طاهره علي شاھ
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي..!
اياز سومرو
سنڌ ڌرتي جي ڪُک مان سدا کان
سرويچ ۽ سٻاجها ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي ڀٽائي
سرڪار جي هنن سٽن ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ کي ساڀيان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ سنڌ کي سُڪار بڻائڻ لاءِ وطن تان وارجي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويا.
اهڙن ئي امر ڪردارن منجهان هڪ نالو ايڪويهين صديءَ جي ان مهان عورت جو به آهي جنهن
کي سنڌ جا مسڪين ماروئڙا (خاص ڪري ساحلي پٽي جا ماهيگير ۽ هاري) سڪ ۽ اُڪير منجهان
ڪڏهن امي ته ڪڏهن جيجي جي نالي سان پُڪاريندا هئا، پر ان جي مسلسل جدوجهد ۽ انهيءَ
جدوجهد جي راھ ۾ پنهنجي زندگي جي نذراني ڏيڻ جي مڃتا طوراڄ کيس کي ”شهيدِ سنڌو
درياءَ“ جي لقب سان ياد ڪن ٿا.