طاهره علي شاھ
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي..!
اياز سومرو
سنڌ ڌرتي جي ڪُک مان سدا کان
سرويچ ۽ سٻاجها ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي ڀٽائي
سرڪار جي هنن سٽن ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ کي ساڀيان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ سنڌ کي سُڪار بڻائڻ لاءِ وطن تان وارجي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويا.
اهڙن ئي امر ڪردارن منجهان هڪ نالو ايڪويهين صديءَ جي ان مهان عورت جو به آهي جنهن
کي سنڌ جا مسڪين ماروئڙا (خاص ڪري ساحلي پٽي جا ماهيگير ۽ هاري) سڪ ۽ اُڪير منجهان
ڪڏهن امي ته ڪڏهن جيجي جي نالي سان پُڪاريندا هئا، پر ان جي مسلسل جدوجهد ۽ انهيءَ
جدوجهد جي راھ ۾ پنهنجي زندگي جي نذراني ڏيڻ جي مڃتا طوراڄ کيس کي ”شهيدِ سنڌو
درياءَ“ جي لقب سان ياد ڪن ٿا.
سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ طاهره
علي شاھ لاءِ ان جي شادي کان اڳ يقينن ڪنهن به نه سوچيو هوندو ته هن عام رواجي
عورت جي اندر ۾ ڪا باغي سورمي سمايل آهي. جيڪا هن جاگيرداراڻي سماج ۽ ڪوڙن قانونن
خلاف هڪ اهڙي سگھ طور اڀري سامهون ايندي ۽ مظلومن جو اهڙو سگهارو آواز ٿي گونجندي.
ان باغي عورت کي دنيا آڏو نروار ٿيڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن سندس ور محمد علي شاھ
کي نارا جيل ۾ ناحق بند ڪيو ويو. ان وقت طاھره علي شاھ پردي کي الوداع ڪندي گهر
کان ٻاهر نڪتي ۽ ڪراچي پريس ڪلب تي ساٿين سان گڏجي فشرفوڪ جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي
۽ باقاعده جدوجهد جي شروعات ڪئي. طاهره علي شاھ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي سک، سهنج
۽ خوشحاليءَ جا خواب پنهنجي اکڙين ۾ سمائي فشر فوڪ فورم جي پليٽ فارم تان پنهنجي
ساٿين سان گڏجي ابراهيم حيدري کان سماجي جاڳرتا ۽ مسڪين ماڻهن خاص ڪري عورتن کي
سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. جنهن ۾ هن جي جدوجهد جو سڀ کان وڏو مرڪز بدين جي
ساحلي پٽيءَ جون ماهيگير عورتون رهيون. ڇاڪاڻ ته طاهره علي شاھ ان ڳالھ کي سمجهي
ورتو هو ته جيسيتائين هتان جي عورتن ۾ شعور نه هوندو تيسيتائين ماهيگيرن جي جدوجهد
سگهاري نه ٿي سگهندي، ۽ جڏهن جدوجهد به حڪومتي ايجنسين خلاف هجي ته ان ۾ ثابت قدم
رهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه هوندي آهي. ان ڳالھ جي گواهي تاريخ به ڏيندي ته جڏهن
بدين جي پيڙهيل عورتن حڪومتي ڪارندن جي غلط روين ۽ پاليسين خلاف طاهره علي شاھ جي
اڳواڻيءَ ۾ جدوجهد ۾ شموليت اختيار ڪئي ته سنڌ جا حاڪم وقت به ان تحريڪ اڳيان هٿيار
ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ بدين سميت سڄي سنڌ جي قدرتي مڇيءَ جي ذخيرن تي ماهيگيرن
جو حق تسليم ڪيو ويو.
منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اهي عڪس
اڃا به صاف چٽيل آهن جڏهن آگسٽ 2013ع ۾ مون فشرفوڪ فورم جي ابراهيم حيدري ۾ واقع
آفيس منجهھ پير پاتو هو ۽ منهنجي ملاقات فشر فوڪ جي ٻين عهديدارن سان گڏ طاهره علي
شاھ سان ٿي. مختصر ۽ رسمي گڏجاڻي کانپوءِ مونکي طاهره علي شاھ آفيس جي هڪ ڪيبن ۾ وٺي
اچي چيو ته هاڻي هي توهان جي آفيس آهي، ۽ ها ڪنهن به ڪم ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش اچي
ته مونکي ٻڌائجان ۽ فيلڊ ۾ تو سان گڏ آءٌ هلنديس ته جيئن توکي هتي ماڻهن سان ملڻ ۽
ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. پهرئين ئي ڏينهن تنظيم جي هڪ نهايت ئي سينيئر عهديدار جو اهڙو
پيار ڀريو رويو ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ڪيم ۽ ائين ڀانيم ته ڄڻ ڪنهن اداري ۾ نه
پرپنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ هجان. جيڪي وسوسا ۽ خدشا هن اداري بابت ذهن ۾ هئا سي هڪدم
ختم ٿي ويا ۽ مونکي ڪافي اعتماد حاصل ٿيو. اها منهنجي جيجي طاهره علي شاھ سان
پهرئين ملاقات هئي ۽ پوءِ ابراهيم حيدري کان ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ تائين ڪيترا ڀيرا
هو فيلڊ ۾ به مونسان هڪ شفيق ۽ نهايت ئي ويجهي دوست وانگر هلندي هئي.
طاهره علي شاھ هڪ شفيق ماءُ
وانگر ابراهيم حيدري جي نوجوانن کي سمجهائيندي هئي ۽ نوجوان نسل لاءِ کيس تمام گهڻو
فڪر هوندو هو، ته اهي اڳتي وڌن ۽ سماج کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پر جڏهن
به هو ميڊيا تي ياڪنهن ريلي ۽ جلسي دوران حڪمرانن سان مخاطب ٿيندي هئي ته هڪ بهادر
۽ بيباڪ اڳواڻ وانگر. ان جي دليري جو هڪ مثال اهو به آهي ته جڏهن رينجرز چشما ڳوٺ
جي قبرستان تي قبضو ڪيو هو ته انهن جي اڏيل ديوار ڊهرائڻ ۽ رينجرز جي سامهون بيهي
للڪارڻ واري به واحد عورت طاهر علي شاھ هئي. جنهن جي همت ۽ بهادري ڏسي چشما ڳوٺ جي
ماڻهن ۾ حوصلو پيدا ٿيو ۽ انهن گڏجي رينجرز کي اتان قبضو ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
مهاتما گانڌي جي قول ”توهان اهڙا
ماڻهو ٿي ڏيکاريو جيئن توهان ٻين کي ڏسڻ چاهيو ٿا“ تي طاهره عليءَ کي مون پنهنجي
زندگيءَ ۾ عمل پيرا ڏٺو. جڏهن به تحريڪ جو نئون عمل شروع ٿيندو هو ته شهيدِ سنڌو
درياءَ چوندي هئي ته ان جي شروعات آءٌ پنهنجي گهر ڀاتين کان ڪنديس، ۽ هو ان تي عمل
به ڪندي هئي. هڪڙي ٻي ڳالھ جيڪا مون کي چڱي طرح ياد آهي ته مون جيجي طاهره کان
سندس پسند جي باري ۾ پڇيو هو ته پاڻ مسڪرائيندي جواب ڏنائين ته ”ڪجھ به نه. ڇاڪاڻ
ته اسان جون ماهيگير عورتون بک ۽ بدحالي ۾ زندگي گهارين ٿيون، اسان جون نياڻيون
پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ دربدر آهن ۽ انهن جي ضروري آسائشن کان وڌيڪ مونکي پنهنجي
ذات لاءِ ڪجھ به پسند نه آهي.“
هي سٽون لکڻ مهل منهنجي ذهن تي
هي شعر تري آيو جيڪو طاهره علي شاھ جي محنتن جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪري ٿو.
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي
پر ايئن نه مرندا سين ساٿي
ڪا آڳ لڳائي وينداسين
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين
پنهنجي جدوجهد جي دوران طاهره
علي سوين عورتن کي شعور ڏنو ۽ انهن ۾ اها صلاحيت پيدا ڪئي ته هو پنهنجي مسئلن تي
آواز اٿاري سگهن. طاهره علي شاھ سنڌ جي ملاحن عورتن ۾ شعور جي اهڙي چڻنگ ٻاري وئي
آهي جيڪا هڪ ڏينهن ضرور ڀڀڙ بڻجي اهڙو ٻارڻ ٻاريندي جنهن آڏو ڪو به جاگيردار، وڏيرو
يا ظالم ٺيڪيدار جٽاءُ نه ڪري سگهندو. طاهره علي شاھ سادگي پسند، با همت ۽ باعمل اڳواڻ
هئي جنهن کي سنڌ جي ماهيگيرعورتن جي محرومين جو چڱي ريت اندازو هو. انهن عورتن کي
سماجي برابري ڏيارڻ ۽ کين بااختيار ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي حياتي جي آخري سالن ۾ نوري
فائونڊيشن جو بنياد رکيو هو، پر جيسيتائين اها نوري نماڻي پنهنجي جوڀن تي رسي ۽
ساحلي پٽيءَ جي پيڙهيل عورت جو آواز بڻجي اڀري ها، انهن کي هڪڙي فورم تي ميڙي مُٺ ڪري،
شعور ۽ ساڃاھ جا سبق سيکاري ها، تنهن کان اڳ ۾ ئي سنڌو درياءَ جي بحالي واري فشرفوڪ
جي جدوجهد جي دوران 10 مارچ 2015ع تي سنڌ
جي هيءَ دلير اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ پنهنجي اکين ۾ سنڌ اندرخوشحاليءَ جا اڌورا ارمان
کڻي اسان کان وڇڙي وئي.
اڄ به ڪراچي کان ڪشمور تائين
جون ماهيگير عورتون انهيءَ آس ۾ آهن ته طاهره علي شاھ ڪنهن ٻئي روپ ۾ ضرور انهن وٽ
ايندي ۽ پيار ۽ پاٻوھ وچان انهن جا درد ونڊيندي، سندس زخمن تي پها رکندي ۽ انهن جي
حقن جي حاصلات لاءِ حڪومتي ايوانن ۾ انهن جو آواز بڻجي گونجندي.
No comments:
راءِ ڏيندا