; سنڌي شخصيتون: الطاف جوکيو - رضوان گل

15 January, 2014

الطاف جوکيو - رضوان گل

الطاف جوکيو
نثر نگار، محقق
رضوان گل
• پورو نالو: الطاف حسين جوکيو
• پيءُ جو نالو: محبوب علي جوکيو. (سنڌي ادب ۽ تعليم سان وابسته)
• جنم: ۲۲ نومبر ۱۹۶۴ع، محراب پور ضلع نوشهرو فيروز.
• ميٽرڪ: ۱۹۸۰ع، گورنمنٽ هاءِ اسڪول محراب پور.
• تعليم: ايم اي (سنڌي) ۱۹۸۶ع، ايل ايل بي، بي ايڊ موجوده حالت ۾ پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن آهي ۽ فائينل سيمينار رهيل آهي.
• موضوع: ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس‘؛ هن کان اڳ ايم.فل ۾ ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جو اڀياس‘ هيو.


• وندر: ٻوليءَ ۽ گرامر جي نڪتن تي ڪم ڪرڻ. ان کان علاوه خطاطي: قرآن شريف جو قلمي قرآن لکيو ويو جنهن ۾ بسم الله جون مختلف ڊزائنون رکيون ويون آهن.
• پيشو: غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر (سنڌي) طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ جنوري ۱۹۸۶ع ۾ جونيئر هاءِ اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۵ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ ۱۹۹۷ع ۾ ليڪچرار ٿيو.
• ڪم:
• عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس- ٿيسز
۲۰ ڇپيل رسرچ پيپرز. مختلف تحقيقي جرنلن ۾: ’سنڌي ٻولي‘ پاران سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، ’ڪلاچي‘ پاران: ڪراچي يونيورسٽي، ’ڪارونجهر‘ پاران: وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي. سر ڪيڏارو وغيره. ان کان علاوه ادبي لحاظ کان ٻه ناٽڪ ڇپيل.
• اڻ ڇپيل مواد: ’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي پبلشنگ ڪاميٽيءَ جو پاس ڪيل؛ اشتقاقن جي لغت.
• سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي انفرميٽڪس ڪاميٽيءَ جو ميمبر
• آغا خان يونيورسٽيءَ جي اگزيمنيشن بورڊ جي پينل تي ميمبر، ٽرانسليٽر رهيو.

• ڊاڪٽر محبت ٻرڙو- ٻوليءَ جو ايوارڊ ۲۰۱۳ع حاصل ڪيل. 

No comments:

راءِ ڏيندا