنهن جا لکين پوئلڳ بلڪه هڪ حڪم تي سر ڏيڻ وارا حر مجاهد هيا ۽ چاهي ها ته سندس زندگي وڏي آسائشن سان ڀرپور آرام سان گذري ها پر کيس غلامي لفظ بلڪل به نه وڻندو هو وطن تي قابض انگريزن جي غلاميءَ مان کيس سخت نفرت هئي ان لاءِ پاڻ انگريزن جي غلامي نه ڪيائون حالانڪه انگريزن سندن جي حڪومت خلاف جنگ جي بدلي کيس وڏا عهده زمينون مال ملڪيتون ڏيڻ جون آڇون ڪيون پر سورهيه بادشاهه انگريزن جي هر هڪ آڇ ٺڪرائي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماروئڙن سان ساٿ نڀائڻ جو پڪو پھه ڪيو انگريزن جڏهن ڏٺو ته سورهيه بادشاهه اسان جي ڏنل لالچن ۾ بلڪل نه ٿو اچي ته انهن کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو.

سال ۱۹۳۰ع ڌاري سورهيه بادشاھ تي ۸ ڪوڙا جڙتو ڪيس داخل ڪرايا ويا جن ڪيسن جي پيروي لاءِ سورهيه بادشاهه پاڪستان جو بنياد وجهندڙ قائداعظم محمد علي جناح جيڪو هڪ اعليٰ پائي جو وڪيل هيو ان سان ڳالهايو ۽ ان دؤر ۾ هڪ سئو روپيا به وڏا هوندا هيا ته سورهيه بادشاهه قائداعظم محمد علي جناح کي هر شنوائيءَ تي پنج سئو روپيا فيس ڏئي پنهنجو وڪيل ڪيو قائداعظم محمد جناح سورهيه بادشاهه تي ٿيل جڙتو ۸ ڪيسن مان کيس ۶ ڪيسن مان بري ڪرايو ۽ جيئن ته انگريز سامراج پڪو پھه ڪري ڇڏيو هيو ته سورهيه بادشاهه کي قيد رکڻو آھي انڪري ٻه هڪڙا عجيب قسم جا ڪيس جن ۾ هڪ ته ميرن بادشاهن طرفان سورهيه بادشاهه جي خاندان کي تحفي طور مليل هٿيارن تي لائسنس نه هجڻ جو ڪيس ڪيو ويو. جنهن جي لاءِ قائداعظم چيو ته ان دؤر ۾ لائسنس وارو نظام هوندو ئي نه هيو ته انهن جو لائسنس ڪٿان آڻيون باقي ٻين هٿيارن جا لائسنس موجود آھن ۽ ٻيو ڪيس جيڪو پڻ انگريزن هٿرادو تيار ڪرايو ته هڪ مقامي ڇوڪرو جيڪو سورهيه بادشاهه جي محل ۾ نوڪر هيو ان کي پيسن جي لالچ ڏئي چيو ويو ته اسان جي فوج جڏهن محل ۾ اچي ته تون هروڀرو به وڃي ڪنهن صندوق ۾ لڪي وڃجان ۽ هن ائين ئي ڪيو ۽ پوءِ سورهيه بادشاهه تي اهو ڪيس داخل ڪيو ويو ته هن پنهنجي نوڪر کي زبردستي صندوق ۾ وجهي حبس بيجا ۾ رکيو ائين انهن ٻنهي عجيب و غريب جڙتو ڪيسن ۾ کيس ۸ سال سزا ٻڌائي هندوستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو پاڻ ۱۹۳۰ کان ۱۹۳۶ تائين اٺ سالن مان گهٽ ڪري ۶ سال ٿيل سزا ۾ قيد ڪاٽي آزاد ٿيو ۽ وري به انگريزن کيس خريد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر هڪ دفعو وري به ناڪام ٿيا ۽ کيس پنهنجي ماروئڙن پنهنجي شھرن پير ڳوٺ ۽ سانگهڙ جي علائقن کان پري ڪرڻ واسطي سيپٽمبر ۱۹۴۱ع ۾ ڪراچيءَ نظربند ڪيو ويو ته سورهيه بادشاهه حڪمرانن کي چيو ته مان پنهنجي حرن کان پري نه ٿو رهي سگهان مون کي ڪجهھ ڏينهن اجازت ڏني وڃي ته مان پنهنجي ماروئڙن سان ملي اچان پر انگريزن جي رکيل آفيسرن کيس اجازت نه ڏني ته پاڻ اتان بنا اجازت جي نڪري پيا اها ڳالهھ جڏهن انگريز آفيسرن ۽ اعليٰ حڪومتي عملدارن کي پئي ته اهي تمام گهڻو ناراض ٿيا ۽ جڏهن سندس آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ هزارين حرن سندس استقبال ڪيو ۽ اهو ڏسي انگريز سامراج سورهيه بادشاهه کان وري ڊڄي ويا ۽ مختلف بهانا ڪري پنهنجا ڀاڙيتو جاسوس سورهيه بادشاهه پويان لڳائي ڇڏيا ۽ انهن جي ڏنل ڪوڙين رپورٽن جي آڌار تي سورهيه بادشاهه تي ۳۶ ڪوڙا شاهد بيهاري تاج برطانيه خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو ويو ۽ پنهنجا ئي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جج ويهاري کيس ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ تي صرف ۳۴ سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي ڏني وئي.

ان جيل جي جيلر سورهيہ بادشاھ جي بهادري ۽ موت کان نه ڊڄڻ بابت لکيو آھي ته ان رات جنهن رات سورهيه بادشاهه کي ڦاسي اچڻي هئي ته مان سورهيه بادشاهه وٽ ويس ۽ کيس چيم ته مان هڪ معافي نامو ٺاهي آيو آھيان اوهان صرف ان تي دستخط ڪيو ته اسان اوهان کي معافي ڏئي آزاد ڪنداسين پر سورهيه بادشاهه انڪار ڪندي چيو ته مون کي خيرات ۾ مليل زندگي نه کپي مان معافي نامي تي صحيح نه ڪندس ۽ ان جيلر وڌيڪ لکيو ته ان رات مان سورهيه بادشاهه سان شطرنج راند کيڏي ته سورهيه بادشاهه هر راند مون کان کٽي ۽ سندس منهن تي ڪوبه پڇتاءُ يا ايندڙ موت کان ڪوبه خوف نه هيو ۽ بلڪل اڳي کان به پرسڪون ٿي راند کيڏيائين ۽ رانديون کٽيائين.

ڦاسي کان پوءِ سورهيه بادشاهه جو مڙھ ڪٿي دفن ڪيو ويو ان جي خبر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به ڪانه آهي پر سورهيه بادشاهه جو نالو سندس وطن سان محبت بهادري دليري ڪنهن کان به لڪل ڪانه آھي اسان جي سنڌ کي اڄ به هڪ اهڙي ئي وطن پرست،بهادر،دلير،موت سان اکيون اکين ۾ ملائي هلندڙ ۽ لالچن کان پاڪ ڪردار جي اشد ضرورت آھي ڇوته اسان سنڌين سان هن دؤر ۾ هر محاذ تي جنگ ڪئي پئي وڃي اسان جا جائز حق نه ٿا ڏنا وڃن ۽ جن کي اسان پنهنجو سمجهي ووٽ جي طاقت ڏئي اقتدار تائين پهچايون ٿا اهي ئي اسان سان غداري ڪري مال ملڪيتن خاطر اسان جا جائز حق ڦٻائيندڙن سان ملي ٿا وڃن ۽ اسان ان سنڌ جا رهاڪو جتي هر شيءِ موجود آهي جيئن گيس، پئٽرول، ڪوئلو، سون، هر معدنيات، سمونڊ، اهڙيون زمينون جتي جيڪو پوک اهو ڦٽيو ٿو وڃي ان هوندي به بک بدحالي جي زندگي گذاري رهيا آھيون دعا ڪيو شل اسان کي سورهيه بادشاهه ه پير صبغت الله شاه راشدي ڇهون پير پاڳارو جهڙو ڪو اڳواڻ ملي ۽ اهو اسان کي پنهنجا جائز حق وٺي ڏئي ته اسان سنڌي سک سان رهي سگهون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۰ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سورھيه بادشاھ ۽ حر تحريڪ جو مقصد

الاھي بخش مھر

وطن يا ڪفن، آزادي يا موت، جي نعري ۾ حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه پاران انگريزن خلاف هلايل تحريڪ جو تصور هر هڪ جي سامهون اچي ٿو. ان تحريڪ جو مقصد ڌاريئي حڪمران کان آزادي ۽ متحد فلاحي رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو، انهي تحريڪ ۾ ڪٿي به رياست کي مختلف حصن ۾ ورهائڻ جو ڪو اشارو نه ٿو ملي. هن گوريلا تحريڪ جو اهڙو ڪو به مقصد نه هيو جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ يا ڪانگريس جو هو. سورهيه بادشاهه جي وڏي فرزند (جنهن کي گرفتار ڪري زبردستي تعليم لاءِ ولايت موڪليو ويو هو) تنهن ڪيترا ئي ڀيرا اهو کلي عام چيو هو ته هي ورهاست انگريز جي منصوبي تحت ٿي، اهڙا بيان ملڪ جي قومي اخبارن وڏين سرخين سان شايع ڪيا. اهي بيان به اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته پير سائين سورهيه بادشاهه جي حر تحريڪ جو مقصد ڪڏهن به ورهاست نه هيو، جي هجي ها ته قرارداد پاڪستان جيڪا مارچ ۱۹۴۰ع پاس ٿي ۽ پير سائين سورهيه بادشاهه کي ۱۹۴۳ع مارچ ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو جيڪو ثابت ڪري ٿو ته هو ورهاست جو مخالف هو. هن تحريڪ جي گوريلن ۾ ته سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا پر هڪ ڳالهه، جيڪي اڄ به مختلف تحريڪن جو حصو آهن تنهن کي تحريڪ جي عسڪري ونگ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ان اهڙي جٿي کي “فرق” وارو چيو ويندو هو، جيڪو جٿو اڄ تائين قائم آهي جيڪي مذهبي طريقن کان الڳ هئا ۽ اڄ به آهن جيڪي مذهبي عبادت جي وقت “جيئي پاڳارو” يا “ڀيڄ پاڳارا” جو نعرو هڻي عبادت واري جڳهه خالي ڪري ويندا هئا ۽ ويندا آهن. اهي صرف پنهنجي گلاس ۽ ٿانو ۾ پنهنجو تيار ٿيل کاڌو کائيندا ۽ پاڻي پيئندا هئا ۽ اڄ به ايئن ئي ڪندا آهن، تنهن ڪري هن تحريڪ کي مذهبي رنگ ڏيڻ تحريڪ سان ويساهه گهاتي آهي، هن تحريڪ جو ٻيو فرقو “سالم” جي نالي سان سڏيو ويندو هيو ۽ اهي جيڪي ان “فرق” واري جٿي سان لاڳاپيل هيا انهن جو تعداد گهڻو هو پر هاڻي “فرق” وارن جو تعداد گهٽبو ٿو وڃي. هن تحريڪ جو وجود ۽ اثر سنڌ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌيڪ هوندو هو، جيئن جيسلمير، رحيم يار خان جي سنڌ سان ملندڙ حصو هو، جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ۾ ايتري منظم ۽ متحرڪ تحريڪ شايد ئي هجي، سنڌ جو عوام جيڪو غلام در غلام ابن غلام رهيو، تنهن ڪري انگريز حڪومت اتان جي ننڍن گروپن ۾ ڪجهه ماڻهن کي منظم ڪري سر، خان ۽ بهادر جا خطاب ڏئي هن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ان ڪوشش ۾ ناڪامي کانپوءِ ٻين علائقن مان ماڻهن کي لڏائي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، اڪثر انهن علائقن ۾ جتي هن تحريڪ جو وجود يا اثر وڌيڪ هو،جيئن تحريڪ کي ٻنجو ڏئي سگهجي. پير سائين سورهيه بادشاهه جي شهادت ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به هن تحريڪ جون ڪارروايون جاري هيون ۽ انگريز حڪومت جا قائم ڪيل جيل جن کي “حر ڪيمپ” ۽ ٻين لفظن ۾ “لوڙهو” چيو ويندو هو سي به قائم رهيا. نئين قائم ٿيل ملڪ اهڙن ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جو حل انهي ۾ سمجهو ته گادي کي بحال ڪرڻ لاءِ شاهه مردان شاهه راشدي کي ولايت مان آڻي پڳدار پاگارو ٺاهي هن دکندڙ تحريڪ کي ٿڌو ڪجي، جيڪو ۱۹۵۲ع ۾ ڪيو ويو. انهي عظيم شهيد سورهيه بادشاهه جنهن انگريز حڪومت جي آفيسر کي آخري رات به شطرنج جي بازي ۾ مات ڏني ۽ وقت طرف اشارو ڪندي ڦاسي جي ڪارروائي لاءِ روانو ٿيڻ جو چيو، جڏهن ته اسٽريچر ان وقت به هوندا هيا. سندس فرزند جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ هند وانگي ۱۹۴۷ع کان اڳ پاڪستان جا مخالف هيا پوءِ اهو چئي ان کي تسليم ڪيو ته مسجد ٺاهڻ تي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ٺهڻ کانپوءِ اها مسجد آهي. اهڙي طرح پير سائين شاهه مردان شاهه ستون پاڳارو بنجڻ کانپوءِ حر جماعت جنهن کي حر تحريڪ جي ڪري وڏي نقصان پهتو انهي کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جو وجود سندس حياتي تائين پنهنجي عروج تي پهتو، تنهن پنهنجي حياتي ۾ تعليم تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو، هو ڇوڪرن جي برابر ڇوڪرين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ سائنسي طور طريقا اختيار ڪرڻ تي وڌ کان وڌ زور ڏيندو هو. انهي کانپوءِ ننڍپڻ جي شادين کان روڪيائين ۽ ڇوڪرين جي رضامندي سان شادي جو حڪم ڏنو. سندس مطالعي جي شوق جو اندازو سندس لائبريري مان لڳائي سگهجي ٿو. ان کان وڌيڪ اهو ته سندس ذاتي لائبريري ۾ عام ماڻهو جي پهچ لاءِ هڪ عظيم شان عمارت تعمير ڪرائي، جنهن ۾ رکيل ڪتابن جي چونڊ ۽ سندس مطالعي جو اندازو ڏسي حيران ٿيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي ته اڪثر ڪتابن جي حاشيي تي سندس نوٽ لکيل آهن. جنهن تي ڪنهن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي، انهي لائبريري ۾ مطالعي ڪرڻ جي باذوق دانشورن ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ ايندڙن لاءِ رهڻ جو به بندوست ٿيل آهي. سندس والد پير سائين سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت جيڪي ڪجهه قوم پرست ته ملهائيندا هئا پر ضياءُالحق جي دور ۾ حر جماعت به اهو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو جنهن ۾ هي ادنيٰ فقير به شامل هو. شايد پهرين دفعي ئي يوم شهادت ملهائڻ واري انتظاميه کي گهرائي ڇنڊ پٽي ته ورسي ملهائڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، جيڪڏهن اڳتي ورسي ملهائي ته اوهان خلاف حر جماعتي اصولن مطابق قدم کنيو ويندو. انهي انتظاميه ۾ هي ادنيٰ فقير به شامل هو جنهن مان سمجهه ۾ آيو ۽ ڪجهه سندس لهجي مان اندازو ٿيو ته سندن مقصد هن تحريڪ کي مذهبي رنگ کان پري رکڻ هو. سندس لبرل ۽ جمهوري هجڻ جو هر ماڻهو سندس اُٿي ويٺي مان آساني سان اندازو لڳائي سگهي ٿو ۽ سول مارشلا ايڊمنسٽريشن جي وقت ۾ قائم ڪيل UDF يونائيٽڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ۾ تمام سرگرم هجڻ ۽ وقتي قيادت ڪرڻ مان به لڳائي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ پاڪستان قومي اتحاد ۾ به سرگرم هجڻ سندس بصيرت آهي. ضياءَ جو دور اچڻ کانپوءِ ملڪ جي هلندڙ وهنوار ۾ نااميد ٿي ان ۾ رهندي پنهنجي جماعت لاءِ ڪم شروع ڪيائين، ان وقت تائين جو سندس مريد محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم جي ڪرسي تائين پهچايو پر بدقسمتي سان جماعت جا اڳواڻ ۽ خليفا “مايا” جي رنگ ۾ رڱجي ضياءَ جي واٽ تي هلندي هر هنڌ مذهبي رنگ ۾ به رڱجي ويا، جيڪا بدقسمتي آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۰ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سورهيه بادشاهه جو يومِ شهادت

قاضي جاويد سنائي

پير صبغت الله شاھ راشدي رحمة الله عليہ سورهيه بادشاھ (پير پاڳارو) ۱۹۱۰ع ۾ جنم ورتو، ۱۹۰۹ به لکيو آهي، پاڻ حر تحريڪ جا اڳواڻ ھئا. حر عربي جو لفظ آھي، جنھن جي معني آھي آزاد. حر تحريڪ اصل ۾ ۱۷۷۹ع کان شروع ٿي ۽ سورهيه بادشاھ جي دور ۾ پنھنجي عروج تي پھتي، جڏھن سورهيه بادشاھ انگريز سامراج جي خلاف سنڌ جي آزادي واري جدوجھد شروع ڪئي ته سورهيه بادشاھ پنھنجي فوج حر فورس ھندستان ۾ سيد احمد شھيد کي سکن خلاف وڙھڻ لاءِ پڻ موڪلي ھئي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته پير سائين پاڳارو ۽ سندس پوئلڳ ۱۸۱۳ع کان ۱۹۵۱ع تائين وڙھندا رھيا.

سال ۱۹۲۲ع ڌاري، جڏھن سورهيه بادشاھ ۱۲ سالن جي عمر ۾ پاڳارو بڻيو ته ھن سمجھيو ته انگريز ۽ انگريز سرڪار جو ھنن ڏانھن ۽ ھن جي حر جماعت ڏانھن رويو صحيح ناھي، سورهيه بادشاھ ننڍڙي وھيءَ ۾ ئي انگريز سرڪار جي ڪارروائين خلاف نه صرف آواز اٿاريو پر احتجاج پڻ ڪيو پر انگريز سرڪار پنھجو رويو تبديل نه ڪيو، سورهيه بادشاھ کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گڏوگڏ سنڌ تي انگريز سرڪار مارشلا مڙھي ته جيئن پير صاحب پاڳارو ۽ حر تحريڪ کي ڪنٽرول ڪري سگھجي، نتيجي ۾ سورهيه بادشاھ ننڍي عمر ۾ ئي پنھنجي حر تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ گڙنگ بنگلي کي پنھنجو جرنل فوجي ھيڊ ڪوارٽر بنايو. حر تحريڪ مان رضاڪار ڀرتي ڪيا ۽ ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ جي نعري ھيٺ پنھنجي آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي. گوريلا ڪارروايون شروع ٿيون ته مختلف پوليس ٿاڻن ۽ فوجي ڇانوڻين تي ڀيڄ پاڳارا جا نعرا ھڻي حر گوريلن طرفان حملا ڪيا ويا، گوريلا تحريڪ زور ٿيڻ جي نتيجي ۾ انگريزن طرفان ۲۶ مئي ۱۹۴۳ع تي ھوائي جھازن ذريعي گڙنگ بنگلي تي بمباري ڪري حر گوريلن جي ھيڊ ڪوارٽر کي تباھ ڪيو ويو، نتيجي ۾ حر گوريلا تحريڪ پڻ انگريز سرڪار جي انهن ڪارروائين خلاف پوليس ٿاڻن سرڪاري عمارتن ريلوي اسٽيشنن ٽيليفون کاتي ۽ آبپاشي نظام کي مفلوج ڪرڻ لاءِ مسلسل حملا ڪندا رھيا، پير پاڳارو جيئن ته اڳ ئي گرفتار ھو، ان جي غير موجودگي ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير ڳوٺ ۽ درگاھ شريف تي انگريز سرڪار طرفان حملو ڪري نقصان رسايو ويو، ان دوران جڏھن اھا جنگ ھلي رھي ھئي ته گرفتار سورهيه بادشاھ کي ھندستان جي جيل مان حيدرآباد جيل جنوري ۱۹۴۳ع تي منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته حر تحريڪ پنھنجي زور شور سان جاري ھئي، حر گوريلا پنھنجي روحاني رھبر کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انگريزن جي مختلف رسد وارين جڳھين تي حملا تيز ڪري ڇڏيا ۽ انھن جون متيون منجھائي ڇڏيون پر انگريز سرڪار اھو فيصلو ڪري چڪي ھئي ته حر تحريڪ جي رھنما پير پاڳارو کي ڦاھي ڏيڻي آھي، انگريز سرڪار حر تحريڪ جي گوريلا متوالن کي ڏوھاري قرار ڏيندي حر ايڪٽ پاس ڪري ھزارين حر خاندانن جي ٻارن ۽ عورتن کي ڪيمپن ۾ رکيو ۽ حر گوريلن کي ڏسندي ئي گولي ھڻڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، سڀ حربا استعمال ڪرڻ باوجود به انگريز سرڪار نه ته حر تحريڪ کي ختم ڪري سگهي نه ئي وري سورهيه بادشاھ کي جهڪائي سگهي. اڄوڪي ڏينهن ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي حر تحريڪ جي گوريلا اڳواڻ سورهيه بادشاھ ۳۳ سالن جي خوبرو ۽ بهادر نوجوان کي حيدرآباد سينٽر جيل اندر ڦاھي چاڙھي شهيد ڪيو ويو، اڄ سندس ورسي جي موقعي تي اسان کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. 

سورهيه بادشاھ ھڪ جدوجھد جو نالو ھو. جنھن انقلاب جو نالو ھو، ان ڪري اسان تي فرض ٿئي ٿو ته هُن ظلم بربريت ناحق خلاف جيڪا جنگ جوٽي ھئي، ان کي تڪميل تي رسايون، ڇو ته سنڌ جي ماڻھن سان ڏاڍ جبر اڃا جاري آھي، سنڌ کي تھس نھس ڪرڻ ۾ موجوده حڪمرانن ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي آھي، ان ڪري اڄ سورهيه بادشاھ جي ورسي تي اھو عهد ڪرڻ گهرجي ته ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين رسائي پوءِ دم پٽينداسون.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

عهدِ ظُلمات جو مطالعو ۽ سورهيہ بادشاھ جي سنڌ؟

ارباب نيڪ محمد

اڄ کان لڳ ڀڳ اسي سال اڳ سورهيہ بادشاھ کي انگريزن حيدرآباد ۾ تخته دار تي چاڙهي هڪڙي سنڌي جوڌي کي پنهنجي پر ۾ عبرت جو نشان بنائڻ جا ناڪام جتن ڪيا هئا. ٻيو ته ٺهيو پر پير صاحب جو جسدِ خاڪي به گم ڪري ڇڏيو هئائون. اسي سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ به ڪن خيالي راين ۽ نتيجن کان سواءِ پاڻ سنڌ واسي هن مرد حُر جي بُٺي کي به ظاهر ڪري ڪونه سگهيا آهيون. انفارميشن کاتي جو ننڍي قد وارو قدآور ليکڪ ثناءُالله راڄڙ ٻڌائي ٿو ته اسان مردان شھر جي ڀرپاسي ۾ ميجر جنرل وصال محمد خان جي اوطاق ۽ لائبريري ۾ ويٺل هجون، مفتي صاحب محمد رحيم کوسو اسان جي وفد جي سربراهي ڪري رهيو هو. تنهن زماني م سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو انگريزي رسالو“ سنڌ ڪوارٽرلي” قسطن ۾ وصال محمد جا يادگيرا ڇاپي رهيو هو. سندس تحقيقي مواد حُرموومينٽ بابت هوندو هو. اڳتي هلي موصوف جي اها تحقيق سنڌي ترجمي سان اشاعت هيٺ آئي.

ساڻس ٿيل رهاڻ جو سربستو احوال ته راڄڙ صاحب کي لکي منظر عام تي آڻڻ جڳائي ٿو. اها سا همراهه جي شاهدي اڄ اسان به عوام آڏو منڪشف ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ راڄڙ روايت پئي ڪئي ته جنرل صاحب جي ڪتب خاني ۾ الاهي سارا ڪٻٽ هئا. فائلن تي نمبر به لکيل هئا. اسٽڪ سان هڪڙي الماري جي مٿين خاني کي نشانبر ڪندي چيائين ته هنن فائلن ۾ پير صاحب جي تدفين وارا پوتا ميل درج ٿيل آهن. ايئن فائيل ۾ هٿ وجهي اوچتو ڇرڪ ڀري چوڻ لڳو ته مفتي صاحب! معاف ڪجو. مون حلف کنيو هو ته اهي راز فاش ڪونه ڪندس. ايئن هڪڙي اهم حقيقت ثبوتن سان منظور عام تي اچڻ کان محروم رهجي ويئي. وصال صاحب جي وصال کانپوءِ وارثن وٽان متان اهو مبني برحقيقت مواد ملي وڃي. شاهنواز نظاماڻي، غلام مصطفيٰ ڀنڀري ۽ لطف مڱرئي پاران نوجوان محقق مردان ڏانهن رخت_ سفر ٻڌن ته ٿي سگهي ٿو اهي جوڌا جوان پٺاڻن کان اهڙو گوهر ناياب هٿ ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿي موٽن.

تازو اسان کي به اهڙو مواد پشاور يونيورسٽي جي پوليٽيڪيڪل ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر عبدالرئوف خان ظاهر ڪري ڏنو، جنهن م ساڍا نو سو انهن سنڌي سورمن جا نالا ۽ پروفائل آهن جن رئيس المهاجرين بئرسٽر جان محمد جوڻي جي سربراهي ۾ تحريڪ هجرت دوران سنڌ وطن کي خيرباد چئي وڃي قنڌار ۽ ڪابل جا وڻ وسايا هئا. موصوف وٽ ريشمي رومال تحريڪ بابت به الاهي ساريون ثابتيون موجود آهن. ايئن جيئن ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي شاهجهانپوري وٽ سانڍيل هيون. هونئن ته سورهيه بادشاهه واري حر تحريڪ تي لکيل منظوم ڪيڏارا لياقت جوڻيجي ڇپرايا هجن يا عثمان ڏيپلائي “سانگهڙ” جهڙا ناول لکيا هجن. هن ميدان ۾ مير محمد نظاماڻي کان ويندي ڊاڪٽر بلوچ تائين ۽ نصير اعجاز کان ويندي آءِ جي آفتاب نبي تائين پنجاهه کان مٿي ڪتاب لکي چڪا آهن.

لوڙهن ۾ مقيد مهربانن الهورائي بيهڻ پاران به وسان ڪين گهٽايو آهي. گوانتانامو بي جھڙا اهي لوڙها شير سولنگي به سهيڙيا آهن ته استاد لغاري ۽ نواز ڪنڀر به گهٽ ناهي محنت ڪئي. هن سلسلي ۾ جيڪو ڪم پروفيسر عمر چنڊ ڪيو آهي،ا هڙي محنت تي نيوزيلينڊ ۾ عمر عزيز جا آخري پساهه کڻندڙ پورهيت کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪجي، اهو گهٽ آهي، جنهن لئمبرڪ پيپرز جي ستاويهه هزار صفحن جو گهرائي سان مطالعو ڪري ٽن ضخيم جلدن ۾ ان مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. انگريزي ۾ لکيل چنڊ صاحب جو اهو تاريخي مواد مڪمل طرح منظر عام تي ڇو نه اچي سگهيو؟ اهي سوال استاد نظاماڻي ۽ ولي محمد خاصخيلي پارا حر جماعت جي مکن کان به ڪندا پيا اچن. منصور ۽ جهونگار ڪتابي سلسلن وسيلي هنن سورهيه بادشاهه جي انگريزن سان جوٽيل جنگ بابت تمام معياري مواد ڇاپي پنهنجي حصي جو ڪردار نهايت محبت ۽ محنت سان ادا پئي ڪيو آهي. ڪرنل فلپ لکي ٿو ته سنڌ ۾ حرن انگريز فيل مست کي بتال بڻائي ڇڏيو هو. سندن راتاها برٽش گورنمينٽ کي لوڏي چڪا هئا. انگريزن پنهنجي تسلط هيٺ ملڪن ۾ بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ هڙئي حربا استعمال هيٺ آندا پئي، پر سنڌين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کين مارشل لا لڳائڻي پئي. اسان حرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چاليھه هزار کان مٿي سنڌي ماريا هئا.

هن ترقي يافته دور ۾ اسي سال اڳ واري وطن يا ڪفن جي نعري سان مزين جنگ جي حوال سان سنڌ سرڪار کان ويندي سنڌي قوم کي يا ته احساس ناهي يا اسان سنڌي پنهنجي منصبي فرضن جي ادائيگي ۾ من حيث القوم ڪاهل ثابت ٿيا آهيون. پشاور يونيورسٽي وارو پروفيسر ته هجرت تحريڪ جا هيرا هٿيڪا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي پيو ته پوءِ سنڌ جي يونيورسٽين جا پروفيسر حر موومينٽ جي حقيقت بابت ريسرچ لاءِ ميدان تي نظر ڇو نٿا اچن! تازو سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس وڃڻ ٿيو. اداري جي باني علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان جڙيل ميموريل سوسائٽي جو دفتر بند لڳو پيو هو. چون پيا ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وفات کانپوءِ هن سوسائٽي جي آفيس جي ڪنهن ٻهاري به ناهي ڪڍي! قديم تر سنڌ جا اسان عظيم تر اسڪالر ڇا هن صورت حال جا ذميوار ناهيون؟ وي سي ڪلهوڙي صاحب کي ڪير سمجهائي ته قومون پنهنجي محسنن کي هن ريت بير حمي سان فراموش ناهن ڪنديون!!

ششي ٿرور هندستاني سفارت ڪار آهي. هن آڪسفورڊ ۾ ۲۰۱۵ع ڌاري ليڪچر ڏيندي اهي لفظ ادا ڪيا ته ککرن کي کڙا لڳا هئا. هن چيو هو ته: برطانيا اسان جي ملڪ سميت جن ملڪن تي غاصباڻا قبضا ڪيا هئا، اتان جي وسيلن جي ڦرلٽ وارو تاوان اڄ سوڌو مٿس واجب الادا آهي. جڏهن ڳالهه گوڙ کان چڙهي ته همراهه ننڍي کنڊ ۾ برٽش دور جي ظلمن راتاهن ڪاهن ۽ ڦرلٽ جا دستاويزي ثبوت جمع ڪري جامع ڪتاب منظر عام تي آندو. پاڪستان ۾ ٽي سو پنجاهه صفحن تي مشتمل اهو ڪتاب عابد محمود جي ترجمن سان عڪس پبليڪيشنز لاهور وارن ڇاپيو آهي. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي انگلن ۽ آرن کي به بحث هيٺ آندو آهي ته انگريزن جي دعويٰ کي رد ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته سورت مالا بار ڪراچي ۽ بنگال جا بندرگاهه مقامي ماڻهن جي هٿان حرڪت ۾ آيا هئا. صلاحيتن ۾ ڌرتي ڌڻين جي ڀيٽ ۾ بديسي بابو ٽڪو لهن هڪڙو. برطانيا جي پاليسي هٿان هتان جا هزارين ماڻهو بک بيروزگاري ۽ فاقه ڪشي وسيلي هن جھان ڏانهن هليا ويا. اڙدو ۾هن ڪتاب جو نالو “عهدِ ظلمات” رکيو ويو آهي.

ڪنهن زماني ۾ پروفيسر غازي احمد جو ڪتاب “من الظلمات الي النور” ڇپيو هو. عبدالهادي ٿيٻي سنڌي ۾ هن ڪتاب جو عنوان رکيو هو“ اونداهي کان سوجهري ڏانهن”. سو ادي کي چوان اڄ ڪلهه پاڻ ششي ٿرور جو ڪتاب پيا پڙهون، جنهن برٽش دور تي بيباڪاڻي تنقيد ڪئي آهي. ڇا سنڌ ۾ ڪي ششي ٿرور پيد انٿا ٿي سگهن، جيڪي هڪ سو ساله برٽش دور جو منصفاڻو احتساب ڪن! ٻيو ته ٺهيو اڄ سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت تي سنڌ جو نوجوان اهو عزم نٿو ورجائي سگهي ته: اسان پنهنجي ڌرتي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بديسي آقائن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريندڙ، محلن ۽ بنگلن ۾ آرام دهه آسائشي سهولتون ترڪ ڪري گڙنگ بنگلي کي مرڪز بڻائي مکي ٻيلي وارو محاذ گرم ڪري  پير ڳوٺ جي جنهن جلالي حسيني صاحبزادي شهداءِ ڪربلا جي واٽ ورتي هئي، جنهن برطانيا جي بين الاقوامي مخالفن تائين رسائي حاصل ڪري پنهنجي مزاحمتي تحريڪ کي عالم گيريت عنايت ڪئي هئي، جنهن انگريزن جا ڏنل لقب القاب اڇلائي ڦٽا ڪيا هئا. جنهن مدنا پور ته ڇا پر ڪاري پاڻي واري سزا جو به خوف دل ۾ ڪونه ويهاريو هو. جنهن پنهنجي حرن کي هٿياربند جدوجهد جا جديد طور طريقا سيکاريا هئا. جنهن تخته دار کي به کلي کيڪاريو هو. ڇا اهڙا هيرو ورشپ وارا هزارين ٽائيٽل پنهنجي سيني تي سجائي هلندڙ سورهيه بادشاهه جو روح اسان کي جنجھوڙي ناهي رهيو ته اي سنڌ جا سپوتو! اسان جا نقش قدم ڇڏيندؤ ته گيدي گدڙ ٿي ويندوؤ. شينهن جيان زندگي گذاريو ته جيئن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي!

پير سائين پاڳارا صاحب! توهان تي نالو توهانجي ڏاڏي وارو آهي. اسي سالن جي طويل انتظار کان پوءِ ڪا اهڙي يونيورسٽي سورهيه بادشاهه جي نالي سان قائم نه ٿا ڪري سگهو جيڪا گڙنگ بنگلي واري تاريخ کي گم ٿيڻ نه ڏي!!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

پير سائين پاڳارو

هُو جي تارِ تڳائين، آءٌ نه جيئندي اُنِ ري

اُستاد نظاماڻي

اڄ پير سائين پاڳاري جا مريد ايترا ئي ڏکارا آهن، جيترو ستر سال اڳ ڏکارا ٿيا هئا، جڏهن شهيد سورهيه بادشاھ کي انگريز سرڪار ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو هو. اڄ به حر جماعت جا ماڻهو جڏهن سورهيه بادشاھ کي ياد ڪن ٿا، تڏهن سندن اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي. ان ۾ ڪا ليڊرشپ جي ڳالھ ناهي، ڪي سياسي مفاد نه آهن، نه ڪا غرض آهي، هيءَ سڄي عشق جي ڳالھ آهي. مريدن هميشه پنهنجي محبوب کي ليليٰ جي اک سان ڏٺو آهي. پاڳاره خاندان ۽ اُن جي مريدن جون پنهنجون روايتون آهن. انهيءَ عشق، انهن روايتن کي اسان جو ترقي پسند لڏو سمجهي نه سگهندو. هن عشق کي اُهو ئي سمجهي سگهندو جنهن اصغر سائينءَ کي پڙهيو هوندو يا جنهن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سُر سهڻي پڙهيو هوندو.

پير سائين جڏهن به دعوتن جي سفر تي نڪرندو هو ته لکين مريد، جن ۾ عام اڻ پڙهئي مريد کان وٺي بيوروڪريٽ مريد تائين، پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ پير اُگهاڙا ڪيو راھ ۾ بيٺا هوندا هئا. جڏهن مرشد سامهون ايندو هو ته مريدن جي لبن مان بي اختيار بسم الله جا لفظ نڪري ويندا هئا، زيارت کانپوءِ حر فقير هڪ ٻئي کي ڳل لڳي ديدار جون مبارڪون ڏيندا، ڪو به مريد جڏهن درگاه شريف تان موٽندو آهي ته ٻيا گهر جا ڀاتي اُن سان ملي زيارت جون خبرون پڇندا. مريدن ۽ مرشد جي عشق جو لازوال مثال سورهيه بادشاھ جي دور ۾ ملي ٿو، جڏهن مريد پتنگن جيئان پچي پنهنجي محبوب جي لاءِ جانين جا نذرانه ڏنا، پنهنجو مال ملڪيت قربان ڪيا. اها موٽ مرشدن طرفان پڻ ملي. پير سورهيه بادشاھ پنهنجو سِر ڏيئي ڇڏيو پر پنهنجا حر فقير سرڪار جي حوالي نه ڪيائين. اهڙو مثال موجوده پير صاحب جي دور ۾ به ملي ٿو، جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور ۾ پير صاحب صرف هڪ رات لاءِ نظربند ٿيو هو ته سانگهڙ جو شهر ٻري پيو هو. مريد سِر سان ڪفن ٻڌي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري سان وڙهيا هئا. سانگهڙ جو شهر پوري ملڪ کان ڪٽجي ويو هو.

موجوده پير سائينءَ جي لاڏاڻي، مريدن لاءِ دل ۾ ايترو ئي درد پيدا ڪيو آهي جيڪو درد، مريدن حضرت محمد راشد روضي ڌڻي، ۽ شهيد سورهيه بادشاھ جي وڇوڙي تي محسوس ڪيو هو. ڪي اهڙا فقير به هئا، جن پير سائينءَ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏياچ جيان، پنهنجو سر قلم ڪري ڇڏيو هو. اڄ به لکين حر جماعت جا فقير جن جي گهرن ۾ ماتم واري صورتحال آهي. جن جي گهر جي اڱڻن اڳيان چُلهين ۾ دونهي به نه دُکي آهي، انهيءَ ڏُک، انهيءَ عشق جي منزل کي اُهو ئي سمجهي سگهندو جنهن بلي شاھ پڙهيو هوندو.

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳاره جي شخصيت تي قلم کڻڻ ڪو سولو ڪم ناهي. پير سائين پاڳارو ۲۷ صفر ۱۳۴۷ھ، ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع ۾ پيرڳوٺ درگاه شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو سيد سڪندر علي شاھ لقب ڇٽ ڌڻي هو. هي اهو دور هو جو انگريزن جي چالبازين جو ڄار پير صاحب سورهيه بادشاه جي خلاف وڇايل هو. ۱۹۳۰ع ۾ سورهيه بادشاھ جي گرفتاري ۽ وري ۱۹۳۶ع ۾ آزادي، وري ۱۹۴۱ع ۾ گرفتاري دوران سندس صاحبزادي سيد سڪندر علي شاھ موجوده پاڳاري تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون. پاڻ جڏهن پنهنجي والد سان پهريون دفعو گرفتار ٿيا ته سندن عمر اڍائي سال هئي.

سورهيه بادشاھ جي ٻيو دفعو گرفتاري وقت هي ٻئي صاحبزاده (سيد سڪندر علي شاھ موجوده پاڳارو ۽ سيد نادر علي شاھ) کي به ڪراچي جي شهر ۾ مير خدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. بقول پير سائينءَ جي ته؛ “هي اهو دور هو جو اڃا تحريڪ جي مڪمل منصوبه بندي نه ٿي هُئي. ” جڏهن سورهيه بادشاھ رح کي شهيد ڪيو ويو ته، سندن عمر ۱۵ سال هئي. سورهيه بادشاھ جي شهادت جي صدمي سان گڏ، انهن ٻنهي صاحبزادن کي پنهنجي ڏيھ سنڌ مان جلاوطن ڪري، پهريائين هڪ آفيسر محمود حسين جي نگراني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ عليڳڙھ موڪليو ويو. جتي ٽي سال رهيا. ان کانپوءِ جُون ۱۹۴۶ع ۾ سمنڊ جي رستي لِورپول انگلينڊ جي نامناسب ماحول ڏانهن موڪليو ويو. جتي گرم علائقي جي ماڻهن لاءِ، سرد علائقي ۾ ڪا به مناسب سهولت ڪا نه هئي. جنهن جو احوال پير سائين هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيو، جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو. جنهن ۾ پير صاحب لکيو ته؛ سرد علائقي ۾ اسان وٽ نه هيٽر آهي نه سگري، سرد موسم ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. مسٽر ڊيوس جي انهي اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد پندرهن کان وڌيڪ نه هو. جنهن ۾ سڀ جا سڀ شاگرد، باغي اڳواڻن جو اولاد هئا. جن ۾ سنڌ، روڊيشيا، ٿائلينڊ، ايران، عراق، آئرلينڊ، حبشه، جهڙا ملڪ شامل هئا.

حر جماعت جا ماڻهو نه صرف اوڀر سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ راجستان ۾ وڏي تعداد ۾ آهن، پر دنيا جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل آهن. جڏهن موجوده پير صاحب ۴ فيبروري ۱۹۵۲ع ۾ پڳدار ٿيو هو ته حر جماعت سنڌ ۽ هند جي ويھ حر ڪئمپن ۾ قيد هئي. ڪي حر جماعت جا ماڻهو جيلن ۾ قيد هئا، ڪي حر فقير روپوش هئا، جن تي سرڪار طرفان گوليءَ جو آرڊر هو. ڪي بي گهر هئا ۽ مختلف جاين تي پناھ ورتل هئا. موجوده پير صاحب جي اچڻ بعد، پهرين اپريل ۱۹۵۲ع ۾ حر ڪئمپون ختم ٿيون. روپوش حر پيش پيا، انهن تان پير صاحب وڪيل ڪري ڪيس ختم ڪرايا. حر جماعت جا ماڻهو پنهنجي ماڳ مڪانن تي پهتا.

پير صاحب جي سياست ۾ اچڻ جو مقصد به اهو هو ته هن ملڪ جو وفادار رهندي، حر جماعت کي سياسي فائدو پُهچائجي. پير صاحب جا حمايتي، اسيمبلين ۾ پُهتا ۽ اڄ تائين موجود آهن. پير صاحب سياست ۾ اچڻ سان حر جماعت جي ماڻهن کي نوڪريون مليون. جيڪو حرن لاءِ انگريز سرڪار جي دور ۾ تصور قائم ڪرايو ويو هو، دهشت گرد، خوني، وحشي، جاهل، اُهو تصور موجوده پير صاحب جي دور ۾ مڪمل طرح ختم ٿيو. اُهي جيڪي انگريز سرڪار دور ۾ هٿيار کڻي وڙهيا، اهي ساڳيا حر جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن سنه ۱۹۶۵ ۽ سنه ۱۹۷۱ع جي جنگ دوران، هن ملڪ جي حفاظت ڪيائون.

موجوده پير صاحب جي زندگي کي جيڪڏهن پرکيو وڃي ته هن عظيم شخصيت، ڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه پُهچايو، بلڪ ڪيترن ئي ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪئي. ڪيترا ئي اهڙا خاندان هئا جن جو خرچ پير صاحب پاڻ ڀريندو هو. هن پنهنجي مريدن کي جديد دور جي تقاضائن مطابق شعور ڏنو. ايتريقدر جو بي جوڙ شادين جي مخالفت ڪيائين. شاديءَ لاءِ نياڻين جي رضامندي کي لازمي شرط قرار ڏنو. نياڻين جي تعليم لاءِ پير صاحب زور ڀريندو رهيو.

تاريخي طور ڏٺو وڃي ته پاڳاره خاندان، وڏو علمي ادبي گهراڻو رهيو آهي. پير صاحبان جي وڏن مان حضرت محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، جنهن جي صوفياڻه تبليغ ڪري ڪيترا ئي ماڻهو مسلمان ٿيا. روضي ڌڻي جي ملفوضات، جيڪو هڪ تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ اُن دور جي شهرن، ماڳ مڪانن ذاتين، قومن، شاعرن جو احوال ملي ٿو. خليفو نبي بخش قاسم، جنهن سُر ڪيڏارو لکيو، جنهن لاءِ شيخ اياز چيو هو؛ سُر ڪيڏاري ۾ خليفو نبي بخش، شاھ لطيف کان به وڏو شاعر آهي. هي خليفو به روضي ڌڻي جي درگاه جو هو. خليفو گُل محمد هالائي، پڻ هن درگاه شريف جي جماعت سان وابسته هو. پاڳاره سائين جي خاندان مان پير حزب الله شاھ عرف تخت ڌڻي جيڪو شاعري ۾ پنهنجو تخلص مسڪين استعمال ڪندو هو، فارسي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر هو، جنهن ديوان مسڪين جهڙو ڪتاب ڏنو. پير علي گوهر شاھ اصغر سائين ميرن جي دور ۾ تمام وڏو شاعر هو، سندس ڪتاب اصغر سائين جو ڪلام سنڌي ڪافين جي حوالي سان ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو. اسان جڏهن پاڳاره خاندان جي هر هڪ پڳدار تي ويهي روشني وجهون ته هڪ الڳ مضمون ٿي ويندو. موجوده پير صاحب جي شاندار لائبريري ئي گواهي ڏئي ٿي ته پير صاحب جو ڪتابن سان ڪيڏو نه چاھ هو. موجوده پير صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام سُٺا تعلقات هئا. سنڌ جي علم ادب، سياست ۾ اهميت رکندڙ پير علي محمد راشدي جيڪو پير صاحب جو ويجهو عزيز هو، راشدي صاحب جنهن جو سورهيه بادشاھ جي مخالفت ۾ اهم ڪردار هو، تنهن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو هو، هُن کي سياست ۾ پنهنجو اُستاد سڏيندو هو. پير صاحب ڪنهن جي خلاف به ڪاوڙ نه رکندو هو. تاريخ شاهد آهي پير صاحب جو ڪير ڪيترو به دشمن ڇو نه رهيو هجي، جڏهن پير صاحب وٽ هلي آيو، اُن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو.

پير صاحب جي روحاني شخصيت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته درگاه شريف، پير جو ڳوٺ، هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ آهي. جامعيه راشديه جي نالي سان، پوري سنڌ ۾ سوين مدرسه آهن، جن جو مرڪز پير جو ڳوٺ درگاه شريف آهي. هتان جي فارغ التحصيل عالمن کي سڪندري جو خطاب ملندو آهي. پير صاحب جي جماعت جي انتظام جي ورهاست، موجوده سورنهن خليفه هلائيندا آهن. هر علائقي جو الڳ خليفو آهي. هندستان جي مريدن جي خليفي جي چونڪي جيسلمير سڏبي آهي. يعني جيسلمير جو خليفو. اهڙيءَ طرح، لاڙ، ٿر، پار، شهدادپور، وغيره جي علائقن جي نالي سان چونڪيون ۽ خليفه آهن. جماعت جا جيڪي مسئلا هوندا آهن، اُهي خليفه حل ڪندا آهن.

هيءَ هڪ منظم جماعت آهي، جيڪا هن وقت هڪ طاقت به آهي ته رياست ۾ سياسي اهميت رکندڙ جماعت به آهي. ان ڪري ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پير صاحب جي جماعت جي توڙي پير صاحب جي چونڊيل نمائندن جي ضرورت پوندي آهي. هن وقت به پير صاحب جي فنڪشنل مسلم ليگ جا نمائنده، موجوده حڪومت سان اقتدار ۾ گڏ آهن.

ووٽ بينڪ هئڻ، منظم جماعت جي ڪري، پاڳاره خاندان توڙي حر جماعت، سڀني جي توجھ جو مرڪز رهي آهي.

موجوده پير سائين پاڳاره، جيڪو هڪ جينئس هو، جنهن نموني سان هن جماعت کي سنڀاليو هو، جنهن جي ڪري مختلف ذاتين، قبيلن جا ماڻهو هڪڙي لفظ حر ۾ منظم هئا. پير سائينءَ جي وفات يقينن وڏو خال پيدا ڪيو آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲. ۰۱. ۲۰۱۲ تي ڇپيل)


 

پير پاڳارو، سيد صبغت الله شاه رح

[۱۷۷۷ع – ۱۸۳۱ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سيد صبغت الله شاه (اول) بالمعروف پير پاڳارو ولد سيد پير محمد راشد شاه عرف ”روضي ڌڻي“، (”راشدي خاندان“ ”پير پاڳارا“ جو لقب، هن سيد سڳوري کي، سندس والد طرفان دستار پهرائڻ وقت مليو هو. جيڪو کانئس پوءِ هر گادي ڌڻيءَ (جانشين) کي حاصل رهيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڀاءُ سيد ياسين شاه کي ”جهنڊي وارا پير“ خطاب مليو هو.) غالباً ۱۱۹۱ هه مطابق ۱۷۷۷ع ڌاري خيرپور ۾ ڄائو. سندس والد بزرگوار پنهنجي والد سيد محمد بقا شاه (سيد محمد بقا باالمعروف ”روضي ڌڻي“ ولد سيد محمد راشد رح شعبان ۱۱۷۰ هه مطابق ۱۸۵۷ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي ڄمندي ڄام هو. پاڻ هڪ مهيني جو مس هو، جو ماه رمضان شريف اچي ويو، جنهن ڪري احترام وچان کير نه پيئندو هو. انهيءَ سببان کيس وڏي هوندي ”روضي ڌڻي“ سڏڻ لڳا. سنڌ خواه هند ۾ سندس لکين مريد هئا.) ولد سيد امام علي شاه رح کان پوءِ رشد و هدايت جي مسند تي ويٺو. سندس جدِ امجد سيد امام علي شاه باالمعروف ”پٽ ڌڻي“ (۱۷۳۳ع-۱۷۸۴ع)، وڏو ڪامل درويش ٿي گذريو آهي؛ جنهن ظاهري علم کان علاوه مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ (پريالو) وٽان روحاني فيض به حاصل ڪيو هو. (اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هن راشدي خاندان جو سلسو پير حزب الله شاه بالمعروف ”تخت ڌڻي“ (۱۸۴۲ع – ۱۸۹۵ع، سيد علي گوهر شاه (ثاني) باالمعروف ”محافي ڌڻي“ (وفات ۱۳۱۴ هه = ۱۸۹۷)، پير شاه مردان شاه باالمعروف ”ڪوٽ ڌڻي (وفات ۱۳۴۰ هه = ۱۹۲۱ع) ، پير صبغت الله شاهه ثاني (وفات ۱۳۶۲ هه = ۱۹۴۳ع) ۽ موجوده گادي ڌڻي، پير شاه مردان شاه ثاني عرف سيد سڪندر علي شاه (ولادت ۱۳۴۷ هه مطابق ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع) تائين وڃي پهتو آهي.)

سيد صبغت الله شاه، ڪامل استادن جي نظر ۾ فيض اثر هيٺ ديني خواه دنوي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي پوءِ ته روحاني فيض به حاصل ٿيس. ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ به بي جاءِ نه آهي، ته ”سنڌ وارن کي، دنيا اندر پير صبغت الله شاهه جهڙو شيخ ۽ مرشد ڪامل نه مليو. کيس ٽي لک ٻروچ عقيدت مند هئا. پاڻ وڏي مان ۽ مرتبي سان زندگي گذاريائين. سندس خلوص، سخا ۽ مروت ملڪان ملڪ مشهور هئي. وٽس اهڙو ته وڏو ڪتبخانو هو، جو شايد بادشاهن وٽ به ڪونه هجي؛ جنهن ۾ پندرهن هزارن کان زياده، ته ناياب ڪتاب محفوظ هئا. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هوس. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو.

پاڻ زندگيءَ جون چونجاهه بهارون ڏسي، ۵ رمضان المبارڪ ۱۲۴۶ هه مطابق ۸ فيبروري ۱۸۳۱ع تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. کيس ست فرزند: غلام مصطفيٰ شاه، سيد عبدالقادر شاهه، سيد علي گوهر شاه، سيد علي محمد شاهه، سيد علي حيدر شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ سيد شاهه مردان شاه هئا. انهن مان سيد پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ سندس جانشين بڻيو. جيڪو ”بنگلي ڌڻيءَ جي نالي سان پڌرو ٿيو.

 

حوالا

۱- [”تذڪره پيران- پاڳار“ (اردو)- تبسم چوڌري، ۱۹۷۵ع، صفحو ۹۶].

۲- ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“-اعجاز الحق قدوسي، اردو اڪيڊمي ڪراچي، ۱۹۷۵ع، صفحو ۲۷۳.



پير صبغت شاھ راشدي

ساھ ڏئي ويساھ ڏيندڙ سورهيه بادشاھ

حسن پٺاڻ

سيد صبغت الله شاھ ٻئي جي ولادت ۱۳ صفر ۱۳۲۸ھ ۾ ٿي ۽ سندس والد شاھ مردان شاھ جي وفات بعد ۷ ربيع الاول ۱۳۳۹ھ ۾ ٻارهن ورهين جي ننڍي وهيءَ ۾ سندس دستاربندي پير پاڳاري جي حيثيت ۾ ٿي. ننڍي هوندي کان سيد صبغت الله شاھ ثاني جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي، هو آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن کان نفرت هئي، هو مشورن کي محض مشورا ڄاڻندو هو ۽ ٻين جون صلاحون جيئن جو تيئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرئتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح، خود اعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. پير صاحب جي ننڍيءَ عمر ۾ تخت ڌڻيءَ مان ڪيترين ڌرين فائدو وٺڻ پئي چاهيو. انگريز حڪومت جي ڇاڙتن جي ڪوشش هئي ته هن ننڍي ٻار کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي کيس اهڙي دڳ لائجي، جيئن هو انگريزن جو وفادار رهي. ٻئي طرف سندس ويجهن عزيزن ۽ جهونن خدمتگارن جي اها خواهش هئي ته پير صاحب سندن مرضيءَ سان اٿي ويهي، پر پير صاحب پنهنجي سرشت ۾ اعليٰ وصفون ۽ خوبيون کڻي آيو هو. قول جو پڪو هو، سندس ارادا هماليا جبل وانگر مضبوط هئا.

پير صاحب جي خوددار طبيعت ۽ محڪم ارادي سندس ڪيترن عزيزن، انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن کي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو. پير صاحب جي خلاف انگريزن سان گڏ سندس ڪجهھ مائٽ به ٻِٽ ٿي ويا. پير صاحب تي سخت نظر رکي وئي. انگريز سرڪار سندس خلاف قدم کڻڻ لاءِ وجهه تاڙيندي رهي. هنن پير صاحب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو. سندس ئي عزيزن مان ڪوڙا فريادي ۽ شاهد پيدا ڪرائي، ”پير جي ڳوٺ“ تي پوليس کان ڇاپو هڻائي، کيس گرفتار ڪرايو ۽ هن جي مٿانئس مختلف ڪيس مڙهي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب طرفان محمد علي جناح وڪالت ڪئي، جيڪو بمبئيءَ کان سکر ڪيس وڙهڻ ايندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته ”جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو هو ته حڪومت ڪنهن به حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري، پر جناح صاحب، ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري ورتل في پير صاحب کي واپس ڪري هليو ويو“، حڪومت هٿ ٺوڪيا ڪيس ثابت ڪري، ۲۸ آگسٽ ۱۹۳۰ع تي پير صاحب کي اٺن سالن جي سزا ڏئي سنڌ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو. انهي سزا واري عرصي ۾ پير صاحب کي هندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جيلن جي ماحول زندگيءَ تي مٿن گهڻو اثر ڇڏيو. جيل ۾ پير صاحب پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتناگري جيل ۾ سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جي ملفوظات جو گهرو مطالعو ڪيائين. ان کان سواءِ هندستان جي سياست کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڪيترن ڪانگريسي ۽ انقلابي ليڊرن سان ملاقاتون ٿيس ۽ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين.

پير صاحب پاڳاري جو خاندان سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ اعليٰ ۽ عزت وارو مقام رکندڙ هو. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ جيل وڃڻ تي سنڌ واسين کي سخت صدمو رسيو. ان وقت اخبار ‘’الوحيد’‘ پير صاحب جي آزاديءَ لاءِ ايڊيٽوريل لکيو. جڏهن پير صاحب جيل جي سزا ڪاٽي سنڌ پهتو ته سندس دل تي انگريزن جي خراب روَش گهرا اثر ڇڏيا ۽ هو انگريزن جو سخت دشمن ۽ قوم جو ڀرجهَلو ٿي بيٺو. پير صاحب جو قول هو ته ”ظلم خلاف ڪنڌ نه کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ خود ظلم جو ساٿ ڏيڻ برابر آهي.“ سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد پير صاحب پهرين مريدن جي اصلاح ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏنو. کين حڪم ڏنائين ته مرد نشو نه ڪن، عورتون عاج جون چوڙيون نه پائين. حڪم تي عمل شروع ٿي ويو. موالين تماڪ پيئڻ ترڪ ڪري ڏنڊا ڪونڊا ڀڃي ۽ ساڙي ڇڏيا، عورتن چوڙيون ڀڃي ڇڏيون، ان بعد پير صاحب سانگهڙ ڀرسان ”گڙنگ“ بنگلي ۾ رهڻ لڳو. هتي غازين جي جماعت تيار ڪرڻ لاءِ مريدن کي حڪم ڪيائين جيڪي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنجا نالا لکرائين. غازين جا ٽولا اندروني طور جماعت جي اصلاح ۽ تربيت سان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا ويا.

پير صاحب جماعت کي حڪم ڏنو ته ڪو به ماڻهو ولائتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ جو اُڻيل ڪپڙو پائي. هندو مسلمان پاڻ ۾ فساد نه ڪن، کين گئوڪوس کان پرهيز جو به حڪم ڏنو هو. سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي ته ”اسان جي طرفان پير صاحب کي جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو ويو ته شدت سان انڪار ڪندي چيائين ته ”هيءَ انگريزن جي غلامن جي جماعت آهي، ان ۾ آءٌ هرگز شامل نه ٿيندس.“ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به لکيو آهي: ”مسلم ليگ جي سربراھ جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد پير صاحب سان مليو ۽ کين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پيشڪش ڪئي.“ پير صاحب سائين جي ايم سيد کي چيو ته ”جيڪا جماعت سڀ ڪجه انگريزن جي مشورن سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، اها جماعت آزاديءَ جي دعويٰ ڪيئن ڪري رهي آهي.“ سائينءَ ڪيئي دليل ڏنا، پر پير صاحب چيو "وڙهڻ لاءِ اوهين هوندؤ ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿ ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا، اوهان کي کير مان مک وانگر ڪڍي ڦِٽو ڪندا، اوهين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“

غازين جون رپورٽون سرڪار ۽ سياسي جماعتن تائين پهچنديون رهيون. ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن کان پوءِ حڪومت جي سڄي مشينري تحرڪ ۾ اچي وئي. هڪ سي. آءِ. ڊي آفيسر پير صاحب کي اچي چيو ته سرڪار کي توهان جو اهو طريقو پسند نه آهي. اسين ڪنهن جي پسند يا ناپسند سان ٻڌل نه آهيون، انگريز ست سمنڊ پار ڪري اسان جي ملڪ ۾ من مانيون ڪري رهيا آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ جيئن مناسب لڳندو ڪنداسون. پير صبغت شاھ راشدي مجاهدن کي وطن جي آزاديءَ جو درس ڏنو ۽ کين انگريز سامراج جي چالن کان واقف ڪيو ۽ کين سمجهايو ته ”وطن يا ڪفن“۽ ”غلامي نه کپي“.

ملڪ ۾ ان وقت مسجد منزل گاھ وارو تنازعو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. سرڪاري آفيسرن هڪ سازش تيار ڪرائي، پير ڳوٺ ۾ رهندڙ هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون، اها خبر پير صاحب کي پئي ته غازين کي حڪم ڪيائين ته هندن جي حفاظت ڪئي وڃي، پير صاحب جي غازين طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. هندن ان ساراھ جوڳي ڪارنامي جو اطلاع سکر جي ڪليڪٽر کي ڏنو ۽ اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به ڪيون. اهڙيءَ ريت حڪومت جي اها اسڪيم ناڪام وئي، پر غازين جي ڀرتيءَ تي پابندي لڳائي. حڪومت طرفان هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي وئي، سکر جي پارسي ڪليڪٽر، جنهن جي مادري زبان گجراتي هئي، ان پير صاحب کي پيغام موڪليو ته هندن جي جان بچائي، امن قائم ڪرڻ ۾ توهان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کان خوش ٿي سرڪار توهان لاءِ هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور ڏيڻ ۽ اوهان کي خطاب ڏيڻ جي سفارش منظور ڪئي آهي. ان تي پير صاحب ڪليڪٽر کي جواب موڪليو ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن ۽ ”پير پاڳاري“ جو خانداني خطاب اسان لاءِ ڪافي آهي. پير صاحب جو اهو جواب ٻڌي ڪليڪٽر چوائي موڪليو ته ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن، حڪومت سندن انڪار کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندي.“ انگريزن هر قسم جي ڏوھ کي بنا جاچ جوچ جي حُرن ڏانهن منسوب ڪري خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا. ننڍن وڏن حُرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون. اها حاضري ڪن جي لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو، ڪن لاءِ هفتي ۾ ٽي دفعا ته ڪن لاءِ روزانو مقرر ڪئي وئي. پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسيءَ لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو.

حڪومت طرفان حرن لاءِ ٻي مصيبت اها عام ڪئي وئي ته اوسي پاسي جي هر چوري ۽ ڌاڙي جو الزام مٿن لڳائي کين جيلن ۾ بند ڪيو پئي ويو. ان وقت جوڌپور ۽ جيسلمير مان عام ڌاڙيل سرحد ٽپي ٿرپارڪر جي ماڻهن کي لٽيندا هئا، پر ان جو الزام به حُرن تي مڙهيو ويندو هو. حرن جي ٿاڻن تي حاضريءَ خلاف پير صاحب انگريز حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته جيڪو شخص ڏھ ميل پنڌ ڪري ٿاڻي تي پهچندو، اهو پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪندو ۽ سندس ٻچن جي پرورش ڪيئن ٿي سگهندي! اهڙي مضبوط دليل کي ٻڌڻ جي باوجود پوليس ابتو قدم کنيو ۽ جن جي حاضري هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا هئي، تن جي به روزانو حاضري مقرر ڪئي وئي.

سنڌ اسيمبليءَ جي ۲۹ نومبر ۱۹۴۰ع واري اجلاس ۾ تعلقي سانگهڙ جي رهواسين جي روزانو ٿاڻن تي حاضري، سندن ٻارن ٻچن جي مستقبل وارن مسئلن تي بحث مباحثو به ٿيو، پر وريو ڪجهھ به نه. سورهيه بادشاھ حڪومت جي ضد ۽ نا انصافيءَ کان تنگ ٿي، جماعت جي ڪجهھ چونڊ ماڻهن کي چيو ته اوهين روپوش ٿي وڃو ۽ حاضريءَ لاءِ ٿاڻن تي هرگز نه وڃو. اُهي چونڊ فقير روپوش ٿي ويا. حڪومت طرفان پير صاحب تي زور رکيو ويو ته اهي ماڻهو پيدا ڪيا وڃن، پير صاحب کين چيو ته سرڪار پاڻ وڃي اُهي ماڻهو ڳولي هٿ ڪري. انگريز سرڪار جا هن معاملي بابت مقرر سرڪاري ڪامورا، پير صاحب ۽ سندس فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون موڪليندا رهيا. پوليس حرن کي Notified Criminal Tribes قرار ڏئي ڇڏيو. آخر ۱۹۴۱ع ۾ پير صاحب کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ لاءِ ڪراچي آندو ويو. سنڌ جي ان وقت وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله پير صاحب کي چيو ته اوهان جون موجوده سرگرميون جهڙوڪ غازين جي ڀرتي، حڪومت کي سخت ناگوار گذرن ٿيون ۽ انهن سان سنڌ ۾ امن امان جو خطرو وڌي ويو آهي، ان ڪري توهان کي ڪراچيءَ ۾ رهڻو پوندو. پير صاحب کيس جواب ڏنو ته ”ڇا مسلم ليگ پنهنجو نيشنل گارڊ نه ٺاهيو آهي؟ ڇا ڪانگريس پنهنجا والنٽيئر جٿا نه ٺاهيا آهن؟ ڇا راشٽريه شيوڪ سنگھه وارن پنهنجا دَل نه ٺاهيا آهن؟ ڇا انهن سڀني جو مقصد وطن جي آزادي نه آهي؟ جيڪڏهن رڳو مون ئي جرم ڪيو آهي ته مون کي زباني نه، تحريري حڪم ڏيو، ٻيءَ صورت ۾ مان مهمان طور رهڻ جو پابند نه آهيان.“

پير صاحب کي تحريري حڪم نه مليو، ان ڪري ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ پير صاحب ڪراچي کان سانگهڙ اچي پهتو. گڙنگ پهچي غازين کي خاص هدايتون ڏنائون ته ”جيڪڏهن معاملو بگڙجي وڃي ته باقاعدي منظم ٿي، اسان جي هدايتن مطابق ڪارروايون ڪجو ۽ پنهنجي جدوجهد تيز ڪجو“ اهڙي قسم جون هدايتون ڏيئي پير صاحب، پير جي ڳوٺ پهتو، اتي خاص ماڻهن سان ملاقات ڪري، صبح سوير درگاھ شريف جي رستي ڪيٽيءَ لاءِ روانو ٿيو ته شهر کان اڌ ميل پنڌ تي مسلح پوليس جون پنج ٽرڪون ۽ گهوڙيسوار پوليس جنهن جي قيادت ٿرپارڪر جا ڊپٽي ڪليڪٽر، ٻه سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ خيرپور رياست جو وڏو وزير سيد اعجاز شاھ ڪري رهيا هئا ۽ کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا، پير صاحب کي گورنر جو حڪم پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ”توهان ڪراچيءَ جي حد ۾ اچي رهو.“ پير صاحب کي ڪراچيءَ آندو ويو. چئن ڏينهن کان پوءِ ”کيس ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ“ هيٺ گرفتار ڪري لاهور ميل ذريعي، لاهور آندو ويو، جتان کيس هندستان جي جبل پور، سيوني ۽ ناگپور جي جيلن ۾ رکيو ويو.

پير صاحب جي گرفتاريءَ کانپوءِ حُرن منظم طريقي سان انگريز حڪومت خلاف گوريلا جنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن ”ٽئين حُر تحريڪ“ جي صورت اختيار ڪئي هن تحريڪ انگريز حڪومت کي لوڏي ڇڏيو. سرڪار حُر تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان حُر ايڪٽ پاس ڪرايو، جنهن کي ۱۰ اپريل ۱۹۴۲ع تي گورنر منظور ڪيو. حر ايڪٽ هيٺ سمورن حُرن کي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ حڪم نامون جاري ويو ته حُرن جون جائدادون ۽ ملڪيتون تباھ ۽ ضبط ڪيون وڃن ۽ کين ڏسندي ئي گولي هنئي وڃي.

انگريز ملٽريءَ حرن، مريدن ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن تي حملا شروع ڪري ڏنا، نتيجي طور حُرن ”تنگ آمد به جنگ آمد“ واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هنن گوريلا ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون هنن سانگهڙ ويجهو مکِي ٻيلي کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو.

۱۷ مئي ۱۹۴۲ع تي رات جو ۱۲ وڳي حُرن، اُڏيري لعل ۽ ٽنڊي آدم وچ ۾ پليجاڻيءَ ويجهو لاهور ميل کي ڪيرايو، لاهور ميل ۾ خانبهادر الله بخش سومرو، مسٽر نهچلداس وزيراڻي ۽ سر غلام حسين جو پٽ منور حسين سوار هئا، پر حيدرآباد اسٽيشن تي خانبهادر الله بخش سومري کي ڪو گهَرو دوست خاموشيءَ سان ويٽنگ روم جي پوئين دروزاي کان وٺي ويو، جنهن کي حرن جي ڪارروائيءَ جي کُڙڪ پئجي وئي هئي. هن حادثي ۾ ۳۲ مسافر مري ويا ۽ اٽڪل ۱۰۰ کن زخمي ٿيا. سر غلام حسين جو پٽ منور حسين به مري ويلن ۾ شامل هو. هندستان ۾ گاڏي ڪيرائڻ جو اهو پهريون واقعو هو، جنهنڪري انگريز سرڪار ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ سنڌ ۾ رات جو ريلون هلائڻ بند ڪيون ويون.

پهرين جون ۱۹۴۲ع تي سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو، ان لاءِ اپر سنڌ جو سربراھ ميجر جنرل رچرڊسن کي مقرر ڪيو ويو. هن فورس جا ٻه برگيڊ هئا هڪ حيدرآباد برگيڊ ۽ ٻيو ڪوهاٽ برگيڊ. ڪوهاٽ برگيڊ جو هيڊڪوارٽر سانگهڙ ۾ رکيو ويو. حيدرآباد برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر ليگ لميٽڊ هو. مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي مارشل لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر نيگ کي پوليس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ هيٺيان فوجي آفيسر مقرر ڪيا ويا. جنرل اعظم خان (ميجر) جنرل اختر ملڪ (ڪئپٽن)، ميجر جنرل وصال احمد (ڪئپٽن سراغ رساني)، جنرل محسن عباس (ڪئپٽن)، جنرل شرن سنگھ (ميجر)، "رٽائرڊ ايئر مارشل” اصغر خان (هوائي پائلٽ)، شنڪر سنگھ آڏواڻي ۽ حيدرآباد جيل جو سپرنٽينڊنٽ مسٽر لانگ هئا.

مارشل لا تحت هيٺيان فورس شامل هئا.

هوائي فوج ۱۲ اسڪواڊرن، ۲۴ جهاز، ۱۵۰ ماڻهن جو عملو، هيڊ ڪوارٽر سکر.

پيدل فوج Infantry 3 ڊويزنون، ۶۰ هزار سپاهي، هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۽ سکر.

موٽر ٽرانسپورٽ سيڪشن M. T. Section 4 اسڪواڊرن، ۶۰۰ لاريون، هيڊڪوارٽر شهدادپور ۽ ڪيٽي.

اُٺ ۽ گهوڙيسوار ۸ اسڪواڊرن، ۲۴۰۰ ماڻهن جو عملو، هيڊڪوارٽر جمڙائو ۽ هٿونگو.

مارشل لا هيٺ سمورين ايراضين سان فوجي قانون لاڳو ڪيو ويو. هر تعلقي ۾ وڌ ۾ وڌ چار ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فوجي عدالتون مقرر ڪيون ويون. هر هڪ ڪورٽ ۾ چار فوجي آفيسر جج طور مقرر ڪيا ويا، جن ۾ ٽي ليفٽيننٽ جي عهدي کان وٺي، ميجر جي عهدي وارا آفيسر هئا. هڪ ڪرنل يا ليفٽيننٽ ڪرنل چيف جج جي حيثيت ۾ مٿانئن مقرر هو.

انگريز سرڪار ملٽريءَ جي مدد سان بربريت جو طوفان ٻاري ڏنو. حُرن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا ويا. حُرن لاءِ خاص لوڙها:Concentration Camps قائم ڪيا ويا. اهي لوڙها جوهي، نوابشاھ، جهول، سنجهوري، کپري، سانگهڙ، پٿوري، ميرپورخاص، جروار، ميرپور ماٿيلي ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا، جتي حُرن کي ٻارن ٻچن سوڌو واڙيو ويو. صرف کپري جي لوڙهي ۾ اڍائي هزار حُر قيد هئا، جتي سوين ٻار، عورتون ۽ پوڙها مرد بُک ۽ اُڃ وگهي مري ويا.

انگريز سرڪار جون فوجون سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويون. عورتن سان به شرمناڪ سلوڪ روا رکيو ويو.

ظلم کي منهن ڏيڻ لاءِ غازين منظم طريقي کي اختيار ڪيو. حرن جون ڪيتريون بهادر عورتون به ظلم خلاف ميدان ۾ لٿيون ۽ مختلف روپن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويون. هنن مختلف ٽريننگون ورتيون. ڪي نرسون ٿيون، ڪي شهسوار، ڪي بندوق باز، ڪي ڳائڻيون ته ڪي مخبر. اهڙيءَ طرح اهي سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويون. حرن سنڌ جي وڏيرن ۽ زميندارن کي سول نافرماني ڪرڻ لاءِ پنهنجي خفيه پريس مان نوٽيس موڪليو ته آئيندي سرڪار کي ڍل ڏيڻ بدران حُر غازين کي پهچائي وڃي. ان تي زميندارن جا وائيسر بتال ٿي ويا.

سي. آءِ. ڊي وارن ڪيترين پريسن تي ڇاپا هنيا. ڪيترن هنڌن تي چوڪسي رکي وئي. تپيدارن روزانو ڦرجڻ جي دانهن ڪئي. سرڪار حڪم ڪڍيو ته مارشل لا ايراضي ۾ ڪو به تپيدار ڍل اوڳاڙڻ نه وڃي، پر زميندار پاڻ ئي اچي تعلقي آفيس ۾ ڍل پيئاري. نتيجي طور ڪيترا زميندار آفيسن ۾ اچي ڍلون پيئارڻ لڳا ۽ ان دوران ڪٿي ڪٿي سندن ڦرجڻ جا واقعا به ٿيا.

خيرپور رياست جي ڪماني پوليس، رسول شاهه (سيد غلام رسول شاھ) ، خيرپور جي حُرن ۽ عام امن پسند شهرين سان ظلم ٻاري ڇڏيو. مٿانئن اوچتا حملا ڪرائي کين قيد ڪندو هو. هٿ آيل مجبور عورتن سان انسانيت سوز ظلم ڪندو هو، ۽ اعلان ڪندو هو ته حُرن ۾ هجي ڪا همت ته اچي منهنجو نالو وٺن.

حُرن طرفان کيس منهن ڏيڻ لاءِ رٿا جوڙي وئي. ڳوٺ کنواريءَ ۾ هٿيارن سان ليس پهريدار بيٺل هئا ۽ مشين گنون فٽ ٿيل هيون پر حُرن وڃي ڪمانيءَ کي سوگهو ڪيو. غلام رسول شاھ گهڻو ئي ليلايو، پر حرن کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. غلام رسول شاھ جي قتل ٿيڻ سان حرن ته خوشيون ڪيون، پر سڄيءَ سنڌ جي عوام به مسرت جا نعرا هنيا. انهيءَ قتل ۾ حُرن جا مک اڳواڻ، ڦوٽو چانگ، جڙيو خاصخيلي، علي شير ۽ ٻيا شامل هئا. حرن کي مڪمل طور تباھ ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران سندن خاص مرڪز مکي ٻيلي تي ڀرپور حملو ڪيو ويو. ٻيلي جي ٻاهر اٽڪل ڇھ پلاٽون فرنٽيئر ڪنسٽيبلري، ۱۰۰ پنجاب پوليس، سکر جي رزرو پوليس جو وڏو تعداد ۽ ٻين ضلعن مان مسلح پوليس گهرائي بيهاري وئي. انگريز سرڪار کي هن تنظيم کي برباد ڪرڻو هو، نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ طرف سکر کان سانگهڙ تائين، ٻئي طرف سعيدآباد کان کڏڙي تائين، ٽئين طرف هٿونگي کان شهدادپور تائين ۽ چوٿين طرف جيسلمير کان چوٽيارين تائين جنگ جو نظارو پسڻ ۾ ٿي آيو.

مکي ٻيلي تي حملي لاءِ پهريائين فوجي جهازن مان فوٽو ڪڍيا ويا. هر مهيني ملٽريءَ جو تعداد وڌايو ويو. مکي ٻيلي تي بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڏاڍي تباهي ٿي. بمن ذريعي آتشگير مادو اڇلايو ويو، جنهن سان چوڌاري باھ لڳي ويندي هئي ۽ وڻ ٽڻ سڙي ناس ٿي ويا. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ“ ناول ۾ لکيو آهي ته ”جيئن ته حرن جو وڏو تعداد مکي ٻيلي ۾ رهندو هو، انهيءَ ڪري هنن جو سڄو بارود سڙي ويو.“ اهو طريقو هنن ڪيترن ڳوٺن سان جاري رکيو، سوين ملٽريءَ وارا اوچتو ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ تي حملو ڪري ماڻهن کي گولين سان ۽ ڳوٺن کي بمن سان اُڏائي ڇڏيندا هئا. حُرن ۽ سندن ڳوٺن کي تباھ ڪرڻ سان گڏوگڏ انگريز ملٽري، پير صاحب جي سموري ملڪيت کي تباھ ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي.

۲۲ آگسٽ ۱۹۴۲ع تي پير جي ڳوٺ ۾ درگاھ جي ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو. ڪوٽ جي ٻاهرين ڀت، (جيڪا چاليھ فوٽ اُوچي ۽ ويهھ فوٽ ويڪري هئي) جي اندران درگاھ، مسجد، بنگلا ۽ ڪيتريون حويليون موجود هيون. مسجد ۽ درگاھ سيد محمد راشد روضي ڌڻي کان سواءِ باقي هر شيءِ کي ڊاهيو ويو. ڪوٽ مان حاصل ڪيل، اناج حيدرآباد موڪليو ويو. جاين مان نڪتل ڪاٺ ۽ شهتير C. R. E ڏانهن موڪليا ويا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته ”ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا آفيسر جي رعب تاب ذريعي اهڙو تھ هيبتناڪ ماحول پيدا ڪيو ويو هو، جو پير صاحب جن جي حمايت ۾ ڪن ٿورن کي حق جي ڪلمي چوڻ جي توفيق ٿي. ان وقت مسلم ليگ پوري طاقت ۾ هئي. جڏهن عليڳڙھ مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪي شاگرد ان وقت وفد وٺي دهليءَ ۾ مسلم ليگ جي قيادت سان وڃي مليا، تڏهن انهن چيو ”اسان کي پير صاحب پاڳاري لاءِ پوري همدردي آهي، پر سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن ۾ جرئت ڪانهي، جو پير صاحب جي حمايت ۾ ڪو هٿ ڊگهيرين ۽ اسان کي مداخلت جو موقعو ڏين.“

پير صاحب جي گڙنگ بنگلي کي به بمن سان اُڏايو ويو. بمن هڻڻ کان اڳ ۾ گڙنگ واري بنگلي کي لٽيو ويو، ان مان حاصل ڪيل ملڪيت ڪجهھ سرڪار وٽ جمع ڪئي وئي ۽ ڪجهھ فوجين پاڻ ۾ ورهائي کنئي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ وڏو تعداد سون ۽ چانديءَ جي زيورن ۽ سڪن جو، جن جي قيمت اٽڪل ٻه لک هئي، پنجن لکن جا نوٽ، چوئيتاليهه رائفلون ۽ چوڏهن مختلف قسمن جا روالوَر، اهو سڀ سامان ايمپريل بئنڪ حيدرآباد ۾ جمع ڪرايو ويو. پير صاحب پاڳاري لُٽيل ملڪيت جو انگ هڪ ارب روپيا ٻُڌايو هو.

۱۴ جنوري ۱۹۴۳ع تي پير سائين پاڳاري کي هوائي جهاز ۾ حيدرآباد آندو ويو. جهاز ٻولهاڙي ايئرو ڊرم تي لٿو، جيڪو حيدرآباد کان تيرهن ميل پري هو، جتان کيس ڪار رستي سينٽرل جيل آندو ويو، جيئن پير صاحب تي ’’حُر بغاوت’‘ جو مارشل لا هيٺ ڪيس هلايو وڃي.

سينٽرل جيل ۾ سخت حفاظتي اُپاءَ ورتا ويا. اڳ ۾ قيد ٿيل حُرن کي ٻين شهرن جي جيلن ڏانهن موڪليو ويو. پوليس ۽ فوج جو وڏو تعداد جيل اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو. پير صاحب کي ملٽري ٽربيونل آڏو بيهاريو ويو. کيس سرڪاري وڪيل ڏنو ويو. اهو ڪيس ۲۶ ڏينهن هليو، مقدمي دوران پير صبغت شاھ راشدي کي جهڪائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي ماڻهو به موڪليا ويا ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي، پر سندس جو چوڻ هو ته ”ستن سمنڊن کان نازل ٿيل سامراجي، جن اسان جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي ۽ بغير ڪنهن سبب جي گرفتار ڪري غازين، مريدن ۽ غير مريدن جو قتل عام ڪيو، ڪوٽن تي حملا ڪري هر شيءِ لُٽي، بمباري ڪري تباهي مچائي، گهر لُٽيا ۽ ملڪيتون لُٽيون، تن کان ڪهڙي معافي!“ ڪيس هليو، ٽربيونل آخر هيٺيون فيصلو ٻُڌايو: ”پير صاحب صبغت الله شاھ کي انگريز بادشاھ سلامت خلاف جنگ جي سازش ڪرڻ سبب ڏوهاري قرار ڏئي کيس ڦاسيءَ جو سزاوار قرار ڏجي ٿو.“

۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد، سنڌ ۾ هن عظيم انسان کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو.

سورهيه بادشاھ پير صبغت الله شاھ راشدي جي حر تحريڪ برصغير ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو هڪ لازوال باب آهي. هن تحريڪ ۾ شامل فردن قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال پيش ڪيو، جنهن کي سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ ۾ هميشه سونهري لفظن سان ياد ڪيو ويندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ۽ ۲۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ٻن قسطن ۾ ڇپيل)



شھيد صبغة الله شاھ پاڳارو

سورهيه بادشاهه

جاويد احمد لاڙڪ

۱۸ مارچ ۱۹۴۳ع. شهادت کان ٻه ڏينهنَ پهرين. حيدرآباد جيلَ جي هڪ خاص ۽ سخت پَهري هيٺ لاڪَپ جو دَرُ کُلي ٿو. فريڊرڪ يَنگ نالي انگريز پوليس آفيسر لاڪَپ ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس آڏو ۳۴ سالن جو گهاٽي ڏاڙهي ۽ گهاٽن شهپَرَن سان هڪ نهايت خوبصورت نوجوانُ بيٺو آهي ۽ نهايت دل ڪش، دل فريب ۽ مَنَ مُهڻَن نيڻن سان کيس نهاري ٿو. فريڊرڪ يَنگ تمام گهڻي گُهمَنڊَ ۽ تڪبرَ وچان کيس ٻڌائي ٿو ته ٻه ڏينهن کانپوءِ توهان کي ڦاهي چاڙهينداسين. هُو نظرن ئي نظرن ۾ ڄڻ ته مٿن ٽوڪَ ڪندو هجي ته توهان جي جواني ۽ توهان جي اَمُلهه جيوَن جو اَنتُ اِجهو هيئن ٿي ويندو. هُو ڄڻ ته کين چوندو هجي ته ڪيڏا نه نادان آهيو. ڪهڙي طرزِ زندگي اختيار ڪَيوَ؟ نرم گُداز بسترا ڇڏي. ٻَنيون وَنيون مال ملڪيتون، رونقون ۽ راحتون ڇڏي، خوشيون ۽ خوراڪون ڇڏي. اهڙي گَسَ طرف ويئو جنهن جو اَنتُ ڦاهيءَ جو ڦندو آهي.

پر هن جو طنزيه نظرن ۽ لَهجي جو سامهون بيٺل خوبرو نوجوانَ مٿان ڪو اثرُ نه ٿيو. هُو خاموش بيٺو هو. سندن اُنهن حَسين نيڻن مان، جن بابت، سندن خلاف شاهدي ڏيندڙ چوندا هئا ته اسان هن پيرَ جي اکين ۾ نهاري نه ٿا سگهون. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب طلسم، سحر ۽ جادو آهي ۽ پوءِ هِنَ جي اکڙين ۽ شاهدن جي وچ ۾ پردو ٽَنگيو ويو هو ۽ پوءِ هُنَن ڏڪندڙ زبانن سان، سندن خلاف اهي شاهديون ڏنيون، جيڪي انگريز آفيسرن کين هفتن جا هفتا رٽرايون. اهي اکڙيون اڄ پنهنجي موتَ جو پروانو ٻڌي ڪري به ساڳي حشمت، ڏياءَ ۽ حُسنَ سان ڀريل هيون. انهن ۾ خوفُ، دهشت ۽ وحشت جو ذرو به نه هو.

چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هن پوليس صلاحڪار فرائيڊ يَنگ هڪ ڀيرو ٻيهر، هِنَ نوجوانَ کي پيرن کان چوٽيءَ تائين ڏٺو. هُو مڪمل ساڪن، خاموش، مطمئن ۽ پُرسڪون حالت ۾ هو. هن کي تعجب لڳو. هِنَ چڱن ڀلن بهادرن کي ان گهڙيءَ ۾ ٽُٽَندي ڀُرَندي جُهرندي ڏٺو هو. پر اڄ هي عجيب منظر هو. ۳۴ سالا هڪ خوبرو ۽ خوبصورت نوجوانَ کي ٻڌايو ويو ته فقط ٻن ڏينهن کانپوءِ. جي ها. فقط ٻن ڏينهن کانپوءِ توهان کي تخته دار تي لڙڪائبو. توهان موتَ جي راڪاس جي مُنهنَ ۾ هوندئو. هي نهايت خوبصورت جهانُ ڇڏي ويندئو. پنهنجا لکين مريدَ، ملازمَ، نوڪر چاڪر، ونيون ٻنيون، ٻچا ٻارَ، عزيز قريبَ، دوستَ يارَ، مال ملڪيتون سڀ ڇڏي تَن تَنها هڪ اونداهين ڪوٺڙيءَ ۾ ڦاهيءَ جي ڦندي وسيلي پنهنجي سِرُ وڃائيندئو. پر هُو نهايت خاموش ۽ پُرسڪون. نه ڪا لڱن ۾ رَڦڻي. نه ڏڪڻي. نه چهري جا تاثر بدليا. نه جسم جي ڪنهن عضوي ۾ ڪا هلڪي به جنبش آئي. هُو مطمئن چهري سان آفيسر کي تَڪي رهيو هو.

انگريز آفيسر هن جو ردِ عمل ڏسڻ ۽ ٻڌڻ پيو چاهي. هُنَ جو خيال هو ته اڄ زندگيءَ جي هن طرح انتَ بابت ٻڌي هن نوجوانَ کي ضرور پڇتاءُ ٿيندو هوندو. انگريزَ جا ڪَنَ پڇتاءَ ڀرين لفظن ٻڌڻ لاءِ بيتاب هئا. هُنَ جون نظرون هِنَ نوجوان پيرَ جي چپن ۾ هيون. نيٺ چند گهڙين بعد هُنَ جي چَپَن ۾ هلڪي چُرپُر ٿي. انگريز آفيسر هنَ نوجوانَ واتان پشيمانيءَ جا جملا ٻڌڻ لاءِ اتاولو ٿي، همه تن گوش ٿي هِنَ ڏانهن متوجه ٿيو.

”مون کي هڪ ڳالهه جو بيحد افسوس آهي.“ هُنَ جي زبانَ مان چند لفظَ نڪتا. انگريز آفيسر جي دل ”افسوس“ جو لفظُ ٻڌي خوشيءَ مان ٽَپا ڏيڻ لڳي. هُنَ کي پورو پورو احساسُ هو ته نوجوان پيرَ جي اڄوڪن هنن لفظن کي هُو هميشه مختلف جاين تي حوالي طور ڪوٽ ڪندو. ۽ انگريز سامراجين خلاف وڙهندڙن کي بار بار هي لفظَ ٻڌائيندو ته اسان خلاف وڙهندڙن جو انجام ڏسو هيئن عبرتناڪ ٿيندو آهي جو پڇاڙيءَ ۾ ماڻهو هيئن افسوس ۽ ارمانَ ها هٿَ مليندا رهجي ويندا آهن. اهو سوچيندي هُنَ پوري ڌيانَ ۽ دلچسپيءَ سان کيس ٻڌڻ شروع ڪيو.

”مون کي ان ڳالهه جو شديد افسوس آهي.... ته مان سگريٽ نوشيءَ جي عادت ۾ مبتلا ٿي ويس.“ هُنَ نهايت سُڪونَ سان ڄڻ ته موت جو پروانو کڻي ايندڙ جي مُنهنَ تي ڀونڊو ڏيندي چيو. انگريز آفيسر جي اميدن تي پاڻي هارجي ويو. مطلب ته نوجوانَ کي ان تي بنهه افسوس نه هو ته هُو زندگيءَ جي تمام تَر مسرتن جي سامانَ باوجود به هُنَ اهڙي طرز اختيار ڪئي جنهن جو اَنتُ موتُ آهي. پر هُنَ کي ڄڻ ته پنهنجين ڪيل هنن سمورين سرگرمين تي ڪو رتيءَ برابر به پڇتاءُ ڪا ندامتَ ڪونهي.

ندامت به ڀلا ڇو هجي. هُنَ جڏهن روايتي پُرآسائش زندگي تَرَڪ ڪئي هئي، تڏهن کيس پورو پورو احساسُ هو ته يا ته هُو انگريزن کي ڪڍي پنهنجي ديسَ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو يا وري ان عظيم مقصدَ جي حاصلات خاطر سِرَ جو نظرانو ڏئي، پونيرن لاءِ شجاعت، همت، بهادري، مزاحمت، ديس تي قابض ڌارين سان سخت نفرت ۽ ديس جي آزادي ۽ حُريت جي علامتَ طور تاريخ ۾ هميشه هميشه لاءِ اَمر ٿي ويندو.

اڄ جڏهن هن اياڻي ۽ احمق فرائيڊ ينگ کيس موتَ جو دَڙڪو ۽ دَهمان پئي ڏنو ته اهو دڙڪو هن لاءِ دهمانُ نه بلڪ عين اعزاز هو.

هُو ته اُنَ روايت جو عَلمبردار هو جنهن هيٺ انگريزن اڳيان ڪنڌُ هيٺ ڪري جيوَن گهارڻ کان هڪ هزار ڀيرا وڌيڪَ انگريزن آڏو پوري وقارَ ۽ وجاهتَ سان ڪنڌُ کڻي جيئڻ عزت ۽ عظمتَ جي علامت هو. هُو ته ان خانوادي سان تعلق رکندو هو جنهن جي پڳدار ان وقت جي انگريز عملدار کي سموري بيٺڪي انتظامي مشينريءَ جي آڏو چئي ڏنو هو ته توهان کي اها جرئت ڪيئن ٿي جو اسان کي به هن مجلس ۾ سڏيو ۽ وري شراب به هن مجلس ۾ عام واپرايو. اها اسان جي توهينَ آهي. اسان توهان جي هن محفل مان بائيڪاٽ ٿا ڪيون. اهو چئي هن جو پڙ ڏاڏو پير سائين حزب الله شاهه انگريزن جي مجلس کي ٿڏي اٿي آيو هو.

هِنَ نوجوان پيرَ جي مبارڪ دل ته مَکيءَ واري ٻيلي جي انهن شيرن سان گڏ ڌڙڪندي هئي جن ظالمانه ٽيڪسن خلاف رد عمل طور انگريز سامراجيت خلاف بغاوتَ جو عَلَم بلند ڪيو هو. ۽ ساري عالَم ۾ ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل انگريز سامراجيت هنن آڏو بي وس بڻجي هنن جي روحاني رهبر پير سائين پاڳاري ذريعي هنن کان هٿيارَ ڦٽا ڪرايا هئا. نه ته هُو هنن ٻيلي جي شينهن سان خود پُڄي ڪونه سگهيا هئا.

هِنَ کي پنهنجي ڏاڏي جي مفاهمت واري پاليسي ٺپ ڪونه وڻندي هئي. هن پنهنجي گهرَ جي هڪ ديوار تي لڳل ڏاڏي سائين کي مليل انگريزن پاران سرٽيفڪيٽ ديوار تان لهرائي اهو شيشي وارو فريم ڀڃرائي ڇڏيو هو. ۽ هن ڄڻ ته اعلان ڪيو ته انگريز سامراجيت سان ڪا به مفاهمت ڪو به ٺاهه ڪونهي.

هِنَ کيس سمجهائڻ خاطر آيل هڪ خليفي کي به ڏاڍو چٽو چيو هو ته جيڪڏهن منهنجو پنهنجو پُٽُ به انگريزن جو ساٿاري بڻجي ته مان ان کي به شُوٽ ڪرڻ ۾ دير نه ڪيان. پر جيڪڏهن انگريزن تي ڪو ڪتو به ڀونڪي ته مان خوش ٿيندس. ڪا ماڪوڙي به انگريزَ کي چَڪُ پائي ته مان ان کي به مٺائي کارائيندس.

هي اصل ۾ ان پراڻي روايتَ جو علمبردار هو جنهن جو خيال هو ته انگريز جو ناپاڪ وجود سندس ڌرتي مٿان هڪ بدنما داغُ آهي. جيسين هن ڌرتيءَ کي انگريز جي ناپاڪ وجودَ کان ڌوئر پاڪ نه ڪبو تيسين سُکَ جو ساهه نه منهنجا حُرَ کڻي سگهندا نه غير حُر نه ئي عام سنڌي عوام. ان ڪري ئي انگريز کي پنهنجي اباڻي سرزمينَ تان ڪڍڻ هن جو مقصدِ حيات هو.

هُو ڀلا ڪيئن ٿي آخري ايامن ۾ ان ڳالهه تي پڇتاءُ ٿي ڪري سگهيو. جنهن آدرشَ خاطر هن پنهنجون خوشيون مسرتون ۽ راحتون تياڳي هن ڪَٺن اڻانگي واٽَ ورتي.

هُنَ انگريزن کي آخر ۾ وڌيڪَ چيو: “مان پنهنجي موتَ سان شانَ مانَ وقارَ ۽ وجاهتَ سان ملندس.“

سندس بدترين دشمنن انگريز سامراجين به اعتراف ڪيو ته بروبر هُو پنهنجي موتَ سان شان مان عزت آبرو ۽ وقار وجاهتَ سان مليو.

 اڄوڪي ڏينهنَ تي سنڌ جي ان ارڏي بهادر غيرتمند ۽ دلير فرزندَ کي انگريز سامراجين حيدرآباد جي جيلَ ۾ ڦاهي ذريعي شهيد ڪيو.

هُو ساري عالَم مٿان ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل انگريز سامراجيت لاء ايڏو ته ڏهڪاءُ جو ڪارڻ بڻيل رهيو جو کين شهيد ڪرڻ بعد به سندن بظاهر بي جان بڻيل جسمَ کي به پنهنجي سامراجي مفادن لاء سخت خطرو سمجهي، کيس اهڙي ڏورانهين ۽ ڳجهي دفنائي آيا جتي نه ڪو ماڻهو نه ماڻهوءَ جي ذات. ٻيو ته ٺهيو هنن ظالمن کين دفنائي سندن قبر مبارڪ ۾ چونو هاري آيا ته جيئن سندن مبارڪ هڏيون به باقي نه بچن. مطلب ته جَن جي سامراجي حڪومتَ دنيا جي ايڏي ته وڏي رقبي تائين ڦهليل هئي جو مٿس ڪڏهن سج لهندو مي ڪونه هو. ان هيڏي وڏي اجگر جهڙي عالمي سامراجي طاقتَ هن ۳۴ سالا نوجوانَ کان ان حد تائيب خوفزده ۽ دهشتزده هئي. نه رڳو سندس جيئري پر سندس حياتيءَ کانپوء به.

انگريزن ته پنهنجي پَر ۾ کين صفحه هستيءَ تان ميسارڻ جا پورا انتظامَ ڪري ڇڏيا هئا. پر هنن اياڻن ۽ احمقن کي اها ڪَلَ ئي ڪانه هئي ته هُو هن وطنَ جي سينڌَ سنوارڻ خاطر، پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي، سنڌ جي تاريخَ ۾ هميشه هميشه لاءِ ”سورهيه بادشاهه“ بڻجي، امر ٿي ويو.

سندس شهادت جي ڏينهن تي، سندس عظمتن آڏو جُهڪي سلام عرض رکجي ٿو.

 

(جاويد اقبال لاڙڪ، پي ايڇ ڊي شاگرد، شعبو تهذيبن جو اڀياس، ابن هلدون يونيورسٽي استانبول جي فيسبڪ وال تان ۲۰ مارچ ۲۰۲۳ع، ترڪي وقت مطابق صبح جا ۱۰ لڳي ۳۵ منٽ. رکيل/ کنيل)

2 comments: