; سنڌي شخصيتون: بھار علي بھار ٻرڙو

18 January, 2014

بھار علي بھار ٻرڙو

استاد بهار ٻرڙو

بهارن کان ئي وڇڙي ويل بهار

امر فياض



پراڻي ڳالهه آهي، ۱۹۸۸ع جي، جڏهن مان نوجوان ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئشن جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري هئس. تڏهن ميرپور ٻرڙي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. بابا ۽ چاچن جي صحبت ۾ گھڻو رهي، ڪتابن جو ڪيڙو هجڻ جي ڪري، ٿورو گھڻو سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلاسيڪل ادب تي جيڪو اَنَ لَپَ جيترو مطالعو هو، تنهن تحت مونکي ان ماڻهوءَ ۾ ڄڻ پورا خرار نظر آيا. مان سمجھي ويس ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو، ٻولي دان ئي نه پر ٻولي ساز به آهي. ترت ئي وري ٻي ملاقات اسان جي هڪ دلبر دوست جي گھر شڪارپور ۾ ساڻس ٿي. جنهن ۾ هن کُلي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي ڳالهايو. جنهن ۾ لطيفيات کان وٺي جديد دور جي شاعرن تائين هن انتهائي لطيف انداز ۾ ڳالهايو. مونکي اڄ به سندس هڪ جملو ياد آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”ٻولي بيٺل پاڻيءَ وانگر نه هوندي آهي، پر هلندڙ درياءُ آهي، جنهن ۾ انيڪ لفظ روز اچن ٿا، اسان صرف ايترو ڪريون جو انهن جي وَڍَ ٽُڪ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ انهن کي گھڙيون. اهو سوناري وارو ڪم به آهي ته لوهارن وارو به.“ ۽ مون ان برک ٻولي ساز بهار جي ڳالهه ڄڻ ته ڳنڍ ٻڌي ڇڏي.


هو شاهه ڀٽائيءَ جو شارح، سُگھڙ ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو نه رڳو حافظ ئي هئو پر هو راڳداريءَ جو به پڻ اڻ لڀ خزانو ئي هو. هن جا ڳايل ڪافي ڪلام، جن ۾ ڪافيءَ تي وڏو عبور هئس، سي جھنگ جھر پيا ملندا.
وري هڪ ڀيري 1999ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واتان جڏهن استاد بهار ٻرڙي جي تعريف ڪجھه هن طرح سان ٻڌم ته: ”مونکي بهار ٻرڙو ائين لڳو، جيئن سوين ڪوهن تائين ڦهليل ريگستان ۾ ڪو نخلستان، جنهن ڪجھه مونکي به اهڙيون ست سريون ٻڌايون، جو مان به حيران ٿي ويس... هُن جي جڳهه تي ڪو ٻيو هجي ها ته شايد مونکي ڪاوڙ اچي ها، پر مان ڄاڻي چڪو هئس ته هو استاد آهي، سو مان پنهنجي درستگي ڪري ڇڏي.“ ان ڪچهريءَ ۾ سائين نواز علي شوق، مرحوم سائين يعقوب علي زرداري ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهي صاحب به موجود هئا. ڊاڪٽر صاحب جي واتان استاد بهار عليءَ جي اهڙي تعريف ٻڌي حالي ته سڀني جي من ۾ استاد بهار سان ملڻ جي اڃ وڌي وئي هئي. ڪچهريءَ جي ختم ٿيڻ تي سائين يعقوب علي زرداري، جيڪو ان وقت ريلوي جو هڪ دبنگ آفيسر هئو، تنهن مونکي چيو: ”بابا، مون کي ملايو استاد بهار سان!“
پر بدقسمتي! استاد بهار وري مون سان تڏهن مليو، جڏهن خود سائين زرداري صاحب هتان يعني دنيا مان لڏي چڪو هئو. مون کيس جڏهن ٻڌايو ته هيئن زرداري صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ آتو هو ته هن مرڪي جواب ڏنو هئو: ملي وٺنداسين، خير آهي، ڪهڙو وري انت ٿيو آهي! ان وقت مون سان اسان جو پيارو دوست صدرالدين ٻرڙو به گڏ هئو. استاد بهار جي طبيعت ڪافي ڏينهن کان خراب رهي پئي. ان ڏينهن به هو لاهور علاج سانگي وڃي رهيو هئو.
اڄ ڪافي سال لنگھي ويا آهن. ننڊ مان اٿڻ تي مونکي رات جي آيل ستاويهن ايس ايم ايسز مان ٻه نياپا، ڄڻ سيڙهه جي ڪنڊي جيان دل ۾ چڀي ويا، ته استاد بهار لاڏاڻو ڪري ويو!
جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀا ڏٺا سون،
ڏينهن مڙيوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.

بستري تان اٿي ڌرتيءَ تي اڄ مان انتهائي خيال سان وکون کڻي رهيو آهيان ته هن ڌرتيءَ جي اندر اڄ هڪ نئين ٻولي ساز جو اضافو ٿيو آهي. اي منهنجا خالق اڪبر! اهي خيال، اهي ذهن، اهي ٻوليءَ جا پارکو جلدي موٽاءِ، هتي ڳجھون لامارا پيون ڏين. مان ڄاڻان ٿو ته تون نه چاهيندي ته فطرت جي پسنديده قومن ۽ هن عظيم ڌرتيءَ جي گولي تي وڻندڙ ماڳن جا محافظ گھٽ ٿين.


بھار علي بھار ٻرڙو

سگھڙ جي ياد ۾

اقبال عادل مھر

اتر سنڌ جي مھان صوفي سگھڙ ۽ لوڪ ڪلاڪار سنڌي لوڪ ادب جي اعلىٰ پائي جي ماهر ۽ صوفي راڳي استاد بھار علي “بھار” ٻرڙو پھرين جنوري ۱۹۵۰ع ۾ وزير احمد ٻرڙي جي ڪکائين گهر ۾ ضلعي جيڪب آباد جي شھر ميرپورٻرڙو لڳ ڳوٺ جمن شاھ ۾ جنم ورتو، جيڪو سنڌيءَ جا پنج درجا پڙهيل هيو، فرقي واريت کان وئون ويندڙ سدائين گيڙو ويس ۾ گذاريندڙ  شڪارپور جي مشھور صوفي بزرگ فقير ٻڍل سائين جو طالب هيو.

درگاھ جي گادي نشين شمس الدين عرف “شمن فقير” جي وحدت الوجود جي فڪر مريد بڻيو، پاڻ سگھڙ پائي جي فن سان ننڍپڻ  کان ئي واڳيل هيو پر هن لوڪ ادب جي صنفن جي باقاعدي سکيا استاد سگھڙ محمد سيفل ڀَٽي کان حاصل ڪئي، استاد بھار علي “بھار” ٻرڙو سنڌ جو پھريون ڏات ڌڻي سگھڙ هيو، جنھن جي سگھڙائپ واري فن صوفياڻي فڪر ۽ شخصيت بابت سنڌ جي نالي واري ليکڪ شمن “شمس” ٻرڙو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايم اي فائنل جي سنڌي شعبي لاءِ مونو گراف لکيو،

استاد بهار علي  “بھار” ٻرڙو  سال ۱۹۸۷ع ۾ سگھڙ تنظيم “سنڌ سگھڙ سالڪ ويلفيئر  ايسوسيئيشن” جو بنياد رکيو، جنهن جو پھريون صدر سندس ئي استاد محمد محمد سيفل ڀَٽي کي بڻايو ويو، پاڻ ان جو نائب صدر بڻيو، جنرل سيڪريٽري سندس پيارو شاگرد ۽ ھاڻوڪي سگھڙن جي تنظيم “سلات” جو مرڪزي صدر گل حسن “گل” ملڪ کي  بڻايائين، جڏهن ته ٻيا  عهديدار پڻ چونڊيا ويا، جنهن تنظيم جيڪب آباد ضلعي ۾ ڪيتريون ئي سگھڙ ڪچھريون منعقد ڪرايون، سندن ئي ڪوششن سان بھار جي موسم ۾ انگريز دور کان ٿيندڙ “سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو” ۾ سگھڙ ڪچھري پڻ لازمي ٿيندي ھئي،

سگھڙ وريام فقير جو ڪتاب “سچ ۽ سونهن وريام ورونهن” پڻ ھن تنظيم طرفان آندو، پوءِ سگھڙ عاجز رحمت الله لاشاري جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي نمائندگي طور “سلات” جو بنياد رکيو ته استاد بھار علي “بھار” ٻرڙي پنھنجي تنظيم کي سلات ۾ ضم ڪري ڇڏيو، سال ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۱ ع تائين استاد بھار علي بھار ٻرڙي سلات ضلعي جيڪب آباد جو صدر رهيو جڏهن ته سال ۲۰۱۲ ع وارين ڄامشوري ۾ ٿيل مرڪزي چونڊن ۾ سينيئر نائب صدر چونڊجي آيو ۽ آخري گھڙين تائين سلات سان ڀرپور ساٿ نڀائيندي ۵ مئي ۲۰۱۳ ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ ڄامشوري ۾ ڪوٺايل تاريخي لوڪ ادب ميلي ۾ اهم نشست جو صدارتي مھمان پڻ بڻيو، جتي ان سگھڙائپ جي فن سان گڏوگڏ صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ ڳائي، جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري يادگار محفل هئي،

استاد بھار جو سنڌي ادبي بورڊ  پاران ۱۹۹۱ ع ۾ شايع ٿيل مرحوم  عبدالله ورياھ جي ترتيب هيٺ سگھڙن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ پڻ تعارف ۽ فن شايع ٿيو، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران لوڪ ادب اسڪيم دوران ترتيب ڏنل ڪتاب سينگار شاعري ۾ پڻ باڪمال نموني سان سندس تخليق ڪيل سينگار شاعري ڏنل آهي، استاد بھار علي “بھار” کي سندس فني خدمتن جي مڃتا طور هڪ سئو کان وڌيڪ ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ورسي جي مناسبت سان ميرپور ٻرڙو لڳ سندس نالي پٺيان قائم ڳوٺ بھار علي ٻرڙي ۾ سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران سندس مزار تي ھر سال ساليانو لوڪ ادب ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو آھي، جنهن ۾ سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جا ڏات ڌڻي شوق سان وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا آھن، ڏات ڌڻين کان علاوه عام ماڻھن سان گڏ سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي، ڪاروباري ۽ صحافين سميت هر مڪتبئه فڪر جي ماڻھن جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو آھي، انھي سلسلي ۾ ھن سال پڻ سندس ورسي جي موقعي تي “لوڪ ادب جاگرتا ڪنوينشن” پڻ ترتيب ڏنو ويو آھي، استاد بھار علي “بھار” ٻرڙي جا شاگرد سوَن جي تعداد ۾ شاعري، سگھڙائپ، صوفياڻي راڳ سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رھيا آھن.


 

بهار علي بهار ٻرڙو

صوفي سگهڙ - سنڌ انمول ڪردار

احسان مستوئي

پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان هميشه انمول هيرا پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي شاعري، فن، ڏاھپ ۽ آواز وسيلي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي اهڙن ئي انمول هيرن، باادب، بااخلاق ۽ ڏاهي ڪردارن مان صوفي سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو به هڪ هو. هو هڪ ئي وقت سگهڙ، صوفي فنڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر هو جيڪو پنهنجي پوري ڄمار سگھڙائپ جي صنفن کي ارپي امر ٿي ويو، اتر سنڌ جي نامور سگهڙ استاد بهار علي بهار ٻرڙو جو جنم پهرين جنوري ۱۹۵۰ع ۾ جان جيڪب جي نالي سان منسوب بلوچستان جي دنگي ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي ننڊڙي شهر ميرپورٻرڙو جي ڳوٺ جمن شاھ ۾ هڪ مسڪين هاريءَ وزير علي ٻرڙو جي گهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ميرپورٻرڙو ۾ حاصل ڪئي. غربت سبب هو پرائمري تعليم تائين محدود رهيو گهرو حالتن کي نظر ۾ رکندي تعليم کي ڇڏي ڏنائين ۽ گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڪرت هارپي ۾ لڳي ويو هو. پنهنجي پيرسن پيءُ جو سهارو ٿيندي گهر جو سمورو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتائين. هن محنت مزدوري سان گڏ پنهنجو ڳائڻ ۽ شاعري واري شوق کي به جاري رکيو هو مسلسل لکندو رهيو ساڻس محنت ۽ ادبي دنيا سان سندس چاھ ڏسندي قدرت واري کيس ڪافي ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته استاد سگهڙ بهار علي ٻرڙو جو ننڊپڻ کان ئي ڳائڻ ۽ شاعري جو تمام گهڻو شوق هو صوفي فنڪارن سان سندس وڏي دلچپسي هوندي هئي جنهن دلچسپي هن کي صوفي فنڪار بڻائي ڇڏيو. هو پنهنجي مرشد صوفي بزرگ حضرت فقير ٻڍل سائين جي ڪلامن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو سندس غربت تعليم کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو پر ساڻس ڳائڻ وارو شوق اڳتي وڌنڌو رهيو. مخصوص پڙهائي کانپوءِ استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جڏهن شاعرن جي سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيؒ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ شاھ جي شاعري مان هو تمام گهڻو متاثر ٿيو. شاھ جي شاعري هن مٿان تمام گهڻو اثر انداز ٿي جنهن ڪري هو ڳائڻ واري شوق سان گڏوگڏ سگهڙائپ جي سنسار ۾ قدم رکندي پنهنجي شاعري جو سفر شروع ڪيو جنهن سفر ۾ هن کي ڪاميابيون ملنديون رهيون جنهن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ هڪ ڏينهن هو سنڌ جو تمام وڏو سگهڙ ٿي اڀريو. پوري سنڌ ۾ سندس نانءُ نرالو ٿي ويو.

هن جي شاعري ۽ سگهڙائپ سان گڏ هن جي مٺڙي آواز صوفياڻي انداز ماڻهن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو ۽ هو محفلن جو مور سڏجڻ لڳو،استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو سگهڙائپ جي سفر ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سنڌ جي صوفي راڳين،سگهڙن ۽ اسٽيج ڪمپيئرن مان هڪ بهترين صوفي راڳي،سگهڙ ۽ اسٽيج ڪمپيئر هو جنهن پنهنجي مرشد ٻڍل فقير جي شاعري صوفي ڪلامن ذريعي ڳائيندي ماڻهن جي دلين ۾ جايون ٺاهيون جيڪي اڄ تائين ماڻهن جي دلين ۾ قائم آهن.

هن جي وڇوڙي کي ۸ سالن جو ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ تائين هو وسري نه سگهيو آهي. هر ماڻهو جي دل ۾ آباد آهي،استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جي مٺڙي آلاپن ۾ هڪ درد هو جيڪو محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي تمام گهڻو متاثر ڪندو هو. هر پاسي کان واهه واهه جا هوڪرا لڳي ويندا هئا ماڻهن جو داد هن جي حوصلن کي بلند ڪندو هو ۽ ماڻهن کان مليل محبتون ئي ساڻس لاءِ سڀ ڪجهھ هونديون هيون. هن ڪڏهن به پئسن لاءِ پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هن سدائين محبتن کي ترجيح ڏني. استاد بهار علي بهار ٻرڙو کي سنڌ سميت ملڪي سطح تي ڀرپور موٽ ملي هن تمام گهڻي مڃتا ماڻي اهو قدرت جو ڪمال ئي هو جو لفظن جو ميلاپ ڪيئن ٿيندو آهي شايد استاد بهار علي بهار ٻرڙو کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻي سگهي اهو ئي سبب هو ته هن شاعري لکندي لکندي شاعري جا انبار لڳائي ڇڏيا هئا جنهن شاعريءَ کي اڄ به فنڪار ڳائي محفل کي موج وٺائيندا آهن، سگهڙ استاد بهار علي بهار ٻرڙو جي قابليت کي ڏسي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جا اهم عهدا پڻ ڏنيا ويا. ڪيترائي ڀيرا هو سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو مرڪزي عهديدار رهيو ۽ پنهنجي ذميوارين کي بهترين ڪارڪردگي سان نڀايو. استاد بهار علي بهار ٻرڙو ادبي دنيا جو هڪ نرالو نانءُ هو جنهن کي قدرت واري ڪافي صلاحيتون ڏئي ڇڏيون هيون، هن جي سڀ صلاحيتن ۽ سموري فن کي مدنظر رکندي ان کي“سلات“يعني سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر جي ذميواري ڏني وئي هئي جنهن ذميواري کي هن خوب نڀايو. ان کانپوءِ کيس ضلعي جيڪب آباد جي صدارت ڏني وئي هئي ان کان علاوه استاد کي ڪافي مڃتا ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو هو.

استاد بهار علي بهار ٻرڙو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهھ سنڌ جي بي انتها ۽ محبت ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب لاءِ ڪيو اهو سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي،استاد بهار علي بهار ٻرڙو کي اعليٰ تعليم نه هئي پر هن وٽ اعليٰ ادب هو خدا  کيس پڙهڻ لکڻ جو ڏانءُ ڏئي ڇڏيو هو. اهو ئي سبب هيو ته هن شاعري لکندي لکندي شاعريءَ جا انبار لڳائي ڇڏيا هئا، ان شاعري جي انبارن کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ استاد بهار علي  بهار ٻرڙو ان ڪتاب جو نالو “بهار جي بوند“ رکي ڇڏيو هو، اهو ڪتاب آڻڻ استاد جو هڪ خواب هو پر افسوس غربت هن جو پيڇو پوءِ به نه ڇڏيو جنهن ڪري هو پنهنجي شاعري کي ڪتاب جي شڪل نه ڏياري سگهيو سندس خواب خواب ئي رهجي ويو،استاد  بهار جي غريبي ۽ ساڻس مالي مونجهارن ان جي خوابن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو ۽ اهو خواب حقيقت جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو.

غربت مالي مونجهارن سان جهيڙيندڙ ويتر بيمارين ۾ وٺجي ويو ۽ بيمارين سان جهيڙيندو رهيو پر افسوس ان ناليواري سگهڙ جي ثقافت کاتي ڪا به مدد نه ڪئي توڙي جو استاد جي علمي،ادبي “سلات“ جي دوستن پاران ثقافت کاتي کي سندس بيمار هجڻ جا اطلاع ڏنا ويا پر انهن جي ڪن تي جونءَ به نه چري ثقافت کاتي جا عملدار ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪندا رهيا جنهن ڪري استاد جو علاج ڪنهن سٺي هنڌ نه ٿي سگهيو ۽ هو آخرڪار زندگي ۽ موت سان جهيڙيندي جهيڙيندي ۱۷ جنوري  ۲۰۱۴ع تي زندگي جي جنگ هارائيندي هن فاني جهان کي الوداع چئي ويو ۽ سگهڙن جي دنيا ۾ هڪ اهڙو خال وجهي ويو جيڪو اڄ اڄوڪي ڏينهن تائين نه ڀرجي سگهيو آهي،هو جسماني طور ته اسان کان ڌار ٿي ويو آهي پر ان جو ڪردار  اسان سان گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو،هونئن ته استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جي ورسي ۱۸ جنوري تي ملهائي ويندي آهي پر هن ڀيري استاد سگهڙ جي ۸ هين ورسي اڄوڪي ڏينهن ۱۹ فيبروري تي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم“سلات“ طرفان ساڻس اباڻي ڳوٺ ميرپوٻرڙو ۾ ملهائي پئي وڃي ساڻس ۸ ورسي جي موقعي تي سندس جي ڳوٺ ۾ سگهڙ ميلو پڻ لڳايو ويو آهي جنهن سگهڙ ميلي ۾ سنڌ،بلوچستان ۽ پنجاب جي ناليوارا سگهڙ،صوفي راڳي شرڪت ڪندا ۽ شاعري، مقالن ذريعي استاد بهار علي بهار ٻرڙو کي ڀيٽائون پيش ڪيون وينديون، استاد بهار علي بهار ٻرڙو جي  آخري آرام گاھ تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ساڻس قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون هاڻي ڳالھه ڪنداسين استاد “بهار علي بهار ٻرڙو “جي خواب پنهنجي شاعري کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ ته ان حوالي سان ثقافت کاتي ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي پر ان سلسلي ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات “جي مرڪزي عهديدارن سان منهنجي ڳالهه ٻولھه ٿي انهن جو اهو چوڻ هيو ته هو استاد بهار علي بهار ٻرڙو جي لکيل شاعري کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ ثقافت کاتي ڪوبه سهڪار نه ڪيو آهي. اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جي شاعري تمام گهڻي آهي اها اسان سهيڙي گڏ ڪري رهيا آهيون، جيئن ئي اسان کي استاد “بهار علي بهار ٻرڙو“ جي لکيل شاعري مڪمل طور ملي وئي ته ان کي  ڪتاب جي صورت ڏيارينداسين. ان حوالي سان منهنجي “سلات“ جي مرڪزي عهديدارن کي اپيل هوندي ته استاد جي شاعري کي جيترو جلد ٿي سگهي ڪتاب جي شڪل ڏني وڃي جيئن  سگهڙ ۽ صوفي راڳي مرحوم  استاد “بهار علي بهار ٻرڙو“ جو ڏٺل خواب پورو ٿي سگهي

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا