پروفيسر محمد عمر منڱريو
ھڪ علمي اڪابر جي الوداع
عبدالرؤف سومرو
مونکي
ياد ٿو پوي ته اھو اسانجي انٽر ڪلاس جو عمرڪوٽ ڪاليج ۾ آخري سال ھو جڏھن پروفيسر
محمد عمر منڱريو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو پرنسپال مقرر ٿي آيو ھو. کيس
تدريسي توڙي انتظامي اسڪلز تي وڏي گرفت ھئي پر مونکي منجھس وڌيڪ متاثر ڪندڙ پھلو
محسوس ٿيو اھو ڪلاس ۾ علم ڪيميا جي مضمون پڙھائڻ جو ڏاھپ ڀريو سھل ۽ دلڪش ڏانء. سو ذھني ضعيف شاگرد به سندن
ليڪچر مان ڪجھ نه ڪجھ ھڙ حاصل ڪري ئي روانا ٿيندا ھئا. گذريل آچر ڏھاڙي اھو املھ
انسان فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو۔ عمرڪوٽ جي سرزمين هڪ معزز، علمي، ادبي ۽ سماجي
شخصيت، پروفيسر محمد عمر منڱريو صاحب کان محروم ٿي ويئي، جنھن پنهنجي سڄي زندگي
تعليم، تحقيق، تدريس ادب ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي۔ پروفيسر محمد
عمر ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل استاد به رھيو ته انتظامي حوالي سان مڃيل پرنسپال
پڻ، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ طور پاڻ بيشمار ڀٽڪيل انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ سنئين دڳ
لاتو. تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اعزاز ۽ لائيف ٽائيم
اچيومينٽ ايوارڊس به سندن کاتي ۾ آيا۔ تعليمدان ۽ ليکڪ محمد عمر ولد محمد سومار
منڱريو ۱۵ھين آگسٽ ۱۹۴۲ع تي ڳوٺ ولھيٽ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ
خانصاحب عطا محمد پلي ۽ پوء پرائمري اسڪول حبيب الله ساند مان حاصل ڪئي. ديني ۽
فارسي تعليم مدرسي مظھرالعلوم ولھيٽ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۶۰ع ڌاري عمرڪوٽ جي ھاء اسڪول ون مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪاري موري مان انٽر ۱۹۶۲ ۾ پاس
ڪيائين ۽ بي.ايس.سي ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري علم ڪيميا ۾ ۱۹۶۶ ۾
حاصل ڪئي. جنھن ڪاري موري جي ڪاليج مان
تعليمي سکيا جا سبق ورتا ھئا، خوشقسمتي سان ۱۹۶۷ ۾ ساڳئي ڪاري موري ڪاليج ۾ پھرين ليڪچرر پوء اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.
درس و تدريس جي دنيا ۾ پنھنجي خداداد علمي صلاحيتن سبب شھرت ۽ عزت ملي ته ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم المنائي ايسوسيئيشن بھترين استاد طور کيس شيلڊ ڏني
وئي. ڪاري موري ڪاليج کي ڪجھ وقت لاء ڇڏي اچي آبائي شھر عمرڪوٽ جي ڪاليج ۾ ۱۹۹۰ ڌاري پرنسپال مقرر ٿيو پر ۱۹۹۳ ۾ ٻيھر ڪاري موري ڪاليج بدلي ٿي ويو، جتي تدريسي عمل جو طويل سفر طئي ڪندي
۲۰۰۲ع ۾ ۲۰ھين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو.
پڙھڻ ۽
پڙھائڻ کانسواء ھن کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ترڻ ۾ دلچسپي رهي. ۱۹۹۵ع ۾ حيدرآباد بورڊ پاران اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڪيترائي ڀيرا ھيڊ
ايڪسٽرنل بہ رھيو. ان کانسواءِ نيشنل ڪريڪيولم ڪميٽي اسلام آباد لاءِ سنڌ طرفان ۱۹۷۲ع کان ۲۰۰۳ع تائين ميمبر رھيو. مطالعي جي
شوق سبب ھن پنھنجي گهر ، حيدرآباد ۾ ”حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا“ لائبريري پڻ قائم
ڪئي، جنھن ۾ ۱۵۰۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪتاب ۽ قلمي نسخا
موجود آھن. ان کانسواءِ لائبريري ۾ ميوزيم ڪارنر به قائم ٿيل آھي، جنھن ۾ يادگار
ثقافتي شيون محفوظ ڪيل آھن. سندس ڇپيل ادبي ۽ نصابي ڪتابن ۾: (۱) عوارف المعارف (ترجمو)، (۲) موتي
داڻا، (۳) مختصر سوانح حيات حضرت غوث
بھاءُالدين ذڪريا، (۴)
مختصر سوانح حيات حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا (اردو)، (۵) مختصر سوانح حيات شيخ الاسلام ابوالفتح حضرت رڪن الدين والعالم، (۶) مختصر سوانح حيات شيخ الاسلام حضرت صدرالدين عارف بالله والعالم، (۷) مختصر سوانح حيات حضرت مخدوم المخادم محمد سجاد حسين قريشي ۽ ٻيا انگريزي
۽ سنڌيءَ ۾ نصاب جا ڪجهه ڪتاب شامل آهن. کيس تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن
عيوض ڪافي سارا ايوارڊس مليا انھن ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري پاران اسپورٽس
ايوارڊ ۱۹۹۱ ۾، پرائز ڊسٽريبيوٽيشن ايوارڊ ۱۹۹۷ ۾ ماڻڪ موتي تنظيم ايوارڊ ۱۹۹۸ ۾،
گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري جي ۱۰۰ سالا
جشن تي مڃتا ايوارڊ ۲۰۰۱ ۾،
المنائي ائسوسيئيشن پاران ايڪسيلينس ايوارڊ ۲۰۰۱ع ۽ ۲۰۰۳ ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ پاران
مڃتا ايوارڊ ۲۰۰۲ ۾، آڪسفورڊ اسلامڪ سائنٽفڪ
اسڪول پاران مڃتا ايوارڊ ۲۰۰۵ ۾،
سمراه پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۲۰۰۹ ۾،
تعليم کاتي پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۲۰۱۲ ۾، فنڊامينٽل رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران ٽيلينٽ ايوارڊ ۲۰۲۰ ۾، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پاران گولڊن جوبلي ايوارڊ ۲۰۲۱ ۾ ۽ ۲۰۲۳ ۾، ٿر ايجوڪيشن فورم پاران
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۲۰۲۲ ۾،
عمرڪوٽ جو آواز پاران ادبي ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۲۰۲۳ ۾ ۽ آل سنڌ مڱريا ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۲۰۲۳ ۾ شامل آھن. تدريس ۽ تحقيق جي تانگھ کيس سدائين ھيئين ۾ ھرندي رھي اھو ئي
سبب ھو جو زندگي جي آخري ايامن ۾ به حيدرآباد ۾ سپيريئر ڪاليج جي نالي سان ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار ڪاليج هلائڻ سان گڏ، هڪ سماجي ڪارڪن طور ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۾
سرگرم رھيو پروفيسر محمد عمر منڱريو رڳو هڪ اعليٰ تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ منتظم ئي
نه، پر هڪ انتهائي درد دل رکندڙ سماجي شخصيت پڻ ھو تعليم جي شعبي ۾ ڏهاڪن تائين
خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ، پاڻ هميشه انسانيت جي ڀلائي ۽ سماجي خدمت جي ڪمن ۾
اڳڀرا رهيا پروفيسر صاحب پنهنجي ذاتي وسيلن سان ڪيترائي مفت ميڊيڪل ڪيمپ منعقد
ڪرائي هزارين مستحق مريضن کي علاج ۽ دوائن جون سهولتون فراهم ڪيون. ان کان علاوه
ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق خاندانن جي نياڻين جي شادين ۾ مالي سهائتا، گهريلو سامان ۽
ٻين ضرورتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ مختلف مسجدن، مدرسن ۽ فلاحي ادارن
لاءِ واٽر ٽينڪ، پاڻي جي سهولتن، تعميراتي ڪمن ۽ ٻين عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ پڻ
ڀرپور حصو وٺندا رهيا. سندن تعاون سان ڪيترن ئي مذهبي ۽ تعليمي ادارن کي بنيادي
سهولتون مهيا ٿيون آهن. ان کان علاوه پروفيسر محمد عمر منڱريو صاحب غريب، مسڪين ۽
ضرورت مند خاندانن ۾ راشن، ڪپڙا ۽ روزمره جي استعمال جون شيون فراهم ڪرڻ جي نيڪ
ڪمن ۾ پڻ سرگرم رهيو قدرتي آفتن، ڏکين حالتن ۽ معاشي تڪليفن جي وقت پاڻ هميشه
متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ڪوشان رھيو. سموري زندگي تدريسي فلاحي ۽ تخليقي خدمتون
سرانجام ڏيندڙ ٻه ڏينهن اڳ ساجھر وڃي پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو۔
جوڳيئڙا
جھان ۾ ھڪ نوري ٻيا ناري،
ٻري جن
ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر محمد عمر
مڱريو
سائين به وڃي مالڪ کي
پرتو.
جلال ڪوري
ناري
پٽ جي نيڪن جيڪي تھذيب ۽ ڪردار جون روايتون ۽ قدر تخليق ڪيا ھئا، سائين محمد عمر
مڱريو انھن جو خوبصورت مثال ھو.
سندس
والد محمد سومار مڱريو ڳوٺ ولھيٽ جو ھڪ حق حلال جي روزي ڪمائڻ وارو ھاري، مالوند ۽
ڀاڳيو ماڻھو ھو. ڀليون مينهيون ڌارڻ، چارڻ ۽ وارڻ سندس ڪل متاع ھو. ھي بنيادي طور
تي غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني عليه رحمة جي سھروري سلسلي سان لاڳاپيل رھيا آھن.
سائين محمد عمر جن بنيادي تعليم ناري پٽ جي قديم مدرسي ولھيٽ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ
ھاء اسڪول عمرڪوٽ مان ڪري انٽر وڃي ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.
سائين
جن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي ڪيمسٽري ڪري ورتي ھئي. تڏھن ميرپورخاص شگر
ملز نئين شروع ٿي ھئي. جتي ڪيمسٽ طور نوڪري جوائن ڪيائين. سٺ واري ڏھاڪي جا
ابتدائي سال ھئا. تڏھن ھڪڙي پاسي غربت ھئي، ٻئي پاسي نوڪريون ملڻ گھڻو مشڪل ھو.
کاروڙي چارڻ جي محمد محمد ابراهيم مڱريو کي خبر پئي ته سؤٽ عمر وڃي ڪيمسٽ طور
ميرپورخاص شگر ملز ۾ جوائن ڪيو آهي، سو سڌو شگر مل آيو ۽ چيائينس ته تو اڃان ايم
ايس سي ئي ڪونه ڪئي آھي. پھرين ايم ايس سي ڪر پوء جون ڳالھيون پوء سان. ائين محمد
عمر کان استعفي ڏياري اچي سنڌ يونيورسٽيء جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخل ڪيائين. جتي
پاڻ ايم ايس سي ۾ يونيورسٽي ٽاپ ڪيائين. ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر
سائين وڏل شاھ جھڙي بھترين استاد جي نگرانيءَ ۾ پي ايچ ڊي جي تياري ڪيائين. ھن جي Ph.d جي ٿيسز ۽ تجربن جا
سيمپل/پراڊڪٽ تيار ھئا. جن کي کڻي سائين وڏل شاھ ناروي ويا. اھي ڪيمسٽري جي تجربن
وارا سيمپل/ پراڊڪٽ اتي جمع ٿيا. سائين وڏل شاھ جي رھائش ڪنھن ھوٽل ۾ ھئي. چوڻ وارا چون ٿا ته اھي سائنسي تجربا ايڏا خطرناڪ
ھئا جو اسانکي ان ھوٽل مان سائين وڏل شاھ جو لاش مليو ۽ اھي سيمپل/پراڊڪٽ واپس
ڪونه مليا. ائين سائين وڏل شاھ جي وڇوڙي کان پوءِ سائين محمد عمر مڱرئي کي پي ايڇ
ڊي ئي وسري وئي.
پوء ۱۹۶۹ع
ڌاري سائين محمد عمر مڱريو گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ ڪيمسٽري جو ليڪچرر ٿيو. ۱۹۹۰ع
کان ۱۹۹۳ع تائين ڪجھ عرصو گورنمنٽ ڪاليج عمرڪوٽ ۾ پرنسپال به رھيو. وري واپس
گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري ويو. جتان ويھين گريڊ ۾ ۲۰۰۲ع ۾ رٽائر ٿيو. ھو سنڌ ٽيڪسٽ
بُڪ بورڊ ۾ ڪيمسٽري جي ماھر طور شامل رھيو. ھن شيخ شھاب الدين سھروريء جي مشھور
ڪتاب "عوارف المعارف" جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي.
سندس
خدمتن جي صلي ۾ کيس حڪومت پاڪستان پاران نشان امتياز ڏنو ويو.
صدر
حيدرآباد ۾ سندس سپيرئر سائنس ڪاليج مشھور آھي. جيڪو ھاڻي سندس فرزند جاويد حسين
(ايم ايس سي ڪمپيوٽر سائنس) سنڀالي ٿو. جڏھن ته سندس فرزند خالد حُسين ۽ طارق حسين
ٻئي ڊاڪٽر آھن.
رات
سائين جن پنھنجو جسماني چولو لاهي ڇڏيو ۽ وڃي مالڪ حقيقي سان ملاقي ٿيو.
الله
سائين رحمتون ڪريس.
(فيسبڪ
پوسٽ ۹ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي رکيل)
No comments:
راءِ ڏيندا