رشيد صابر
ساروڻين جي آئيني
۾
مقصود گل
شڪسپيئر هن دنيا کي هڪ وڏي اسٽيج ڪرار ڏيندي هر ماڻهوءَ کي هڪ فنڪار ڪوٺيو
آهي. جيڪي هن دنيا يا زندگيءَ جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري پردي جي پويان اوجهل
ٿي وڃن ٿا. ۽ انهيءَ پردي کي ٻين لفظن ۾ اسان موت به ڪوٺي سگهون ٿا.
اسان جا ڪيترا ئي، پرين پيارا، يار دوست ۽ عزيز اقارب به هن دنيا جي اسٽيج
تي آيا، پنهنجي زندگي جون اهم ذميواريون نڀايائون. لکيا پڙهيا، گهميا ڦريا ۽ پنهنجي
حصي جا ڪم ڪاريون اڪلائي. ڪيئي ڪم ڪاريون رٿون ۽ ارادا اڌ ۾ ڇڏي. پنهنجي مرضيءَ ۽ منشور
کان سواءِ هي جهان ڇڏي اڻ ڏٺي جهان ڏي رڻ جا راهي بڻجي هليا ويا. ۽ اهڙا هليا ويا جو
ويا ته وري نه موٽيا.
اسان جو اهڙو هڪ پرين پيارو جيڪو کلندي کائيندي هٿ ڇڏائي هليو ويو. جنهن
کي مان پنهنجي يادگيرين جا گل ارپڻ وارو آهيان ان سڄڻ کي سڀ ”رشيد صابر“ جي نيڪ نالي
سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. ”رشيد صابر“ کي گهڻا ماڻهو ٽي وي چينل (ڪي ٽي اين) جي اداڪاريءَ
سان سڃاڻن ٿا. برابر رشيد صاحب فنڪار ته هيو، جنهن ٽي ويءَ تي پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو
ڪيو. هو سيريس ۽ دکدائڪ ڪردار ادا ڪري پنهنجي پرستارن ۽ ٽي ويءَ جي ڏسندڙن کي نه صرف
متاثر ڪندو هو. پر حيرت ۾ به وجهي ڇڏيندو هو مان ٽي وي ۽ فنڪاريءَ جي حوالي سان ته سندس فين نه هوس، هن ته مون کي
پنهنجي قربن واري ڪردار سان موهي پنهنجو ڪيو هو، پر پوءِ به مون اچانڪ يا ارادي سان
جڏهن به سندس ڊرامي جو ڪو ڪردار ٽي وي تي ڏٺو ته مان ضرور متاثر ٿيس. ۽ ڪڏهن به متاثر
ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.
توڙي جو رشيد صابر سائيڊ رول ادا ڪندو هو پر پنهنجي اداڪاري جي ڪردارن
جي سهي ترجماني ڪرڻ جي ڪري سندس هر پارٽ حقيقت جي ويجهو ئي هوندو هيو.
هڪ دفعي پنهنجي اداڪاريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو هيائين ته ”الله سائينءَ
مون کي احساس-وند ۽ حساس دل عطا فرمائي آهي، جنهن ۾ ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ واري صلاحيت
موجود آهي، هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو هو ته ”ڊرامن ۾ روئڻ وارو ڪردار ڏيکارڻ جي
لاءِ اڪثر گلسرين استعمال ڪئي ويندي آهي پر يقين ڪريو مون ڪڏهن به احساساتي منظر رڪارڊ
ڪرائڻ لاءِ گلسرين ڪم ناهي آندي، جذباتي ۽ ڏکارا ڊائلاگ چوڻ وقت منهنجون اکيون پاڻ
ئي وسي پونديون آهن.“ رشيد صاحب وڌيڪ ٻڌايو هو ته؛ ”مان پنهنجي ڪردار کي ريئل بنائڻ
لاءِ ڪردار ئي اهڙا قبول ڪندو آهيان جيڪي مجبور ۽ مظلوم هجن.“ بهرحال رشيد صابر، پنهنجي
ڊرامائي ڪردارن ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ وارو اهڙو ڪردار هو جنهن کي سندس پرستار ۽ اسڪرين
تي ڏسندڙ چاهيندڙ گهڻي وقت تائين وساري نه سگهندا.
رشيد صابر سان منهنجو رابطو هڪ مهربان ۽ بزرگ دوست جي حوالي سان هو. مون
سان سندس ويجهڙائي منهنجي فرزند ياسر جي حوالي سان ٿي ۽ گاهي ماهي سندس سڪائتا سلام
ياسر جي معرفت موبائيل تي ملندا هئا. هڪ ڀيري شايد ۲۰۰۵ع ۾ مون کي مختصر علالت سبب ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو هو. اها
خبر جڏهن رشيد صابر کي پئي ته بنا ٻڌائڻ جي پنڌ پڇائيندو اچي اسپتال ڀيڙو ٿيو هو. اڌ
مني ڪلاڪ جي ڪچهري ڪري، محبتون ونڊيائين. سندس هر هڪ اکر ۽ جملي مان سندس خلوص ۽ نيڪ
تمنائون ڏاڍي نهٺائيءَ ۽ تمرتا سان نهاري رهيون هيون. اڌ ڪلاڪ جي ڪچهري کان پوءِ جڏهين
موڪلائي ويو ته اندر مان گهڻو ڪجهه پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ ويندي ويندي شاهه سائينءَ
جي هي سٽ سوکڙي ڪري ڏيئي ويو.
ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين!
۽ پوءِ ڪجهه نياپيا سلام ته ڪجهه وري راهه ويندي ننڍيون وڏيون ڪچهريون
ٿينديون رهيون.
هڪ دفعي پي ٽي ويءَ تي ملاقات ٿي وئي، رشيد صاحب پنهنجي ڪمن ڪارين آيل
هو ۽ مان شايد ياسر سان گڏ ڪنهن مشاعري جي رڪارڊنگ جي لاءِ ويل هوس. گڏجي گوشائتا ٿي
ويٺاسين ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي خبر پئي ته رشيد صاحب عربيءِ جو ڄاڻو، اسڪول ٽيچر
۽ عالم ۽ اڪابر هو.کائنس ديني علم جي حوالي سان سوال ڪيم ته توهان عالم هجڻ جي حوالي
سان ڪيئن اداڪاريءَ يا فنڪاريءَ ڏي مائل ٿيئو؟؟
رشيد صاحب مرڪندي چيو هو ته ”اداڪاري ۽ فنڪاري ئي ته سڀ ڪجهه آهي، جيڪڏهن فنڪاري يا
اداڪاري نه ڪري ته مولوي به بک مرندو.“
وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائين، ”مون اهو به سوچيو هو ته ڪنهن مسجد ۾ ويهي ملپي
ڪيان، پر مون کي منهنجي عزت نفش اجازت نه ڏني.“
مون پڇيو ڇو... ؟ هلڪي مرڪ مرڪندي چيائين ”مون هميشه ملان جو هٿ هيٺان
ڏٺو آهي... “
رشيد صاحب کان جڏهن به سندس طبعيت پڇبي هئي ته چوندو هو ”دل جو معاملو
آهي.“
ساڻس منهنجي آخري ملاقات شايد منهنجي ئي ۶۱
هيئن سالگره جي موقعي تي ٿي
هئي، ممتاز مرزا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ رٿيل پروگرام ۾ ”رشيد صابر“ ڪجهه ٽائيم اڳ ۾ آيو
هو. مان هال ۾ پهتس ته رشيد صاحب مون کان اڳ ۾ پنڊال موجود هو. ڀاڪر پائي مليو. ”چيائين
ته سايو ڪري ساجهر آيس ته جيئن ڪچهري ڪجي... ڪهڙي خبر
دل جو معاملو جو آ.“ مون کيس باءِ پاس آپريشن جي صلاح ڏيندي کيس آماده ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي.. مرڪندي ٽاري ڇڏيائين، چيائين ته ”يار دل نه ٿي مڃي..!“
پروگرام ۾ جڏهن رشيد صاحب کي ڊائس تي سڏيو ويو... تڏهن کلندي کلندي محبتي
مزاح ۾ چند اهڙيون ڳالهيون ڪيائين جنهن ۾ سندس خلوص ته برابر هيو پر ڪسرنفسيءَ جي ڪري
سندس ڳالهيون مان ورجائي نٿو سگهان.
رشيد صابر سان منهنجي گهڻي ويجهڙائي ته ڪو نه هئي پر هو شاهه سائينءَ
جي ان سٽ جي سچي پڇي تصوير هو ته:
ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين!
رشيد صاحب، عالم به هو، استاد به هو عربي دان به هو، اداڪار ۽ فنڪار به
هو شايد اسڪرپٽ ۽ ڊراما رائيٽر به هو. سڀ ڪجهه هو. پر مون وٽ سندس سڃاڻ هڪ سٺي دوست
۽ سٺي انسان جي آهي.
استاد بخاري چواڻيءَ ته ”ماڻهو سٺو شاعر اديب، عالم، استاد ۽ فلسفي ته
آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. پر سٺو انسان ٿيڻ هن ظالم دور ۾ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.“
۽ رشيد صابر هن اوکي زماني ۾ مون کي سٺو انسان ۽ سٺو دوست نظر آيو.
بهرحال ”دل جي معاملي... . پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ جهٽڪي سان اسان
کان رشيد صابر جهڙو پيارو دوست ۽ پيارو ماڻهو کسي ويو. اڄ رشيد صابر اسان ۾ موجود نه
آهي پر سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ساهن سان گڏ سرندا پيا.
مارو ڳڻن ساڻ، ويا ٿر اڪري.
رشيد صابر
ناليواري اداڪار جو وڇوڙو
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سرد هوائون شروع ٿيندي ئي، سنڌ اندر وڇوڙن جي موسم پنهنجو واسو ڄمايو
آهي. گذريل هفتي کان سنڌ جا ڀلوڙ سينيئر فنڪار اسان کان وڇڙي رهيا آهن، پهرين هن هفتي
۾ مشهور لوڪ گلوڪاره زينت شيخ، پوءِ ناليوارو الغوزي نواز الهه بچايو کوسو ۽ هاڻي اداڪار
رشيد صابر به اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي، ٻئي پار هليو ويو. اسان پنهنجن اهڙن عظيم
ڪلاڪارن کي جيئري شوق سان ٻڌندا ۽ ڏسندا آهيون ۽ تعريفون به ڪندا آهيون پر جڏهن اهي بيماري جي بستري حوالي ٿين ٿا
ته اسان انهن کان منهن موڙي ڇڏيون ٿا، جنهن جو تازو مثال، گلوڪاره زينت شيخ آهي، جيڪا
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ زينت شيخ ٺٽي
جي رستن تي هٿ ڦهلائڻ تي مجبور ٿي پئي ۽ پيٽ مشڪل سان پالڻ لڳي هئي. اهڙيءَ طرح مشهور
الغوزي نواز الهه بچايو کوسو پڻ آخري ڏهاڙن ۾ سنڌ حڪومت کان توڙي دوستن کان به وسري
ويو ۽ لاچاريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، وارثن وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو هو ان کي ڪراچي
کڻائي علاج ڪرائي سگهن ۽ سينيئر اداڪار رشيد صابر جنهن فن کي ۴۵ سال ڏنا، هن نه صرف اداڪاري
ڪئي پر ڊراما به ليکا، ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ پڻ ڊراما لکيا ۽ انهن ۾ ڪم به ڪيو پر سومر
ڏهاڙي کان گڙدن جي ناڪاره ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ مقامي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ داخل
هو پر ان جي پرگهور ثقافت کاتي کانسواءِ ڪنهن ڪو نه لڌي، رشيد صابر، جيڪو هڪ مذهبي
گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو پر جڏهن شوبز ۾ آيو ته هن جو والد هن کان ناراض ٿيو، رشيد
صابر جو والد ديني مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ۽ رشيد صابر به مولوي فاضل جو امتحان ڏئي عربي
استاد مقرر ٿيو هو پر هن حيدر آباد ۾ اديبن ۽ شاعرن سان اٿڻ ويهڻ ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم
۱۹۶۰ع کان شروع ڪيو، هن کي ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تي
استاد مخدوم امير احمد وٺي آيو، ۽ ۱۹۶۴ع
۾ هن پهريون ڀيرو تقرير ڪئي، هن کي ۱۵
رپيا معاوضو مليو، اهڙي طرح
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان حيدر آباد لاءِ مذهبي پروگرام، ڊاڪيومينٽري لکڻ شروع ڪيا
۽ انهن کي پنهنجي آواز ۾ پڻ پيش ڪيو، رشيد صابر گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ ٺاهي هئي،
جنهن ۾ اٺ هزار کان مٿي ڪتاب رکيل آهن، انهن لاءِ پڻ پريشان رهندو هو ته انهن ڪتابن
جو ڇا ٿيندو، ۳۰۰ کان وڌيڪ اردو، سنڌي ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان
هن جا لکيل ڊراما مشهور ويا، انهن ۾ قرباني، گلن جي راڻي ۽ گلدستو شامل آهن. مرحوم
رشيد صابر اسٽيج لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو، هن اسٽيج ڊرامن جي هڪ سوسائٽي ٺاهي هئي، جنهن
۾ نورمحمد لاشاري، يوسف علي ساقي، منظور مراد، آفتاب عالم، لياقت سولجر، نسرين ناز
شامل هئا ۽ اڪثر ڪري جيڪب آباد ۾ هارس اينڊ۳
ڪيٽل شو ۾ اسٽيج ڊراما ڪندا
هئا، ان کانسواءِ پوري ٽيم حيدر آباد، بدين، ڪراچي، سيوهڻ شريف ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اسٽيج ڊراما ڪيا، رشيد صابر ٻوليءَ
جو ماهر هو، جيڪو به سندس سامهون سنڌي لفط صحيح نه اچاريندو هو، ان جي وضاحت پڻ ڪندو
هو. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اهڙن عظيم ڪلاڪارن جو قدر سندن زندگيءَ
۾ نٿو ڪيو وڃي.
رشيد صابر
هڪ سحر انگيز شخصيت
شاهنواز ڀٽي
انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن سان ملندو رهندو آهي. ڪي
ته کَن پَل ۾ وسري ويندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي شخصيت جو اثر ڇڏي ويندا آهن، جو کين
هميشه پيو ياد ڪبو آهي.
رشيد صابر به اهڙين شخصيتن مان هڪ هو، جنهن جو احساس ڪڏهن چپن تي مسڪراهٽ
ته ڪڏهن آهه جي اولڙي ۾ ڪِريل ڪو ڳوڙهو آهي. سندس شخصيت جو سڄو سحر سندس چپن تي ايندڙ
مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ چمڪ تي هو. ڇا کاڌو، ڇا پيتو، سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڪيئن آهي، سِيءُ
آهي اوڍڻ لاءِ ڪمبل آهي يا ناهي؟ بس کلندي کلندي سمهڻ ۽ وري سڀني کان سوير کلندي کلندي
اُٿڻ. نه چهري تي ٿَڪ، نه ڪاوڙ ۽ نه ئي ڪا شڪايت. هن شخص نه ڪا فرمائش ڪئي ۽ نه ئي
ڪا شڪايت. رشيد صابر ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو هو جو ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. حالانڪ
مزاح ڪرڻ سندس خاص ۽ پسنديده مشغلو هو. ڪنهن به موضوع تي ترت ۽ حاضر جوابيءَ سان ايترو
ته سٺو مزاح چوندو هو، جو ماحول ۾ خوشگواري اچي ويندي هئي. سندس قد علم ۽ ادب جي حوالي
سان تمام اوچو هو. سندس پروفائيل تي هڪ ليکڪ طور ٻه سئو کان وڌيڪ ڊراما آهن. مونکي
موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بُک، عشق ۽ ادب“ جون هِي سِٽون ياد ٿيون اچن، جنهن ۾ هو ڪنهن
کي ياد ڪندي چوي ٿو ته، هاڻ آئون ڪجھه دير لکڻ بند ٿو ڪريان ۽ هُن کي ياد ڪري روئڻ
ٿو چاهيان. سچ پُڇو ته هن وقت منهنجي به اهائي ڪيفيت آهي.
اداڪار رشيد صابر جي ياد
۾
رضوان صابر
سنڌي فلمن، ڊرامن، اسٽيج ۽ ريڊيو
جي صداڪار، اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر کي اسان کان وڇڙئي ۵ سال جو عرصو گذري ويو. رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد هو. رشيد صابر ۱۰ جنوري ۱۹۴۵ع تي جاتي جي ڳوٺ “مڻڪي” ۾ پيدا
ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو.
رَشيد صَابر جو تعلق مذهبي گهراڻي
سان هو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مدرسي “الفيض” مان حاصل ڪئي. رشيد صابر جي گھراڻي
مان وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن حيدرآباد جي اورنٽيئل
ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد
۾ عربي ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪئي. رشيد صابر کي “صابر” جو تخلص مولانا غلام محمد
گراميءَ ڏنو ۽ سموري حياتي هُن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي رکيو رشيد صابر کي
سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان لاءِ ۱۹۶۵ع واري پاڪ، ڀارت لڳندڙ جنگ کان پوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا ته انهن لاءِ
“نيٺ ته ڦٽندي باک” نالي يادگار ڊرامو لکيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد
لاءِ تقريبن ۳۰۰ ڊراما
لکيا. ان کان سواءِ ڪيترا ئي مذهبي پروگرام ۽ لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون. مزاحيا
پروگرام “گلدستو” جو اسڪرپٽ به رشيد صابر تحرير ڪندو هو. رشيد صابر کي ريڊيو پاڪستان
پاران بهترين رائيٽر جو ايوارڊ ۲۰۰۲/۲۰۰۱ ۾ مليو.
رشيد صابر پاڪستان ٽيليويزن لاءِ
ڪيترا ئي پروگرام ۽ ڊراما لکيا جن ۾ ساحل سَي دُور (اردو ۽ سنڌي) شڪست اونداهيءَ ۾
لاٽ، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اَيڪ ٿي ميرو، دوسري عورت، دير نه هو جائي، دَشت، آڏي
پُڇا، تماشو هڪ ڪنوار جو سوال آهي، آيا اڱڻ عَجيب، شادي شان واري، ڪشمڪش، ڪُونج،
آئينو، هَوا محل، مايا سندي موهه، اعتماد، مارئي جهڙا مشهور ڊراما شامل آهن ۽ انهن
ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا، انهن کان سواءِ پاڪستان
ٽيليويزن لاءِ معلوماتي پروگرام پڻ لکيا جن ۾ واءُ سواءُ، حال احوال، پرک ۽
وينجهار شامل آهن.
رشيد صابر ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما
لکيا ۽ ڪيترن ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد،
جيڪب آباد، بدين، سيوهڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا.
هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياري ۽ ڪيترا ئي مشهور اسٽيج ڊراما ڪيا جن
۾ شادي شان واري، گهوٽ اَڻ موٽ، شادي يا تعدي، مِڪس پليٽ، ايک انار دو بيمار، جاني
نه پائي (اردو) سُپر سنگيت ۸۴ شامل
آهن.
رشيد صابر ۱۹۸۰ع کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما تحرير ڪيا جن ۾ گهاتو گهر نه آيا، ڦل
ماڇي، سُورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانُو ڌاڙيل، سُهڻا سائين، هو جمالو، طُوفان، مهراڻ
جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم سهاري ۽ آخري گولي شامل آهن ۽ انهن ۾ ڪردار
پڻ ادا ڪيا.
رشيد صابر جي وفات کان پوءِ “۲” ڪتاب “مولوي عبدالرشيد مينڌري کان رشيد صابر تائين” ۽ “رشيد صابر جا چونڊ
ريڊيو ڊراما” شايع ٿي چُڪا آهن.
سائين رشيد صابر هڪ خوش طبيعت ۽
شفيق انسان هو. رشيد صابر محبت جو مُجسمو سادگيءَ ۽ سچائيءَ وارو انسان هو. رشيد
صابر سنڌي ڊرامي سان والهانه عشق رکندڙ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ
ساده صفت ۽ مُخلص شخص حقيقت ۾ پيشي جي لحاظ کان ديني مُعلم هو. پر پوءِ وابستگي اسٽيج،
ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن سان ٿي تنهن کيس منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو، صداڪار، اداڪار، ناٽڪ/
ڊراما نويس ۽ هدايتڪار رشيد صابر پنهنجي فن ۾ ڏانءُ رکندو هو. سنڌي ليکڪن، اداڪارن
۽ استادن ۾ سائين رشيد صابر جو نالو نمايان آهي. سائين جن سان زندگيءَ جون گڏ
گذاريل گهڙيون ياد آهن ۽ هميشه رهنديون.
رشيد صابر
ناليواري اداڪار جو وڇوڙو
مصطفيٰ ملاح
رشيد صابر، جيڪو هڪ مذهبي گهراڻي
سان تعلق رکندڙ هو پر جڏهن شوبز ۾ آيو ته هن جو والد هن کان ناراض ٿيو، رشيد صابر جو
والد ديني مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ۽ رشيد صابر به مولوي فاضل جو امتحان ڏئي عربي
استاد مقرر ٿيو هو پر هن حيدر آباد ۾ اديبن ۽ شاعرن سان اٿڻ ويهڻ ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم
۱۹۶۰ع کان شروع ڪيو، هن کي ريڊيو پاڪستان
حيدر آباد تي استاد مخدوم امير احمد وٺي آيو، ۽ ۱۹۶۴ع ۾ هن پهريون ڀيرو تقرير ڪئي، هن کي ۱۵ رپيا معاوضو مليو، اهڙي طرح رشيد صابر ريڊيو پاڪستان حيدر آباد لاءِ مذهبي
پروگرام، ڊاڪيومينٽري لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي آواز ۾ پڻ پيش ڪيو، رشيد صابر
گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ ٺاهي هئي، جنهن ۾ اٺ هزار کان مٿي ڪتاب رکيل آهن، انهن
لاءِ پڻ پريشان رهندو هو ته انهن ڪتابن جو ڇا ٿيندو،۳۰۰ کان وڌيڪ اردو، سنڌي ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
تان هن جا لکيل ڊراما مشهور ويا، انهن ۾ قرباني، گلن جي راڻي ۽ گلدستو شامل آهن.
مرحوم رشيد صابر اسٽيج لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو، هن اسٽيج ڊرامن جي هڪ سوسائٽي ٺاهي
هئي، جنهن ۾ نورمحمد لاشاري، يوسف علي ساقي، منظور مراد، آفتاب عالم، لياقت سولجر،
نسرين ناز شامل هئا ۽ اڪثر ڪري جيڪب آباد ۾ هارس اينڊ۳
ڪيٽل شو ۾ اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، ان کانسواءِ پوري ٽيم
حيدر آباد، بدين، ڪراچي، سيوهڻ شريف ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اسٽيج ڊراما ڪيا، رشيد صابر
ٻوليءَ جو ماهر هو، جيڪو به سندس سامهون سنڌي لفط صحيح نه اچاريندو هو، ان جي
وضاحت پڻ ڪندو هو. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اهڙن عظيم ڪلاڪارن جو قدر
سندن زندگيءَ ۾ نٿو ڪيو وڃي.
رشيد صابر
اسٽيج جو هڪ املهه ڪردار
زوار ثناءُالله
شيخ
سنڌي فلمن، ڊرامن، اسٽيج جي
هيرو رشيد صابر کي سنڌي عوام کان وڇري ۵ سال جو عرصو گذري ويو، رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد هو، رشيد صابر ۱۰ جنوري ۱۹۴۵ تي بدين ضلع جي جاتي واري ڳوٺ
مڻڪي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو، جنهن جي تعليم ۽ تربيت
رشيد صابر کي ان مقام تائين پهچايو، سندس جو تعلق مذهبي گهراڻي سان هو، ان شرعاتي تعليم
ڳوٺ جي الفيض مدرسي مان حاصل ڪئي، رشيد صابر جي گهراڻي مان وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا،
ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن حيدرآباد جي اورنٽيل ڪاليج مان اديب، فاضل مولوي
فاضل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر جي ملازمت اختيار
ڪئي، سندس بهترين ڪردار جي ڪري نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد وارا اڄ به رشيد صابر
کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا، رشيد صابر کي صابر جو تخلص سنڌ جي بهترين مولانا غلام محمد
گهرامي جن ڏنو ۽ سموري حياتي هن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي رکيو، رشيد صابر کي
سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي بهترين عبور حاصل هو، ريڊيو پاڪستان لاءِ ۱۹۶۵
واري پاڪ ڀارت لڳندڙ جنگ کانپوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا
ته انهن لاءِ سنڌي زبان ۾ بهترين قسم جو ڊرامو لکيو، هن جا الفاظ هن ريت آهن، نيٺ
ته کٽهندي، باک نالي يادگار ڊرامو پڻ لکيو، هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد
لاءِ تقريبن ۳۰۰ ڊراما
لکيا، ان کانسواءِ ڪيترائي مذهبي پروگرام ۽ لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون، سندس
مزاحيا ڊرامن ۾ مزاحيا پروگرام گلدستو جو اسڪرپٽ به تحرير ڪيو، رشيد صابر کي ۲۰۰۱ ۽ ۲۰۰۲ ۾ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين رائيٽر
جو ايوارڊ پڻ مليو، هن پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ ڪيترائي پرگرام ۽ ڊراما لکيا، جن ۾
ساحل سي دور، شڪست اونڌاهي ۾ لاٺ، ڪنهن ڪنهن ماڻهون منچ، ايڪ ٿي ميرو، دوسري عورت،
دير نه هوجائي، دشت، آڍي پچاءُ، تماشو، هڪ گهنوار جو سوال آهي، آيا اڳڻ عجيب، شادي
شان واري، ڪشمڪش، ڪونج، آئنو، هوا، محل، مايا سنڌي، موھه، اعتماد، مارئي جهڙا، سنڌي
۽ اردو جهڙا مشهور ڊراما ڪيا، هنن ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا، جيڪي
سندس سڃاڻپ بڻيا، انهن کانسواءِ پاڪستان ٽيلي ويزن جي لاءِ معلوماتي پرگرام پڻ
لکيا، جن ۾ واو سوا، حال احوال، پرک ۽ وينجهار شامل آهن، رشيد صابر ڪيترائي اسٽيج ڊراما
لکيا ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام آباد، ڪراچي،
حيدرآباد، جيڪب آباد، بدين، سيهوڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ اسٽيج
ڊراما ڪيا، هن ڪراچي ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياري ۽ ڪيترائي مشهور اسٽيج ڊراما
ڪيا، جن ۾ شادي شان واري گهوٽ، اڻموٽ شادي
يا تادي، مڪس مپيٽ، ايڪ انار دو بيمار، جاني نه پائي، اردو سپر سنگيت، ۸۴
شامل آهن، هن سنڌي اداڪار ۱۹۸۰ کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالمه تحرير ڪيا، جن ۾ گهاتو گهر نه آيا، ڦل
ماڇي، سورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانو ڌاڙيل، سهڻو سائين، هوجمالو، طوفان، مهراڻ
جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم سهاري ۽ آخري گولي شامل آهن، هنن ۾
بهترين ڪردار پڻ ادا ڪيا، هن سنڌي اداڪار جي وفات کانپوءِ ٻه ڪتاب مولوي عبدالرشيد
مينڌري کان رشيد صابر تائين ۽ رشيد صابر جا چونڊ ريڊيو ڊراما شائع ٿي ڇڪا آهن ۽ رشيد
صابر واقعي صابر، خوش طبعت ۽ بهترين استاد سان گڏ شفيق انسان پڻ هو، رشيد صابر
محبت جو مجسمو، سادگي ۽ صوفي سچائي وارو انسان هو، رشيد صابر ان وقت سنڌي ڊراما ڪيا،
جڏهن پي ٽي وي کي سنڌي ڊرامن جي لاءِ هڪ ڪلاڪ ملندو هو، رشيد صابر سنڌي ڊرامي سان
بهتري ۽ والحانه عشق رکندڙ ۽ سن جي اوسر واڌاري لاءِ پاڻ ڏينهن رات هڪ ڪري پتوڙيندو
رهيو، هڪ سادا صفت ۽ مخلص شخص ۾ ئي اهي خوبيون موجود هونديون آهن، حقيقت ۾ پيسي جي
لحاظ کان ديني معلم پڻ هو، پر پوءِ وابستگي اسٽيج ۽ ريڊيو ۽ فلم ٽيلي ويزن سان ٿي،
تنهن کيس سنڌ جي هڪ بهترين منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو، سداڪار، اداڪار، ڊراما نويس ۽
هدايتڪار رشيد صابر کي سنڌ ۽ سنڌي عوام ڪڏهن به نه وساريندو ۽ پنهنجي فن ۾ ڏهائو
رکندو هو، اڄ به سنڌي ليکڪن، اداڪارن ۽ هدايتڪار پنهنجي ڪچهري ۾ سائين رشيد صابر
جو ذڪر ضرور ڪندا آهن ۽ سائين جن سان زندگي جو گڏ گذاريل گهڙيون ياد ڪندا
آهن.
رَشيد صَابر
سندس وڇوڙي کي ۷ سال ٿي ويا
زبير لوھار
سنڌي فلمن، ڊرامن،
اسٽيج ۽ ريڊيو جي صداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر کي اسان کان وڇڙيي ستن سالن جو عرصو
گذري ويو. رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد هو. رشيد صابر ۱۰ جنوري ۱۹۴۵ع تي جاتيءَ جي ڳوٺ “مڻڪي” ۾ پيدا ٿيو. سندس
والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو.
رَشيد صَابر جو تعلق
مذهبي گهراڻي سان هو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مدرسي “الفيض” مان حاصل ڪئي. رشيد
صابر جي گھراڻي مان وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن
حيدرآباد جي اورنٽيئل ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ نور محمد
هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪئي. رشيد صابر کي “صابر” جو
تخلص مولانا غلام محمد گراميءَ جَن ڏنو ۽ سموري حياتي، هُن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ
بڻائي رکيو. رشيد صابر کي سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان
لاءِ ۱۹۶۵ع واري پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا ته انهن لاءِ “نيٺ
ته ڦٽندي باک” نالي يادگار ڊرامو لکيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ
تقريبن ۳۰۰ ڊراما لکيا. ان کان سواءِ ڪيترا ئي مذهبي پروگرام ۽
لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون. مزاحيا پروگرام “گلدستو” جو اسڪرپٽ به رشيد صابر
تحرير ڪندو هو. رشيد صابر کي ريڊيو پاڪستان پاران بهترين رائيٽر جو ايوارڊ ۲۰۰۲/۲۰۰۱ ۾ مليو.
رشيد صابر پاڪستان ٽيليويزن
لاءِ ڪيترا ئي پروگرام ۽ ڊراما لکيا، جن ۾ ساحل سَي دُور (اردو ۽ سنڌي) شڪست
اونداهيءَ ۾ لاٽ، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اَيڪ ٿي ميرو، دوسري عورت، دير نه هو
جائي، دَشت، آڏي پُڇا، تماشو هڪ ڪنوار جو سوال آهي، آيا اڱڻ عَجيب، شادي شان واري،
ڪشمڪش، ڪُونج، آئينو، هَوا محل، مايا سندي موهه، اعتماد، مارئي جهڙا مشهور ڊراما
شامل آهن ۽ انهن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا، جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا.
انهن کان سواءِ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ معلوماتي پروگرام پڻ لکيا، جن ۾ واءُ سواءُ،
حال احوال، پرک ۽ وينجهار شامل آهن.
رشيد صابر ڪيترائي
اسٽيج ڊراما لکيا ۽ ڪيترن ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام
آباد، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، بدين، سيوهڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾
اسٽيج ڊراما ڪيا. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياريندي ڪيترائي مشهور
اسٽيج ڊراما ڪيا، جن ۾ شادي شان واري، گهوٽ اَڻ موٽ، شادي يا تعدي، مِڪس پليٽ، ايک
انار دو بيمار، جاني نه پائي (اردو) سُپر سنگيت ۸۴ شامل آهن. رشيد صابر ۱۹۸۰ع کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما تحرير ڪيا، جن ۾
گهاتو گهر نه آيا، ڦل ماڇي، سُورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانُو ڌاڙيل، سُهڻا
سائين، هو جمالو، طُوفان، مهراڻ جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم سهاري ۽
آخري گولي شامل آهن ۽ انهن ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيا.
رشيد صابر جي وفات
کان پوءِ “۲” ڪتاب “مولوي عبدالرشيد مينڌري کان رشيد صابر تائين” ۽ “رشيد صابر جا چونڊ
ريڊيو ڊراما” شايع ٿي چُڪا آهن.
سائين رشيد صابر هڪ
خوش طبيعت ۽ شفيق انسان هو. رشيد صابر محبت جو مُجسمو سادگيءَ ۽ سچائيءَ وارو
انسان هو. رشيد صابر سنڌي ڊرامي سان والهانه عشق رکندڙ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ
پاڻ پتوڙيندڙ هڪ ساده صفت ۽ مُخلص شخص، حقيقت ۾ پيشي جي لحاظ کان ديني مُعلم هو.
پر پوءِ وابستگي اسٽيج، ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن سان ٿي، تنهن کيس منفرد شخصيت بڻائي
ڇڏيو. صداڪار، اداڪار، ناٽڪ/ ڊراما نويس ۽ هدايتڪار رشيد صابر پنهنجي فن ۾ ڏانءُ
رکندو هو. سنڌي ليکڪن، اداڪارن ۽ استادن ۾ سائين رشيد صابر جو نالو نمايان آهي.
سائين جن سان زندگيءَ جون گڏ گذاريل گهڙيون ياد آهن ۽ هميشه رهنديون.
رشيد صابر
خوش طبيعت ۽ هڪ شفيق
انسان!
راھب ڳاھو
سنڌي فلمن، ڊرامن،
اسٽيج ۽ ريڊيو جي صداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر کي اسان کان وڇڙي ٨ سالن جو عرصو گذري
ويو آهي. رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد هو. هو ۱۰ جنوري ۱۹۴۵ع تي جاتي جي ڳوٺ “مڻڪي” ۾ پيدا ٿيو. سندس
والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو. رشيد صابر جو تعلق مذهبي گهراڻي سان هو. هن
شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مدرسي “الفيض” مان حاصل ڪئي. رشيد صابر جي گھراڻي مان وڏا
عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن حيدرآباد جي اورنٽيئل ڪاليج
مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ عربي
ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪئي. رشيد صابر کي “صابر” جو تخلص مولانا غلام محمد گراميءَ
ڏنو ۽ سموري حياتي هُن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي رکيو، رشيد صابر کي سنڌي،
اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان
لاءِ ۱۹۶۵ع واري پاڪ، ڀارت لڳندڙ جنگ کان پوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا ته انهن لاءِ
“نيٺ ته ڦٽندي باک” نالي يادگار ڊرامو لکيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد
لاءِ تقريبن ۳۰۰ ڊراما لکيا. ان کان سواءِ ڪيترا ئي مذهبي پروگرام ۽
لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون. مزاحيا پروگرام “گلدستو” جو اسڪرپٽ به رشيد صابر
تحرير ڪندو هو. رشيد صابر کي ريڊيو پاڪستان پاران بهترين رائيٽر جو ايوارڊ ۲۰۰۲/۲۰۰۱ ۾ مليو.
رشيد صابر پاڪستان ٽيليويزن
لاءِ ڪيترا ئي پروگرام ۽ ڊراما لکيا، جن ۾ ساحل سَي دُور (اردو ۽ سنڌي) شڪست
اونداهيءَ ۾ لاٽ، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ، اَيڪ ٿي ميرو، دوسري عورت، دير نه هو
جائي، دَشت، آڏي پُڇا، تماشو هڪ ڪنوار جو سوال آهي، آيا اڱڻ عَجيب، شادي شان واري،
ڪشمڪش، ڪُونج، آئينو، هَوا محل، مايا سندي موھ، اعتماد، مارئي جهڙا مشهور ڊراما
شامل آهن ۽ انهن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا، انهن
کان سواءِ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ معلوماتي پروگرام پڻ لکيا، جن ۾ واءُ سواءُ، حال
احوال، پرک ۽ وينجهار شامل آهن.
رشيد صابر ڪيترا ئي
اسٽيج ڊراما لکيا ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام
آباد، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، بدين، سيوهڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي مختلف
شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياري ۽ ڪيترا ئي
مشهور اسٽيج ڊراما ڪيا، جن ۾ شادي شان واري، گهوٽ اَڻ موٽ، شادي يا تعدي، مِڪس پليٽ،
ايک انار دو بيمار، جاني نه پائي (اردو) سُپر سنگيت ۸۴ شامل آهن.
رشيد صابر ۱۹۸۰ع کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما تحرير
ڪيا، جن ۾ گهاتو گهر نه آيا، ڦل ماڇي، سُورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانُو ڌاڙيل،
سُهڻا سائين، هو جمالو، طُوفان، مهراڻ جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم
سهاري ۽ آخري گولي شامل آهن ۽ انهن ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيا. رشيد صابر جي وفات کان
پوءِ “٣” ڪتاب مولوي عبدالرشيد مينڌري کان رشيد صابر تائين - رشيد صابر جا چونڊ ريڊيو
ڊراماـرشيد صابر جا ٽي وي ڊراما شايع ٿي چُڪا آهن. رشيد صابر هڪ خوش طبيعت ۽ شفيق
انسان هو. رشيد صابر محبت جو مُجسمو سادگيءَ ۽ سچائيءَ وارو انسان هو. رشيد صابر
سنڌي ڊرامي سان والهانه عشق رکندڙ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ
ساده صفت ۽ مُخلص شخص حقيقت ۾ پيشي جي لحاظ کان ديني مُعلم هو پر پوءِ وابستگي اسٽيج،
ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن سان ٿي، تنهن کيس منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو، صداڪار، اداڪار، ناٽڪ/
ڊراما نويس ۽ هدايتڪار رشيد صابر پنهنجي فن ۾ ڏانءُ رکندو هو. سنڌي ليکڪن، اداڪارن
۽ استادن ۾ رشيد صابر جو نالو نمايان آهي، سندس خدمتون سدائين ياد رکبيون.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد، ۰۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)
رشيد صابر
ساروڻين جي آئيني ۾
ايڊيٽوريل
اسان جو اهڙو هڪ
پرين پيارو جيڪو کلندي کائيندي هٿ ڇڏائي هليو ويو. جنهن کي مان پنهنجي يادگيرين جا
گل ارپڻ وارو آهيان ان سڄڻ کي سڀ “رشيد صابر” جي نيڪ نالي سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا.
“رشيد صابر” کي گهڻا ماڻهو ٽي وي چينل جي اداڪاريءَ سان سڃاڻن ٿا. برابر رشيد صاحب
فنڪار ته هيو، جنهن ٽي ويءَ تي پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هو سيريس ۽ دکدائڪ ڪردار
ادا ڪري پنهنجي پرستارن ۽ ٽي ويءَ جي ڏسندڙن کي نه صرف متاثر ڪندو هو. پر حيرت ۾
به وجهي ڇڏيندو هو مان ٽي وي ۽ فنڪاريءَ جي حوالي سان ته سندس فين نه هوس، هن ته
مون کي پنهنجي قربن واري ڪردار سان موهي پنهنجو ڪيو هو، پر پوءِ به مون اچانڪ يا
ارادي سان جڏهن به سندس ڊرامي جو ڪو ڪردار ٽي وي تي ڏٺو ته مان ضرور متاثر ٿيس. ۽ ڪڏهن
به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. توڙي جو رشيد صابر سائيڊ رول ادا ڪندو هو پر
پنهنجي اداڪاري جي ڪردارن جي صحيح ترجماني ڪرڻ جي ڪري سندس هر پارٽ حقيقت جي ويجهو
ئي هوندو هيو. ساڻس منهنجي آخري ملاقات شايد منهنجي ئي ۶۱ هيئن سالگره جي موقعي تي ٿي هئي، ممتاز
مرزا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ رٿيل پروگرام ۾ “رشيد صابر” ڪجھ ٽائيم اڳ ۾ آيو هو. مان
هال ۾ پهتس ته رشيد صاحب مون کان اڳ ۾ پنڊال موجود هو. ڀاڪر پائي مليو. “چيائين ته
سعيو ڪري ساجهر آيس ته جيئن ڪچهري ڪجي. . . ڪهڙي خبر! دل جو معاملو جو آ. ” مون
کيس باءِ پاس آپريشن جي صلاح ڏيندي کيس آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. . مرڪندي ٽاري ڇڏيائين،
چيائين ته “يار دل نه ٿي مڃي. . !”پروگرام ۾ جڏهن رشيد صاحب کي ڊائس تي سڏيو ويو.
. . تڏهن کلندي کلندي محبتي مزاح ۾ چند اهڙيون ڳالهيون ڪيائين جنهن ۾ سندس خلوص ته
برابر هيو پر ڪسرنفسيءَ جي ڪري سندس ڳالهيون مان ورجائي نٿو سگهان. رشيد صابر سان
منهنجي گهڻي ويجهڙائي ته ڪو نه هئي پر هو شاھ سائينءَ جي ان سٽ جي سچي پڇي تصوير
هو ته: ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين!رشيد صاحب، عالم به هو، استاد به هو
عربي دان به هو، اداڪار ۽ فنڪار به هو اسڪرپٽ ۽ ڊراما رائيٽر به هو. سڀ ڪجھ هو. پر
مون وٽ سندس سڃاڻ هڪ سٺي دوست ۽ سٺي انسان جي آهي. استاد بخاري چواڻيءَ ته “ماڻهو
سٺو شاعر اديب، عالم، استاد ۽ فلسفي ته آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. پر سٺو انسان ٿيڻ
هن ظالم دور ۾ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ” ۽ رشيد صابر هن اوکي زماني ۾ مون کي سٺو انسان
۽ سٺو دوست نظر آيو. بهرحال “دل جي معاملي. . . پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ جهٽڪي
سان اسان کان رشيد صابر جهڙو پيارو دوست ۽ پيارو ماڻهو، کسي ويو.
هاڻ رشيد صابر اسان
۾ موجود نه آهي پر سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ساهن سان گڏ سرندا پيا.
مارو ڳڻن ساڻ، ويا ٿر
اڪري.
(ڏھاڙي عوامي
آواز، ڪراچي، ۰۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)
رشيد صابر
(جنھن جي وڇوڙي کي نوَ ورهيه گذري ويا)
راھب ڳاھو
سنڌي فلمن، ڊرامن،
اسٽيج ۽ ريڊيو جي صداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر کي اسان کان وڇڙي ۹ سالن جو عرصو گذري ويو. رشيد صابر جو اصل
نالو عبدالرشيد هو. رشيد صابر ۱۰ جنوري ۱۹۴۵ع تي جاتي جي ڳوٺ ”مڻڪي”۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو
عبدالله مينڌرو هو.
رشيد صابر جو تعلق
مذهبي گهراڻي سان هو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ”الفيض”مان حاصل ڪئي. رشيد
صابر جي گھراڻي مان وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ،
هن حيدرآباد جي اورنٽيئل ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ نور
محمد هائي اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪئي. رشيد صابر کي
”صابر”جو تخلص مولانا غلام محمد گرامي ڏنو ۽ سموري حياتي هُن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ
بڻائي رکيو، رشيد صابر کي سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان
لاءِ ۱۹۶۵ع واري پاڪ، ڀارت لڳندڙ جنگ کانپوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا ته انهن لاءِ
”نيٺ ته ڦٽندي باک”نالي يادگار ڊرامو لکيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد
لاءِ تقريبن ۳۰۰ ڊراما لکيا. ان کان سواءِ ڪيترا ئي مذهبي پروگرام ۽
لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون. مزاحيا پروگرام ”گلدستو”جو اسڪرپٽ به رشيد صابر تحرير
ڪندو هو. رشيد صابر کي ريڊيو پاڪستان پاران بهترين رائيٽر جو ايوارڊ ۲۰۰۲/۲۰۰۱ ۾ مليو.
رشيد صابر پاڪستان ٽيليويزن
لاءِ ڪيترا ئي پروگرام ۽ ڊراما لکيا، جن ۾ ساحل سَي دُور (اردو ۽ سنڌي) شڪست
اونداهيءَ ۾ لاٽ، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ، اَيڪ ٿي ميرو، دوسري عورت، دير نه هو
جائي، دَشت، آڏي پُڇا، تماشو هڪ ڪنوار جو سوال آهي، آيا اڱڻ عَجيب، شادي شان واري،
ڪشمڪش، ڪُونج، آئينو، هَوا محل، مايا سندي موھ، اعتماد، مارئي جهڙا مشهور ڊراما
شامل آهن ۽ انهن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا، جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا،
انهن کانسواءِ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ معلوماتي پروگرام پڻ لکيا، جن ۾ واءُ سواءُ،
حال احوال، پرک ۽ وينجهار شامل آهن.
رشيد صابر ڪيترا ئي
اسٽيج ڊراما لکيا ۽ ڪيترن ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام
آباد، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، بدين، سيوهڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي مختلف
شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياري ۽ ڪيترا ئي
مشهور اسٽيج ڊراما ڪيا، جن ۾ شادي شان واري، گهوٽ اَڻ موٽ، شادي يا تعدي، مِڪس پليٽ،
ايک انار دو بيمار، جاني نه پائي (اردو) سُپر سنگيت ۸۴ شامل آهن.
رشيد صابر ۱۹۸۰ع کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما تحرير
ڪيا، جن ۾ گهاتو گهر نه آيا، ڦل ماڇي، سُورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانُو ڌاڙيل،
سُهڻا سائين، هو جمالو، طُوفان، مهراڻ جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم
سهاري ۽ آخري گولي شامل آهن ۽ انهن ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيا. رشيد صابر جي وفات کان
پوءِ ”٣”ڪتاب ”مولوي عبدالرشيد مينڌري کان رشيد صابر تائين”- ”رشيد صابر جا چونڊ
ريڊيو ڊراما”– ”رشيد صابر جا ٽي وي ڊراما”شايع ٿي چُڪا آهن.
رشيد صابر هڪ خوش
طبيعت ۽ شفيق انسان هو. رشيد صابر محبت جو مُجسمو سادگيءَ ۽ سچائيءَ وارو انسان
هو. رشيد صابر سنڌي ڊرامي سان والهانه عشق رکندڙ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ پاڻ
پتوڙيندڙ هڪ ساده صفت ۽ مُخلص شخص حقيقت ۾ پيشي جي لحاظ کان ديني مُعلم هو پر پوءِ
وابستگي اسٽيج، ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن سان ٿي، تنهن کيس منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو،
صداڪار، اداڪار، ناٽڪ/ ڊراما نويس ۽ هدايتڪار رشيد صابر پنهنجي فن ۾ ڏانءُ رکندو
هو. سنڌي ليکڪن، اداڪارن ۽ استادن ۾ سائين رشيد صابر جو نالو نمايان آهي. سائين جن
سان زندگيءَ جون گڏ گذاريل گهڙيون ياد آهن ۽ هميشه رهنديون.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
رشيد صابر
کاھوڙِيُنِ کَڻِي،
ساجُهرُ ٻَڌا سَندِرا
اظھر جوکيو
اڄ رشيد صابر مرحوم
۽ هن جي گهر جي ٻين ٽن گهر ڀاتين جي سالگره جو ڏينھن آھي. منھنجي نظر ۾ ھيءُ
پھريون اهڙو خوشبخت گهر آھي، جنهن جي هڪ ئي ڏينهن تي چئن گهر ڀاتين جي گڏيل خوشي
ملهائجي ٿي. سائين رشيد صابر ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ ٿيٽر جو مشھور ليکڪ ۽ اداڪار ٿي
گذريو آھي. سنڌي ميڊيا ۾ تمام گهٽ اهڙا معتبر ۽ مدبر ڪلاڪار ٿيندا آھن، جيڪي رشيد
صابر جيان چئني پليٽفارمز تي هڪجيترا مقبول و معروف هجن. رشيد صابر جون سنڌي فلمن
لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ڪم ساراهڻ جوڳا آھن. صابر صاحب سنڌي فلمن لاءِ ان وقت سگھ ۽
سهارو بڻيو جڏهن سنڌي فلم بلڪل بي سھاره ۽ بي يار و مددگار پنھنجا آخري پساهه ساري
رهي هئي. هُن ان مشڪل دؤر ۾ جنرل ضياءَ الحق طرفان اسلام آباد ۾ ڪوٺايل هڪ فلم ڪانفرنس
۾ سنڌي فلمن تان سرڪاري ٽيڪس معاف ڪرايو ۽ سنڌي فلمن لاءِ ڪراچيءَ جي سينيمائن ۾ وڌيڪ
گنجائش لاءِ پاڻ پتوڙ ڪئي.
رشيد صابر ٽي وي ۽
فلم ۾ بطور اداڪار ۽ مصنف طور ڀرپور ڪم ڪيو ۽ ريڊيو تي صداڪار ۽ ڊرامه نگار طور ڪم
ڪيو، جڏهن ته ٿيٽر ۾ اداڪار، هدايتڪار، پيشڪار ۽ ناٽڪ نويس طور ڪم ڪيو. سندس فلمي
خدمتن ۾ کيس هميشه ياد رکيو ويندو. سندس لکيل فلمن ۾ ڦل ماڇي، جانو ڌاڙيل، هو جمالو،
طوفان (صرف مڪالمه) ۽ ٽي قيدي شامل آھن ۽ جن فلمن ۾ رشيد صابر اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا،
انهن منجهان گهاتو گهر نه آيا، ڦل ماڇي، هو جمالو، طوفان، مھراڻ جا موتي ۽ ٽي قيدي
شامل آھن. ان کانسواءِ ڪجھ فلمون اهڙيون به آھن جيڪي صرف مھورت کان اڳيان وڌي نه
سگهيون. ڪجھ فلمون فوٽو سيشن تائين وڌي سگهيون ته ڪجھ وري ڪھاڻي لکجڻ ۽ ڪاسٽنگ
تائين محدود رهيون.
رضوان صابر مينڌرو
جنھن جو پڻ اڄ جنم ڏينهن آھي. هُو رشيد صابر مرحوم جو وڏو فرزند آھي. ائين کڻي
چئجي ته رشيد صابر جو فني وارث رضوان صابر ئي آھي. رشيد صابر جو رهيل سمورو تخليقي
ڪم سندس فرزند پنهنجو فرض سمجهي نڀائي ٿو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٿيٽر جو اهڃاڻ رضوان
صابر کان سواءِ مڪمل ناهي. هر سال آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”عوامي ٿيٽر
فيسٽيول“ ۾ واحد سنڌي ڊرامو رضوان صابر جي ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو آھي. بظاهر ته
اهو ڪم ننڍڙو ۽ غير اهم لڳندو هجي، پر ڳُوڙھي جائزي ۽ باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته
اهو اڪيلو سنڌي ڊرامو ڪرڻ رضوان صابر جو سنڌي قوم طرفان سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌي ٿيٽر
جي بقا لاءِ هڪ جھاد آھي. رشيد صابر مرحوم جا لکيل ٽي وي ڊرامه ۽ ريڊيو ڊرامه ٻن
الڳ الڳ ڪتابن ۾ محفوظ ڪرڻ به رضوان صابر جي لاءِ ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ڳالھ ناهي.
هلندڙ وقت ۾ هو پنهنجي والد جون لکيل فلمون ۽ ريڊيو ڊرامن جي سھيڙ ۾ مصروف آھي، جيڪي
پڻ ٻن الڳ الڳ ڪتابن جي صورت ۾ پڙھندڙن آڏو پيش هوندا. رضوان ان ڪوشش ۾ پڻ آھي ته
هو پنهنجي والد جي نالي تي وڏي پيماني تي هڪ ايوارڊ تقريب منعقد ڪري، جيڪا هر سال
رچائي وڃي.
ان سان گڏ رشيد
صابر مرحوم جي ٻن ڌيئرن يعني رضوان صابر جي ٻن ڀينرن جي پڻ اڄ سالگره جو ڏينھن
آھي. هر سال انھن چئني گهر ڀاتين جو جنم ڏهاڙو مينڌره فيمليءَ طرفان ڀرپور طريقي
سان ملهايو ويندو آھي پر هن سال اها سالگره هڪ ساده تقريب ۾ بدلجي وئي آهي ڇاڪاڻ
ته رشيد صابر جو ننڍو فرزند اوچتو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اسين هُن جي
مغفرت لاءِ ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون.
کاھوڙِيُنِ کَڻِي،
ساجُهرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين،
ڪَيائُون پاڻُ پَڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ ھڻِي،
ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا