محمد حسين تُرڪ
گھاٽي بَڙ جي ڇانوَ جهڙو
- ورسي جي مناسبت سان
محمد عابد ترڪ
مرحوم محمد حسين ترڪ
ولد محمد سليمان ترڪ، سنڌ جي هڪ پس مانده ۽ غريب علائقي لاڙ جي ڳوٺ گهڙو ضلعي بدين ۾ ۱۱ فيبروري ۱۹۱۶ ع بمطابق ۷ ربيع الثاني ۱۳۳۴هه بروز جمعي تي پيدا ٿيو هو. جيتوڻيڪ هو غريب هو، پر نهايت هوشمند
خاندان جو فرد هو. سال ۱۹۳۳ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنائون، ڇاڪاڻ جو ان وقت سنڌ ۾ ڪا
به يونيورسٽي ڪانه هوندي هئي. پنهنجي ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان پهريون نمبر آيو ۽ شايد
سنڌ مان ٻيو نمبر آيو هو، جنهن ڪري ترڪ صاحب کي اسڪالرشپ خود بخود ملي ويئي.مئٽرڪ
کان پوءِ ڪاليج هئا ڪونـ ، ڳوٺ گھڙو کان حيدرآباد ۱۰۰ ڪلوميٽر پري آهي، اتي هڪڙو ڪاليج، ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد
نالي هو. ترڪ صاحب ۴ جولاءِ ۱۹۳۳ع تي اچي ڪاليج جي پهرين سال ۾، ڊي
جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جي پڙهائي لڳ ڀڳ
۲۰ جولاءِ کان شروع ٿيندي هئي. اتي ششماهي امتحان ٿيو، جتي ڪن ڪمن ۾ پهريون ۽
ڪن ۾ ٻيو نمبر آيو. پهريون سال ۱۹۳۴ع ۾ پاس ڪري مرحوم محمد حسين ترڪ ڪراچي هليو ويو، ڇاڪاڻ
جو اُن وقت حيدرآباد واري ڪاليج ۾ انٽر سائنس جي پڙهائي ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري ڪراچيءَ
۾ ڊي جي. سنڌ ڪاليج ۾ انٽر سائنس ۾ داخلا ورتائون.
جڏهن ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج کليو، تڏهن انٽر ۾ نوڪريءَ
سان گڏ داخلا ورتائين . انهن ڏينهن حاضري ضروري هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو سنڌ مسلم ڪاليج
مسلمانن کي همٿائڻ لاءِ کليو هو ۽ نوڪريءَ وارن لاءِ به سهوليت رکي وئي هئي، تنهنڪري
ڪاليج صبح جو ۷ بجي کلندو هو، جنهنڪري ۴ ڪلاڪ ڪاليج ۾ ته ۷ ڪلاڪ نوڪريءَ ۾ گذاريندو هو ، اُن ڪري آرام لاءِ مشڪل سان ۴، ۵ ڪلاڪ ملندا هئا. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو
جو مرحوم تُرڪ صاحب جي صحت ڪِرندي وئي ۽ بي ـ اي جو امتحان جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ شروع ٿيو تڏهن هو بيمار ٿي پيو.
بيماريءَ جي حالت ۾
جيئن تيئن ڪري پيپر پورا ٿيا، بي اي پاس ڪيائين. اتي پنهنجي خرچ پکي لاءِ ڪراچي
پورٽ ٽرسٽ ۾ ڪلارڪيءَ جي نوڪريءَ ڪرڻ لڳو ۽ ان سان گڏ تعليم بـ حاصل ڪندو ر هيو.
ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪا بـ يونيورسٽي ڪانـ
هئي. سنڌ جا اهي ٿورا ڪي گھڻا ڪاليج بمبئي
يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو.
ايم اي:
سنڌ مسلم ڪاليج ۾
ايم اي جي پڙهائي ڪانه ٿيندي هئي، تنهنڪري اها پڙهائي محمد حسين ترڪ ڊي. جي سنڌ ڪاليج
۾ شروع ڪئي. ان وقت ايم اي امتحان جو وقت به اچي ويو، تنهنڪري ترڪ صاحب کي چيو ويو
ته پيپرن بدران ٿيسز لکي ڏي، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ ايم اي ٿيسز رستي به ٿيندي
هئي. بهرحال محمد حسين ترڪ پروفيسر ايم ايل قريشيءَ جي گائيڊنس ۾ انڊسٽرل ڊولپمينٽ
آف ڪراچي جي عنوان تي ٿيسز لکڻ جو ڪم شروع ڪيو. ٿيسز مارچ ۱۹۵۰ع ۾ پيش ڪئي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو
بنياد:
سنڌ، هندوستان جي
بمبئي يونيورسٽيءَ سان شامل هئي، تنهنڪري سنڌي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گھڻي
تڪليف ٿيندي هئي. انهي تڪليف کي ڏسي سائين جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش صديقي انهن ڏينهن
۾، ۴۶_۱۹۴۵ع آزاديءَ کان اڳ برٽش دؤر ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ بل
پاس ڪرايو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو
بنياد ۳ اپريل ۱۹۴۷ع تي پيو. ان وقت اي. بي. اي حليم پهريون وائيس چانسلر هو. پهريون رجسٽرار
آغا تاج محمد پٺاڻ (مرحوم) ۽ پهريون ڊپٽي رجسٽرار محمد حسين ترڪ مقرر ٿيا. تنهنڪري
اي. بي. اي حليم، آغا تاج محمد ۽ محمد حسين ترڪ باني هئا.
ڊپٽي رجسٽرار ۽ رجسٽرار:
کيس سنڌيونيورسٽي ڪراچي
ءَ جو پهريون ڊپٽي رجسٽرار مقررڪيو ويو . ۱۹۵۹ع ۾ جڏهن يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار آغا تاج
محمد وفات ڪئي تـ کين سندس جا ءِ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو.
سروس جو مدو:
مرحوم ترڪ صاحب
ساري ڄمار سروس ڪندو رهيو. ٿلهي ليکي ۲۲ سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ ۳ سال سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهيو. مرحوم مٿي ذڪر ڪيل
عهدن کان سواءِ ٻيون بـ سرڪاري خدمتون سرانجام ڏنيون. هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
هو، علامه آءِ آءِ قاضي سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري هو، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري
هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري هو ۽ ريڊڪراس جو به عهديدار
رهيو.
سنڌ جي تعليمي ترقيءَ
۾ ڪردار:
ترڪ صاحب مرحوم
جنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سروس ڪندو هو، ان زماني ۾ هن
سنڌ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون. جيئن: انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ
(جيڪو ترقي ماڻي هن وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشهور آهي). انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي قائم ڪرڻ ۾ تعاون. ماڊل اسڪول حيدرآباد قائم ڪرڻ ۾ تعاون. ۱۹۶۰ع ڌاري سنڌيونيورسٽي ڄامشوري شفٽ ٿيڻ شروع ٿي،
ته اتي ماڊل اسڪول ڄامشورو قائم ڪرڻ ۾ تعاون. سنڌ يونيوسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبا
قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ. لياقت ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ تعاون (هاڻي يونيورسٽي)
ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊوڄام قائم ڪرڻ ۾ تعاون (هاڻي يونيورسٽي) ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر ڪميٽي.
هالا شهر ۾ سروري اسلاميه ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ تعاون. دادو ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ تعاون.
لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج آف ڪامرس ۽ اڪنامڪس جي قائم ڪرڻ ۾ تعاون.کپري شهر ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾
تعاون.سکر جي وڏي ڪاليج، اسلاميه ڪاليج لاءِ چڱي خاصي (رقم جي) امداد منظور ڪرائڻ.سنڌ
جي سڀني هاءِ اسڪولن جو ڪوشش ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان الحاق ڪرائڻ ٽنڊي محمد
خان ۾ ڪاليج قائم ڪرائڻ ۾ تعاون .ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول لاءِ امداد گرانٽ منظور ڪرائڻ
۾ تعاون.
ڳوٺ گهڙي ۾ پرائمري
اسڪول، مڊل اسڪول، يونين ڪائونسل جي آفيس ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽر لاءِ پنهنجي مفت زمين ڏيڻ.
اهڙي نموني پيرو
لاشاريءَ کان ڪڙيو گهنور تائين روڊ ٺهرائڻ، ڳوٺ گهڙي کي بجلي ڏيارڻ، بجليءَ جو
شروعاتي ڪم پنهنجي ذاتي خرچ سان ڪرائڻ ۽ ويسٽرن مير ڊرين نالي منظور ڪرائڻ لاءِ وڏيون
ڪوششون ڪيائين.
مرحوم محمد حسين
تُرڪ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد جڏهن مهراڻ يونيورسٽي ٺهي، ته اُنهيءَ
نئين يونيورسٽيءَ جا قاعده قانون پاڻ ايڪسپرٽ جي حيثيت ۾ ڊرافٽ ڪيائون، جيڪي اڄ
تائين عمل ۾ آهن؛ ۽ يونيورسٽيءَ جي سڀني ڪميٽين مان پاس ڪيا ويا آهن.
مرحوم محمد حسين
تُرڪ پهريون عالم هو، جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن اقتصاديات جهڙي اهم موضوع
تي سنڌي ٻوليءَ ۾ قلم کنيو ۽ ڪتاب لکيا؛ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اقتصاديات تي ڪئين نوان
لفظ ۽ محاورا ٺاهيائون، جيڪي سندن ڪتابن ۾ آيا. ڇاڪاڻ ته علم اقتصاديات جا سنڌي ٻوليءَ
۾ لفظ موجود ڪونه هئا ۽ اهي اڄ تائين اقتصاديات جي علم ۾ استعمال ۾ آهن.
بدين ضلعي کي ٺاهڻ
۾ به محمد حسين تُرڪ جو مُک ڪردار رهيو آهي.
محمد موسيٰ جوکيو ڪتاب
”محمد حسين ترڪ گهاٽي بَڙ جي ڇانوَ“ جي هڪ مضمون “محمد حسين تُرڪ هڪ باغ بهار
شخصيت ”۾ لکي ٿو ته “محمد فاضل راهو سان گڏ
ترڪ صاحب سان انيڪ گڏجاڻيون ٿيون. اڄ ترڪ صاحب، راهو صاحب اسان سان گڏ موجود نه
آهن. آئون انهن گڏجاڻين ۾ موجود هوس ۽ اکين ڏٺو شاهد آهيان. ترڪ صاحب جا نيڪ
مشورا، صلاحون، تجويزون، پنهنجي سر ڪوششون، مددون، انهي جو ثمر جيڪو اسان جي اکين
اڳيان آهي. هزارين بي زمين جا هارين جا نالا ڏيڻ، واهن جون کاٽيون، ري ماڊلنگ، سڌارا،
روڊ، رستا، سم ناليون، اسڪول، انهي کان علاوه ٻيا به قومي ليول جا ڪم، سنڌ دشمنن
جا خوني ارادا خاڪ ۾ ملائڻ واري جدوجهد ۾ ترڪ صاحب محمد فاضل راهو ۽ ٻين محبِ وطن
ماڻهن سان هم رڪاب هو.
ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن
ڪوٽڙي بئراج جي ڪري گولاڙچي وارو پاسو سرسبز آباد ٿي ويو. تڏهن گولاڙچي جي ماڻهن
تعلقي ٽنڊومحمد خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا، گولاڙچي تعلقو بنايو
مهم شروع ٿي. انهيءَ جي شروعات ۾ محمد فاضل سان گڏ انهي مقصد جي حصول لاءِ محمد حسين
ترڪ صاحب سان ملاقات ٿي. هن صاحب چيو ته اها تڪليف اصل ۾ يونين ڪائونسل گهڙو ۽ ترائي
وارن کان سڀ کان وڌيڪ آهي. اڳ ۾ ميرن جون جاگيرون هيون، انهن پنهنجي مرضي سان
تعلقا ٺهرايا، پوءِ وري ون يونٽ هو، هاڻي ته نه جاگيرون آهن، نه وري ون يونٽ آهي،
انهيءَ ڪري گولاڙچي تعلقو ته ڀلي ٺهي پر انهي سان گڏ بدين کي ضلعو بنايو مطالبو
شامل ٿيڻ گهرجي. ڪاميٽي جو دائرو بدين ضلعي تائين وڌايو وڃي. ترڪ صاحب جي اها
تجويز معقول هئي. اهڙيون صلاحون ٻين دوستن کان به مليون. پوءِ بدين ضلعي جي مهم جو
آغاز ٿيو، جنهن جو نتيجو ۱۹۷۵ع ۾ نڪتو، بدين ضلعو ٿي ويو، ترڪ صاحب پنهنجي وس آهر
انهي قومي ڪم ۾ مڪمل ساٿ ڏنو”.
سنڌجي معاشرتي ترقي:
مير غلام محمد خان ٽالپر
جيڪا تعليمي جوت جڳائي، ان کي پايئـ تڪميل تي پهچائڻ ۾ جيڪو ڪردار مرحوم ڊاڪٽر
دائود پوٽي صاحب ۽ مرحوم محمد حسين تُرڪ صاحب ادا ڪيو، ڪاش! مستقبل ۾ به اهڙا ڪي
ماهي مڻيادار مخلص پيدا ٿين.
غريبن جي مدد ڪرڻ:
محمد حسين ترڪ جي
دؤر ۾ غريبن جي اسڪالرشپ ذريعي غريب ذهين شاگردن جي مدد ڪرڻ سندس سخاوت جو حصو
هوندو هو، جنهن ڪري خصوصاً لاڙ جي علائقي جا جيڪي به اڪثر پڙهيل لکيل نوجوان مختلف
عهدن تي فائز آهن، اهي اڪثر محمد حسين ترڪ جي ڪنهن نه ڪنهن مدد سان نظر ايندا.
حقدار هارين کي زمين
ڏيارڻ
بدين ضلعي جي هن
پسمانده لاڙ علائقي سان تعلق هجڻ جي نسبت سان ڪيترن ئي ماڻھن جي سماجي ڪمن ۾ هن
جون خدمتون رهيون. خصوصاً شهيد محمد فاضل راهو به محمد حسين ترڪ وٽ اچي هارين جي ڪمن
۽ ٻين اهم قومي مسئلن تي صلاح مشورا وٺندو هو ۽ هارين کي سرڪاري زمينون کڻت ڪرائي ڏيڻ
۾ پڻ محمد حسين ترڪ جون وڏيون محنتون ۽ ڪوششون سمايل آهن. جڏهن ته هڪ سرڪاري نوڪريءَ
۾ هوندي به پنهجي هن لاڙ علائقي جي ماڻھن کي جيڪي نوڪريون، تعليمي ڪمن ۽ ٻين مسئلن
سميت هر غريب ماڻھوءَ جي ڪم ايندڙ هيءُ عظيم انسان انهن جون دعائون کٽي ويو.
اندازاً ۱۹۴۶ع کان ۱۹۶۵ع تائين مرحوم محمد حسين ترڪ صاحب جي متعلق
اسان جي لاڙ جي ڪجھه ماڻھن مون (محمد عابد ترڪ) کي ٻڌايو ته سائين محمد حسين ترڪ
صاحب اسان مان هر هڪ کي ۵ روپيه ڏيندو هو، ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ.
ٽنڊو باگو ڪلب:
لاڙ جي ابي مرحوم
مير غلام محمد خان جي ڪم کي عملي طرح اڳتي وڌائڻ جو مظهر مرحوم محمد حسين ترڪ جن
هئا.
شايد ٿورن کي خبر
هوندي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ کان اڳ ۽ آزاديءَ کان به اڳ ۾ پاڻ لاڙ جي انهن غريب
شاگردن لاءِ جيڪي ميٽرڪ پاس ڪرڻ هو نوڪريءَ جي ڳولها ۾ ڪراچيءَ ايندا هئا ته انهن
لاءِ ”ٽنڊي باگي ڪلب“ نالي سان هڪ ڪلب قائم ڪيو. جتي انهن جي نوڪريءَ جي ڳولا سان
گڏ انهن جي رهائش خوراڪ جو مفت انتظام ڪندا هئا. ساڳيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ
حيدرآباد ۾ ته وڏي پيماني تي اهو ڪار خير جاري رکيو اهڙا ماڻھو سدا حيات آهن. شال
الله پاڪ سندن مٿان پنهنجي رحمت ۽ مغفرت جي نوازش جاري رکي ۽ کين اعليٰ علين ۾
جاءِ عطا فرماءِ. (آمين)
ترڪ صاحب جي ذاتي ڪوششن
۽ همدرديءَ ڪري ضلع بدين جا بيشمار نوجوان
تعليم حاصل ڪري، مختلف نوڪرين ۾ لڳا ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جهڙا ٿيا.
غلام مصطفيٰ چانگ
ماتلي جي روايت :
غلام مصطفيٰ چانگ
ماتلي جي روايت موجب: منهنجو چاچو مرحوم
شفيع محمد خان، مرحوم حاجي قادر بخش خان، مرحوم عبدالغفور وڪيل مرحوم محمد حسين ترڪ
۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل هئا. سنڌ به هڪ وڏي جماعت هئي انهن سڀني
جماعتون کي هندستان ۾ گھرايو ويو. انهن کي ٽريننگ جي بهاني گهرايو ويو هو. مرحوم
چاچا شفيع محمدڳالهه ڪندو هو ته هر هڪ صوبي جون جدا جدا بليٽن هوندي هئي. سنڌ جي
جماعت آخر ۾ هئي. تربيت دوران اُوچتو آڊر اچي ويو. هر هڪ جماعت کي هڪ قطار ۾
بيهاري گولي سان قطار کي اڏايو ويندو هو. چاچا چيو ته اسين اهو نظارو ڏسي رهيا هئا
سين جڏهن اسان جو وارو آيو ته گولي جو حڪم بند ڪيو ويو ۽ اسان جي بدن ۾ ساهه پيو
پوءِ اسان کي وڃي قيد ڪيو ويو. اڳتي ڇا ٿيو انجي ته خدا کي خبر آهي. هي پاڪستان
کان اڳ جي ڳالهه آهي. جو چاچا مرحوم ٻڌائي هئي.
تصنيفون :
ترڪ صاحب مرحوم
وقتاً فوقتاً مختلف عنوانن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو هو. ان کان علاوه سندس
مستقل ڪتاب بـ لکيل آهن جيئن: اقتصاديات جا ابتدائي اصول- (فرسٽ ايئر، انٽر ۽ بي
اي ڪلاس جي ڪورس ۾ داخل هو) جا چار ايڊيشن ڇپيا. اقتصاديات – چار ايڊيشن ڇپيل (فرسٽ
ايئر، انٽر ۽ بي اي ڪلاس جي ڪورس لاءِ). پاڪستان جا اقتصادي مسئلا- چار ايڊيشن ڇپيا
(فرسٽ ايئر، انٽر ۽ بي اي ڪلاس جي ڪورس مطابق). حيدرآباد جي اقتصادي تاريخ- (اردو
۽ انگريزي ايڊيشن ڇپيا). مهراڻ يونيورسٽيءَ جا قاعدا قانون ۱۹۷۷ع. انڊسٽريل ڊولپمينٽ آف ڪراچي (اڻڇپيل ۱۹۵۰ع). پاڪستان ۾ ”عوامي دؤر“ جا پهريان پنج
سال. (۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۷)سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي درسي ڪتابن جي دُرستگي ۽ ٻيهر لکڻ.ڪيترائي درسي ڪتاب
جن تي نظرثاني ڪئي ۽ اهي اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا
ان کانسواءِ خوشحال خان خٽڪ جي شاعري جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيائين. (۱) سنڌي پرائمري (۲) سنڌي بُڪ ون (۳) سنڌي بُڪ ٽو (۴) سماجي اڀياس، درجو ٽيون (۵) سماجي اڀياس، درجو پنجون (۶) معاشيات پارٽ ون ڪلاس نائون (۷) معاشيات پارٽ ٽو ڪلاس ڏهون. مرحوم محمد
حسين ترڪ ، پنهنجي پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ فالج جي حملي جي ڪري سخت بيمار ۽ ڪمزور ٿي
ويوهو، تنهن هوندي بـ سندس ذهن سلامت هو، ۽ ملڻ وارن سان ڪچهريءَ جي انداز ۾ گفتگو
ڪندو هو.
بهر حال هي دنيا
فاني آهي سوترڪ صاحب مرحوم بـ هن دنيا کي الوداع چيو، ۽ تاريخ ۸ جنوري سن ۱۹۹۲ع بمطابق ۲ رجب ۱۴۱۲ هجري وفات ڪري ويو. کين سندن اباڻي قبرستان
ڳوٺ گھڙي ۾ دفنايو ويو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا