; سنڌي شخصيتون: January 2014

26 January, 2014

حضرت مخدوم فاضل شاهه ملتاني - مراد علي شاهه بڪيرائي

حضرت مخدوم فاضل شاهه ملتاني رح
سنڌ ۾غوث پوٽن جي گاديءَ جو باني ۽ ڪامل ولي
مراد علي شاهه بڪيرائي
ملتان سان سنڌ جو تاريخي لاڳاپو رهيو آهي. جنهن جو هڪ مکيه ڪارڻ ملتان جي بزرگن سان سنڌ واسين جي محبت ۽ عقيدت مندي به رهيو آهي. تاريخ جي ورقن ۾ ملتان کي آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو ئي هڪ ڀاڱو ڄاڻايو ويو آهي، پر سنڌين جي ملتان جي بزرگن سان محبت جو ڪارڻ زمين جي حد بندي ڪڏهن به نه رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ جڏهن ملتان سنڌ جي حدن کان ٻاهر آهي تڏهن به اهو سنڌين جي دلين جي حدن کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. ملتان جي بزرگن سان سنڌين جي محبت ۽ سنڌين جي ملتان جي بزرگن سان محبت ۽ عقيدت ئي اهو هڪ مکيه ڪارڻ هو. اهي ملتاني بزرگ نه رڳو پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي وسندين ۾ دين جي تبليغ ۽ ماڻهن کي نئين واٽ تي هلڻ جون هدايتون ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا رهيا، ته سنڌي به فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن هلي ويندا رهيا ۽ کانئن دعائون وٺندا رهيا. ان ۾ نه رڳو سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا هزارين ماڻهو اڄ به حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا جا وڏا عقيدت مند ۽ مريد آهن، پر سنڌ جي تاريخي شهر بڪيرا شريف ۾ ان ئي غوثيه ڪٽنب جي گادي موجود آهي. جنهن ڪري ئي بڪيرا شريف کي ملتان ثاني يعني ٻيو ملتان به ڪوٺيو وڃي ٿو. بڪيرا شريف ۾ غوثيه ڪٽنب جي اها گادي مخدوم فاضل شاهه ملتانيءَ جي اچڻ کان پوءِ قائم ٿي.

22 January, 2014

استاد ظفر علي

استاد ظفر علي
سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ موسيقار
هزارين گيتن جي موسيقي ڏيندڙ گواليار گهراڻي جي موسيقار ۽ راڳي استاد ظفر علي خان جي وڇوڙي کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آھن.
استاد ظفر علي خان مارچ ۱۹۴۳ع ڌاري ڪراچيءَ ۾، راڳي استاد قدرت الله خان جي گهر ۾ اک کولي.

شهيد آفتاب عالم شورو - خورشيد ٻگهيو

شهيد آفتاب عالم شورو
عزم ۽ جدوجهد
خورشيد ٻگهيو
جنهن پنهنجي آواز کي غريبن مسڪينن ۽ اٻوجهن جو آواز بڻائڻ ٿي گهريو، تنهن نوجوان کي پراين ڪلهن تي ڏٺو هو ۽ جڏهن اهو آواز شهر خاموشان ۾ هميشه لاءِ خاموش ڏٺو هو تڏهن ڀٽائي جو اهو بيت بي ساخته چپن تي آيو هو ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، ڪڏهن  منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“ ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ تي پنهنجي ارادن تي اٽل رهندي پنهنجي پنهنجي قائد شهيد ڀٽو جي پيروي ڪندي سندس فڪر ۽ فلسفي  تي جان قربان ڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. سندس دشمنن کيس ابدي خاموشي ڏيڻ چاهي هئي، پر هو سندس آواز کي گُهٽي نه سگهيا ۽ کيس ماري ته سگهيا هئا. پر ان ارڏي جوان  کي ڪوبه جهڪائي نه سگهيو هو.

21 January, 2014

غلام مصطفيٰ جتوئي - وحيد رزاق مستوئي

غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ نفيس شخص
وحيد رزاق مستوئي
پاڪستان جي سياست تي ڇانيل هڪ نفيس شخص رئيس غلام مصطفى خان جتوئي پڻ هو. پاڻ 14 آگسٽ 1931ع ۾ سنڌ جي هڪ سياسي گهراڻي خان بهادر غلام رسول خان جتوئي جي گهر ۾ اک کولي. رئيس غلام مصطفى خان جتوئي جن پاڻ ۾ چار ڀائر هئا پهرئين نمبر تي پاڻ مرحوم رئيس غلام مصطفى خان جتوئي، ٻئين نمبر تي مرحوم غلام مجتبى خان جتوئي، ٽئين نمبر تي مرحوم ڊاڪٽر عبدالغفار خان جتوئي ۽ چوٿين نمبر تي امام بخش خان جتوئي آهي. کيس 6 پٽ ۽ چار نياڻن جو اولاد آهي جن مان هڪ پٽ طارق مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو آهي باقي سوڳوارن ۾ 5 پٽ چار نياڻيون ۽ هڪ گهر واري آهن.

18 January, 2014

استاد بهار ٻرڙو - امر فياض

استاد بهار ٻرڙو
بهارن کان ئي وڇڙي ويل بهار
امر فياض
پراڻي ڳالهه آهي، ۱۹۸۸ع جي، جڏهن مان نوجوان ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئشن جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري هئس. تڏهن ميرپور ٻرڙي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. بابا ۽ چاچن جي صحبت ۾ گھڻو رهي، ڪتابن جو ڪيڙو هجڻ جي ڪري، ٿورو گھڻو سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلاسيڪل ادب تي جيڪو اَنَ لَپَ جيترو مطالعو هو، تنهن تحت مونکي ان ماڻهوءَ ۾ ڄڻ پورا خرار نظر آيا. مان سمجھي ويس ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو، ٻولي دان ئي نه پر ٻولي ساز به آهي. ترت ئي وري ٻي ملاقات اسان جي هڪ دلبر دوست جي گھر شڪارپور ۾ ساڻس ٿي. جنهن ۾ هن کُلي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي ڳالهايو. جنهن ۾ لطيفيات کان وٺي جديد دور جي شاعرن تائين هن انتهائي لطيف انداز ۾ ڳالهايو. مونکي اڄ به سندس هڪ جملو ياد آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”ٻولي بيٺل پاڻيءَ وانگر نه هوندي آهي، پر هلندڙ درياءُ آهي، جنهن ۾ انيڪ لفظ روز اچن ٿا، اسان صرف ايترو ڪريون جو انهن جي وَڍَ ٽُڪ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ انهن کي گھڙيون. اهو سوناري وارو ڪم به آهي ته لوهارن وارو به.“ ۽ مون ان برک ٻولي ساز بهار جي ڳالهه ڄڻ ته ڳنڍ ٻڌي ڇڏي.

نيلوفر جويو - محسن علي جويو

نيلوفر جويو
سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره
محسن علي جويو
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪاره سائين محمد ابراهيم جويي جي ڌِيءَ ۽ منهنجي امان, نيلوفر جويو ۲۷ ورهين تائين درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهي ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهي. توڻي جو ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ تمام گهڻي اگهي هئي، پر هن اسڪول وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائڻ وارو فرض باقاعدگيءَ سان نڀايو. امان نيلوفر جويو، سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ۽ ايم ايڊ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون.

علي خان جوڻيجو - نواز ڪنڀر

علي خان جوڻيجو
سانگهڙ جي ”پرنس“ جو وڇوڙو - هڪ دور جي پڄاڻي!
نواز ڪنڀر
هونئن ته سانگھڙ جا جوڻيجا، مختلف حوالن سان، سڄي سنڌ بلڪ ملڪ ۾ مشهور آهن پر انهن ۾ بڪار جا جوڻيجا، سياست ۽ زراعت کان علاوه خاص طور تي، اعلى تعليم يافته هجڻ ڪري، سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. جن ۾ خان بهادر محمد حيات ولد ڪريم داد جوڻيجي جي خاندان جو تعليم جي لحاظ سان، شروع کان وٺي اڄ تائين پوري ضلعي ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگھي،  جنهن جو سبب خود خان بهادر محمد حيات جوڻيجي جو تعليم جي اهميت کان ان وقت واقف هجڻ هو، جڏهن عام ماڻهن جو انهيءَ پاسي ڌيان ئي نه هو. خان بهادر انگريزن واري مارشل لا دوران ۱۹۴۲ع ڌاري نه صرف بڪار ۾ بلڪ ٻين به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايا، انهن اسڪولن جي شاگردن کي اسڪول ۽ تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ کين همٿائڻ لاءِ شاگردن ۽ استادن لاءِ پنهنجي زرعي اپت مان ’وِرو‘ به مقرر ڪيو. ان مارشل لا دؤر ۾ جڏهن هي علائقو ٻوڙيو ويو، تڏهن  تمام گھڻو آڳاٽو، چوپائي مال جي سانگي، ٺٽي واري پاسي کان هتي لڏي آيل جوڻيجا، مختلف پاسن ڏانهن لڏي ويا. ان وقت خان بهادر جو خاندان لڏي، لٽڪي موري ڀرسان، نئين ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. انهيءَ خاندان جي هڪ نهايت ئي تعليم يافته فرد، علي خان جوڻيجي، جڏهن ۱۱.۱۲.۱۳ تي (اها تاريخ به خود ڪيتري عجيب آهي) ڪراچيءَ ۾ آخري ساهه کنيا ته ڄڻ ضلعي سانگهڙ جي سياسي تاريخ سان گڏ، هن خاندان جي تاريخ جو به هڪ اهم باب پڄاڻيءَ تي پهتو.

رشيد صابر - مقصود گل

رشيد صابر
ساروڻين جي آئيني ۾
مقصود گل
شڪسپيئر هن دنيا کي هڪ وڏي اسٽيج ڪرار ڏيندي هر ماڻهوءَ کي هڪ فنڪار ڪوٺيو آهي. جيڪي هن دنيا يا زندگيءَ جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري پردي جي پويان اوجهل ٿي وڃن ٿا. ۽ انهيءَ پردي کي ٻين لفظن ۾ اسان موت به ڪوٺي سگهون ٿا.
اسان جا ڪيترا ئي، پرين پيارا، يار دوست ۽ عزيز اقارب به هن دنيا جي اسٽيج تي آيا، پنهنجي زندگي جون اهم ذميواريون نڀايائون. لکيا پڙهيا، گهميا ڦريا ۽ پنهنجي حصي جا ڪم ڪاريون اڪلائي. ڪيئي ڪم ڪاريون رٿون ۽ ارادا اڌ ۾ ڇڏي. پنهنجي مرضيءَ ۽ منشور کان سواءِ هي جهان ڇڏي اڻ ڏٺي جهان ڏي رڻ جا راهي بڻجي هليا ويا. ۽ اهڙا هليا ويا جو ويا ته وري نه موٽيا.

قاضي علي محمد - ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

قاضي علي محمد
ڏيپلي جو علم پرور ۽ ادب دوست
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
علم جي حوالي سان، سنڌ جو سونهري دور سمن جو ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ اهڙا ته عالم پيدا ٿيا، جن ننڍي کنڊ کان سواءِ ايران، افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. ان دور ۾ ’بوبڪ‘ شهر کي وڏو شرف حاصل هو، جو مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جهڙا عالم اتي پيدا ٿيا. بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڏکڻ ايشيا ۾ تعليم جي تدريس بابت پهريون ڪتاب مخدوم جعفر ’نهج التعلم‘ ۱۵۵۸ع ۾ لکيو. ان وقت يورپ ۾ تعليم جو ڪو به سرشتو قائم نه هو“. اصل ۾ اهو ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو نسخو هاڻي ناپيد آهي. ان کان پوءِ ڪنهن ان جو ترجمو ’حاصل النهج‘ جي نالي سان فارسي ۾ ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ۱۹۹۳ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان تعليمي  شعور جو اثر اهو ٿيو جو ۱۹۵۰ تائين بوبڪ ۽ ڀر پاسي (ٽلٽيءَ ۽ پاٽ) ۾ تعليم جو تناسب ۹۸ سيڪڙو هو. وقت جو وڏو فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ناليوارو محقق ۽ تعليمي ماهر شمس العلماءُ علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ان سر زمين جي پيداوار آهن. ان کان علاوه ارغونن جي ڏاڍاين سبب جيڪي عالم ۽ فاضل سنڌ ڇڏي ڪڇ، ڀڄ ۽ برهان پور ويا، تن اُتي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. تفصيل لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب ”برهان پور ڪي اولياء پڙهڻ گهرجي.

جوهر بروهي - محمد عثمان ميمڻ

جوهر بروهي
محمد عثمان ميمڻ
سنڌي ادبي کيتر ۾ جوهر بروهيءَ جو نانءُ سڀني کان نمايان آهي. هو پنهنجي سَٿ واري ٽهيءَ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. نهايت ئي مسڪيني حال ۾ رهندڙ جوهر بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم آهي. سندس جنم ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع تي پني عاقل جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٿريچاڻيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دور تفسير جا امتحان پاس ڪيل آهن.

هيبت خان مري - مير حسن مري

هيبت خان مري
تعليم جو ماهر ۽ هڪ آئيڊيل اُستاد
مير حسن مري/ ڀِٽ ڀائٽي
۱۹۳۵ع ڌاري، سانگهڙ ضلعي جي هڪ تمام پسمانده ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ هيبت خان مري جڏهن هوش سنڀاليو، ته کيس مال ۾ پهرايو ويو. پر سندس نصيب ان مهل پلٽو کاڌو، جڏهن مٿس تر جي مشهور زميندار حاجي محمد عثمان مري جي نظر پئي.

جلال چانڊيو


جلال چانڊيو
يڪتاري جو يڪتا ۽ يگانو عوامي فنڪار
ناصر قاضي

سهڻي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي شهر ڦل مان هڪ واءَ ۽ پڙلاءَ اهڙي ته گونجار ڪئي، جيڪا پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. سنڌ جي هن منفرد ۽ لوڪ فنڪار، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هن اهو سوچيو به نه هوندو ته هو پنهنجي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ ايتري مقبوليت ماڻيندو، جو سندس آواز جو پڙلاءُ جھر جهنگ ۾ گوجندو رهندو ۽ واقعي ٿيو به ائين جو يڪتاري جي يڪ تار تي آڱريون سوريندڙ اهو لوڪ ڳائڻو ’جلال چانڊئي‘ جي نانءَ سان  يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي جهان ۾ يڪتا ۽ يگانو بادشاهه فنڪار بڻجي ويو. کيس چڱي طرح خبر هوندي هئي ته عوام جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪبو آهي. هو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته هزارين پرستار پتنگن جيان پچڻ تيار ٿي ويندا هئا. هو جڏهن به وڏي واڪي ’ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو‘ يا ’اٿندي ويهندي حسن وارن جو منهن ڏسڻ ته ثواب آ‘ جهڙا ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين عاشق پنهنجون دليون هارائي ويهندا هئا.

فاضل راهو


ڪجهه يادون
طارق اشرف
فاضل راهو صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي هئي اهو ته ياد نه اٿم پر اها پڪ اٿم ته اها ملاقات رسول بخش پليجي صاحب وٽ ئي ٿي هئي. شايد ٻاهتر ٽيهتر ۾. جڏهن مونکي خبر پئي هئي ته فاضل زميندار آهي ته مونکي هيءَ نه وڻيو هو. ڇوته جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن جي متعلق جيڪو ٻڌو ۽ پڙهيو هيم، انهيءَ سبب زميندار جي نالي سان ئي مونکي چڙ هئي ۽ ڏسڻ ۾ به هو مونکي وڏو زميندار لڳو هو پنهنجي قد ڪاٺ جي ڪري.

عبدالغفور ڀرڳڙي - لياقت راڄپر

عبدالغفور ڀرڳڙي
سنڌ جي نامياري شخصيت
لياقت راڄپر
سنڌ جي سينيئر شخصيتن ۾ هڪ شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي آهي، جنهن زندگيءَ جا تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ اهو تجربو ۽ مشاهدو هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍو ڪم آيو. هن پنهنجي زندگيءَ جو محور سڄي عمر پڙهڻ جي چوڌاري رکيو آهي، پوءِ اهو قانون جي ڪتابن سان جڙيل هجي يا ادب سان. هو مزاج ۾ ماٺيڻو آهي، پر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪندو آهي ته پوءِ ان کي پورو ڪري پوءِ ئي ڇڏيندو آهي.
عبدالغفور ڀرڳڙي ۶ جنوري ۱۹۵۳ع تي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪميٽيءَ تي صدر طور ڪم شروع ڪيو. ان لاءِ هو اليڪشن ذريعي چونڊجي آيو، هيءَ اليڪشن ڊسمبر ۱۹۵۲ع تي پهريون ڀيرو آزاديءَ کان پوءِ ٿي هئي، هن قاضي فضل الله جي مدد سان ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ ڪافي سڌارا آندا. محمد ايوب کهڙو هن جو مخالف هيو، هن کي صدر ٺاهڻ ۾ مسز عطيق الزمان جو وڏو ساٿ رهيو، جيڪا پڻ ميونسپل ڪميٽيءَ جي ميبر هئي. ان کان علاوه بيگم خير النساءِ جيڪا هڪ سوشل ورڪر هئي، ان به قاضي فضل الله کي ڀرڳڙي لاءِ سفارس ڪئي هئي.

سائين جي ايم سيد - ممتاز علي وگهيو

سائين جي ايم سيد
سنڌ جو سائين
ممتاز علي وگهيو
هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙ ۾
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور
سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا (اياز)
سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.

17 January, 2014

مسڪين ملاح - مولائي ملاح

مسڪين ملاح
سنڌ جو قومي شاعر
مولائي ملاح
نه ڪنـﻫـن ماريا جنگ ۾، نه ڪي سور ٻُري،
روئــان ڪيـئن ڪــري، مــادر! مـلاحـن کـي!
(شاهه)
مئي مـﻫـيني جو سج سڄي ڏهاڙي جي مسافت کانپوءِ جڏهن، شام ڌاري ناز باغ جي گھاٽن، ساون ۽ ڊگھن وڻن جي چوٽين مٿان ڏيڙان ڏانـﻫـن جھانگارن جي جبلن پويان منڇر ۾ اُلـﻫـي رهيو هو ته؛ ان ويل پياري دوست رحم علي مڱڻـﻫـار مونکي اچي ٻڌايو ته: مولائي! تنـﻫـنجو مائٽ مسڪين ملاح ۽ سندس ڀاءُ پيربخش خيرپور کان شنوائيءَ تان موٽندي موروباءِ پاس تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. مون دانـﻫـن ڪندي چيو ته شال! اهو ڪوڙ هجي. آئون ماتمي ماحول ۾ تڪڙ ۾ جاءِ تان هيٺ اچي دوستن کان معلوم ڪرڻ لاءِ نڪران ٿو ته سامـﻫـون ايندڙ معشوق ڌاريجو ۽ علي دوست ملوکاڻيءَ جا وساڻل چـﻫـرا ڏسي معلوم ٿي وڃي ٿو ته: ها! اهو سڄ آهي. ان ويل منـﻫـنجي لبن تي سندس ئي شعر تري اچي ٿو ته:
حـادثـا هانـوَ ٽــوڙي هـليا ٿـا وڃـن،
پيو حياتيءَ ۾ ماڻـﻫـون چڪي ٿو گھڻو.

عبدالحميد خان جتوئي - ايم بي عرساڻي

خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي
سنڌ جي پارلياماني سياست جو روشن ستارو
ايم بي عرساڻي
ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي مرڻ بعد ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اهي هن دنيا ۾ آيا ئي نه هئا، پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي موت سان نه مرندا آهن، بلڪ اهي پنهنجن ڪارنامن ڪري هميشه ياد رکيا ويندا آهن اهڙن ماڻهن مان عبد الحميد خان جتوئي هڪ هو. عبدالحميد خا ن جتوئي ۱۹۲۲ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءِ ۾ جناب قادر بخش خان جتوئيءِ جي گهر جنم ورتو قادر بخش خان جتوئي ۽ سندس ڀائر ڪريم بخش خان ۽ ڌڻي بخش خان به بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. جڏهن ۱۹۳۱ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي کان توڙي دادو ضلع ٺاهيو ويو ته خان بهادر محمد پريل ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون پريزيدنٽ ۽ سائين جي ايم سيد پهريون وائيس پريزيڊنٽ بڻيو. جڏهن ته قادر بخش خان جتوئي ان جي پهرين ميمبرن ۾ شامل هيو. ان جي وڏن جي حيثيت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن انگريز سرڪار جي ڪوشش سان چانڊيه مگسي تڪرار جو نبيرو ٿيو ته چانڊين جي ڌر پاران جيڪي ۳ امين مقرر ٿيا هئا انهن ۾ ڌڻي بخش خان جتوئي به شامل هو. خان صاحب عبدالحميد خان جتوئي صرف ٻه درجا انگريزي تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ ۱۹۵۳ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ ۱۹۷۰ ع تائين مسلسل ڪامياب ٿيندو رهيو، سواءِ ۱۹۶۴ع وارين ٻن اليڪشن جي، جنهن ۾ سيد امير حيدر شاهه ڪامياب ٿيو (ان وقت دادو ۽ ڄامشورو ضلعو گڏ هئا ۽ انهن تي قومي اسيمبلي جي صرف هڪ سيٽ هوندي هئي). ٻيو دفعو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي وفاقي وزير بڻجڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪئي هئي ته ان جي ننڍي چونڊ ۾ سردار پير بخش ڀٽو ڪامياب ٿيو هو (ان زماني ۾ اهو قانون هو ته ڪو به اسيمبلي ميمبر وزير نه ٿي سگهندو هو) ۱۹۷۷ع ۾ ۱۹۷۳ع جي آئين تي صحيح نه ڪرڻ ڪري ڀٽي صاحب سان اختلاف ٿيڻ سبب اليڪشن ۾ نه بيٺو ۽ سندس وڏو پٽ لياقت علي ميهڙ ۽ خيرپور واري تڪ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو. ان بعد پ پ پ جو اميدوار حاجي ظفر علي خان لغاري ۱۹۸۸ع ۾ رفيق احمد مهيسر ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ ڪامياب ٿيا. ۱۹۷۷ ۾ وري پاڻ آخري دفعو اليڪشن لڙيو ۽ رفيق احمد مهيسر کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو. پر اڪثريٽ جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ ۴ مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين، هو ايڏو ته بيباڪ هو جو قومي اسيمبليءِ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان محمد خان جوڻيجو (وزير اعظم) کي شريف ماڻهو سمجهندو هيس پر هو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو، ۱۹۷۳ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت حڪمران کيس اهو چيو ته ۱۰ سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ آهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزير اعظم ب؟؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيوجنهن ڪري ارڙهين ترميم تحت ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي. خان صاحب رئيس محمد بخش جمالي، حاجي امير بخش جوڻيجو، سيد عبدالله شاهه، حاجي ظفر علي لغاري، رئيس پير محمد خان شاهاڻيءِ ۽ منير احمد چنه کي پهريون دفعو پ پ پ ٽڪيٽ ڏيارڻ ۽ مظهر حسين گهلو، سيد ڪوڙل شاهه، سيد محمد شاهه ۽ قاضي شفيق احمد مهيسر کي اسيمبلي ميمبر بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.

محمد حسين تُرڪ


محمد حسين تُرڪ
ماهر تعليم
سڀاڳي سنڌ سونَ ورني جُڳن کان نيڪ انسانن ۽ صوفين کي جنم ڏيندي ائي آهي، جن پنهنجو سمورو جيونُ انسانذات جي ڀلائي، ترقي ۽ انساني آجپي لاءِ ارپي ڇڏيو. اهڙن سدورن انسانن مان هڪ مرحوم محمد حسين تُرڪ جو نالو سنڌ جي ماڻهن کي هميشه ياد رهندو. مرحوم محمد حسين تُرڪ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هڪ هو. پاڻ بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گهڙو ۾ ۱۱ فيبروري ۱۹۱۶ع تي پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم آبائي ڳوٺ جي تاريخي مدرسي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ جو امتحان سن ۱۹۲۸ع ٽنڊي باگي هائي اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ انٽر سائنس جي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ وڃي نوڪري ڪيائون. انهيءَ سان گڏ پنهنجي تعليم به اڳتي جاري رکيائون ۽ BA جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائون ۽ MA اقتصاديات سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ۽ ۱۹۵۰ع ڌاريِ انڊسٽريل ڊولپمينٽ آف ڪراچي تي ٿيسس لکي ڏنائون.

15 January, 2014

مقيم ڪنڀار - دولت رام کتري

مقيم ڪنڀار
ٿر جي تاريخ جو نرالو ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو، جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سُڃاڻي ويندا هئا، ته مقيم ڪنڀار پيو اچي. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مقيم کي نه سڃاڻندو هجي. هرک جو اَڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪُلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي، جڏهن هو مٺيءَ جي گھٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي.

الطاف جوکيو - رضوان گل

الطاف جوکيو
نثر نگار، محقق
رضوان گل
• پورو نالو: الطاف حسين جوکيو
• پيءُ جو نالو: محبوب علي جوکيو. (سنڌي ادب ۽ تعليم سان وابسته)
• جنم: ۲۲ نومبر ۱۹۶۴ع، محراب پور ضلع نوشهرو فيروز.
• ميٽرڪ: ۱۹۸۰ع، گورنمنٽ هاءِ اسڪول محراب پور.
• تعليم: ايم اي (سنڌي) ۱۹۸۶ع، ايل ايل بي، بي ايڊ موجوده حالت ۾ پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن آهي ۽ فائينل سيمينار رهيل آهي.
• موضوع: ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس‘؛ هن کان اڳ ايم.فل ۾ ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جو اڀياس‘ هيو.

12 January, 2014

خورشيد قائمخاني - نظير ساهڙ

خورشيد قائمخاني
نظير ساهڙ/حيدرآباد
اڄ اُن شخص جو ذڪر ٿا ڪيون، جنهن هڪ ڀِيل ٻارڙي جي موتئي جهڙي مُرڪ کي جڳ جي سڀني متڀيدن کان پاڪ قرار ڏيندي، سندس پير چُمڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. ٿي سگهي ٿو ته، سندس ورسيءَ تي به ڪو عاليشان ميڙاڪو نه ٿئي، پر شايد ڪو ڀِيل يا ڪولهي ٻارڙو پنهنجي اُداس اکين ۾ لُڙڪن جي سوغات ساڻ ڪري عقيدت جا ٻه گل کڻي سندس قبر جي پيرانديءَ اچي بيهندو، ته اها ننڍڙي شڪايت ضرور اوريندو ته، ”چاچا خورشيد! تنهنجي روڳين ۽ رولاڪن لاءِ هِيءَ ڌرتي تنگ ٿي پئي آهي!“

دادا سنڌي - محمد قاسم سومرو

دادا سنڌي
سنڌ جي سرڪاري ادارن کان وسري ويل تاريخدان ۽ اُستاد
محمد قاسم سومرو/ڏهرڪي
سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ اديب، دادا سنڌي سنڌ جو مشهور تاريخدان ۽ اديب رهيو آهي. جنهن پنهنجي ۵۲ سالن جي  زندگيءَ ۾، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي ۱۵ ڇپيل ۽ ۲۵ اڻ ڇپيل ڪتاب ڏنا.
داداسنڌي جو مائٽاڻو نالو ڪريم بخش ھيو ۽ پاڻ ذات جو سومرو هيو.

07 January, 2014

ڏوڪري جيوئي - خالد ڪنڀار

ڏوڪري جيوئي
ٿر جو هڪ هڏ ڏوکي ڪردار
خالد ڪنڀار
ٻروچاڻو ٻار ته هئي. انهيءَ ڪري هن جي مِزاج ۾ اُهي ٻروچن واريون ارڏايون ۽ اونرايون به هيون. هن جي اندر ۾ اها همٿ به هئي. جنهن همٿ ۾ پنهنجي حق لاءِ اٽڪي پوڻ ۽ وڙهي وٺڻ واري سگهه هئي. انهيءَ حق ئي ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کي قادرداد رند سان اٽڪائي وڌو. قادرداد رند، ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کان ڪجهه پئسا اڌارا کنيان هئا، جيڪي موٽائي ڪو نه ڏنا هئا. اها ڳالهه ايتري پراڻي به ڪونهي. ڏوڪري جيوئي هي ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به ست اٺ سال جيئري هئي. تڏهن اڃا قادرداد رند ايڏو وڏو سرياد ڪو نه هو، جيڏو هينئر آهي. ٿي سگهي ٿو صمد ڪاڇيلي کان پوءِ سنڌ ۾ انبن جو وڏي ۾ وڏو باغ قادرداد جو ئي هجي. اهي پئسا نه ملڻ جي ڪري ڏوڪري جيوئي قادرداد تي ڪيس ڪري وڌو. اهو ڪيس ته ٿي ويو پر ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهو ڪيس ڪيترا سال ڪو نه هليو. ڏوڪري ڇا ڪيو جو ڏينهن ڏٺي جو ڏيئو ٻاري مٿي تي رکي سڌي هلي وئي ڪورٽ اندر. جج چيو؛ ”امان ڇا آهي؟“ هن ورندي ڏني؛ ”ابا! هتي ڏينهن ڏٺي جو اوندھ لڳي پئي آهي. انهيءَ ڪري ڏِيئو ٻاري کڻي آئي آهيان.“ پوءِ ڪيس هلڻ شروع ٿيو ته قادرداد ڏوڪري وٽ هلي آيو. چيائين؛ ”پئسا وٺ، ڪيس تان هٿ کڻ.“ تڏهن ڏوڪري چيو؛ ”ابا! پئسا هاڻ جج جي روبرو وٺنديس.“ پوءِ ڏوڪري جج جي روبرو پئسا ورتا. وري جو وقت ڦيرو ڏنو ته ڏوڪري جيوئي جي ئي ڏير شجاع محمد انهيءَ ئي قادرداد رند کي گهوڙي تي ڏوڪري جي موجوده قبر سان لڳو لڳ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ هينئر قادرداد جو انبن جو وڏو باغ آهي. انهيءَ شجاع محمد، اسحاق ميمڻ کي پوڻا ٽي سؤ ايڪڙ زمين چپ وڍيل اُٺ تي به ڏني هئي.

مامو احمد خان چانڊيو - وزير فرهاد سولنگي

مامو احمد خان چانڊيو
قومي تحريڪ جو اتساھ ڏيندڙ ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
مامو احمد خان به قومي تحريڪ جو اهڙو ئي هڪ ڪميٽيڊ ڪردار هيو. جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ماڻهن جي خوشحالي، ۽ جي ايم سيد جي نظريي سان وفا ڪندي گذاري. ڪامريڊ احمد خان قومي تحريڪ ۾ ان وقت شامل ٿيو جڏهن قومي تحريڪ ۾ بهترين ذهنن جي نشوو نما ڪئي ويندي هئي ۽ انهيءَ کيپ ۾ ڪامريڊ احمد خان جي تربيت ٿي جيڪو اڳتي هلي قومي تحريڪ جو بي مثال ڪردار بڻجي ويو.

انور پيرزادو

انور پيرزادو


انور پيرزادو؛ سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور  پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. تاريخ ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي.

فقير عبدالمجيد سيال - ناصر قاضي

فقير عبدالمجيد سيال
صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
اڄ جڏهن سنڌ چؤ طرف انتها پسنديءَ جي باهه ۾ پڄري رهي آهي، جڏهن مذهب جي آڙ ۾ حضرت انسان جو بيگناهه رت وهائڻ، وري انهن جي لاشن جي بيحرمتي ڪرڻ جهڙيون حرڪتون ورجايون وينديون رهن، تڏهن سنڌ صوفي ازم کي ياد ڪري روئي ويهي ٿي. جيڪو ديس صدين کان امن ۽ آشتيءَ جو گهوارو رهيو آهي، اڄ اهو ديس انتها پسنديءَ جي دز ۾ دٻيل آهي. انتها پسنديءَ جي اها دز سنڌ ۽ سنڌين جو ورثو هرگز ناهي، پر مذهب جي نام نهاد ٺيڪيدارن، سنڌ جي صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ اسان جي بزرگن توڙي ويراڳين جي تبليغ کي وساري، مذهبي انتها پسنديءَ هٿان ڪفر جي فتوى ڏئي منصور حلاج کان ڀوري ڀيل تائين جهڙا نه وڻندڙ واقعا برپا ڪيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي صوفي ازم وارو پکي انتها پسنديءَ جي صيادي حملي سبب پنهنجا رت ۾ لت پت پرڙا ساهي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙن صوفي درويشن جي ضرورت آهي، جيڪي ’فقير جي محبت، خدا جي محبت‘ جهڙا درس در در وڃي ڏين.

چاچا سلطان - ڊاڪٽر بختاور ڄام

چاچا سلطان
آئون جوڳي ٿي ايندس
ڊاڪٽر بختاور ڄام
مون جڏهن هوش سنڀاليو، خبر پئي ته اسان جو هڪ چاچو به آهي سلطان، جيڪو ٻاهرين ملڪ پڙهي رهيو آهي. 1976ع ۾ جڏهن چاچا سوويت يونين تعليم حاصل ڪرڻ ويو ته آئون صرف چند مهينن جي هيس. دراصل بابا جهڙي نموني پنهنجو پاڻ کي عوامي جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومت طرفان کيس بار بار گرفتار ڪرڻ، ملڪ خلاف غداريءَ جا الزام مڙهڻ ۽ قيد دوران تشدد ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڏاڏا سائين اهو فيصلو ڪيو ته سلطان کي ٻاهر موڪلجي ته جيئن هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهي. ٻيو هڪ دفعي تر جي چڱن مڙسن جي چرچ تي جن کي اڳ ئي ڏاڏا جي ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ ان لاءِ ذاتي هاسٽل کولرائڻ وارو عمل پسند نه هو، تن بابا جي خلاف حڪومتي سازشون ٿيندي ڏسي ڏاڏا جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي. پوليس اسان جي گهر اچي تلاشي ورتي، ظاهر آهي هڪ علم دوست ماستر جي گهران ڇا ملندو ثبوت طور؟ سو سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” پوليس کي مليو ۽ اهو کڻي وئي ۽ ڏاڏا کي چيو ويو ته توهان ضمانت جو بندوبست ڪريو، ڇو ته توهان تي هن ڪتاب جي مدد سان “ٿر ديش” ٺاهڻ جو الزام آهي. کيس اڳيان هلي ٿرپارڪر مان بدلي به انهيءَ کي بنياد بڻائي ڪيو ويو هو. اهي حالتون هيون جن جي ڪري ڏاڏا، چاچا سلطان کي ٻاهر موڪليو.

01 January, 2014

روشن جي - ناصر قاضي

روشن جي
سُريلو موسيقار ۽ ڪي بورڊ پليئر
ناصر قاضي
وقت جيڏو تيزيءَ سان گذري وڃي ٿو، ايڏي ئي تيزيءَ سان انسان جي اندر جا گھاوَ ۽ درد به ڀرجي وڃن ٿا. وڇوڙا، جدايون ۽ الائي ڇا ڇا وقت جي وهڪري ۾ لڙهيو وڃن ٿا. پر ڪي درد، ڪي وڇوڙا اهڙا به هوندا آهن، جن جو ازالو وقت به نه ڪري سگھندو آهي. جيتوڻيڪ هيءَ دنيا فاني آهي. ڪو ئي به هن دنيا، هن سنسار ۾ هميشه ناهي رهڻو. پر پوءِ به ڪي امر انسان، ڌرتيءَ واسين کان وڇڙي، اهڙو ته ڏک ڏئي ويندا آهن، جيڪو رهندي عمر تائين پيو اندر ۾ دکندو رهندو آهي. هر ڏينهن، هر پل، هر ويل ۽ هر سال نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون سگھاريون شخصيتون اسان کان وڇڙنديون رهن ٿيون. جيڏي وڏي دنيا آهي، جيڏو وسيع سنسار آهي، ايڏا ئي وڏا ۽ وسيع انسانن جي جدائيءَ جا درد آهن.