; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد خان جتوئي - ايم بي عرساڻي

17 January, 2014

عبدالحميد خان جتوئي - ايم بي عرساڻي

خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي
سنڌ جي پارلياماني سياست جو روشن ستارو
ايم بي عرساڻي
ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي مرڻ بعد ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اهي هن دنيا ۾ آيا ئي نه هئا، پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي موت سان نه مرندا آهن، بلڪ اهي پنهنجن ڪارنامن ڪري هميشه ياد رکيا ويندا آهن اهڙن ماڻهن مان عبد الحميد خان جتوئي هڪ هو. عبدالحميد خا ن جتوئي ۱۹۲۲ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءِ ۾ جناب قادر بخش خان جتوئيءِ جي گهر جنم ورتو قادر بخش خان جتوئي ۽ سندس ڀائر ڪريم بخش خان ۽ ڌڻي بخش خان به بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. جڏهن ۱۹۳۱ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي کان توڙي دادو ضلع ٺاهيو ويو ته خان بهادر محمد پريل ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون پريزيدنٽ ۽ سائين جي ايم سيد پهريون وائيس پريزيڊنٽ بڻيو. جڏهن ته قادر بخش خان جتوئي ان جي پهرين ميمبرن ۾ شامل هيو. ان جي وڏن جي حيثيت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن انگريز سرڪار جي ڪوشش سان چانڊيه مگسي تڪرار جو نبيرو ٿيو ته چانڊين جي ڌر پاران جيڪي ۳ امين مقرر ٿيا هئا انهن ۾ ڌڻي بخش خان جتوئي به شامل هو. خان صاحب عبدالحميد خان جتوئي صرف ٻه درجا انگريزي تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ ۱۹۵۳ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ ۱۹۷۰ ع تائين مسلسل ڪامياب ٿيندو رهيو، سواءِ ۱۹۶۴ع وارين ٻن اليڪشن جي، جنهن ۾ سيد امير حيدر شاهه ڪامياب ٿيو (ان وقت دادو ۽ ڄامشورو ضلعو گڏ هئا ۽ انهن تي قومي اسيمبلي جي صرف هڪ سيٽ هوندي هئي). ٻيو دفعو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي وفاقي وزير بڻجڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪئي هئي ته ان جي ننڍي چونڊ ۾ سردار پير بخش ڀٽو ڪامياب ٿيو هو (ان زماني ۾ اهو قانون هو ته ڪو به اسيمبلي ميمبر وزير نه ٿي سگهندو هو) ۱۹۷۷ع ۾ ۱۹۷۳ع جي آئين تي صحيح نه ڪرڻ ڪري ڀٽي صاحب سان اختلاف ٿيڻ سبب اليڪشن ۾ نه بيٺو ۽ سندس وڏو پٽ لياقت علي ميهڙ ۽ خيرپور واري تڪ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو. ان بعد پ پ پ جو اميدوار حاجي ظفر علي خان لغاري ۱۹۸۸ع ۾ رفيق احمد مهيسر ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ ڪامياب ٿيا. ۱۹۷۷ ۾ وري پاڻ آخري دفعو اليڪشن لڙيو ۽ رفيق احمد مهيسر کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو. پر اڪثريٽ جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ ۴ مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين، هو ايڏو ته بيباڪ هو جو قومي اسيمبليءِ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان محمد خان جوڻيجو (وزير اعظم) کي شريف ماڻهو سمجهندو هيس پر هو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو، ۱۹۷۳ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت حڪمران کيس اهو چيو ته ۱۰ سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ آهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزير اعظم ب؟؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيوجنهن ڪري ارڙهين ترميم تحت ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي. خان صاحب رئيس محمد بخش جمالي، حاجي امير بخش جوڻيجو، سيد عبدالله شاهه، حاجي ظفر علي لغاري، رئيس پير محمد خان شاهاڻيءِ ۽ منير احمد چنه کي پهريون دفعو پ پ پ ٽڪيٽ ڏيارڻ ۽ مظهر حسين گهلو، سيد ڪوڙل شاهه، سيد محمد شاهه ۽ قاضي شفيق احمد مهيسر کي اسيمبلي ميمبر بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.


عبدالحميد خان جتوئي ذات پات جي مت ڀيت ۽ فرقه پرستي کان بلڪل مٿانهون هو، جنهن ڪري ان جتوئي خاندان سان گڏوگڏ سنجراڻي شاهاڻين، چانڊيدن، ٽالپرن ۽ ساندن برادري جي ماڻهن سان به رشتا ڪيا. هو سني مسلمان هيو ۽ اهلبيت رسول سان به ڏاڍي عقيدت هوندي هيس، جنهن جو اندازو سندس پٽن جي نالن لياقت علي، اعجاز علي، ولايت علي، صداقت علي، ظفر علي ۽ احسان عليءِ مان لڳائي سگهجي ٿو. خان صاحب ڪنهن به آفيسر جي پوسٽنگ نه ڪرائيندو هيو، ڇو ته سندس خيال ۾ ان جي خراب ڪارڪردگي سندس کاتي ۾ ليکي ويندي. البته هو سٺن آفيسرن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪنهن آفيسر تي ڪنهن ماڻهو جي ڪم لاءِ فون ڪندو هو ۽ جيڪڏهن هو کيس اهو ٻڌائيندو هو ته اهو ڪم غلط آهي، ته هو نه صرف پنهنجي احڪامات کان دست بردار ٿيندو هو، پر ان آفيسر کي شاباس ڏيڻ سان گڏوگڏ غلط ڪم لاءِ فون ڪرائيندڙ کي تنبيهه پڻ ڪندو هو. سندس فون ۾ ايترو ته اثر هوندو هو جو آفيسر سندس پارٽيءَ جي حڪومت نه هجڻ جي صورت ۾ به انڪار نه ڪري سگهندا هئا. هو شايد واحد زميندار هجي جنهن پوليس کان، ورتل پيسا واپس ڪرايا هجن. عبدالحميد خان اجلاس وغيره ما واندو ٿيڻ کانپوءِ يڪدم پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ ڳوٺ هليا ايندا هئا ۽ روزانه مقرر وقت تي اوطاق ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ سان گڏوگڏ زمينون گهمڻ ويندا هئا ۽ چوپائي مال جي سار سنڀال لهندا هئا. هو واعدي جا ايترا ته پڪا هوندا هئا جو جيڪڏهن ڪنهن عام غريب ماڻهو سان ڪو به واعدو ڪندا هئا ۽ ڪو وڏو ماڻهو ايتري قدر جو سندس خاندان جو ڪو ماڻهو به کيس ان تان هٽڻ لاءِ چوندو هو تڏهن به هو پنهنجي واعدي تي قائم رهندو هو،  سندس زندگيءِ جو اهوبه اهم پهلو آهي ته هو گارڊ ڪو نه کڻندو هو ۽ اليڪشن دوران ۽ اليڪشن کٽڻ يا هارائڻ سان سندس رويي ۾ تبديلي ڪو نه ايندي هئي، ۽ ووٽ وٺڻ وقت به چوندو هو ته مونکي لائق سمجهو ته ووٽ ڏيو جي نه ته توهان جي مرضي ۽ جيڪڏهن کيس ڪو ووٽ ڏيڻ کان منهن تي انڪار ڪري ڪڏهن ڪم سانگي سندس ڏانهن ايندو هو ته هو سندس ڏاڍي عزت ڪندي چوندو هو ته هي ڀلو ماڻهو آهي جو مونکي ڏٽو ڏيڻ بجاءِ منهن تي جواب ڏنو هئائين. هو ڪرپشن ۽ چورن جي خلاف هو، جنهن ڪري سندس مخالف به چوندا هئا ته ”خان واعدي جو پڪو آهي ۽ چورن جو يار ناهي“ سندس زندگي جو اهو به اهم پهلو هو ته هو پارٽي ڇڏي ويندڙن سان سماجي تعلقات ختم ڪون ڪندو هو، سندس زندگي جو سڀ کان اهم پهلو انصاف ڀريا فيصلا آهي، جنهن جي تعريف وڏيري شاهنواز جوڻيجي به هڪ انٽرويو ۾ ڪئي هئي. سندس اعليٰ  ڪردار سبب سابق وزير اعليٰ مرحوم ڄام صادق علي، اختر علي قاضي (مرحوم) ۽ قومي اسيمبليءِ جو سابق اسپيڪرالاهي بخش سومرو کيس پيرين پئي ملندا هئا. جڏهن ته جنرل ضياءَ الحق، مير ظفر الله جماليءَ سميت ملڪ جون اهم شخصيتون به سندس بيحد احترام ڪنديون هيون، ۽ کيس عوام توڙي اعليٰ ادارن ۾ به چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي، جناب عبدالحميد خان جتوئي جون ۱۹۸۵ کان ۱۹۸۸ تائين قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون يادگار ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن لاءِ قابل رشڪ آهن. جڏهن ٽوري ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن (جن ۾ سابق ايم اين اي گل محمد جکراڻي به شامل هو) کي سزائون ڏيڻ جون تياريون ڪيو ويون ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو،
”جيڪڏهن اسان جي ٻچن کي ڪا به انتهائي سزا ڏني وئي ته ته پنهنجي پيءَ جا حلالي پٽ هونداسين ته وري توهانجي اسيمبلين ۾ نه ايندسين“ ان بعد پير بخش خاصخيلي مسيت ۶۵ ميمبرن سان گڏ واڪ ائوٽ ڪري هليو ويو ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو طرفان اسيمبليءَ ۾ اچي انهن جي آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ تائين واپس نه آيو.
اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته تقرير ڪندي چيائين ته جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو  پر جيئن  ئي پاڪستان ٺهيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جناب اعليٰ اسان اهڙا ڪم به ڪريون پوءِ به اسان کي جيلن ۾ وڌو وڃي ته اسان توهانجي مخالفت نه ڪنداسين ته ڇا توهان جا ترانا ڳائينداسين؟ !
هڪ موقعي تي تقرير ڪندي چيائين ته هڪ پاڪستاني رانديگر ۽ هڪ ٻيو غير ملڪي ڪشتي وڙهي رهيا هئا ته مان دعا گهري رهيو هيس ته الله ڪري ته اهو غير ملڪي ماري وڃي جنهن تي مون کي منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته اها ڪهڙي ٿو دعا گهرين؟ مان چيومانس ته جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر کٽي ويو ته ان کي انعام ۾ ٻني وري سنڌ جي ڏيندا.
جڏهن ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادي کي ”سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ“ ٺاهڻ بعد جيل موڪليو ويو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ڪنفيدريشن جي ڳالهه پٺاڻ ۽ بلوچ به ڪن ٿا پر جيلن ۾ رڳو سنڌي جي اڳواڻن کي وڌو ويو آهي آخر ڇو؟
سنڌ پاڻمرادو پاڪستان ٺاهيو هو ان کي فتح ڪو نه ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان ٺاهيندڙن کي حب الوطني ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حق انهن کي ڪونهي جيڪي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رڳو ٺهراءَ پاس به نه ڪري سگهيا. هڪ دفعي قومي اسيمبلي ۾ تقريي ڪندي چيائين ته هڪ دفعي کيس هڪ وڏي دعوت ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جتي ڏسي ته الاهي مرسيڊيز، ڪرائون، شيورليٽ، ۽ ٻيون مهانگيون گاڏيون بيٺيون هيون، اهي ڏسي ماڻهن کا پڇا ئين ته اهي ڪنهن جون گاڏيون آهن؟ خبر پيس ته اهي فلاڻن فلاڻن ڪرنلن، برگيڊيرن، ميجر، جنرلن ۽ ليفٽيننٽ جنرلن جون آهن. اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيائين ته مان پڇان ٿو ته انهن جي پگهار گهڻي هوندي؟ پندرهن هزار، ويهه هزار، ٽيهه هزار (ان وقت ويهن، ايڪيهن، ۽ ٻاويهن گريڊ جون پگهارون ايتريون هونديون هيون)، پوءِ انهن اهي گاڏيون ڪيئين خريد ڪيون؟! ۽ ٻيو ته جيڪي ايڏيون عياشيون ڪري رهيا آهن اهي جنگ لڳي ته بارڊر تي ڪو نه ويندو. سندس ان ڪردار ڪري جنرل ضياءَ الحق کيس A.K بروهيءَ معرفت گورنر بڻائڻ جي آڇ ڪئي جنهن کان انڪار ڪندي چيائين ته مان سنڌ لاءِ ڳالهائڻ بند نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن کيس ڪراچي جي ٻن پلاٽن جا الٽمنٽ آرڊر ڏنا ويا ته هن ان وقت جي وزير اعليٰ اڳيان ڦاڙيندي چيو ته مونکي پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست سٺي نه ٿي لڳي. هو اڄوڪي دور جي ماڻهن جا افعال ڏسي چوندو هو ته اسان جي وقت ۾ پيسو نه هو پر عزت هئي ۽ هاڻي پيسو گهڻو آ پر عزت ڪانهي، انهن ڳالهين ڪري ان تي سائين جي ايم سيد به وڏو اعتماد ڪندو هو ۽ کيس ممتاز علي ڀٽو، عبدالواحد آريسر، گل محمد جکراڻي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو جي موجودگيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد جو چيئرمين چونڊيائين.
۱۹۹۹ع ۾ جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف جي موجودگيءَ ۾ شريعت بل خلاف تقرير ڪري ٻاهر نڪتو ته کائنس پڇيو ويو ته توهانجو پٽ وزير اعليٰ آهي ۽ اوهان وري حڪومت خلاف تقريرون ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائين ته ”مان چيف منسٽريءَ خاطر سنڌ جو سودو نه ڪندس“ ان جي ٻئي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاه اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ”عبدالحميد خان پنهنجي جواني ياد ڏياري ڇڏي“ ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته جيڪڏهن رڳو ۵ ميمبر به عبدالحميد خان جي تقليد ڪن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي ٺهندڙ پاور پلانٽ جو ڪم بند ٿي ويندو نه رڳو اهو پر سڀ سنڌ دشمن منصوبا هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا.
خان صاحب پهرين شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي، جنهن مان اولاد نه ٿيڻ ڪري ٻه ٻيون شاديون ڪيون جن مان کيس ڇهه پٽ ۽ ست نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان سندس ٻيو نمبر پٽ اعجاز علي خان جنهن کي هو پنهنجو سياسي جاءِ نشين سمجهندو هو سو سندس ئي زندگيءَ ۾ آمريڪا جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو جنهن جي صدمي کيس جهوري وڌو ۽ هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۴ع ۾ ۸۲ سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس پٽن مان لياقت علي ايم اين اي، ايم پي اي، صوبائي وزير خزانه، وزير اعليٰ ۽ وفاقي وزير، اعجاز علي سينيٽر، صداقت علي سينيٽر، نائب ضلع ناظم ۽ ايم پي اي ۽ احسان علي تعلقه ناظم ۽ ايم پي اي رهي چڪا آهن، جڏهن ته ولايت علي ۽ ظفر علي سرڪاري آفيسر آهن. ان سان گڏوگڏ سندس پوٽن مان ڪريم علي خان (لياقت علي خان جو فرزند) ضلع ناظم دادو ۽ ڌڻي بخش خان (اعجاز علي خان جو فرزند) تعلقه ناظم خيرپور ناٿن شاهه رهي چڪا آهن. سندس وفات تي روزانه جنگ، ڊان، هفتيواز مئگ ۽ ماهوار هيرالڊ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪائوسجي، علي حسن، احمد صادق (رٽايرڊ بيورو ڪريٽ) ۽ عبدالواحد آريسر جهڙن شخصيتن به تعريفي مضمون ۽ ڪيترين ئي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا.
هو سياست ۾ سائين جي ايم سيد، سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ وارو) ڪامريڊ، حيدر بخش جتوئي ۽ غوث بخش بزنجي کان متاثر هو، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته افسوس جو اسان جي قوم جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن ماڻهن جو قدر نه ڪيو. سندس دوستن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو، غوث بخش بزنجو، الله بخش سومرو، احمد ميان سومرو، خان عبدالولي خان، نواب اڪبر بگٽي، عطاءَ الله مينگل، يوسف اي هارون، محمود اي هارون، قاضي فضل الله، معراج خالد، غلام اسحاق خان (اڳوڻو صدر)، نواب احمد سلطان چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي حاڪم علي زرداري، سيد امداد محمد شاهه، سيد محمد راضي شاهه (سيتا وليج وارو)، ميان عبدالرحمان سومرو (شاهه پنجي وارو) رئيس اشرف خان لغاري (راوت لغاري وارو)، رئيس خان محمد گاڏهي (علي حسن گاڏهي جو والد) ۽ بخشل خان ناريجو (ٿرڙي محبت وارو) شامل آهن.

خان صاحب آخري وقت تائين ڪالا باغ ڊيم جو مخالف هو ۽ وفات کان ٻه هفتا کن به اڳ هڪ اخبار ۾ سندس بيان ڇپيو ته؛ ”ڪالا باغ جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن“ سندس عظمت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس وفات تي اڳوڻي وزير خارجه خورشيد احمد قصوريءِ چيو هو ته عبدالحميد خان جن هدايت جا مينار هيا اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد چيو ته هو ته اڄ اصولن جي سياست ختم ٿي ويئي. مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي چيو ته هو ٻن سياستدانن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ عبدالحميد خان جتوئي کان متاثر هيو، اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم چيو هو ته هو گهٽ ماڻهن کان متاثر ٿيندو آهي، جن ماڻهن کا هو متاثر آهي انهن مان عبدالحميد خان هڪ آهي، ڇو ته هو چٽو موقف رکندو هو ۽ سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، مرحوم پير صاحب پاڳاري چيو هو ته عبدالحميد خان ڪئي رڪارڊ قائم ڪيا انهن مان سندس فيصلا اهم آهن. جڏهن ته وڏيري  شاهنواز جوڻيجي چيو هو ته عبدالحميد خان جتوئي سنڌ جي روايتن جو امين هو.

No comments:

راءِ ڏيندا