; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فيض محمد کوکر- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

24 August, 2026

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر

علم ڪيميا جو ڄاڻُو پروفيسر

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



ڪو وقت هو جو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بنھه ٿورڙا پي ايڇ ڊيءَ تائين اعلى تعليم يافته استاد ۽ محقق هوندا هئا. خاص ڪري سائنس جي شعبن ۾ ته ٿورڙا ئي ڊاڪٽريٽ ڪيل استاد هئا جيڪي سائنسي تحقيق جو لاڙو رکندڙ ۽ مقالا لکندڙ هئا. پاڪستان جي قيام کان اڳ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽيءَ جي آڳاٽن شعبن مان هڪَ، ڪيمسٽريءَ ۾ وري به تحقيقي رويا شروعاتي دور کان موجود رهيا آهن. ان شعبي ۾، ڪنگس ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊِي ڪيل ڊاڪٽر ايم. اي. قاضيءَ (۱۹۲۸-۱۹۹۹ع)، امپيريل ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سيد وڏل شاھه (۱۹۳۹-۱۹۷۵ع)، برمنگهم يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيل پروفيسر ايمريٽس ڊاڪٽر محمد يار کھاوڙ (جنم: ۱۹۴۸ع)، ڊاڪٽر تاج محمد جھانگير جھڙا هاڪارا سائنسدان ۽ پروفيسر پنھنجين تحقيقن کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن ۽ هنن ڪيمسٽريءَ ۾ ايڪسيلينس سينٽر جھڙا ادارا موجود ڪري ڏنا جتي بھترين کوجنا ٿئي ٿي. ڪيمسٽري شعبي جي ڪاوشن جو ئي نتيجو آهي جو اتان اهڙا شاگرد به ايم فل ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ماڻي نڪتا، جن اڳتي هلي، سنڌ جي ڪاليج کاتي ۾ هڪ استاد ۽ محقق طور پنھنجي سڃاڻ ۽ ناموري پيدا ڪئي. اهڙن اعلى تعليم يافته سنڌي فردن ۾ ڊاڪٽر فيض محمد کوکر به شامل آهي، جيڪو نه صرف مقامي طور تي هڪ لائق استاد آهي، پر بين الاقوامي طور تي، تحقيق جي دنيا ۾ پنھنجو نانءُ ٺاهي چڪو آهي. هن نه صرف ڪيترائي سائنسي مقالا لکيا آهن، پر گهڻن ئي تحقيقي سائنسي جرنلن جي ’رِوِيو ڪاميٽين‘ جو ميمبر پڻ آهي.


فيض محمد ولد امير بخش کوکر ۶ ڊسمبر ۱۹۷۲ع تي، ڳوٺ ڪَرُونڊِي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هُن ابتدائي تعليم ۱۹۸۲ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪَرُونڊِيءَ مان، مئٽرڪ سائنس گروپ ۾ ۱۹۸۷ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪَرُونڊِيءَ مان ۽ انٽر پري انجنيئرڱ ۾ ۱۹۸۹ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. ان بعد هُو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري آيو، جتي گريجوئيشن (بي ايس سي آنرز) ڪيمسٽريءَ ۾ ۱۹۹۴ع ۾ ۽ نامياتي ڪيميا (آرگينڪ ڪيمسٽري) ۾ ايم ايس سي (آنرز) ۱۹۹۶ع ۾، ڊاڪٽر ايم اي قاضي اسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽريءَ مان مڪمل ڪئي. هُن ڊاڪٽر تاج محمد جھانگير ۽ ڊاڪٽر محمد يار کھاوڙ جي رهنمائيءَ هيٺ، ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ۲۰۲۲ع ۾، انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ ريسرچ اسٽڊيز اِن ڪيميڪل سائنسز/هاءِ ٽيڪ سينٽرل رسورس ليباريٽريز، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان مڪمل ڪئي. سندس ٿيسز جو عنوان هن ريت آهي:

“Spectrophotometric and High-Performance Liquid Chromatographic Determination of Metal Ions Using Different Phenyl thiosemicarbazones as Derivatizing Reagents”

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر عملي زندگيءَ جي شروعات ڪندي، پنھنجي شھر ڪَرونڊيءَ ۾ قائم ٿيل نئين ڪاليج ۾، اعزازي ليڪچرار طور آگسٽ ۱۹۹۶ع کان مئي ۱۹۹۷ع تائين پڙهايو. ان بعد ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪيمسٽريءَ جي ليڪچرار طور آگسٽ ۱۹۹۷ع کان ڊسمبر ۱۹۹۸ع تائين پڙهايو، جنھن کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري، ڄامشوري ۾ ڪيمسٽريءَ جي ليڪچرار طور جنوري ۱۹۹۹ع کان جونِ ۲۰۰۰ع تائين پڙهايو. ان دوران ۲۰۰۰ع ۾ سندس چونڊ جونئر سائنٽيفڪ آفيسر طور پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽيريل ريسرچ ۾ ٿِي، پر هُن اتي جوائن نه ڪيو. ان بدران هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ ڪاليج ڊپارٽمينٽ جي انتظام هيٺ، ڪيمسٽريءَ جي ليڪچرار طور گورنمينٽ بوائز ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ مقرر ٿيو، جنھن بعد آڪٽوبر ۲۰۱۵ع کان اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي، اول گورنمينٽ بوائز ڪاليج ٽنڊي الھيار ۾ ۽ پوءِ گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. هُو مارچ ۲۰۲۳ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻڻ کان پوءِ علي بابا گورنمينٽ بوائز ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ استاد طور پڙهائي رهيو آهي. سڄيءَ تدريسي ڪيرئر دوران ڊاڪٽر فيض محمد کوکر جي خاص خوبي رهي آهي ته هُن هميشه پنھنجيءَ پوريءَ وابستگيءَ سان شاگردن کي چاھه ۽ بھترين طريقي سان ڪيمسٽريءَ جو مضمون پڙهايو آهي، جڏهن ته ليباريٽريءَ ۾ پريڪٽيڪل ورڪ پڻ دلچسپيءَ سان ڪرايو آهي.

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر پنھنجن تحقيقي تجربن ۾ جنھن سامان کي عام طور ڪتب آندو آهي تنھن ۾ الٽرا وايوليٽ وزيبل اسپيڪٽروميٽر، ايڇ پي ايل سِي آٽوميٽڪ سارپشن اينالائيزر، فليم آٽوميٽڪ ايبزارپشن اسپيڪٽروميٽر، اليڪٽروڪيميڪل ورڪ اسٽيشن ۽ پِي ايڇ ميٽر شامل آهي. جڏهن ته سندس تحقيقي موضوعن ۾ نامياتي ڪيميا، تجزياتي ڪيميا، حياتياتي ڪيميا، اسپيڪٽرواسڪوپي، ڌاتو، اينٽي سِس-پلاٽن ڪينسر انجيڪشن مان پلاٽينم (II) جو تجزيو، ڪينسر ورتل مريضن جي بلڊ سيريم ۽ پيشاب جي نمونن مان پلاٽينم (II) جو تجزيو، مختلف دوائن جھڙوڪ: سربيڪس-زيڊ، فيفول وِٽ، پوليبيان-زيڊ ۾ لوھه ۽ زِنڪ جو تجزيو، ڀاڄين جھڙوڪ: پٽاٽن، گجر، مٽرن، ونگيءَ ۾ ٽامي ۽ ڪوبالٽ جو تجزيو وغيره شامل آهن. انهن موضوعن تي ڊاڪٽر فيض محمد کوکر جا مختلف محققن سان گڏجي لکيل ۱۷ عدد سائنسي مقالا قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هيٺ انهن مان ڪجهه مقالن جا عنوان لکجن ٿا:

1. Spatial Variability and Hydro chemical Quality of Groundwater of Hyderabad Rural, Sindh, Pakistan

2. The utilization of okra leaves as an agricultural waste for the removal of As(III) and As(V)

3. Analysis of platinum-based anticancer injections cisplatin and carboplatin in blood serum and urine of cancer patients by photometry, fluorometry, liquid chromatography using a Schiff-base as derivatizing reagent

4. High-performance liquid chromatographic separation of platinum (II), gold (III), vanadium (IV), vanadium(V), molybdenum (VI) and analysis of cisplatin as platinum (II) in cis-plasol injection, urine, and blood serum using pyridoxal-4-phenyl-3-thiosemicarbazone as complexing reagent

5. Spectrophotometric and liquid chromatographic determination of Zn (II), Ni (II), Fe (II), Co (II), and Cu(II) as metal chelates from vegetable and pharmaceutical samples using 3-hydroxy-5-(hydroxymethyl)-2-methyl-4-pyridinecarboxaldehyde-4-phenyl-3-thiosemicarbazone as derivatizing reagent

6. Spectrophotometric and Fluorometric Studies of cobalt(II), zinc(II), nickel(II), iron(II) and copper (II) of Pyruvic acid 4-phenyl-3-thiosemicarbazone

7. Attributing rainfall and drought variability across climate vulnerable area of Pakistan: Perspective from different satellite and ground‐based datasets

ڊاڪٽر فيض محمد جو هڪ ٻيو اهم ڪم مختلف تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندڙ مقالن جو ڇپجڻ کان اڳ جائزو وٺي منظوري ڏيڻ آهي، گڏوگڏ هو مختلف جرنلن جي ايڊيٽوريل بورڊن جو ميمبر پڻ آهي. انهن علمي سرگرمين کان سواءِ هُو عملي طور مختلف ڪانفرنسون اٽينڊ ڪندو ۽ انهن ۾ پريزنٽيشنز پيش ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته ڪيئي سائنسي ورڪشاپن ۽ ٽريننگن ۾ آنلائن ۽ روبرو پڻ شريڪ ٿي چڪو آهي. سندس مستقل رهائش حيدرآباد ۾ آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ جولاءِ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا