; سنڌي شخصيتون: مسڪين ملاح - مولائي ملاح

17 January, 2014

مسڪين ملاح - مولائي ملاح

مسڪين ملاح
سنڌ جو قومي شاعر
مولائي ملاح
نه ڪنـﻫـن ماريا جنگ ۾، نه ڪي سور ٻُري،
روئــان ڪيـئن ڪــري، مــادر! مـلاحـن کـي!
(شاهه)
مئي مـﻫـيني جو سج سڄي ڏهاڙي جي مسافت کانپوءِ جڏهن، شام ڌاري ناز باغ جي گھاٽن، ساون ۽ ڊگھن وڻن جي چوٽين مٿان ڏيڙان ڏانـﻫـن جھانگارن جي جبلن پويان منڇر ۾ اُلـﻫـي رهيو هو ته؛ ان ويل پياري دوست رحم علي مڱڻـﻫـار مونکي اچي ٻڌايو ته: مولائي! تنـﻫـنجو مائٽ مسڪين ملاح ۽ سندس ڀاءُ پيربخش خيرپور کان شنوائيءَ تان موٽندي موروباءِ پاس تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. مون دانـﻫـن ڪندي چيو ته شال! اهو ڪوڙ هجي. آئون ماتمي ماحول ۾ تڪڙ ۾ جاءِ تان هيٺ اچي دوستن کان معلوم ڪرڻ لاءِ نڪران ٿو ته سامـﻫـون ايندڙ معشوق ڌاريجو ۽ علي دوست ملوکاڻيءَ جا وساڻل چـﻫـرا ڏسي معلوم ٿي وڃي ٿو ته: ها! اهو سڄ آهي. ان ويل منـﻫـنجي لبن تي سندس ئي شعر تري اچي ٿو ته:
حـادثـا هانـوَ ٽــوڙي هـليا ٿـا وڃـن،
پيو حياتيءَ ۾ ماڻـﻫـون چڪي ٿو گھڻو.


اڄ به جڏهن مئي مـﻫـيني جي اها منحوس تاريخ اچي ٿي ته اسان جي دلين کي ڌوڏي وجھي ٿي؛ ۽ دل تي سندس يادن جا ڪيترائي بار پون ٿا. سندس ئي سٽ جيان ته:
جڏهن ياد اچين ٿو يار پرين،
تڏهن دل تي پون ٿا بار پرين.
مسڪين حاجي خان ملاح سنڌ جي انـﻫـن قومي شاعرن مان هڪ هيو جن ڌرتيءَ جي هر تڙپ کي دل جي درد جيان محسوس ڪيو. هو وطن جي ويرين سان ويـﻫـڻ بجاءِ، ساڻن ويڙهه وڙهڻ لاءِ قوم کي اُتساهيندو رهيو. هو پنـﻫـنجي علم، قلم جي سگھ وسيلي ديش دروهين جي رستا روڪ ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ ۾ وڏيرن، لٽيرن سان ويڙهاند واري سگھه، ڪوڙن ۽ مڪارن کان نفرت نمايان نظر اچي ٿي. سندس سوچ ۽ لوچ جو محور سدائين سنڌ رهيو، جئين سندس ئي شعر جون هي ڪجهھ سٽون آهن ته:
سوچن جي ڪري ذهن ۾ وڏي جنگ ڇڙي پئي،
آزادي  غـلامـيءَ سـان، گـويـا آهه لـڙي  پـئي،
مايوس ڏسي ديس کي، اي مسڪين اٿيا هون،
جــو ظلـم ۾ هـيءَ سنـڌ سـڄي آهه ڪــڙي پئـي.
هن جي نظر پنـﻫـنجن توڙي پراون تي هميشه رهي، هن بـﻫـادريءَ سان جيئڻ جو ڍنگ ۽ دشمن اڳيان سينو سپر ڪري هلڻ جو درس ڏنو. جئين سندس ئي شعرن جا هي بند آهن ته:
جتـي دم گھٽجـي فضا ۾ مـلاوت،
اجايو انـﻫـن خوچرن ۾ رهيا سين،
لڪا دشمنن کان ڪڏهن ڪين آهيون،
ڪئا ڪين آهيون، ٻرن ۾ لـڪاسين،
ڏکايو ته پنـﻫـنجن گھڻو ئي  اسان کي،
مـگر ڪـين ئي اوپـرن ۾ رهيـا سين.
سندس تعلق هيٺئين طبقي سان هيو انـﻫـيءَ ڪري ئي پنـﻫـنجو شاعراڻو تخلص به ’مسڪين رکيائين کيس غريب، هاري ۽ مزدور جي درد جو احساس هيو. اهو احساس حقييقي رنگ ۾ لفظن جي رومال ۾ ويڙهي هر ڪنـﻫـن کان لڪائڻ بجاءِ عام مخلوق کي وڏي واڪي ٻڌائڻ چاهيندو هيو. پاڻ هن طبقاتي نظام جي سخت خلاف هيو. هن جي من ۾ ظالم ۽ بي قياسن لاءِ ڪابه رعايت ڪانه هئي جئين پاڻ هن بند ۾ چيو اٿس ته:
خيـالـن ۾ گھـڻو ڦـيرو اچـي  هـاڻ ويـو آهـي،
اڳي ماڻـﻫـو وڏيري تي گھڻو قربان ٿيندا ها،
ظالمن جي لئه رعايت ڪا ٽڪي جي ڪانه آ،
بي  قياسن ظالمن لئه  اذيتون  پيدا  ڪيـو،
رئيس جـي تلقين آهـي اهـل ۽ اولاد کـي،
حق ناحق جون هجن پر ملڪيتون پيدا ڪريو.
سنڌ ڌرتيءَ لاءِ هر ماڻـﻫـوءَ، شاعر وٽ ان جو تصور الڳ آهي، پر اسان جڏهن مسڪين جي ڌرتيءَ سان عشق واري تصور کي ڏسئون ٿا ته هو هر ڪنـﻫـن کان الڳ ٿلڳ بيٺل نظر اچي ٿو. سندس اهڙو عشق هر ڪنـﻫـن جي من کي موهي وجھي ٿو ۽ بي ساخته اندر مان واهه ... واهه ... وا ... جا لفظ زبان تي تري اچن ٿا. جئين هي هڪ بند اٿس ته:
کوليم اکيون ته ڌرتيءَ هوا ساڻ ڳل چميا،
پوريان اکيون ته پنـﻫـنجي جيجل نظر اچي،
افلاق تي ڪو عظمت وڃي سنڌ جي ڏسي،
عيسى کي به پنـﻫـنجي پاتل ململ نظر اچي.
هي عشق جي راهه ۾ سرن جو سانگو لاهڻ وارن سرويچ عاشقن منجھان هو. هن عشق جي راهه تي پير رکڻ مـﻫـل هڪ پل لاءِ به مقتل کي نه وساريو. هن کي مقتل گاهه ۾ دردن جي شام ٿيڻ کانپوءِ اتان اڀرندڙ سکن جي سج اڀرڻ جو اوسيئڙو هيو. جيڪو هر آزاديءَ جي متوالي عاشق جو سپنو هوندو آهي جيڪو آزادي پسند قومن جو خواب هوندو آهي هن اهڙي مقتل  کي ماڻڻ جي ڳالـﻫـ هيئن ڪئي آهي ته:
جيڪي مقتل ٽپي ٿا پڄن يار ڏي،
تن لئه منزل ڏکي عشق جي ڪانه آ،
سر ڏنا جـن سـي سوڀـون به ماڻـي ويـا،
هـت اچـو يار مـنصـور پارا  اچـو.
هن کان جتي سنڌ جي سونـﻫـن، هاري، مزدور ناهي وسريو اتي هن کان سنڌ جو حَسين ٿر به ناهي وسريو. جنـﻫـن لاءِ چيو اٿس ته:
عجب پنڌ منـﻫـنجا عجب منـﻫـنجي چاهت،
سـدا سـوچ مـونـکي ٿـرن ۾ ڇــڪي وئـي.
هن پنـﻫـنجي هڪ طويل نظم ۾ پنـﻫـنجن جذبن جو اظـﻫـار ڏاڍي ڪڙي سچ واري انداز ۾ هيئن به ڪيو آهي ته:
هيڏا سارا ظلم سـﻫـي ٿي،
ڏکيا سکيا ڏينـﻫـن ڪٽي ٿي،
مارئي ڪوٽ ۾ دانـﻫـون ڪري ٿي،
آزاديءَ جي آس رکي ٿي،
بندش کي نه ڏسندا ماڻـﻫـون،
پنـﻫـنجي حق لاءِ وڙهندا ماڻـﻫـون.
هڪ نظم ۾ هيئن چيو اٿس ته:
اسان مان اسان جا ئي غدار آهن،
وڏيـرا حڪومـت جا ڪـمدار آهن،
پتنگ ٿي وڃـي يار پئون مـچ ۾،
اچي سنڌ پئي آ، ترارن جي وچ ۾،
ڏسي موت پٺتي هٽڻ ڪونه ٿيندو،
وڙهي چوٽ وياسين ٺـﻫـڻ ڪونه ٿيندو.
هڪ ٻئي نظم جو بند اٿس ته:
ديس اسانجو حاڪم ڌاريا،
تن سان گڏ جي ڪـﻫـڙو گھاريان،
يا ته مران يا تن کي ماريان،
سينو پنـﻫـنجي سنڌ جو ٺاريان،
منـﻫـنجي سڏ تي وڙهندا ماڻـﻫـون،
مسڪين ملاح کي اهڙن ماڻـﻫـن کان سخت نفرت رهي جيڪي ديش دروهين کي ديندار، نام نـﻫـاد ماڻـﻫـن کي امين ۽ رهزنن کي رهبر سمجھندا هيا. سندس شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي. هن سنڌي ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن جي اهنجن لاءِ پنـﻫـنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهر لوچيو.
هن اڪيلي سر قاضي احمد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجھڻ کان وٺي شـﻫـري اتحاد جو پڻ بنياد رکيو. جيڪي اڳتي هلي مفاد پرست سوچن جي ور چڙهي ٽٽي ويا. هي متحرڪ مزاج رکندڙ هيو هن کي اسان ڪڏهن به خاموش، مايوس نه ڏٺو. هي ڪردار جو اجرو ۽ دوستن تان ساهه صدقي ڪندڙ دوست هيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”درياءَ جي مستي“ سنڌ جي قومي  شاعرن ۽ ڪارڪنن لاءِ وڏو سرمايو آهي. سندس سڄي شاعري هئين ۾ هنڊائڻ ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جـﻫـڙي آهي.
سنڌ هميشه اهڙن امر شاعرن کي ياد ڪندي رهندي جيڪي سنڌ جي اڀ تي آزاديءَ جو جھنڊو لـﻫـرائڻ جا خواهشمند رهيا  آهن. مسڪين جـﻫـڙن قومي شاعرن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي، بشير جوکيو جي سٽ جيان ته:
ٻڌايو قربدارن کي اڃان مسڪين زنده آ،
سڏايو نيـﻫـن وارن کي اڃان مسڪين زنده آ،
اچي مـﻫـراڻ مستيءَ ۾ هڻي ڇوليون چيائين ٿي،

ٻنـﻫـين پنـﻫـنجي ڪنارن کي اڃان مسڪين زنده آ.

No comments:

راءِ ڏيندا